الطاف شيخ ڪارنر

وايون وڻجارن جون

چين ويندي هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اچڻ ۽ رهڻ ڪري اتي جون ڳالهيون به گهڻيون ٿي پيون ۽ هن ڪتاب ۾ رڳو هانگ ڪانگ ۽ ان جي اوسي پاسي جي سمنڊ ۽ ٻيٽن جون ڳالهيون آهن، جيڪي 1970 کان 1973 جون سمجهڻ کپن. هي منهنجا سامونڊي سفر جا قصا تن ڏينهن ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا، جيڪي پوءِ سهڻي پبليڪشن جي مالڪ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف گڏ ڪري 1974 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
الطاف شيخ
  • 4.5/5.0
  • 2600
  • 747
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وايون وڻجارن جون

سنڌي هندو واپاري

هن حصي ۾ سنڌي هندن بابت ڪجهه ڳالهيون لکندس جيڪي مون محسوس ڪيون آهن يا مختلف ماڻهن کان ٻڌيون اٿم يا ڪتابن ۾ پڙهيون اٿم، جيئن اڄ جي نوجوان کي ڄاڻ ٿئي ته هي ماڻهو بزنيس ۾ ڪيڏو ماهر ۽ دلير هئا. سنڌ، هند، افغانستان، وچ ايشيا، ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ حڪومتون کڻي ميرن ٽالپرن، افغانين ترخانن، عربن ملئي ماڻهن جون هيون پر هنن جو سنڌي بزنيس مئن بنا گذارو ٿي نٿي سگهيو. اڄ به چين جو واپاري بقول راج سيتل (ڪي سيتل جي پٽ) جي، نائيجيريا يا آفريڪا جي ملڪ سان واپار نه ڪندو. کيس ڪولون جي پليٽ تي ليٽر آف ڪريڊٽ هجي ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي. پر ان هوندي به اوڏانهن ويندي گهٻرائيندو. هو ان ۾ ئي خيريت سمجهي ٿو ته اهڙن ملڪن سان بزنيس هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي سوداگر معرفت ڪيو وڃي. ڇو جو سنڌي هندوءَ جي بزنيس بابت ڄاڻ ۽ هر ملڪ ۾ سڃاڻپ وڏي آهي.
بقول لوڪرام ڏوڏيجا جي، هندن ۾ هڪڙا هئا ڀائيبند ۽ ٻيا عامل. عامل اڪثر سرڪاري نوڪرين ۾ هوندا هئا ۽ ڀائيبند وڻج واپار ڪندا هئا. حيدرآباد جي ڀائيبندن تي سڀني کي ناز هو ڇو جو جيئن شڪارپوري سنڌي بخارا، ترڪستان، ايران ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن ڏي زميني رستن ذريعي پهچي ناڻي سان خرجينون ڀري ايندا هئا تيئن حيدرآبادي ڀائيبند سمنڊ جهاڳي سيام (ٿائلينڊ)، ملايا (اڄ وارو اولهه ملائيشيا)، بورنيو (اڄ وارو اوڀر ملائيشيا، برونائي وغيره)، جاوا، سماترا، ڪامبوڊيا وغيره مان همياڻيون آڻي، سنڌ کي مالا مال ڪندا هئا.
سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
ڪري وڻج واپار، سي سگهو ٿيا ساوا،
اڻ مَيو ڌن اتان، سو جو ڪمائين،
پاڻ ته کائين، پر تن جا پويان پڻ کائين.

شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ته فقط جاوا، عدن ۽ لنڪا (سري لنڪا/سلون) لاءِ چيو آهي پر دنيا جو اهڙو ڪو ملڪ نه هوندو جتي سنڌورڪين جو ڪاروبار نه هجي. ڀائيبند (سنڌورڪي) پڙهيل، فيشنبل، سخي، هٿ ڇوٽ ۽ سڀ ڳالهه ۾ افلاطون رهيا آهن.
چوندا آهن ته زال ته شرم، مرد ته ڪرم، واپاري ته نرم، آفيسر ته گرم ۽ دلال ته بيشرم! ان موجب نمرتا ڀائيبند جي بنيادي خاصيت رهي آهي جو ان ۾ خرچ نه ٿيندو آهي پر مطلب وڏا حاصل ٿيندا آهن. هو اجائي ترشي پئدا نه ڪندو. ڀائيبند ۾ ڪجهه تضادي ڳالهيون (Paradox) به آهن. هو هڪ ئي وقت ڪنجوس به آهي ته فراخ دل به، ڪومل به آهي ته ڪٺور به، مطلبي به آهي ته پروپڪاري به، وهنوار ۾ سڌو به آهي ته ڏنگو به، بزدل به آهي ته بهادر به!
