الطاف شيخ ڪارنر

وايون وڻجارن جون

چين ويندي هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اچڻ ۽ رهڻ ڪري اتي جون ڳالهيون به گهڻيون ٿي پيون ۽ هن ڪتاب ۾ رڳو هانگ ڪانگ ۽ ان جي اوسي پاسي جي سمنڊ ۽ ٻيٽن جون ڳالهيون آهن، جيڪي 1970 کان 1973 جون سمجهڻ کپن. هي منهنجا سامونڊي سفر جا قصا تن ڏينهن ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا، جيڪي پوءِ سهڻي پبليڪشن جي مالڪ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف گڏ ڪري 1974 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
الطاف شيخ
  • 4.5/5.0
  • 2600
  • 747
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وايون وڻجارن جون

ماڻهو آهن يا جن

هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ ۽ هانگ ڪانگ جي بزنيس تي ڇانيل هزارين سنڌي هندو سوداگرن مان، جنهن جي احوال نه لکڻ ناانصافي ٿيندي. ان ڪري هنن لکڻين ۾ نموني خاطر هڪ يا ٻن جو احوال لکندس جيئن اڄ جي نوجوان کي هن بزنيس ڪميونٽي جي محنت، ائڊوينچر، دليري ۽ دنيا ۾ ڇانيل هجڻ جي آئيڊيا ٿي سگهي. ان کان علاوه پڙهندڙن جي معلومات لاءِ سنڌي هندن بابت ڪجهه جنرل ڳالهيون به لکندس جيڪي 45 سال مختلف ملڪن ۽ ڏورانهن ٻيٽن تي هنن جي ويجهو گذارڻ ۽ جهازن هلائڻ جي نوڪريءَ ڪري آئون نوٽ ڪري سگهيو آهيان، سمجهي سگهيو آهيان يا معلوم ڪري سگهيو آهيان.
دراصل اسان وٽ اهو ڪلچر عام آهي ته اسان رڳو پنهنجو پاڻ پڏايون ٿا ۽ ٻين مان عيب ڪڍون ٿا. ٻين کي گهٽ سمجهون ٿا. ٻين ۾ سٺايون ڳولهي ان کي appreciate ڪرڻ ۽ ان موجب پاڻ کي ٺاهي بهتر بنائڻ تي عمل نٿا ڪريون. اهو ڪلچر ٻين ملڪن ۽ قومن ۾ به آهي پر اسان وٽ هيڪاندو گهڻو آهي. مثال طور اسان وٽ محمد علي جناح جي تعريف ڪندا – ٺيڪ آهي صحيح آهي، پر ان سان گڏ نهرو ۽ گانڌيءَ کي هيڪاندو حقير ۽ هيٺاهون ڏيکاريندا. اسان کي به ننڍي هوندي اها ئي سُتي پياريل هئي. پوءِ جڏهن جهازن جي نوڪري ڪري ولايت جي ملڪن ۽ دنيا جي مختلف ماڻهن سان ملاقات ٿي ته پنهنجي دماغ ۾ وهاريل ۽ قائم ڪيل راءِ کي رد ٿيندو ڏسي embarrassment ۽ شاڪ محسوس ٿيو. يورپ جي ئي ڪنهن ملڪ ۾ اتي پڙهندڙ بيروت جي هڪ مسلمان سان جڏهن ان راءِ جو اظهار ڪيم ته مونکي پهرين ائين گهوري ڏٺو ڄڻ آئون ڪنهن گدو اسپتال جهڙي پاڳل خاني مان آيو هجان. پوءِ هن مونکان پڇيو ته مون نهرو ۽ گانڌيءَ بابت يا انهن جون لکڻيون پڙهيون آهن؟ منهنجي انڪار ڪرڻ تي هن چيو ”بهتر آهي پهرين چڱي طرح معلومات رکجي پوءِ ڪنهن لاءِ راءِ ٺاهجي.“
هي هڪ مسلمان ۽ هڪ اعليٰ يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪري رهيو هو نه ته ان جي جاءِ تي ڪو انڊين يا انگريز يا يورپي هجي ها ته اهوئي سوچيان ها ته هو اسان مسلمانن جي خلاف آهي ان ڪري ٿو چوي. بهرحال وقت سان گڏ جڏهن ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ساڳي وقت مطالعو وڌيو ته خبر پيئي ته ڪيترن ئي ملڪن جي يونيورسٽين ۾ نهرو ۽ گانڌيءَ کي پڙهيو وڃي ٿو، انهن جا حوالا ڏنا وڃن ٿا ۽ هو ڪي اهڙا چريا نه هئا جهڙو اسان وٽ سمجهيا وڃن ٿا.
