اڃا آهيان مان جوان ربُ رُسي مت کسي
پر ڪولون جي ميرامار هوٽل جي ٻي ڳالهه هُئي. ان ۾ ڪجھه ڏينهن ترسڻ ٿيو. سندس خاموشي ۽ سڪون ڏسي ڳوٺ جي نوائي رات ياد ايندي هُئي. بس فرق فقط اهو هو ته رکي رکي ڪنهن ڇتي ڪُتي جي ڀؤنڪار بدران، هيٺ رستي تي لنگھندڙ اوچتي بريڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. سو به تڏهن جڏهن دريءَ کليل رکبي هُئي. نه ته ڪمرو ايئرڪنڊيشنڊ هئڻ ڪري دري گھڻو تڻو بند رهندي هُئي. لفٽ (ايليويٽر) گرلز ۽ روم بئرا اهڙا سلڇڻا ۽ فرمانبردار، جو ڪڏهن ڪڏهن نه سڏبو هون تڏهن به پاڻهي در کولي اڳ ٻڌي پڇندا، ”سر، توهان سڏيو ڇا؟“
اهڙي پُرسُڪون ماحول ۾ شاعر ۽ سائنسدان کي سوچڻ ۽ سمجھڻ جو سٺو موقعو ميسر ٿي سگھي ٿو، پر اسان مستري ماڻهن جو اهو حال هو جو رڳو ننڊن تي زور هوندو هو. جهاز جي انجڻن جي گوڙ گھمسان جي زندگيءَ مان جو اهڙو پرسڪون ۽ خاموشيءَ وارو هفتو ملي ويو سو ننڊن ۾ ئي بسر ٿي ويو ــ اسان به ڇا ياد ڪنداسين ته ”وڻڻ پوکڻ جو هفتو“، وغيره وغيره ــ (۽ ’وغيره وغيره‘ جي هڙ ۾ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا هفتا اچيو ٿا وڃن، تن جي مون کي پاڻ سُڌ ناهي،) في الحال، ته اڄُ تائين ڪونه ملهائي سگھياسين، پر ننڊن جو هفتو ته ملهايوسين.
ان هوٽل ۾ رهڻ دوران، هڪ ڏينهن ڪنهن دوست کي اچڻو هو. سوچيم ته ڪمري تائين پهچندي متان هن کي دقت ٿئي سو هيٺ لائونج (بيٺڪ) ۾ اچي ويٺس جتي ايندڙ ويندڙ مسافر ۽ ملاقاتي انتظار ڪندا آهن. ڪنڊ واري ڪوچ تي ٽيڪ ڏئي ويٺس ۽ اوسي پاسي ۾ ويٺلن کي ڏسندو رهيس. هڪ ڪنڊ ۾ جپاني صحافي بئگ اڳيان رکي ڪو ناول پڙهي رهيو هو. هن کي هوائي اڏي تي پهچائڻ واري بس جو انتظار هو. هو هڪ ڏينهن اڳ به مانيءَ تي مليو هو. هن ٻڌايو هو ته هو اوساڪا مان نڪرندڙ هڪ ڏهاڙي جپاني اخبار ”شمبون“ جو نمائندو آهي ۽ هانگ ڪانگ ۾ انهن ڏينهن ۾ هلندڙ چينين جا فساد ۽ ڪن اهم ماڻهن جا انٽرويو وٺڻ لاءِ آيل آهي. ان کان سواءِ باقي ٻين ڪوچن تي ڏهه ٻارهن پوڙهين جو وڳر ويٺو هو (يا اڃان به ”وڳر“ بدران لفظ ”ڌڻُ“ استعمال ڪرڻ مناسب رهندو) عمر ۾ شايد ئي ڪا سٺ سالن کان هيٺ هُجي. (پُڇي پڪ ڪرڻ ته بيڪار هو جو ڪابه چاليهن کان مٿي نه ٻڌائي ها، ڇو جو عورت چاليهن سالن جي عمر تي پهچي پوءِ ساڳيو سال گھٽ ۾ گھٽ ويهارو سالن تائين ڳڻيندي آهي ۽ هونءَ به عورت کي پنهنجي صحيح عمر نه ٻُڌائڻ کپي. ڇو جو اها عورت جيڪا پنهنجي عمر به ٻين کي ٻڌائي سگھي ٿي، سا ڪوبه راز دل ۾ سانڍي نه سگھندي.) چخ چخ، انگريزيءَ ۾ بڪ بڪ ڪري رهيون هيون. ان کان اڳ مان فقط انجڻن جي گوڙ کان مرعوب هوس ۽ سوچي به نٿي سگھيس ته ايتريون ٿوريون ساهه واريون شيون ايڏو گوڙ پيدا ڪري سگھن ٿيون. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هڪ ئي وقت سڀُ ڳالهائي رهيون هجن ۽ اهو ڳولڻ ته انهن ۾ ٻُڌي ڪير رهي آهي، ايترو ڏکيو ڪم هو جيترو بنا ڄاڻ سڃاڻ جي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ. دل ۾ چيم ته ڀائو تو به هن هوٽل ۾ ڪافي آرام فرمايو هاڻ هيءُ به لقاءُ ڏسي ڇَڏ.
