هانگ ڪانگ ٽاور پيڪ ۽ رقابت جو جذبو
رات جي وقت پري کان جڏهن اسان جو جهاز هانگ ڪانگ ڏي ايندو آهي ته هانگ ڪانگ جي ٽڪرين تي بتين جي جھرمر ۽ روشني ائين لڳندي آهي، ڄڻ زمين آسمان تائين وڃي لڳي هجي. ڪنهن چينيءَ خوب چيو ته هانگ ڪانگ ۾ امير ۽ غريب کي سڃاڻڻ تمام سولو آهي. جيترو مٿي جبل تي سندس گھر اوترو امير. هر جبل تي بس ۽ ٽئڪسين وڃڻ لاءِ رستو جبل جي چؤڌاري ائين وڪوڙيل آهي، جيئن گول اسپرنگ، جنهن جو تري وارو ڇلو وڏو هجي ۽ مٿيون ڇلو ننڍو ٿيندو وڃي.
هڪ اهڙي پهاڙي، جنهن جي چوٽيءَ تي برطانوي راڄ جي حڪومت جون آفيسون ۽ گورنر جو بنگلو به آهي، ان جي چوٽيءَ تائين پهچڻ لاءِ هڪ ڪيبل ڪار (جنهن ۾ سٺ کن ماڻهو ويهي سگھن)، جبل جي چؤڌاري ڦري مٿي پهچڻ بدران تري کان سڌو چوٽيءَ تائين پنجيتاليهه ڊگرين کن جي ڪنڊ ٺاهي اچي وڃي ٿي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ اجها ته اونڌي ٿي. اهو رستو ـ جبل جي تري کان چوٽيءَ تائين، اها ٽرام ڏهن منٽن ۾ پورو ڪري ٿي ۽ بس يا ٽئڪسيءَ ذريعي جبل تان ڦري چڙهڻ يا لهڻ ۾ منو ڪلاڪ کن لڳيو وڃي. ان ٽرام جي اسٽيشن هوٽل هلٽن وٽ آهي ۽ صبح کان شام تائين مسافر ڍوئيندي آهي. سٺ ستر کن مسافرن جا جٿا ٿي مٿي ايندا ويندا آهن.
ٽرام جي اڳيان ڪيبل (هڪ قسم جي مضبوط لوهي رسي) هوندي آهي جا مٿي موٽر تي ويڙهبي ويندي آهي. ٽرام مٿي ريلوي (لوهي پٽن) تي ڇڪي ويندي آهي ۽ اهڙي ءَ طرح هيٺ پڻ ايندي آهي.
پهرين دفعي ٽاور پيڪ ڏسڻ، آءٌ زيديءَ سان گڏ ويو هوس.
آچر جو ڏينهن هو، سو ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ سياحن جي ڊگھي قطار هئي. اسان به بيٺا رهياسين. آخر ٻئي يا ٽئين چڪر ۾ وارو آيو ۽ ڏيڍ روپئي کن جي ٽڪيٽ وٺي مٿي چڙهياسين. ملڪ ملڪ جا مرد، عورتون ۽ ٻار نموني نموني جي وڳن ۽ پوشاڪن ۾ هئا. اڌ کن ته چيني هُئا، جي ڀرواري ملڪن سنگاپور، تائيوان، ملايا، ٿائلنڊ، ويٽنام پاسي جا ٿي ڏٺا. ڪجھه هانگ ڪانگ جا به منجھن هئا، شايد. آچر جي ڏينهن هجڻ ڪري هرڪو موڪل ۽ خوشيءَ جي موڊ ۾ هو. اسان به ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ، وارو اچڻ تائين اڳيان ۽ پويان ڊگھي قطار ۾ بيٺلن جي پوشاڪن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهياسين. (گلا کان سواءِ اسان ايشين (Asian) کي هونءَ به اچي ڇا ٿو ۽ گلا ڪرڻ تمام سولي ۽ سستي وندر آهي. نه دماغ تي زور ٿو ڏيڻو پوي نه محنت. ۽ هونءَ به اسان جو دماغ اهڙي سولي ڪم لاءِ ٺهيل آهي. جي ڪجھه اسان جي دماغن ۾ ٺڪر هجي ها ته هي نت نيون ايجادون : ريڊيو، ٽي ـ وي وائرليس کان راڪيٽ، ڪمپيوٽر ۽ جمبو جيٽ يورپين ۽ آمريڪن بدران، ايشين ايجاد ڪن ها.) سو وقت پاس ڪرڻ لاءِ سولي ۽ سستي مشغولي ـ يعني گلا ۾ لڳي وياسين. زيديءَ کي چيم ته: ”هي چيني ڇوڪريون ته ڏس. اڄُ کان ويهه پنجويهه سال اڳ تائين مرد ۽ عورتون ڪالرن بنا ٻنهي پاسي ڪاڄ ٺهيل ويڪريون قميصون ۽ ساڳي رنگ جي پجامن جهڙيون ڍليون ۽ لنڊيون پتلونون پائينديون هيون ۽ هاڻ هتي يورپي ۽ آمريڪي سياحن کي ڏسي چيني به بَلي ٿي پيا آهن. خاص ڪري ڇوريون ته ڏس! ڇا بيل باٽم، ڇا ايليفنٽ باٽمڊ پتلونون، ڇا سلئڪس ڇا جينس. ۽ ڇا هي اسڪرٽ ـ سي به مني. مار! چوندا آهن ته ’ڀاڳن ڄائي آهي ڀيڻ، گڏهيون ٿيون گج پائين.‘.“
زيدي ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي چيو، ”اهي سڀاڳيون چينياڻيون هتي هانگ ڪانگ ۾ ٿي پيون آهن، سو نت نيون پوشاڪون پهري ائين نخرا پيون ڪن. ٿورو اس جو ترورو به برداشت نه پيو ٿئين، پر جي فقط سو ميل کن هن پاسي مائوءَ جي چين ۾ ڄمن ها ته بلو چتين لڳل ڍلا ڪپڙا پائي، ڏينهن تتي جو پڪي رستي تي ڪو سرن جو گاڏو پيون گھلين ها، يا ته ڪنهن ڪارخاني ۾ لوهي هٿوڙو کڻي گرم پليٽ کي سڌو پيون ڪن ها.“
”۽ هوءَ وري چيني ڇوڪري ڏس، چڍي ڪيتري ننڍي ۽ سوڙهي پاتي اٿس. ذري گھٽ اوگھڙ پئي نظر اچيس.“
”اڙي اها چڍي نه پر ’هاٽ پينٽ‘ اٿس.“
”مار! چئبو ته هاٽ پينٽ هتي به پهچي وئي ۽ نه فقط ڊريس پر بي حيائي به مغرب جهڙي اچي وئي آهي. ڪجھه دير اڳ هوءِ هنن ٻن يورپين سياحن سان کيچل ڪري رهي هئي ۽ هاڻ هنن چينين سان پئي چرچا ڪري.“
”مون کي ته مڪسڊ بلڊ (Mixed-Blood) پئي لڳي، جو سندس رنگ چينين وانگر پيلو يا هيڊو ناهي ۽ صاروفا به چينين سان ڪونه ٿا ملنس. باقي قد بتُ ۾ انهن جهڙي آهي.“
اسان اچي ٽڪيٽ آفيس جي دريءَ وٽ پهتاهئاسين سو، ٿوري دير گلائن کي بريڪ هڻي، ٽڪيٽ خريد ڪري اندر جبل ۾ چُر جهڙي ٺهيل ڪمري ۾ اچي بيٺاسين، جتي ٽرام اچڻ واري هُئي. هاٽ پينٽ واري ڇوڪري، جنهن جي پٺيان کليل چولي مان ڏٺو پئي ته برا ليس يعني باڊيءَ بنا آهي (اهو به اڄُڪلهه جو فئشن آهي ۽ آمريڪا طرف ته ڪافي