تون واقعي هيڊ ماسترياڻي ٿي لڳين مغرب هميشه مشرق کي بکَ، بيروزگاري ۽ بُڇڙائي ڏني آهي.
اڳ ۾ جو پروگرام ٿورن ڏينهن جو هو، سو ان مطابق جلدي جلدي خريداري ۽ گھُمڻ جون خاص خاص جڳهيون ڏسي ڇڏيونسين. هانگ ڪانگ ۾ گھڻو ڪري جتي ڪٿي منهنجو گھُمڻ، شڪارپور جي سيڪنڊ انجنيئر سعيد اختر زيديءَ سان ٿيندو هو. زيديءَ سان گڏُ هي منهنجو پهريون سفر هو، پر اتفاق سان اسان جا ڪيترائي دوست ۽ مائٽ هڪٻئي جا واقف نڪتا. سو جلدي هڪٻئي سان سُڃاڻپ ٿي وئي. اختر زيدي کي سنڌي به سٺي آئي ٿي ان ڪري سنڌي توڙي اڙدو جا چرچا ڀوڳ (Enjoy) ڪياسين ٿي.
خريداري ڪري يا گھُمي ڦري ڪٿي ڪنهن هوٽل يا پارڪ ۾ اچي وهندا هئاسين ته شڪارپور جي زين پٺاڻ، آغا سليم، آپا شيرين فاروقي، ارشاد ميمڻ ۽ ٻين اديبن، دوستن ۽ واقفڪارن جو ذڪر ڪڍندا هئاسين، جن کي اسان ٻنهي سُڃاتو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ادب جو ذڪر نڪرندو هو ته هُو پنهنجي سابق استاد، سنڌ جي ادبي شخصيت بشير مورياڻيءَ جون خبرون ٻُڌائيندو هو ۽ پوءِ هڪٻئي کان معلوم ڪندا هُئاسين:
”اڄُڪلهه زين ڪٿي آهي؟ بشير مورياڻي ڪٿي آهي؟ ڇا پيو ڪري؟“ ”ـــ شايد جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر آهي، سهڻي رسالي ۾ گذريل سال مون سندس تعارف پڙهيو هو.“ ”عالم شيخ ڪٿي آهي؟ مسعود فاروقي ڇا پيو ڪري؟“ وغيره وغيره.
اسان ٻنهي جي گڏُ گھُمڻ ۾ ان ڪري به مزو ايندو هو، جو اسان ٻنهي ۾ ڪجھه ساڳيون ڳالهيون هيون. هڪ خريداريءَ کان نفرت ۽ ٻيو آئيس ڪريم کائڻ جو شوق. خريداريءَ جي سلسلي ۾ اسان هانگ ڪانگ مان انهيءَ شان شوڪت سان وڃڻ پئي چاهيو، جنهن سان مقدونيه جو سڪندر اعظم هن جهان مان روانو ٿيو يعني هٿين خالي. بهرحال ان هوندي به ٻين کي ڏسي اسان به هڪ اڌ ٽپڙ کڻي وٺندا هئاسين. يا ان لاءِ ٻئي ڄڻا فورٿ انجنيئر باقر رضا کي پئسا ڏيندا هُئاسين جو، دنيا جهان جون بازارون گھُمي، بلڪ نوسي، پنهنجي لاءِ ۽ اسان لاءِ بهترين شيءِ، گھٽ قيمت تي ڳنهي ايندو هو. هن کي مهاڻي وانگر خبر رهي ٿي (يا الهام يا انتر گيان ٿئي ٿو) ته خريداريءَ جو ڄارُ دڪانن جي سمنڊ ۾ ڪٿي اڇلائجي، جيئن هتي جا مانگر مڇَ واپاري چڱيءَ طرح سوگھا ٿي سگھن ۽ ننڍڙين مڇين وانگر خريدارن جو معمولي ”غير ملڪي ناڻو“ ڳڙڪائي نه وڃن. باقي اسان کي اها سا خبر هئي ته هانگ ڪانگ ۽ ڪولون، يا سنگاپور يا پينانگ ۾ ڪٿي ڪٿي آئيس ڪريم ملي ٿي، ڪٿي آئيس ڪريم ڪونَ (Cones) يا ”ملڪ شيڪ“ سٺو ملي ٿو ۽ آئيس ڪريم جو شوق ايتري ئي جنون تائين هئوسين، جيترو امرجليل جي هڪ ڪردار ”چرٻٽ“ کي ”ڪلفي“ سان.