يا هڪ ٻيو مثال، ننڍا هئاسين، يا جيسين پنهنجي ملڪ تائين محدود هئاسين ته اهوئي ٻڌوسين ته انگريز يا يورپي بيڪار ماڻهو آهن. مغرب جا ماڻهو ڪافر آهن. ڳوٺ جي مسجد ۾ پتلون پائي نماز پڙهبي هئي ته ملان ۽ ٻيا نمازي چوندا هئا ته هيءَ ڪافرن واري ڊريس پائي نماز ڇو ٿا پڙهو. اها قبول نه ٿيندي. بعد ۾ جڏهن انگلينڊ يا يورپ جي ملڪن ۾ انهن جي ماڻهن سان گڏ رهڻو پيو ته خبر پيئي ته هنن کي پنهنجي پاڙيوارن ۽ بيمارن جو ڪيڏو خيال ٿو ٿئي. انسان ذات کي ته ڇا پر جانور ۽ پکين کي به تڪليف نٿا ڏين! مغرب ۾ امن امان ۽ انصاف جي بهتر حالت ڏسي ڪڏهن اهو سوچڻ تي مجبور ٿبو هو ته مسلمان اسانجي ملڪ ۾ ضرور آهن پر اسلام ته هتي آهي جو هي انهن ئي ڳالهين تي عمل ڪن ٿا جيڪي اسلام چيون آهن. ۽ پتلون رڳو انگريزن نه پر مصري، موراڪو وارا، ترڪي وارا به پائين ٿا ۽ نماز به پتلون پائي پڙهن ٿا. فرانس جتي هڪ هزار کان وڌيڪ مسجدون آهن يا انگلينڊ، سئيڊن، ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جي مسجدن ۾ ته سڀ پتلون پائي اچن ٿا. سوال اهو آهي ته انهن ملڪن ۾ جتي ٿڌ زيرو کان به هيٺ هلي ٿي وڃي اتي ڪهڙو پهلوان پاجامي يا شلوار ۾ گهر کان ٻاهر نڪري سگهندو؟
ٻيو اسان وٽ اهو به ڪلچر آهي ته هر قوم کي ڪانه ڪا ليبل هڻي ٿيو ذليل ڪرڻو. هر قسم جو گندو چرچو يا بيوقوفي جي ڳالهه پٺاڻ يا سک تي هڻنداسين، هر بنگاليءَ کي بکيو سڏينداسين. سنڌين کي ڄٽ سڏينداسين. وري اسان وٽ سنڌ ۾ هندو سنڌيءَ کي ڊڄڻو سڏينداسين. اهڙي قسم جا هٿ ٺوڪيا ليبل يا ڳالهيون ٻڌي اسان جي مائيند (دماغ) ان مطابق set ٿيو وڃي ۽ پوءِ اهڙي ئي تناظر ۾ منهنجو جهاز منهنجي نوڪريءَ جي شايد پهرين سال ڪيپ وردي ٻيٽ جي واحد جيٽي سان اچي لڳو.