اهي سڀُ گوري چمڙيءَ واريون پوڙهيون ڪنهن دور دراز ولائت کان ”هاليڊيز“ يعني موڪلون ملهائڻ ۽ گھمڻ خاطر هانگ ڪانگ آيل هيون يا گھمي هاڻ روانيون ٿي رهيون هيون. امير ملڪن جون ان عمر ۽ قسم جون عورتون هانگ ڪانگ، سنگاپور، ٿائلنڊ، هوائي، تهتي، ڪنري ٻيٽ، ٽرينڊاڊ ۽ ٻين آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ گھمڻ خاطر نظر اينديون ۽ خاص ڪري شام جي وقت پارڪن يا سمنڊ جي ڪناري تي پنهنجي گذريل ماضِيءَ ۽ لٽيل شباب کي ياد ڪنديون آهن. سندن چال ۽ ڳالهه ۾ اهڙو نخرو هوندو آهي جو ڄڻُ ننڍيون نيٽيون هجن. انهن جو هجوم هوٽل ميرامار جي لونج ۾ منهنجي چؤڌاري ويٺو هو. سڀني پوڙهين جا وارَ اڇا اڇا جهڙا چاندي. ڪنهنجي ڪا چڳ اڌ ڀورسري يا سليٽي پڻ هُئي. اڌ کان وڌيڪ کي اکين تي عينڪون چڙهيل هيون. صحيح عمر جي لحاظ کان سڪل کارڪون ٿي لڳيون. پر ميڪ اپ جا تهه چڙهيل هجڻ ڪري ”مومل نه ته مومل جي ماءُ ته آهيان“ وارو ڪم هو. ڪپڙا ڀڙڪيدار ۽ ڳوڙهن رنگن جا. انهن جي سلائي ڪٽنگ جو نمونو وت ۽ ڪوشش آهر نوجوان ڇوڪرين جي ڪپڙن جهڙو.
ان وقت جي آءٌ اٿي بيهي کين رڳو ايترو چوان ها: ”او پوڙهيون، توهان ڪٿان نازل ٿيون آهيو؟“ ته سڀُ گڏجي مون تي خوني حملو ضرور ڪن ها، پر مولا حقئون به رکي ناحقئون به رکي، مون ارادو بدلائي فقط آهستگيءَ سان ڀر ۾ ويٺل هڪ ڪُراڙي (جنهن سان نه ڪو ڳالهائي رهيو هو ۽ نه جنهنجي ڪو ڳالهه ٻُڌي رهيو هو) کان پڇيم: ”مئم، توهان انگلنڊ يا آمريڪا کان ته نه آيا آهيو؟“ منهنجو سوال پُڇڻ ۽ ليسوڙيءَ جي جنڙيءَ وانگر منهنجي جان نه ڇڏڻ. ڄڻُ هن جي ماٺ جو روزو کليو. مون ڏٺو ته منهنجي سوال تي هن جو چهرو اهڙو خوشيءَ مان ٽمٽار ٿي ويو، جيئن چاليهي جي روزي ۾ ٻانگي جو آواز ڪن تي پوڻ تي ٿيندو آهي. ”هوءَ اڳهين ويٺي هُئي رُٺي، ويتر جو آيس پيڪان نياپو“ وانگر مون سان ڳالهائڻ (بلڪ ڪنهن سان به ڳالهائڻ) لاءِ ڪا تيار ويٺي هُئي ۽ بنا هم يا تم ڪرڻ جي شُروع ٿي وئي ۽ هي بندو گندو، ”الف“ کان ”ي“ تائين سندس داستان، ڪنن مان ڪپهه ڪڍي ٻُڌندو رهيو. وچ وچ ۾ ڪجھه چرچا به ٻُڌائيندي رهي ــ جن ۾ ڪا خاص ڳالهه مون کي ته ڪانه ٿي لڳي (ٿي سگھي ٿو ته منهنجي سمجھه کان مٿي هجن)، پر وڏي غور سان ڪن ڏئي ٻڌم ته جيئن چرچو ختم ٿئي ته صحيح مهل تي پنهنجا ڏند، ڏاٺون (عقل ڏاٺون پڻ) ٽيڙي، کلي کيس اهو احساس ڏياريان ته سندس ڳالهيون مزيدار ۽ دلچسپ آهن.