هڪ ڏينهن (هانگ ڪانگ جي شُروع وارن ڏينهن ۾) ڪا جڳهه گھُمڻ لاءِ پهريون نه سوچي (۽ جي هڪ ڏينهن اڳ اسان ڪنهن جڳهه گھُمڻ جو پروگرام ٺاهيو به هو ، تڏهن به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وانگر، ڇپيل پروگرام بدران) اسان ائين هڪ ٻٽِي (Double-Decker) ٽرام ۾ چڙهي پياسين ۽ ارادو ڪيوسين ته سڄي شهر جو چڪر ان ۾ هڻنداسين.
هانگ ڪانگ ۾ ٽرام جي هڪ ٽڪيٽ مقرر آهي، چاهي توهان هڪ پوڇڙ کان ٻئي پوڇڙ تائين ڪٿي به لهو ۽ ڪيڏانهن به وڃو. هر بس ۽ ٽرام جا رستا مقرر آهن. جيئن اسان وٽ آهن ۽ انهن تي اچي وڃي. اسان ڏاڍو آرام سان ويٺاسين. عينڪ لاهي، اگھي، اکين تي چاڙهي، نڪ کي موڙو ڏيئي، هانگ ڪانگ شهر جو ٽرام مان نظارو ڪرڻ لاءِ اڃان دريءَ ڏي نهاريم مَسَ ته ٽرام فرلانگ کن هلي بيهي رهي. ڪنڊڪٽر هارن وڄائڻ لڳو. اڳيان ڏٺم ته ڪير به ڪونه هو جنهن لاءِ هارن وڄائڻو پوي. زيديءَ منهنجي ڪلهي کي لوڏي چيو ته ماڻهو ته لهن پيا. ڪنڊيڪٽر کان پُڇيم ڇا ڳالهه آهي. ڏاڍي مزي سان وراڻيائين:
”سائين! ٽرام جو آخري اسٽاپ اچي ويو. هاڻ وري ٻيو ڊرائيور ۽ ٽڪيٽ چيڪر ٽرام کي واپس وٺي هلندو.“ ڏاڍو شڪي ٿياسين. ان کي اڙدو ۾ چئبو آهي، ’غريبيءَ ۾ اٽو پٽڙو‘. زيديءَ چيو ته ٿورو عقل کان ڪم وٺون ها ته ٻه کن گلاس ملڪ شيڪ جا ٿي پون ها. در وٽ لڳل مشين ۾ پئسا وجھي وري ٻي ٽڪيٽ، ڪڍيسين. هن دفعي مٿي وڃي ويٺاسين. پنجن منٽن ۾ ٽرام ڀرجي وئي ۽ پويان پير کڻي هلڻ لڳي. خوشقسمتيءَ جي ڳالهه هئي جو ان وقت ٽرام ۾ اسان جي اوسي پاسي ۾ ٻه ٽي يورپين نظر آيا ۽ اسان کي آسرو ٿيو ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا خبر چار پُڇڻ لاءِ ڪا پهر آهي. هونءَ بس ۽ ٽرامن ۾ اڪثر هتي جا اصلي رهاڪو نظر ايندا، جي يورپين جي مقابلي ۾ غريب هئڻ ڪري اهڙي سواري اختيار ڪن ٿا. هتي انگريزن جي حڪومت هئڻ ڪري انگريزن جو ته وڏو ٺاٺ ۽ اميراڻو دٻدٻو آهي ۽ ٽئڪس فري بندرگاهه هئڻ ڪري، هر گري گنجي لاءِ پنهنجي ڪار رکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي ۽ هتي جا چيني رهاڪو ڌارين جي ان ٺٺ ٺانگر کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسن ٿا. نوجوانن ۾ ته ڪافي Frustration آهي ۽ ڌارين کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هنن جي چوڻ مطابق ڌارين سندن زمين، دولت، تهذيب ۽ ثقافت تي ڌاڙا هڻي ملڪ کي کوکلو بنايو آهي.