اسان ڪراچيءَ کان نڪتا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هو، اسان سڄي آفريڪا کي ڦيرو ڪري، ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻن ٽن بندرگاهن ۾ آياسين، جتان اسان کي ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ ٽرنيڊاڊ ڏي وڃڻو هو. جهاز جو تيل پاڻي جيرالٽر مان وٺڻو هو پر اسان جي بيڪار پولش ڪئپٽن جي غلط پلاننگ ڪري اسان کي وقت اندر نه ملي سگهيو. هيءَ سٺ واري ڏهي جي آخري سالن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان جي ملڪ قومي جهازران ڪمپني شروع ڪري جهاز ته خريد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا پر جهاز هلائڻ وارو عملو نه هو. هر جهاز جو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ڌارئين ملڪ جو هو. اسان جي ملڪ جي مئرين اڪيڊمي جنهن مان جهاز هلائڻ جا انجنيئر ۽ نيويگيٽر تعليم حاصل ڪري نڪرن ٿا ان کي شروع ٿئي به 6 سال ٿي ويا هئا ۽ اڃان پهرين بئچ جهازن تي وڃي چڪي هئي ۽ اسان جي ٻي بئچ هاڻ جهازن تي چڙهي هئي. انهن مٿاهن عهدن تي پهچڻ لاءِ اسان کي اڃان چار پنج سال کتا ٿي. سو اسان جي ملڪ جا جهاز هلائڻ لاءِ، مٿاهن عهدن وارا سڀ گورا هئا ۽ اها به هاڻ خبر پيئي ته هر اڇي چمڙي وارو سرجن، ڊاڪٽر، انجنيئر يا جهاز جو ڪئپٽن ضروري ناهي ته ڪم ۾ ماهر ۽ سٺو انتظام هلائڻ وارو هجي. ۽ هي اسان وارو ڪئپٽن جنهن جو صبح بيئر جي دٻي سان شروع ٿيو ٿي ۽ رات وسڪي جي بوتل تي ختم ٿي ٿي، پنهنجي جان کان ئي بيزار ٿي لڳو. سندس ڳالهين مان لڳندو هو ته هي جهاز سان گڏ اسانکي به ٻوڙيندو.
ميڊيٽرينين سمنڊ مان ٻاهر نڪتاسين ته ائٽلانٽڪ سمنڊ بکايل شينهن وانگر گجگوڙون ڪندو نظر آيو. ههڙي خراب سمنڊ ۽ وڏي مسافري ۾ جتي ڪنهن سمنڊ کي آرپار ڪراس ڪرڻو هجي ۽ دنيا جي کنڊن کان پري ٿي وڃجي جهاز جي ٻارڻ يا چڪنائي وارو تيل (فيول آئل ۽ ليوب آئل) ختم ٿيڻ تي سامهون موت ئي نظر اچي ٿو. پر ڪئپٽن جهاز کي اڳتي اولهه طرف ئي وٺي هلڻ لاءِ چيو ۽ اسان آفريڪا ۽ يورپ کنڊ کان پري ٿيندا وياسين يعني ڪجهه ٿي به پوي ته ڪنارو اسان جي پهچ ۾ نه رهيو. ڪيپٽن چيو ته فڪر نه ڪريو. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هڪ هنڌ ڪيپ وردي ٻيٽ اچي ٿو. ”آئون ڏهه سال اڳ هڪ يوناني جهاز تي ڪئڊٽ هوس ته منهنجو ڪئپٽن اهو جهاز اتي وٺي ويو هو، شاپنگ جي خيال کان به سٺو آهي. چوڌاري توهانکي ڇوڪريون ئي ڇوڪريون نظر اينديون.“ هن آخري جملي تي زور ڏيندي چيو.