سالن کان احتجاج خاطر عورتون باڊيون پائڻ ڇڏي ڏنيون آهن ۽ ان جي ٻين کي خبر ڪيئن پوي، ان لاءِ يا ته سنهي ڪپڙي جا چولا پاتا وڃن ٿا يا هن ڇوڪريءَ جيان چولي جي پٺ گھڻو هيٺ تائين ڪتريل ڇڏي وڃي ٿي)، سا به اسان جي جٿي ۾ هئي ۽ هاڻ وري هڪ ٻئي سياح سان ڳالهائي رهي هئي. (۽ اسان دل ۾ سڙي پڄري رهيا هئاسين ۽ تشويش ۾ پڻ هئاسين ته هيءَ لاوارث چيني ڇوڪري ڪير آهي، جنهن جي انگ انگ ۾ نرتڪي واري چستي آهي ۽ مست هرڻيءَ وانگ ڇال هڻي رهي آهي) خير سائين، اسان جو به وارو آيو، جيتوڻيڪ ڪجھه دير سان، جڏهن مٿي چوٽيءَ تي پهچي، هيڏانهن هوڏانهن ڦري، ساڄي پاسي پارڪ جي ڪنڊ وٽ هڪ قدرتي نظاري مان محظوظ ٿي رهيا هئاسين ۽ پنهنجن ئي پورن ۾ پيا هئاسين ته هيءَ اوچتو سامهون اچي بيٺي ۽ اسان جلدي ۾ اهو به نه سوچي سگھياسين ته ڪهڙن لفظن سان ڳالهائڻ شُروع ڪجي.
”هيلو.“ هن شُروعات ڪئي ۽ اسان جي اڃان به ويجھو ٿي بيٺي. ايترو ويجھو جو اسان چپن تان ڊٺل پالش به چڱي طرح ڏسي پي سگھياسين. سندسن ڇاتيءَ جي کاٻي پاسي ننڍڙو ٻلو لڳل هو، جنهن تي نشاني ته ”امن“ جي هُئي، پر لکت خبر ناهي ڪهڙي زبان ۾ هئي. اسان به دل ٻڌي، ڪجھه نه ڪجھه ڳالهائڻ خاطر، (جيئن هوءَ ان شڪ مان جلد نڪري وڃي ته اسان ٻئي گونگا ٻوڙا آهيون)، هڪ عجيب غلامانه انداز ۾ ”هيلو“ چئي ٻنوڙي تان هيٺ لهي بيٺاسين، ”اسان توکي پهرين به ڏٺو آهي“
”منيلا (فلپين) ۾ ڏٺو هوندو.“ هن يڪدم کلي چيو.
”نه.“
”ڪولون ۾ چنڪنگ مئنشن ۾ ڏٺو هوندوَ. اڄُڪلهه آءٌ اتي رهان ٿي ۽ شام جو چانهه پيننشولا هوٽل (Peninsula Hotel) ۾ پيئندي آهيان.“
”نه، نه،“ اسان تيسين پنهنجي نروسنيس تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ چپن تي هڪ زبردستيءَ جي مرڪ آڻي چيو، ”ٿوري دير اڳ هيٺ هن پهاڙيءَ جي قدمن ۾ ٽڪيٽ وٺندي ڏٺو هئوسين.“
”اوهه!“ هن هٿ ملائي ٽهڪ ڏيندي چيو، ”چئبو ته پاڻ شُروع کان گڏ آهيون.“
هوءَ ان تي وري زور زور سان کلڻ لڳي (۽ اسان دل ئي دل ۾ خوش ٿياسين ته اسان ڪي وڏا چرچائي آهيون يا شايد ان وقت، اندر جي اهڙي ڪيفيت ٿي رهي هئي، ڄڻ ممتاز دمساز وارا ست سوال پورا ڪري اچي بيٺا هجون ۽ شهزادي صاحبه، مس (نالو وسري ويم) گلن جو هار پائي چوڻ واري هجي ته نه فقط مان، پر هي تخت ۽ تاج به تنهنجو آهي.)
”ماڻهو ته مزيدار ٿا ڏسجو، پڪ انڊين آهيو.“ هن چيو.