زيديءَ انهن يورپين کان سندن قوميت پُڇي. ٻه گورا جيڪي پٺيان ويٺا هئا، ڳچيءَ ۾ ڪئميرائون هئن ۽ سياح ٿي لڳا، سي جرمن هئا ۽ جتي جتي ٽرام ترسي ٿي ته فوٽو ٿي ڪڍيائون. ڪٿي ڪا پوڙهي عورت پُٺيءَ سان ٻار کي ٻڌي، سامان جي ڀري کنيو پئي ويئي، يا ڪنهن چينيءَ ڇاتيءَ سان پٽو ٻڌي رڪشا پئي گھلي يا ڪنهن ڪنڊ پاسي پراڻي قسم جي هوٽل اڳيان ٻارن پٽ تي ويهي چاپ اسٽڪ (تيلين) سان پٽاٽا ۽ بههَ ويٺي کاڌا ۽ ڪو ٻيو اهڙو غربت جو نظارو، جو مغرب جي اميرن لاءِ نئون هو ته سندن ڪئميرائون مٿي فوٽو ڪڍڻ لاءِ کڄي ويون ٿي.
اسان جي ڀرواري سميت جنهن تي هڪ ٿلهي يورپين عورت، جنهنجي عمر پنجيتاليهه جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ منهن ۾ دهشت ۽ رعب هوس، سا انگريز هُئي. پاڻ ٻڌايائين ته سندس مڙس آرميءَ ۾ هڪ ڪرنل آهي ۽ پاڻ هانگ ڪانگ جي هڪ انگريزي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي آهي. زيديءَ اهو ٻڌي آهستي چيو، ”ها تون واقعي هيڊ ماسترياڻي لڳين ٿي.“
تنهن تي پاڻ مُرڪي پڇيائين: ”ڇو؟“ ۽ زيدي ڏاڍي مزي سان ڳالهه گول ڪري ويو.
اسان جي سامهون ڊگھي بينچ هُئي، جنهن تي ويهندڙن جو منهن اسان طرف هو. ان تي هڪ ڪُراڙي چيني عورت ڪارن ڪپڙن ۾ ، ٻه چيني مرد، جن کي به سادا ۽ ڍلا ڪپڙا پهريل هُئا ــ ويٺل هُئا. اسان جي بلڪل سامهون ٻه ننڍڙيون پرائمري اسڪول جون ڇوڪريون عمر اٺَ يا نوَ سال کن مس، هڪ هٿ ۾ ڪتابن جي ڀَري ۽ ٻئي ۾ شايد رسيس ۾ کائڻ لاءِ ڪا شيءِ هُئي، ويٺيون هيون. هو شام جي شفٽ ۾ اسڪول وڃي رهيون هيون.
زيديءَ ڀر واري سيٽ تي ويٺل هيڊ ماسترياڻي مسز گرئفرڊ، (جيڪا ٻن ڄڻن جي جاءِ والاريو ويٺي هُئي، ان هوندي به سندس ٿلهين ٽنگن جو ماس ۽ جسم جو ٻيو حصو ٻاهر لڙڪي رهيو هو بلڪ ائين جيئن حيدرآباد ۾ فقير جي پِڙَ ۾ ڪيترا ڪچا دڪان، ڀاڄين، مڇين، چمپلين، اٽي، کار ۽ ”هر مال ملي گا باره آني“ واري سامان جا گاڏا غير قانوني طور فٽ پاٿ کان به اڳيان پڪي رستي تي اچي ويندا آهن) کان پڇيو:
”توهان کي هانگ ڪانگ ۾ آئي ڪيترو وقت ٿيو آهي؟“
”نَو سالن کان مٿي ٿي ويا آهن.“ گوشت جي جبل چُرپُر ڪندي ٻڌايو. ”انگلنڊ کان وڌيڪ توهان کي هتي مزو ايندو هوندو، جو هتي هر شيءِ سستي آهي ۽ هانگ ڪانگ خوبصورت آهي.“ زيديءَ چيس.
”ها، پر تڏهن به اسان جي انگلنڊ جي ڇا ڳالهه ڪجي.“ هن وراڻيو.
۽ مونکي مانچيسٽر، لورپول، لنڊن، نيوڪيسٽل، ڊنڪاشائر ۽ انگلنڊ جي ٻين شهرن جون بدبودار گھٽيون، گھم، گھُٽ ۽ گندگي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. پر چوندا آهن ته عورت کڻي پوٽن ڏهٽن واري ٿي وڃي، پر تڏهن به کيس اهي ڪانگ سهڻا لڳندا آهن، جيڪي مائيٽياڻي گھر کان اڏامي اچن. ان وانگر انگريز به چاهي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪيترو به سکيو هجي ۽ اهو عيش نصيب هجيس، جيڪو کيس پنهنجي ملڪ ۾ ستن پيڙهين گذرڻ بعد به نصيب ٿيڻ جي اميد نه هُجي، ته به پنهنجي ملڪ جي تعريف ۾ ٻيڻو ٽيڻو پيو ٿيندو.
