سنڌي ثقافت ۽ سڀيتا جو پرچارُ هڪ ملاقات ۽ انٽرويو
”او وڃُ نه پري مون کان هٿڙو ڇڏائي“
ڪٿي خواب ته نه لهي رهيو آهيان. سنڌي گانو محمد يوسف جي آواز ۾، سو به هانگ ڪانگ جي ڪنهن ريڊيو اسٽيشن تان! منهنجي جاءِ تي ڪوبه هُجي ها ۽ ٻُڌي ها ته في الحال وائڙو ٿي وڃي ها. ڏاڍو خوش ٿيس. پنهنجي زبان جو راڳ سو به وطن کان هزارها ڪوهه ڏُور هانگ ڪانگ ۾ ! اسان سنڌي ته ڪراچي ريڊيو تان ئي ڪڏهن سنڌي راڳ ٻُڌندا آهيون ته ان تي ئي خوش ٿيندا آهيون. ڇو جو اسان جي خواهشن ۽ سڌن جو ايترو ته قتل عام ٿئي ٿو، جو ڪا معمولي خواهش جي تڪميل تي پهچي ٿي ته خوشيءَ ۾ نٿا ماپون.
پڪ ڪرڻ لاءِ ته واقعي هانگ ڪانگ ۾ آهيان، دريءَ جو پردو ريڙهي هانگ ڪانگ جي اڀين عمارتن ۽ ساوڪ سان جھنجھيل ٽڪرين کي ڏٺم. اتفاق سان انهيءَ ڏينهن شام جو هانگ ڪانگ کان، ”ڪولون فيري“ ۾ ويندي به هتي جا ٽي ڄڻا سنڌي رهاڪو گڏيا. تن ٻُڌايو ته هانگ ڪانگ ۾ هفتي ۾ هڪ ڏينهن ريڊيو ۽ ٽي ـ ويءَ تي سنڌي پروگرام ايندو آهي. اهو ٻڌي مون کي تعجب لڳو (ڪراچي ٽي ـ ويءَ وارن کي ته هي پڙهي مون کان به وڌيڪ تعجب ٿيو هوندو. ٿي سگھي ٿو ٿورو ٿورو شرم به محسوس ڪري رهيا هُجن. جيتوڻيڪ هنن پنهنجي پَر ۾ سنڌي پروگرام لاءِ هفتي ۾ پنجويهه منٽن جيترو قيمتي وقت رکي، سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي.)
مٿين همراهن کان پُڇا تي معلوم ٿيو ته هتان هڪ لوڪل ريڊيو اسٽيشن ۽ ٽي ـ ويءَ تان سنڌي پروگرام ”مسٽر ڪي ـ سيتل“ نالي ڪو همراهه نشر ڪري ٿو. مون کي ان شخص سان ملڻ جي خواهش ٿي. سجُ لهي چُڪو هو، سندس آفيس بند ٿي وئي هُئي ۽ گھر جي ائڊريس جي خبر پئجي نه سگھي. ٻي ڏينهن صبح جو پرهه ڦُٽيءَ کان اڳ سڙهه سنڀاهيا ۽ لنگر کڻي اڀرندڙ سج جي ملڪ جپان روانا ٿي ويا سين. افسوس ٿيم ته جي اڳواٽ خبر پوي ها ته مسٽر سيتل سان ضرور ملي حال احوال وٺانس ها.
پر جپان ۾ پندرهن ويهن کن ڏينهن رهڻ بعد اسان جو پروگرام وري هانگ ڪانگ جو ٺهيو ۽ اچي هانگ ڪانگ نڪتاسين.
هانگ ڪانگ پهچڻ سان آئون ونڌام (Windham) اسٽريٽ ۾ اسٽائيلو ڪارپوريشن ۾ پهتس، جنهن جو پاڻ مئنيجر پڻُ آهي. ساڻس ملي هانگ ڪانگ جي خبر چار ورتم. پاڻ ڳالهين جو ڳهير، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو (باوجود مصروف زندگي گُذارڻ جي) ۽ علم جو ڀنڊار معلوم ٿيو ٿي.