”نه پاڪستاني آهيون.“
”ته پوءِ ته پاڻ وڌيڪ سٺو. توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.“
۽ آءٌ دل ئي دل ۾ زيديءَ تي خارون کائڻ لڳس ته هيءَ مصيبت پاڻ سان ڇو آندم. اڪيلو اچان ها، اڄُ جيڪر. ۽ زيدي پڻ ان وقت مون کي اهڙين نظرن سان ڏسڻ لڳو جيئن اتر قطب ۾ سياري جي موسم ۾، بکايل بگھڙن کي جڏهن ڪو شڪار هٿ نه ايندو آهي ته هڪٻئي جي سامهون بيهي انتظار ڪندا آهن ته جيئن ڪنهن کي اک لڳي ته ٻيا ان کي چيري ڦاڙي کائي پيٽ ڀرين.
اسان ٻنهي کي خاموش ڏسي هن ڇوڪريءَ منهنجي هٿ مان ڪئميرا وٺي اسان جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو ۽ اسان خوفناڪ سوچن جي صحرا مان نڪري ”ها مهرباني ٿيندي“ چئي، زيدي ۽ آءٌ پوز ٺاهي ڪٽهڙي کي ٽيڪ ڏئي بيٺاسين. پري کان ڪولون جو شهر ۽ چؤڌاري پکڙيل سمنڊ ۾ پري پري تائين ڪيترائي ننڍا ٻيٽ ٻيٽارا، جهاز ۽ ٻيڙيون صاف نظر اچي رهيون هيون. پاڻ اسان کان ڪئميرا وٺي اسان جو فوٽو ڪڍيائين ۽ پوءِ اسان سندس ڪڍيو.
”تون چيني ٿي ڪري سٺي ۽ صاف انگريزي ٿي ڳالهائين.“ اسان وري ڪجھه ڳالهائڻ خاطر ڳالهايو.
”مان چيني نه پر فلپينو آهيان، منيلا کان هتي آئي آهيان.“
هن ٻڌايو.
”منيلا کان آئي آهين! اڪيلي؟“
”مون سان گڏ ٻيون به چار ڇوڪريون گڏ آيل آهن،“ هن اسان ٻنهي جا هٿ پنهنجن هٿن سان دٻائيندي چيو، ”پورهئي خاطر“
اسان ٻئي هاڻ سمجھي وياسين ته چڪر ڇا آهي ۽ چوندا آهن ته: سخي کان شوم ڀلو جو ترت ڏئي جواب، جو کائنس وڌيڪ غريب اسان هئاسين. سو سُهڻن اکرن ۾ اسان چيس: ”..... محترمه اسان شايد تنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهيون. تون شايد اسان کي ڪو وڏو ماڻهو پئي سمجھين. پر دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته .....“
هن اسان جو جملو اڌ ۾ ڪپيندي، هڪ دفعو وري اسان جي هٿن کي جھلي وڏي همدردانه انداز ۾ چيو: ”دوست، دل ۾ نه ڪريو. مان سمجھان ٿي ته توهان به مون وانگر ايشيا جي هڪ غريب ملڪ جا آهيو، اهڙن ملڪن جو ظاهري طرح امير به جوکو ۽ قرضي آهي. مان مجبوريءَ ڪارڻ ڪمائڻ لاءِ هتي آيل آهيان، جو ٻيو ڪو چاڙهو نه آهي ۽ هينئر توهان وٽ به مجبوري خاطر اچي بيٺي آهيان جو منهنجو اصلي گراهڪ ته پٺيان بيٺو آهي. هن کي فيصلي ڪرڻ ۾ دير پئي لڳي ۽ توهان وٽ فقط هن کي ساڙ ۽ ريس ڏيارڻ لاءِ آئي آهيان، جيئن هن ۾ رقابت جو جذبو پيدا ٿئي.“