”ڀلا اڄڪلهه هتي هانگ ڪانگ ۾ انگريزن جو ڪهڙو حال آهي،“ زيديءَ ٻيو سوال پڇيس، ”هتي جا چيني چاهين ٿا ته توهان رهيا پيا هجو يا هو هاڻ ڌارئين جي حڪومت برداشت نٿا ڪن؟“
”نه نه. چيني ته هرگز اهو نه چاهيندا ته اسان هليا وڃون. هو ته اسان مان ڏاڍا خوش آهن. اسان ئي ته هن ملڪ کي هن اوج تي آندو آهي. کين تهذيب سيکاري آهي.“ مسز گرئفرڊ هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي، اکيون ڦاڙي، اسان کي مرعوب ڪرڻ چاهيو. مون هانگ ڪانگ جو اوج پنهنجي پاسي واري دريءَ منجھان، ٽڪرين تي خوبصورت بنگلن ۽ عمارتن جي روپ ۾ ڏٺو، جنهن ۾ هتي جا چيني باشندا نه پر انگريز سڪون ۽ رنگينين سان پُر زندگي بسر ڪري رهيا آهن ۽ تهذيب جو سوچيندي هانگ ڪانگ جا سوين اگھاڙا ناچ گھر، مساج گھر، شراب خانا، ڪلب، جوا جا اڏا ۽ چڪلا جنجي ٻاهران رنگين ٻرندڙ وسامندڙ روشنين ۾ سندن خوبصورت رومانوي انگريزي نالا لکيل آهن، ڦرڻ لڳا. منهنجي ڪنن ۾ فرينچ ليکڪ خاتون ڪوليٽ منڊوتين جا جملا ٻُرڻ لڳا، جيڪي هن، مشرق جا ملڪ گھُمي شنگھائي ءَ جي هوٽل ”ساسون“ جي کڏ تي بيهي چؤطرف نهاري چيا هئا: ”مغرب هميشه مشرق کي بک، بيروزگاري ۽ بُڇڙايون ڏنيون آهن.“
ڇا ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته مغرب جي سامراجين جنهن جنهن ملڪ ۾ قدم رکيو، ان تي قبضو ڪيو ۽ ان جو رتُ چوسيو. مشرق جا ملڪ پوءِ چاهي آفريڪا جو ڪينيا، نائيجيريا، موزمبيق، اٿوپيا يا ملاگاسي هجي يا ايشيا جو هندستان، ملايا، انڊونيشيا، چين يا برما هُجي، مغربين لاءِ مشرق جا مڙيئي ملڪ مينهون هيون، جن کي هنن فقط ڏڌو، پر گاهه ڏيڻ کان سڪايو ۽ بکيو رکيو. مشرق جي مڃيل حقيقتن تي چٿرون ڪيون.