معلوم ٿيو اهي مايون انگلنڊ يا آمريڪا جون نه پر آسٽريليا جون آهن ۽ هفتو کن رهي هاڻ واپس وطن ڪوچ ڪري رهيون آهن. ڪلاڪ ڏيڍ اندر سندن لاءِ هوائي ڪمپني طرفان بس ايندي جا کين هوائي اڏي تائين ڍوئيندي. ان بعد ميلبورن (آسٽريليا) تائين ايئر فرانس جو جمبو جيٽ کڻي ويندن. بدقسمتي چئجي يا خوش قسمتي (پڪ نه اٿم) ته هي لَڏو منهنجي اچڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ هن هوٽل ۾ وارد ٿيو هو. بدقسمتي سان سندن ڪمرا منهنجي آسپاس وارا هُئا، پر چڱو جو خوشقسمتيءَ سان واقفيت اڳ نه ٿي، نه ته هنن ڪراڙين جون جوان ڳالهيون مون کي هڪ هفتي اندر پوڙهو ته ڇا، ڌڪي قبر ڀيڙو ڪن ها.
اسان جي طرفن جي ملڪن ۾ جڏهن عورت ان عمر جي ٿيندي آهي ته ڪنڊ پاسو وسائي رب جي بندگي ڪرڻ، ٻارن جي ڦاٽل ڪپڙن ۾ چتيون هڻڻ، يا ٻارن کي اجايو پاڻي هارڻ ۽ صبح جو دير تائين سمهڻ کان منع ڪرڻ، يا قبر جي زندگي ۽ جنت جهنم جي سزا ۽ جزا جون ڳالهيون ويهي ٻُڌائيندي آهي پر گورن ملڪن جون مڙسن کان رُٺل(گھڻو ڪري)، اولاد کان ڌڪاريل، هي پوڙهيون گھر ٻار ڇڏي، ڪمزور جسم کي ٽلڪائينديون، ٿاٻا ۽ ڌڪا کائينديون هانگ ڪانگ، سينگاپور، بيروت، جپان ۽ ٻين اهڙن ملڪن (جن جي سياڻي حڪومت سياحن جي اچڻ لاءِ، پنهنجي ملڪ جي تعريف ۾ اشتهاربازي ۽ پروپئگئنڊا پٺيان ڪافي خرچ ڪيو آهي) جي گھٽين، بازارين، ڪلبن، هوٽلن جي آڳندن ۽ سامونڊي ڪنارن تي ڦرنديون آهن ۽ سندن وطن ۾ رهندڙ باقي پاڙي وارين پوڙهين ڏي فوٽو ڪارڊ لکنديون آهن: ”ڪاش تون به هتي هُجين ها. مان هانگ ڪانگ ۾ تمام سٺو وقت پئي گُذاريان“ سٺو وقت پاڻ ته نه، البت ان ملڪ جون هوٽلون ۽ هوائي ڪمپنيون اهڙين پوڙهين جي بچيل پونجي هضم ڪري گذارينديون آهن، ان کي چئبو آهي، شايد ته : ربُ رُسي، مت کسي، هڻي ڪونه هٿيار.