شڪارپور جو هي ليکڪ سوداگر سيٺ لوڪرام جيڪو هندستان جي ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد جي انڊس گلاس فئڪٽري جو مالڪ هو ۽ هاڻ سندس پٽ پوٽا ممبئي، پوني، سنگاپور، اسپين ۽ آمريڪا ۾ ڪاغذ جو ڪاروبار ڪن ٿا، پنهنجي ڪميونٽي، يعني شڪار پوري ڀائيبندي لاءِ ٻڌايو ته سچو ڀائيبند (بزنيس مئن) ڪڏهن به ڪنهن سان ارهو ۽ ارڏو نه هلندو. ”اسان شڪارپوري جي ڀائيبندن تي ماڻهو چٿرون ڪندا آهن ته سکڻي ستڪار ڪن ٿا يعني مهمانن جي ڪوڙي ميزباني ڪن ٿا. جڏهن مهمان وڃڻ لڳندو ته چوندس: ”ڀلا جي چانهه يا شربت نه ته پاڻيءَ گلاس ئي پي وڃ!“ ۽ پوءِ هڪل ڪري رڙ ڪندا ڄڻ لمليٽ ٿا پيارين! ”اري ڇوڪڙا! وڏو گلاس صاف ڪري، سيٺ لاءِ ٿڌو پاڻي ته ڀري اچ!“ مطلب ته سچو شڪارپوري ڀائيبند، انگريزيءَ جي ان پهاڪي تي عمل ڪندو ته: "I love you well, but touch not my pocket" ان موجب جي خاطري هوندس ته اڳلو ضروري ڪم سبب نه ترسندو ته بي فڪر ٿي درياهه دلي ڏيکاريندو.
جيئن سنڌ جو سمورو واپار ۽ دولت ڀائيبندن جي هٿ هئي، تيئن سرڪاري انتظام عاملن وهيڻو هو. انگريزي تعليم جو وڏو فائدو حيدرآباد ۽ ٻين شهر جي عاملن ورتو. سرڪاري تعليم اهڙي نموني جي هئي جنهن مان شاگرد انگريزن جا وفادار ۽ جان نثار نوڪر بڻجي، سندن حڪومت جو انتظام هلائي سگهن. عاملن سندن اها آس پوري ڪئي ۽ انگريزن کين هيڊ منشي، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختيارڪار به بڻايو. ان وقت ڏيهي ماڻهن لاءِ اهي وڏي ۾ وڏا عهدا هئا. پوءِ انگريزن عاملن کي ولايت به موڪليو جتي هو وڏا امتحان پاس ڪري ڪليڪٽر، سيشن جج، وڏا ڊاڪٽر ۽ چيف انجينئر به ٿيڻ لڳا.
ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڍلون اوڳاڙن، ليکي چوکي ۽ خزاني جي سنڀال ۽ ٻيا اهڙا ڪم، عاملن جي هٿ وس هوندا هئا. پير علي محمد راشدي مطابق (اهي ڏينهن اهي شينهن جلد ٽيون، صفحو 173) هن پنهنجي سموري نوڪريءَ ۾ انتظامي امور ۾ عاملن جهڙا هوشيار، چست ۽ اعليٰ صلاحيتون رکندڙ اهلڪار نه ڏٺا.
لاس پاماس ٻيٽ تي ڪيترائي شڪارپوري سنڌي دڪاندار هئا. نمونيا ڪري مونکي اتي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ جهاز هليو ويو هو. جهاز جي ماڻهن (Seamens) جي ان اسپتال ۾ انڊيا جي ڪنهن جهاز جو گجراتي آفيسر به هو. هڪ ڏينهن هن مونکان پڇيو ته سنڌ جا هي سوداگر ايڏو ڪامياب واپاري ڇو آهن؟ ان جي جواب جو ڪجهه حصو ”منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ ڪتاب ۾ شڪارپور جي ڏوڏيجا به لکيو آهي، چي:
”سچو شڪارپوري هٿ وٺي ڪنهن سان جهيڙو نه ڪندو. اڳلو جي جهَڪو نه ٿيندو ته پاڻ کسڪي ويندو. چوندو ”ٺڙڪجي، ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي!“ درحقيقت ڏسجي ته حڪومت برابر مسلمانن جي هئي پر ان کان اهم مالي طاقت ۽ حڪومت جي انتظام ۾ عمل دخل هندن جو وڌيڪ هو. ٻنهي جو هڪ ٻئي تي دارومدار هو. اهو ته سوچيو ته پٺاڻ، ترڪ، ايراني ۽ بلوچ جهڙن درند ۽ خونخوار قومن ۾ اڪيلي سر اوچي ڳاٽ رهڻ ۽ کين ڏُهي اچڻ، وڏي جرئت ۽ عقلمند شيردل انسانن جو ڪم آهي.