مون کي جپان ۾ لڳل ميلي ”Expo-70“ ۾ اسان جي ملڪ جي لڳل اسٽال اڳيان اسان جي ڳوٺائي عبدالرزاق ميمڻ جو هڪ آمريڪن فئمليءَ سان ٿيل زباني جھڳڙو ياد آيو. اسان جي اڳيان قطار ۾ بيٺل آمريڪن عورت کي سندس مڙس اهو چئي اسٽال ڏسڻ کان ٽوڪيو ته: ”هنن وٽ آهي ئي ڏيکارڻ لاءِ ڇا.“ ”۽ توهان آمريڪن وٽ وري ڇا آهي ڏيکارڻ لاءِ؟“. عبدالرزاق اڳتي وڌي چيس، ”ڇا اسان جي تهذيب ۽ ثقافت توهان کان به وئي؟ اسان جي تهذيب ته پنج هزار سالن کان به پُراڻي آهي! موهن جو دڙو، هڙپا، ٽئڪسيلا، ڀنڀور، ڪوٽ ڏيجي، آمري انهن جا جيئندا جاڳندا ثبوت آهن. فقط توهان ظاهري ۽ اندر جي اکين تان تعصب جو پردو لاهيو ته توهان کي پنهنجي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ئي هزارين شاگرد موهن جي دڙي تي کوجنائون ۽ اڀياس ڪندا نظر ايندا.“
”ملائيشيا جي هڪ هوٽل ۾ هڪ يورپين سان ويٺو هوس، سامهون واري ٽيبل تي ملئي زال مُڙس ۽ سندن ٻه ٻار چاپ اسٽڪس (تيلين) سان کاڌو کائي رهيا هُئا. يورپي دوست وڏي فخر سان انهن ڏي اشارو ڪندي مون کي ٻُڌايو ، ”هنن اسان جي ڪانٽي ڇُريءَ تان اهو تيلين سان کائڻ جو رواج نقل ڪيو آهي.“
”منهنجا ڀاءُ“. مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هي تيلين (Chop-Sticks) سان کائڻ جو رواج ته عيسوي سن کان به گھڻو پُراڻو آهي ۽ اڌ کان وڌيڪ مشرق ۾ برما، انڊونيشيا ۽ فلپين جي هزارين ٻيٽن کان وٺي ويندي چين، ڪوريا، جپان، منگوليا تائين ماڻهو انهن تيلين سان کائيندا اچن. ڪانٽو ۽ ڇُري ته هنن تان پاڻ توهان نقل ڪيو آهي.“
مون جيئن ئي اهي ڳالهيون سوچيون، منهنجو ساهه ٿي گھُٽيو. پنهنجو ڌيان ڳالهين تان هٽائي سامهون ويٺل چيني ڇوڪرين ڏي ڏسڻ لڳس. خوبصورت چيني گُڏين جهڙيون ننڍڙيون چيني ڇوڪريون پاڻ ۾ چينيءَ ۾ ڳالهيون ڪري رهيون هيون. هڪ سنهي هُئي ۽ ٻي ٿوري ٿلهي، پر سندس منهن سڄو فوٽ بال وانگر گول هو ۽ ان تي سنهي فريم جي عينڪ چڙهيل هئي. ٿلهي صبر واري ۽ ٻيءَ کان وڌيڪ سياڻي ٿي لڳي. سنهي ڇوڪري چست ۽ چالاڪ ٿي لڳي. سندن اشارن مان سمجھيم ته هو کين گھر لاءِ مليل حسابن جا جواب، ڏسڻ ٿيون چاهين. آخر پهرين عينڪ واري ڇوڪريءَ پنهنجو ڪتاب کولي ٻيءَ کي جواب ڏيکاريا. آلجبرا جو ڪتاب هو. ننڍڙا ننڍڙا سوال هُئا. مثال طور : پنج ايڪس واڌو ٽي وائي، ضربيان پنج ايڪس، انهن جا جواب به سامهون ڪتاب تي ئي لکڻا هُئا. سنهي ڇوڪري جواب ڏسندي رهي. پر پنهنجا جواب اڃا نه ڏيکاريائين. تنهن تي عينڪ واريءَ زبردستي سنهي ڇوڪريءَ جو ڪتاب کسي کولي ڏٺو. مون به ليئو پائي ڏٺو. هڪ به حساب ٿيل نه هو! ان ويساهه گھاتيءَ تي عينڪ واري ڇوڪريءَ کي چڙ لڳي، پر جيئن ته مونکي ان چالاڪيءَ تي کل اچي وئي پاڻ به کلي ڏنائين. اهڙيءَ طرح معاملو رفع دفع ٿي ويو. ان دوران ڏٺم ته سنهي ڇوڪريءَ جلدي جلدي ساڳيا جواب پنهنجي ڪتاب تي به هڻي ڇڏيا. زيديءَ کي چيم، ”ڇوڪري آهي يا بلا.“ مون سندس نالو پڇيو، پر چيني مون کي ڪانه ٿي آئي ۽ کين انگريزي سمجھه ۾ ڪانه پئي آئي. چين، سنگاپور، ملايا ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهي چيني سکڻ جي معاملي ۾ شاهه لطيف جي شعر: ”اکر پڙهه هڪڙو ، ورق سڀُ وسار“ تي پورو عمل ڪيو اٿئون. چيني زبان جي فقط هڪ لفظ ”چي چي“ معنى ”مهرباني“ کان سواءِ ٻيو ڪُجهه به نٿو اچي.