بهرحال سائين، منهنجي ڀرسان ويٺل ”محترمه“ ــ جنهن لاءِ پهرين ته سمجھه ۾ نه آيو ته ڪهڙي لقب سان مخاطب ٿيانس. پر پوءِ هر وقت مئڊم جو شارٽ فارم ”مئم“ ئي چوندو رهيوسانس. ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن اوپري يا ڌارئين عورت سان ڳالهائيندي دقت نه ٿي ٿئي، جو اسان وٽ فقط ٻن قسمن جون عورتون آهن. جي عمر جي وڏي ته ”امان“ يا ”ماسي“ ۽ ننڍي ته ”ادي“ يا ”ڀيڻ“. سو هيءَ اسان جي ڀر ۾ ويڄل پوڙهي ــ جا جوانيءَ ۾ (بلڪ ڦوهه جوانيءَ ۾، جو جوان ته هينئر به هن پاڻکي سمجھيو ٿي، پر قدردانن جي کوٽ هئڻ ڪري ’حال منهنجو هينئن ٿيو‘ وارو قصو هو) حسن ۽ سونهن سوڀيا ۾ غضب يا کڻي چئجي قيامت هئي (بقول سندس). ۽ اڃان به پنهنجو پاڻ کي ”ڏندين ڏاند پر کُرين گابي“ سمجھي رهي هُئي ــ ڪاسميٽڪ ڪمپنين جي مهربانين سان ٽي شاديون ڪري چُڪي هُئي، پر بقول سندس، مڙس کيس ڪو راس نه آيو. هوءَ اڃا تائين اهڙي مڙس جي ڳولا ۾ هُئي، جنهن تي هوءَ ڪالونيءَ وانگر حڪومت ڪري سگھي. هوءَ مون کي ”شاديءَ“ ۽ ”مڙس“ جي عنوان تي ائين کُلي ڳالهيون ٻُڌائي رهي هُئي، جيئن ڪو ائناٽامي جو پروفيسر امتحان کان ٻه چار ڏينهن اڳُ پنهنجي شاگردن کي جلدي جلدي سڄي جسم جي عضون بابت ٻڌائي. پاڻ چيائين: ”عورت هڪ کليل ڪتاب آهي، پر پاڪيٽ سائيز، جنهن کي بستر ۾ پڙهڻ کپي“ ۽ هوءَ پڙهڻ جا مختلف طريقا ۽ ٻيون ڳالهيون ان سان وابسته ٻُڌائيندي رهي. کيس ٻُڌائڻ ۾ ايترو به شرم نه پئي آيو جيترو مون کي ٻُڌندي.
هن جي مختلف عنوانن جي ڳالهين مان اهو اندازو لڳايم (بلڪ پوءِ پاڻ به کُليءَ طرح دل جو حال اوريائين) ته هوءَ هن راڄ ۾ ۽ هن عمر ۾ اڃان ڪنهن راڻي جي تلاش ۾ آهي. ڏاڍو تعجب کاڌم ته عورت آهي يا ڪرڙي، مڙس کي جيت سمجھي هڪ ٻئي پٺيان ڳڙڪائيندي وڃي. دل ۾ خيال آيو ته چوانس: ”هاڻ گھڻو ئي ٿيو، هاڻ ٻئي جنم جو انتظار ڪر.“ ۽ اڪيلي هُجي ها ته پڪ چوانس ها ته : ”او مائي! هي تنهنجي شادي جا ڏانهن آهن يا مرڻ جا ــ بلڪ ٻڏي مرڻ جا!“ پر مار جي ڊپ کان شايد، يا اجايو ککر ۾ کڙو هڻڻ کان، ۽ اهو به سوچي ته متان هن کي ڏک ٿئي ته آسٽريليا ۾ ته هن جا قدردان نه آهن، پر ايشيا جي بکايل ملڪن جا ماڻهو به چٽ آهن، ۽ ڪجھه کيس سندس حال ۽ ٻٽاڪ تي خوش رکڻ خاطر ته پنهنجي وطن خوش ٿي وري، چپ چاپ شيدي نوڪرن وانگر ٻڌندو رهيس. پاڻ هڪ ٻه اهڙو سوال پڇيومانس ٿي، جنهن مان هن جي زخميل ”انا“ ۽ ”آهيان اڃان مان جوان“ جي احساس کي تقويت ملي ٿي. مثال طور: دل تي پٿر رکي پڇيومانس: ”لڳي ٿو ته توهان ڄاڻ ته چوٿين شادي ڪئي. ڪيترائي اميدوار هوندا، جن مان ڪنهن کي ڳولڻ ۾ توهان کي دقت پئي ٿيندي هوندي.