سر پوسٽنس شڪارپور جي واپارين لاءِ لکيو آهي ته:
These Shikarpuris in the pursuit of their calling, leave Sindh for many years quiting their families to locate themselves amongst the most savage and intolerant tribes, yet so essentially necessary are they to the wild Turkman, rude Afghans or blood thirsty Baluchis.
هڪ ٻئي انگريز رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب "Scinde: The Unhappy Valley" ۾ لکي ٿو:
The Shikarpuri Hindu devoted his energies to banking transactions and scended in operations over the greater part of Asia, from China to Turkey, from Astracan to Hyderabad Deccan, there was scarcely a town without a Shikarpuri or the agent of a Shikarpuri in it…
مطلب ته شڪارپورين جو بئنڪنگ بزنيس سڄيءَ ايشيا ۾ پکڙيل هو، چين کان ترڪيءَ تائين، استنبول کان حيدرآباد دکڻ تائين اهو ڪو شهر ڪونهي جتي ڪو شڪارپوري يا ان جو ڪو گماشتو نه هجي.
جن ڏينهن ۾ رستي جي سلامتي نه هئي انهن ڏينهن ۾ وڏا وڏا سوداگر ۽ سردار شڪارپوري بينڪرس کان هنڊيون (Drafts) وٺي ويندا هئا ته ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ کين بنا ڪنهن هير حجت جي ناڻو ملندو هو. بادشاهه جو سڪو ته رڳو سندس ملڪ ۾ هلندو هو پر شڪارپورين جو هنڊيون ديس پرديس هلنديون هيون.
ڪلارڊو مارڪووٽس ”سنڌي واپاريءَ“ بابت پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هندو واپاري نائين صديءَ ڌاري خليج جي ايراني سراف بندرگاهه تي موجود هئا. هو عمان، سوڪوٽرا ۽ عدن جي سامونڊي بندرگاهن ڏي تيزيءَ سان گردش ڪندا رهندا هئا. چوڏهين صديءَ ۾ سنڌي هندو واپاري ڏکڻ چيني سمنڊ ڏانهن باقاعدگيءَ سان هاڪاريندا رهندا هئا. هندستان جي سڀ کان آڳاٽي تجارتي وسندي شايد مسقط ۾ آهي ۽ دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي واپاري ٺٽي جا ڀاٽيا هئا.
ڪلارڊو ماڪووٽس (Claude Markovits) لکي ٿو ته سنڌ جي هندو سماج جي هڪ خاصيت هيءَ هئي، ته اتي ذات پات جون ٻيون سختيون ۽ مت ڀيد نه هوندو هو. انهيءَ جو سبب هي هو ته سنڌي هندو سماج ۾ لوهاڻي قبيلي جو تسلط هوندو هو ۽ هي سمجهيو ويندو هو، ته پوري هندو سماج جو ناتو ان هڪ قبيلي سان آهي. هندن جون ٻيون ذاتيون، جن کي ڀاٽيا ۽ کتري چئبو آهي، سي لوهاڻن جي گهڻو ويجهو هيون ۽ اهي پاڻ ۾ شادي وهانءُ ڪندا هئا. رڳو برهمڻن جو اڪيلو طبقو لوهاڻا ذات کان ڌار هوندو هو جن جون ٻه ذاتيون هيون: سرسوت ۽ پشڪرڻ. پر برهمڻن جو انگ ايڏو گهٽ هو، جو سندن نمائندگي پوري ريت نه ٿيندي هئي، تنهن ڪري لوهاڻن جي مقابلي ۾ اهي هندو سماج ۾ اوچو مقام نه ماڻي سگهيا. هاڻي، هي چئي سگهجي ٿو، ته سنڌ ۾ برهمڻ برتر ذات جي ڀيٽ ۾ رڳو مذهبي پوڄا پاٺ ڪندڙ هئا.
لوهاڻا ذات منجهه درجه بندي هئي پر اهو ويڇو ڏاڍو گهٽ هو. اوچي درجي جا ماڻهو پاڻ کي عامل ۽ هيٺيئن درجي جا ڀائيبند سڏائيندا هئا. فرق اهو هو ته عامل ڀائيبندن ۾ شادي ڪندا هئا پر کين پنهنجيون ڇوڪريون نه ڏيندا هئا. اهڙي ريت سماج جا اهي ٻه طبقا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل پڻ هئا. عاملن ۾ وري خدا آبادي عامل (هي ڪلهوڙن جي آڳاٽي راڄڌاني سان واسطو رکندڙ هئا) جيڪي سماج جي سڀ کان اوچي پرت مان سمجهيا ويا ٿي، ۽ غير خدا آبادي عامل، جن جو درجو سندن مقابلي ۾ گهٽ هو، سي پاڻ ۾ شادي ونواهه کان پاسو ڪندا هئا. آدمشماري جي لحاظ کان عاملن کان ڀائيبندن جو تعداد وڌيڪ هو. سماج ۾ ڀائيبند جو رتبو ڪنهن ذات پات سان نه، بلڪه سندن ڌنڌن ۽ دولت سان متعين ٿيندو هو. اناج ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي رسائيءَ جو واپار ڪرڻ وارو ”ڪوٺيءَ“ جو مالڪ سڏبو هو. هن جو رتبو ٻين واپارين کان جهڙوڪ ڳوٺ جي دڪاندار جيڪو ”هٽ واڻيو“ سڏبو هو، مٿاهون هو. شڪارپور جي سونارن ۽ حيدرآباد جي سنڌورڪي واپارين جون ڌريون به سماج ۾ احترام سان ڏٺيون ويون ٿي.