ان وقت مسز گرئفرد هيڊ ماسترياڻي ۽ زيدي به کين ڏسي کلي رهيا هئا. ڇوڪرين کي جڏهن منهنجي ۽ زيديءَ جي انگريزي سمجھه ۾ نه آئي ۽ رڳو کلنديون رهيون ته مسز گرئفرڊ وچ ۾ ٽپي، حاڪماڻي انداز ۾ کانئن گول منهن ٺاهي پڇيو، ”واٽ از يوئر نيم؟“
اسان سمجھيو هوءَ هتي نوَ سال کن رهي آهي سو هتي جي زبان کان ضرور واقف هوندي. ٻنهي ڇوڪرين سندس اوچتي سوال تي هن ڏي عجيب نظرن سان گھُوري ڏٺو، وري اسان ڏي نهاريو ۽ پوءِ هڪٻئي ڏي نهاري مُرڪي، ٽيڏي اک سان مسز گرئفرڊ ڏي ڏٺو. مسز گرئفرڊ ڏاڍو شڪي ٿي ۽ پوءِ هي ٻئي ڇوڪريون اچي کل ۾ پيون ته بس ئي نه ڪن. خبر ناهي ڇو مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هو انگريز خاتون کي چئي رهيون هُجن ته : تنهنجو ڇا وڃي اسان مشرقين ۾.
”ڇا توهان هتي نَو سال رهڻ بعد به هتي جي زبان نه سکي آهي. چيني ته تمام جھوني ۽ وسيع زبان آهي؟“ زيدي اهو سوال ڪري کيس وڌيڪ شڪي ڪيو. ان سوال جي ڪڙاڻ هوءَ شايد نڙگھُٽ ۾ محسوس ڪرڻ لڳي، جو مون ڏٺو ته هوءَ جواب ڏيڻ بدران فقط ڳيتون ڏيندي رهي. بس هلندي ۽ بيهندي رهي، جوبلي اسٽريٽ، وڪٽوريا اسٽريٽ، پاٽنجر اسٽريٽ، پيڊر اسٽريٽ ۽ ٻيا رستا پار ڪندي رهي. مسافر چڙهندا ۽ لهندا رهيا. يورپين سياح دريءَ وٽ ڪئميرائون جھلي هانگ ڪانگ جي حُسن ۽ بچل غربت جي آثارن جا فوٽو ڪڍندا رهيا. گول منهن واريءَ ڇوڪريءَ ڪيڪ ڪڍي اڌ پاڻ کاڌو، اڌ سنهي ڇوڪريءَ کي ڏنو. ان کان پوءِ سنهي ڇوڪريءَ انگورن جو لفافو کولي هن کي به کائڻ لاءِ آڇيو. پر هن هڪ وات ۾ وجھي ٻيو نه کنيو. پر سنهي ڇوڪري مزي سان کائيندي رهي ۽ اسان کي به کائڻ جو اشارو ڪيو. پهرين ته آئون چي چي (مهرباني) چوندو رهيس پر پوءِ زور ڪرڻ تي ٻه انگور وات ۾ وڌم ته خبر پيئي ته اهي اهڙا کٽا جو هر گدڙ (پڙهيل توڙي اڻپڙهيل) بنا پُڄڻ يا کائڻ جي آکي سگھندو ته : ”ٿُو کٽا“ آهن جي اها ٻي درجي سنڌيءَ جي ڪتاب جي ڪهاڻي واقعي سچ آهي ته، (ان تي ۽ ٻين ٻي درجي جي آکاڻين تي پڪ اٿم ته هيسيتائين ظفر حسن ۽ عبدالحليم بروهيءَ جهڙا جوان ڪافي ريسرچ مڪمل ڪري چُڪا هوندا).
بس ٿورو اڳتي هلي هڪ خاص اسٽاپ تي ترسي، سامهون وڏن اکرن ۾ لکيل هو، ”Star-Ferry to Kowloon“ ان فيري (موٽر بوٽ) ذريعي هانگ ڪانگ جو ننڍڙو ٻيٽ هانگ ڪانگ جي ٻئي حصي ”ڪولون“ سان ڳنڍيل آهي. اسان ٻئي ڪولون وڃڻ جو خيال ڪري، بس مان تکا تکا لٿاسين، چيني ڇوڪرين پنهنجا ننڍڙا هٿ لوڏيا.