اسان سندس پٺيان ڏٺو. پري هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏئي هڪ نوجوان يورپين (شايد فرينچ ٿي لڳو يا انگريز)، حسرت ڀريل نگاهن سان هن کي واجھائي رهيو هو ته ڪنهن به طرح هوءَ پٺيان نهاري ته سڏ ڪريس. هن جي سڏ ڪرڻ کان اڳ، هوءِ اسان کي ”باءِ باءِ“ چئي هن ڏي هلي وئي. سجُ لهي چُڪو هو پر ميرانجھڙو سوجھرو اڃان هو. ان ٻاڦيل روشنيءَ ۾ پري کان اسان سندس ٻهڪندڙ ۽ مُرڪندڙ چهرو ڏسندا رهياسين. ٻئي ڄڻا هڪ بڻجي ڀاڪر ۾ ٽاور پيڪ ريسٽورنٽ جي در وٽان ڦرندا، بس اسٽاپ وٽ، ٽئڪسيءَ ۾ وڃي ويٺا ۽ اسان ڪانڌين وانگر صورت ٺاهي، پنهنجين وحشاني خواهشن ۽ تمنائن جي جنازي کي ڪلهو ڏئي، آهستي آهستي چُرڻ لڳاسين. ڊرائيور جڏهن ٽئڪسيءَ جي انجڻ اسٽارٽ ڪري گاڏي گيئر ۾ وڌي ته ان فلپينو ڇوڪريءَ مُڙي اسان ڏي پٺيان نهاري ، هڪ دفعو وري هٿ لوڏيو ۽ اسان ٽئڪسيءَ طرف سڪڻن ٻارن جيان ڏسندا رهياسين، جيسين اها جبل جي ور تان لڙهڪندي هيٺ غائب ٿي وئي.
زيديءَ کي چيم، ”ڪي نظارا ڪيڏو نه عجيب گھرو اثر ڇڏين ٿا.“
”ڇڏ يار. تون اديب ماڻهو آهين. اديب سڀُ حساس ٿين ٿا. هر ڳالهه توتي گھرو اثر ٿي ڇڏي. پيارا، اهڙا نظارا ته روز فلمن ۾ به پيا ڏسجن.“
”تون منهنجو مطلب نه سمجھيو ڀاءُ.“ مون سندس ڪلهي تي ڌيرج سان هٿ رکندي چيو.
”مطلب ٻطلب کي ڇڏ. في الحال مطلب جي اها ڳالهه آهي ته اڃُ کان ساهه ٿو گھُٽجي.“
اسان ٻئي ريسٽورنٽ طرف وڌڻ لڳاسين. رستي تي ٻه چار چيني، دوربينون ۽ فوٽن جا سيٽ (جي اگھاڙين عورتن جا ٿي لڳا) خريد ڪرڻ لاءِ چهٽڻ لڳا. انهن کان جان ڇڏائيسين ته چاڪليٽ ۽ پلاسٽڪ جا گل وڪڻڻ وارو هڪ ٻه مليو. آخر لفٽ ۾ چڙهي مٿي هوٽل جي لونج ۾، دريءَ اڳيان اچي ويٺاسين ۽ هانگ ڪانگ جي سڄي ٻيٽ، سمنڊ ۽ ڪولون جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. بئري ٿڌو اچي رکيو، جو ڍڪُ ڍُڪ ڪري پيئڻ لڳاسين. ڪجھه ڪجھه بُک به لڳي هُئي. گوڏن جي وچ ۾ ٻٽونءَ کي لڪائي ان جو ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ان ريسٽورنٽ جي اگھن جو جائزو ورتم. پوءِ زيديءَ کي چيم ته ڪجھه کائون. هن جھيڻي انداز ۾ ها ڪئي ۽ سڀ کان گھٽ قيمت واريون سئنڊوچون گھُرايونسين ۽ هڪ هڪ کي ننڍا چڪ هڻي آهستي آهستي کائڻ لڳاسين. زيديءَ خطري کان آگاهه ڪندي چيو ته عياشي ڪئي اٿئون، سو واپس ٽئڪسيءَ ۾ هلڻ بدران بس ۾ هلڻو پوندو. مون معصوميت سان وات سان ڪڇڻ بدران هاڪار ۾ ڪنڌ ائين ڌوڻيو، جيئن سنڌي ڇوڪريون نڪاح وقت ڌوڻينديون آهن ۽ پوءِ دريءَ مان ڏٺم. هيٺ، گھڻو هيٺ، جبل جي پيرن وٽ ڪيترون ئي ٽئڪسيون ڊوڙي رهيون جي رانديڪن جيان پئي لڳيون.