ٻئي ڏينهن ڪئپٽن پاڻ به پريشان ٿي ويو. سخت منجهيل نظر آيو. سڀني چيو هاڻ ته پويان پير به نٿا ڪري سگهجن جو جهاز ۾ تيل ڏينهن اڌ جو مس آهي ۽ سامهون سڀ کان ويجهو بندرگاهه USA جو نيويارڪ آهي جنهن تائين پهچڻ ۾ ست ڏينهن ٿي کتا. سمنڊ هيڪاندو خراب (Choppy) ٿيندو ويو. ڪئپٽن چيو ته ”پاڻ آهيون ته ڪيپ وردي ٻيٽ جي ويجهو جو ان علائقي ۾ ٻارهوئي سمنڊ خراب ٿو رهي ۽ طوفان به ڏاڍا ٿا لڳن.“ ٻيٽُ ته سري لنڪا ۽ هانگ ڪانگ جو به ڏسي چڪا هئاسين پر اهي ته سرزمين کان ڪلاڪن جي فاصلي تي آهن. لکديپ ۽ مالديپ ٻيٽن وٽان به لنگهي چڪا هئاسين جيڪي ننڍا هوندي به سانتيڪي سمنڊ ۾ آهن ۽ چوڌاري سڪون ئي سڪون آهي. ننڍيون ٻيڙيون به ڄڻ روڊ تي لس پيون هلن ۽ هتي ته اسانجو آفت جيڏو لوهي جهاز به سٽ نٿي جهلي سگهي. ڇوڏي وانگر لهرن تي پئي هيٺ مٿي ٿيو. ڪئپٽن چيو ته نقشو پراڻو اٿم ۽ جهاز جو رڊار صحيح ڪم نه پيو ڪري نه ته هيستائين پهچي وڃون ها. بهرحال جهاز اچي ڪيپ وردي ٻيٽ جي بندرگاهه تي لڳو ته جان ۾ جان آئي. اهوئي سوچيندا رهياسين ته هتان نه گهڻو بحري جهازن جو لنگهه آهي ۽ نه هوائي سروس، ڀٽ شاهه جهڙي ڳوٺڙي جهڙي ٻيٽ تي ماڻهن جو گذرسفر خبرناهي ڪيئن ٿيندو هوندو. بهرحال ڊيوٽي فري بندرگاهه هجڻ ڪري جهاز لاءِ تيل سستو مليو. پڪ ڪمپني وارا به خوش ٿيا هوندا جو هن چرٻٽ ڪئپٽن سندن پئسو بچايو. باقي جن حالتن ۾ جهاز کي وٺي آيو ان جي جي ڪمپنيءَ کي خبر پوي ته جهاز ٻڏندي ٻڏندي بچيو آهي ته کيس لکت ۾ آرڊر موڪلين ها ته آئندي مهانگو تيل ضرور خريد ڪر پر اهڙي بندرگاهه کان پاسو ڪر. اسان به شهر جو نڪ نقشو ڏسي خوش ٿياسين جو هر شيءِ سستي هئي. صحيح معنيٰ ۾ ڊيوٽي فري پورٽ هو. پورچوگالين جي قبضي ۾ بندرگاهه هو جن جا ڪجهه گورا مهانڊا به نظر اچي رهيا هئا. مڪاني ماڻهن جو ٿڌو چاڪليٽي رنگ هو يعني نه اڇا هئا ۽ نه اسان وانگر مشڪي ۽ نه آفريڪن وانگر دونهين جهڙا ڪارا هئا. مٿي جا وار مڪرانين جهڙا گهنڊيدار هين. اسان کان پهرين شهر گهمي ۽ شاپنگ ڪري آيل همراهن ٻڌايو ته ان بازار ۾ ٻه دڪان انڊين جا به آهن جن وٽ واچون، ڪپڙو ۽ ٽرانٽسر ريڊيا وغيره آهن. انهن ڏينهن ۾ ٽاپ جون اهي ئي شين هيون جيڪي ٽوئرسٽ خريد ڪندا هئا ۽ ٻيو ياشيڪا جون ڪئميرائون هيون.