جڏهن سر چارلس نيپيئر 1843ع ۾ ٽالپر حڪمرانن کي مياڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏني ۽ سنڌ کي برطانوي راڄ سان ڳنڍي ڇڏيو، تڏهن ڪلهوڙن طرفان ٻڌايل شهر حيدرآباد ۾، سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ٽالپرن جي مکيه آڪهه جي سٺ سالن تائين درٻار رهي هئي. هن شهر جي تنهن دور ۾ ويهه هزار آدمشماري هئي. شهر جي اڪثر عام آبادي هندن تي مشتمل هئي. حيدرآباد، سنڌ جي گاديءَ جو سياسي هنڌ هئڻ ڪري صوبي جي انتظامي ڪاروهنوار هلائيندڙ عاملن جي وڏي گهڻائي هتي رهي ٿي، ان کان علاوه ڀائيڀند به رهيا ٿي. سر چارلس نيپيئر سنڌ جي راڄڌاني جو هنڌ حيدرآباد مان ڦيرائي ڪراچي ان ڪري ڪيو جو ڪراچيءَ جي آب هوا بهتر هئي ۽ حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ بمبئي (ممبئي) کي ويجهو هو. اهڙي ريت، سنڌ تي منفي اثر پيا ۽ هو پنهنجي واپار لاءِ نوان گس ڳولهڻ تي مجبور ٿيا. انهي دوران 1847 ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو ڪوٺڻ کان پوءِ حيدرآباد جي واپارين بمبئي سان واپار لاڳاپا وڌايا. ٿورو گهڻو واپار ته اڳهين هو هاڻ گهڻي پئماني ٿيڻ لڳو. 1860 ڌاري حيدرآباد جي ڪجهه واپارين محرڪ طور ڪوشش ڪندي هندستان کان ٻاهر شيون وڪڻڻ واري ڪم کي ڦهلايو. هنن جو پهريون ماڳ مصر ڏيهه هو. 1860 ۽ 1914ع جي وچ ڌاري، حيدرآباد جي سنڌ ورڪي واپارين هوريان هوريان دنيا جي وڏي حصي تائين پنهنجي واپاري وهنوار کي ڦهلايو. هنن پهرين سنڌ جي ٺهيل شين جي وڪري کي عالمي واپار جو درجو ڏنو، پر ڏور اوڀر وارن ملڪن، چين ۽ جپان مان شيون خريد ڪري آفريڪا ۽ عرب ملڪن ڏي موڪلڻ شروع ڪيون. ٻاڦ واري انجڻ ٺهڻ ۽ سئيز ڪئنال کلڻ ڪري هنن جو سفر سهوليت وارو ٿي ويو. بهرحال دنيا جي مختلف ملڪن خاص ڪري جبرالٽر، مالٽا، ممباسا، ملائيشيا، سنگاپور، لاگوس، لاس پاماس، هئمبرگ، بيروت، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ڏورانهن شهرن، بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي حيدرآباد ۽ شڪارپور جي هنن سنڌي هندو سنڌورڪين جي ڪمپنين کولڻ جا سن، اتي جي آڳاٽين بلڊنگ تي اڪريل پڙهي حيرت ٿيندي آهي ته هي اڄ کان هڪ يا ڏيڍ صدي اڳ هتي آيا ۽ ڌارين ملڪن ۾ جتي ڌاريون زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، هنن اچي پئسو لڳايو ۽ واپار ڄمايو. سنڌي واپارين جي سوين ڪمپنين مان ڪجهه نالا انهن جي کلڻ جي سال سان گڏ ڏئي رهيو آهيان. هي اهي فرم آهن جن جون ڪيترن ئي ملڪن ۾ برانچون آهن. جهڙوڪ:
پوهومل برادرز 1858
جي. ٽي. چئنراء 1860
ڏيئلداس ائنڊ ڪمپني 1870
چوئٿرام ائنڊ ڪمپني 1880
جهمٽمل گرڀمل 1883