پاڻ ٻُڌايائين ته سنڌ کان پوءِ سڀ کان گھڻا سنڌي هانگ ڪانگ ۽ جڪارتا ۾ رهن ٿا. هانگ ڪانگ جي ريڊيو تان هفتي ۾ هڪ دفعو سنڌي پروگرام پيش ٿئي ٿو ۽ هتان جا سڀ سنڌي واپاري ۽ امير آهن. (انهن سنڌين ۾ مشهور سنڌي اديب ۽ دانشور علي احمد راشدي پڻ هو، جو پڻ هانگ ڪانگ ۾ ڪافي عرصو رهي چُڪو آهي.) سيتل ٻُڌايو ته دنيا ۾ ”سنڌي واپاري“ مشهور آهي ۽ مارڪيٽ جي ٽيڪنيڪ کان چڱي طرح واقف آهي. هڪ ئي وقت ساڳي شيءِ ساڳئي قيمت تي ڏهه مختلف ڪمپنيون ٺاهين ٿيون. پر مارڪيٽ ۾ ڪيئن ۽ ڪنهن جي گھڻي کپت ٿيندي، ان کي مارڪيٽ ٽيڪنيڪ سڏجي ٿو. جنهن ۾ سنڌي پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. اڄُڪلهه دنيا ۾ اها چوڻي عام آهي: ”سنڌي معنى سيلز مين ۽ سيلز مين معنى سنڌي“. (Sindhi means Sales man and Sales man means Sindhi) پاڻ هڪ ڏاڍي مزيدار ڳالهه ٻُڌايائين ته، سنڌين جو حصو واپاري دنيا جي ترقيءَ ۾ ٻين علمن سان گڏ ڊرافٽ (Draft)جو پڻ آهي. شڪارپوري پهريان سنڌي هُئا. جن اڄُ کان ٻه سؤ سال اڳ ڏيتي ليتي ۾ ڊرافٽ جو طريقو ايجاد ڪيو. جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”هنڊي“ سڏبو آهي ۽ عبارت ڪجھه هن ريت لکي ويندي آهي ته، پيارا ڀاءُ! هيءَ چٺي پڙهي ڀاءُ فلاڻي کي هڪدم پنج هزار روپيا فقط اکرين پنج هزار روپيا فقط، ڏيندا. ۽ اهو ساڳيو ڊرافٽ سسٽم ان کان پوءِ انگريزيءَ ۾ آيو آهي ته:
On demand of Mr. So and So please pay the sum of rupees…
وغيره وغيره
پاڻ هانگ ڪانگ مان ٽن سالن کان هڪ انگريزي رسالو سٺ صفحن کن جو آرٽ پني تي ڪڍي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪجھه حصو دنيا ۾ رهندڙ سنڌين جي خبرن جو پڻُ آهي. تازو هندستان ۾ جڏهن سنڌي لپي بدلائي هندي ڪرڻ جي مهم ٿي هُئي، ته هن جي رسالي ساڳئي عربي اسٽائيل رسم الخط قائم رکڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ۽ پاڻ ايڊيٽوريل پڻ لکيائين ته سنڌي لکڻي رومن يا هندي ڪرڻ بدران، ساڳئي اصلي رهڻ گھُرجي. پاڻ ڪجھه سنڌي ڪتاب مون کي ڏنائين، جي هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي اديبن جا لکيل آهن. هڪ ته ”درد وند دوست“ نالي پنج سؤ صفحن کان به مٿي جو آهي.
مسٽر سيتل ٻُڌايو ته هو پاڪستان اڪثر ايندو رهي ٿو، ڇو ته هن کي برٽش پاسپورٽ آهي ۽ هن جي شهريت (Citizenship) اصل کان هانگ ڪانگ جي آهي. هن جا وڏا سنڌ ۾ ڄاوا نپنا ۽ پاڻ ورهاڱي کان به اڳ هانگ ڪانگ ۾ اچي آباد ٿيو.