جنهن پهرين انڊين جي دڪان تي چڙهيس ان جو جوان سيٺ دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين سان پورچوگالي زبان ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسان سان اڙدو ۾ ڳالهائين. خريداري ڪري نڪرڻ وارو هوس ته مون کڻي پڇيومانس ته ”ڪير آهين.“ منهنجو مطلب هو ته تون دڪان جو مالڪ آهين يا ڪنهن پورچوگالي گوري مالڪ جي دڪان تي پگهار تي ڪم ڪرين ٿو. منهنجي سوال تي هن ٺهه پهه جواب ڏنو ته ”سنڌي آهيان.“
مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي حيرت ٿي. پڪ ڪرڻ لاءِ سنڌي ۾ پڇيومانس ”سنڌي اچئي ٿي؟“
”ها ڳالهائڻ اچي ٿي.“ هن وراڻيو.
”توهانجو اصل ڳوٺ ڪهڙو آهي؟“ مون پڇيو.
”شايد شڪارپور هو. مونکي ايتري خبرناهي. آئون هتي ئي ڄائس“. هن چيو ۽ مون حساب لڳايو ته هو جيتوڻيڪ وڏو لڳي رهيو هو پر عمر 22 سال مس هوندس. جو انڊيا جي ورهاڱي وقت 1947 ۾ هن جو پيءُ هتي آيو هوندو ان بعد هي ڄائو هوندو ته ايترن ئي سالن جو هوندو ”توهانجو پيءُ 1947 ۾ سنڌ ڇڏي هوندي“ مون چيو.
”نه منهنجو پيءُ بارسلونا (اسپين) ۾ ڄائو هو،“ هن چيو، ”منهنجي ڏاڏي 1935 ۾ سنڌ ڇڏي لسبن (پورچوگال) آيو هو ۽ پوءِ اسپين ۾ بزنيس سيٽ اپ ڪيائين، پر پوءِ سگهوئي هيڏانهن هن ٻيٽ تي هليو آيو جو هن وٽ پورچوگال جو پاسپورٽ هو.“
آئون حيرت مان ٻڌندو رهيس ۽ سوچڻ لڳس اهو ٻيٽ جنهن تي اڃان به هوائي سروس ناهي اتي هن جو پيءُ گهٽ ۾ گهٽ 25 يا 30 سال اڳ آيو هوندو ته ڪنهن هوائي جهاز ۾ ته نه آيو هوندو ۽ جي بحري جهاز ۾ آيو هوندو ته اهو هن اسانجي جهاز جهڙو ماڊرن ته نه هوندو ۽ اهڙي طرح هن جو ڏاڏو ممبئي کان اسپين يا پورچوگال آيو هوندو ته اهي ئي هندي وڏو سمنڊ، ڪيپ آف گڊ هوپ ۽ ائٽلانٽڪ جهڙا ڀوائتا سمنڊ جهاڳي هتي پهتوهوندو. ۽ اهڙا سمنڊ ان وقت جي ٻيڙن ۾ اڪرڻ واري کي اسان ڊڄڻو ڪيئن ٿا چئي سگهون؟ ۽ پوءِ ويسٽ انڊيز ۽ واپسي تي برمودا ٻيٽ (جيڪي يورپ کان به ڏورانهين ڏيهه ۾ ٿيا) انهن جي مڪاني بازارين ۾ هندو سنڌين جي ٻي يا ٽي جنريشن کي بزنيس ڪندو ڏسي مون کي بيحد حيرت ٿي هئي. مونکي تعجب ٿو لڳي ته شڪارپور جا هي سنڌي هندو سوداگر ماڻهو هئا يا جِنَ – جيڪي ان وقت ڪوه قاف جهڙن ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن کان وڃي نڪتا هئا جڏهن ته انهن تائين ڪيترين قومن جي ماڻهن جي اڃان سوچ به نه پهتي هئي.