“ ته ٿڌو ساهه کڻي، سگريٽ جو ڊگھو ڪش هڻي ورائڻ لڳي، ”الائي، اڃا ته ٻه چار سال آرام ڪرڻ جي موڊ ۾ آهيان.“ ۽ وري هڪ ٻيو ان ڪينٽ سگريٽ جو ڊگھو ڪش هڻي چوڻ لڳي، ”دراصل دنيا ۾ مرد تمام گھٽ آهن ۽ عورتون تمام گھڻيون. جيئن موٽرون تمام گھڻيون ٿي پيون آهن ۽ پارڪنگ جي جڳهه گھٽ. ڪو مڙس هٿ ڪرڻ به اڄُڪلهه ائين آهي، جيئن وچ شهر ۾ پارڪنگ لاءِ جڳهه ڳولڻ. ۽ جيئن جڳهه حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪنهن نه ڪنهن ڪار جي پٺيان ترسي ان جي نڪرڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، تيئن مڙس حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن جي ڪڍ لڳڻو پوي ٿو ــ جيسين هنجي پهرين زال مري يا طلاق وٺي ته پوءِ ان جي جڳهه ماڻي سگھجي.“ پاڻ ٻين پوڙهين سان به تعارف ڪرايائين. ان گروپ ۾ اڌ کن ته هن جهڙيون ئي هيون، جن جي ٻي يا ٽين شادي بعد طلاق ٿيل هُئي. ٻيون مڙسن کان رُٺل هيون. ڪي مڙسن سان وڙهي اڪيلي سر گھمڻ نڪتيون هيون ته ڪي ٻارن ٻچن کان الڳ ٿلڳ هيون. بلڪ ٻار ٻچا هنن کان الڳ ٿيل هئا ــ جيئن اڪثر مغربي ماحول ۾ عام آهي.
پاڻ پنهنجي انيڪ عشقن (حد تڪميل تي نه پهتل) جون ڳالهيون به ٻڌائيندي رهي (جن مان ڪيتريون مون کي ائين لڳيون ڄڻ ته هن کان اڳ به ڪنهن فلم يا ڪتاب ۾ پڙهيون هجنم) ته نقلي ڏندن جي جُت سان چيغم به چٻاڙيندي رهي. ايتري ۾ سندس بس اچي نازل ٿي ۽ ٽريولر ايجنسيءَ جو ماڻهو پڻ ــ جيڪو هنن کي ڍورن وانگر ٻاهر مين گيٽ ڏي هڪلڻ لڳو. اٿڻ مهل پرس مان پنهنجو هڪ فوٽو ڪڍي ڏنائين، جو سندس تڏهن جو هو، جڏهن هوءَ ويهن سالن جي ڪاليج گرل هُئي ۽ اڃا آسٽريليا لڏي ڪانه آئي هُئي ۽ انگلنڊ جي ڪنهن ڏاکڻي ڪائونٽِيءَ (ضلعي) ۾ رهندي هئي. (خبر ناهي ته ان فوٽوءَ جون ڪاپيون ٺهرائڻ ۽ هڪ مون کي ڏيڻ ۾ ڇا رکيو هو.) ”مهرباني“ چئي فوٽو قبول ڪيومانس ــ ۽ هڪ دفعو وري کيس ۽ ان فوٽو ۾ سندس خوبصورت تصوير کي ڏٺم. ڇا ته غضب جي فگر لڳي رهي هُئي ان فوٽوءَ منجھه! ٽيهارو سال اڳ جي گوگو گرل ۽ مستاني مورت کي عشقن ۽ چيغمن هڻي پٻو ۽ گوشت جو لڙڪيل ڍير بڻائي ڇڏيو هو ــ جو منهنجي اڳيان رڙهي ٻاهر بس ڏي وڌي رهيو هو.