پاڻ چيائين، ”ڪيڏو نه سُٺو ٿئي، جيڪڏهن سنڌ جا ڪُجهه ڳائڻا ۽ فنڪار هڪ ايسوسيئيشن ٺاهي، ٻين ملڪن جا دورا ڪن ۽ مختلف وڏن شهرن ۾ پنهنجي ثقافت ۽ هنر جا جوهر ڏيکارين.“
”هتي اڪثر هندستان کان سنڌي ڳائڻا ۽ فنڪار دوري تي ايندا آهن. مهيني ٻن بعد بمبئي ۽ بئنڪاڪ کان سنڌين جي ٽولي هتي جي وڏي هوٽل ”هانگ ڪانگ حايات“ ۾ فنڪشن ڪرڻ واري آهي، جنهن پروگرام جو مون بندوبست ڪيو آهي. تون جي انهن ڏينهن ۾ هُجين ته توکي به اچڻ لاءِ اڳواٽ دعوت ڏيان ٿو. ڊنر جو به پروگرام رکيو اٿم ۽ هتي جي سنڌين لاءِ ٽيهه ڊالر (سٺ روپيا کن) ٽڪيٽ رکي اٿم.“ (اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ منهنجو وري هانگ ڪانگ اچڻ ٿيو هو. ان فنڪشن جو ذڪر ڪٿي اڳتي هلي ڪندس.)
مون سندس مهرباني مڃي ۽ محسوس ڪيو ته ضيا محي الدين جهڙن بدران سنڌي خود ٻاهر اچي سنڌي ثقافت جو صحيح مظاهرو ڪن. تازو پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن طرفان ڪراچي ٽي ـ وي جي فنڪار ۽ فلمي اداڪار ضيا محي الدين جي سرپرستي ۾ هڪ فنڪارن جي ٽولي پاڪستان جي مختلف صوبن جي ثقافت ۽ راڳ روپ کي دنيا سان متعارف ڪرائڻ لاءِ دنيا جي دوري تي نڪتي هُئي. ان فنڪشن جو هڪ پروگرام نموني خاطر ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ پڻ پيش ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌي هوجمالي ۽ سنڌي ثقافت ۽ سڀيتا کي ايڏو غلط رنگ ڏئي پيش ڪيو ويو هو، جو سنڌ ۾ وڏا گوڙ مچي ويا هئا ۽ ان قسم جي غلط حرڪت ۽ سنڌي ڪلچر سان هٿ چُراند کي بند ڪرڻ لاءِ سڀني اخبارن ۾ آيو هو. ڪراچيءَ جي هلال پاڪستان اخبار ان سلسلي ۾ انگريزيءَ ۾ به اداريو ڏنو هو. امر جليل ۽ نور عباسي جهڙن مشهور ڪالم نويسن ته ان سلسلي ۾ ڪالم به لکيا هُئا.
مان پنهنجو ڌيان ان تان هٽائي ٻي ڳالهه شُروع ڪئي. ”توهان کي پاڪستان جي سنڌي ڳائڻن ۾ ڪير ٿو گھڻو وڻي؟“
”ابراهيم، جُمن، خديجه، زليخا، روبينه، زرينا ۽ ٻين ڪيترن جو آواز سٺو آهي، ۽ انهن راڳ جون ڪيتريون ئي صنفون پيش ڪيون آهن، ڀاڳيءَ جي آواز ۾ جيڪا خاص لئه آهي، سا وري ٻين ۾ مشڪل ملندي. نور بانو ۽ زينب کي پنهنجو Style آهي.“
”رونا ليلى کي ڇا توهان نه ٻُڌو آهي؟“
”ٻُڌو ته سڀني کي اٿم. تازو هينئر پنهور جا رڪارڊ نڪتا ته اهي به دوست هٿان گھُرائي ٻڌم، پر رونا ليلى جا اچار تمام غلط آهن. هر ڪو سنڌي سمجھي وڃي ٿو ته هيءَ ڌارئين آهي. گُذريل مهيني ڏاڍي مزيدار ڳالهه ٿي. رام پنجواڻي مون وٽ گھُمڻ آيو تنهن کي رونا ليلى جو رڪارڊ ٻُڌائي چيومانس ته تبصرو ڪر. رڪارڊ ٻُڌي چيائين ته ڳائڻي تمام سٺي، پر سنڌياڻي نٿي لڳي جو اُچار صحيح نه اٿس.“
”مون کي ڏاڍو شوق آهي ته اسان جا اديب ۽ فنڪار ٽوليون ٺاهي دنيا جو دورو ڪن ۽ مختلف جڳهين جا مختلف مشاهدا ماڻين ۽ ماڻهن سان ملن. تازو سنگاپور ۾ ڪوريا جي فنڪارن جا ناچ ۽ رومانيه جي ڳائڻن جا فنڪشن ڏسي مون چيو ته ڪاش ائين اسان جا سنڌي فنڪار به نڪري پون.“
تازو پاڪستان جي شپنگ منسٽر غلام مصطفى جتوئي صاحب جڏهن هانگ ڪانگ جي دوري تي آيو هو ته سيتل ۽ ٻين هتي جي سنڌين اسان جي وزير کي لنچ ڏني هُئي. پاڻ جتوئي صاحب جي خيالن کان تمام گھڻو متاثر ٿي ڏٺو. هر هر سندس ذهانت ۽ قابليت جي تعريف ڪندو رهيو. پاڻ ٻڌايائين ته : هو اهو ڏسي خوش ٿيو اهي ته اسان جي ملڪ جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي باشعور ليڊر جي هٿ ۾ آيون آهن، جنهن جو والد پڻ قابل سياستدان هو ۽ سندس والد جو گھاٽو دوست هو.
سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ فلمن جو ذڪر ڪندي پاڻ ٻڌايائين ته: ”افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو هتي هانگ ڪانگ ۾ هندستان جا سنڌي رسالا ته جام اچن پيا ۽ غير ملڪي ناڻو هڪ طرف ڪمائي رهيا آهن ۽ هندستان جا سنڌي اديب شاعر دنيا سان واقف ٻئي طرف ٿي رهيا آهن، پر پاڪستان ان ڏس ۾ ڪو قدم نه کنيو آهي. سنڌي زبان ئي هڪ اهڙي آهي جا انگريزي کان پوءِ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ ڇپيل سنڌي ڪتاب، رسالا ۽ فلمون ڪنهن به قيمت تي هندستان جي سنڌي ادب کان گھٽ نه آهن.“
ان کان پوءِ پاڻ مهراڻ، نئين زندگي ۽ سهڻي رسالي جي تعريف ڪندو رهيو جي ڪُجهه سال اڳ تائين هو پاڪستان کان گھرائي پڙهندو هو. هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ ٻيا به ڪيترا سنڌي مليا جن خاص ڪري ”مهراڻ“ ٽماهي رسالي جي ڏاڍي تعريف ڪئي ٿي ۽ ان کي پڙهڻ لاءِ آتا هُئا. ٿي سگي ٿو ته اسان جو سنڌي ادبي بورد ان کان اڻ واقف هُجي ته سندن اهو رسالو دنيا ۾ مشهور آهي. کين کپي ته هو نه فقط سنڌ ۾، پر دنيا جي وڏن ملڪن ۾ پنهنجي رسالي جا ايجنت مقرر ڪن. ان نموني سان نه فقط غير ملڪي ناڻو ڪمائي سگھندا، پر ساڳيو ڪتاب گھڻي تعداد ۾ ڇپجڻ ڪري لوڪل خريدارن لاءِ سستو به ٿي پوندو.
ساڳي طرح سنڌي فلمون پڻ آهن. هن پاسي ڏور اوڀر جي هر ملڪ ۾ يا دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ڏورانهن ٻيٽن تي سنڌي رهن ٿا. هتي هانگ ڪانگ ۾ ئي اها حالت آهي جو انگريزي ۽ چيني فلمن جي ٽڪيٽ کان سنڌي فلمن جي ٽڪيٽ ٻيڻي رکي ٿي وڃي. ان هوندي به هائوس فُل ٿو رهي. اڄُڪلهه هانگ ڪانگ ۾ سنڌي فلم ”لاڏلي“ (هندستان جي ٺهيل) هلي رهي آهي. ڪا خاص فلم ناهي ان کان اسان جون سنڌي فلمون ”شهرو فيروز“، ”سورٺ“، ”بادل“ وغيره ڪيترا دفعا بهتر آهن، پر ان هوندي به هتي سنڌي ڏسڻ وارن جو تعداد ايترو ته گھڻو آهي جو ڪهڙي به کڻي فلم هُجي، پيهه لڳي پئي آهي. ساڳيو حال سنگاپور ۽ ملايا ۾ ڏٺم. سيتل ٻُڌايو ته، ”سورٺ“ فلم ته انگلنڊ ۽ يورپ ۾ به پسند ڪئي وئي آهي.