الطاف شيخ ڪارنر

وايون وڻجارن جون

چين ويندي هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اچڻ ۽ رهڻ ڪري اتي جون ڳالهيون به گهڻيون ٿي پيون ۽ هن ڪتاب ۾ رڳو هانگ ڪانگ ۽ ان جي اوسي پاسي جي سمنڊ ۽ ٻيٽن جون ڳالهيون آهن، جيڪي 1970 کان 1973 جون سمجهڻ کپن. هي منهنجا سامونڊي سفر جا قصا تن ڏينهن ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا، جيڪي پوءِ سهڻي پبليڪشن جي مالڪ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف گڏ ڪري 1974 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
الطاف شيخ
  • 4.5/5.0
  • 2600
  • 747
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وايون وڻجارن جون

نئون اٺُ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي

عجيب اتفاق رهيو آهي جو هيستائين جيترا دفعا به هانگ ڪانگ آيا آهيون، ته هر دفعي جهاز جو چيف انجنيئر بدلبو رهيو آهي. پهرين دفعي جڏهن هانگ ڪانگ آيا هُئاسين ته اسان جو چيف انجنيئر پنجاهه پنجونجاهه سالن جي ڀر جو مسٽر فخرالدين ايم ـ رضوي هو. (”ايم“ اکر ”منصور“ لاءِ هو) سندس نالو ته ڪو ٻيو هو، پر هتي پڙهندڙ في الحال اهو سمجھن، جو کين نالي سان ڪوبه سروڪار نه هُئڻ کپي ۽ نالا ته ڪهڙا به ٿي سگھن ٿا. هڪ اسان جي دوست جو نالو شير علي آهي. پر هو سج لٿي کان پوءِ ٻليءَ جي پاڇي کان به پيو ڏڪندو آهي. اسان جي پُراڻي جهاز تي هڪ اليڪٽريڪل انجنيئر هوندو هو. نالو ”نورالدين“ هوس، پر عينڪ جو ساڄو ڪائو مائينس ست جو ۽ کاٻو ڪمپائونڊ گلاس هو (جنهن جو نمبر کيس به ياد نه هو). يا اسان جي نوڪر جو مثال وٺو، نالو قائم الدين اٿس، پر اڄُ ڏينهن تائين عيد نماز به نه پڙهي اٿس. اسان جي ڪراچي آفيس جي Receptionist جو نالو ”مس شيرين ناز“آهي، پر سندس ائبسٽرئڪٽ قسم جو ڳالهائڻ اهڙو ته بي سُرو آهي، جو هالن جي جنا کدڙي جو آواز به سُريلو آهي. يا اسان جي هڪ ڪراچي جي دوست جي پاڙيسري فنڪاره، جيڪا پهرين چڪلي ۽ شادين مُرادين ۾ ڳائيندي ۽ نچندي هئي (۽ هاڻ ون يونٽ کان وٺي فقط ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان ڳائيندي آهي ۽ ڪراچي ٽي وي تي دانشورن سان ڳالهه ٻولهه جي پروگرام ۾ به ايندي آهي)، جو نالو ته ز يب النساءِ آهي ــ يعني ”عورتن جي سونهن“، پر منهنجي خيال ۾ ته ڪي ــ پي ــ ٽي جا مزدور به سونهن ۾ کائنس موچارا ٿيندا. سو سڄڻو نالن ۽ ذات پات جي چڪرن ۾ نه پئجو.
ڳالهه اسان جي چيف انجنيئر جي پئي هلي، جيڪو بس، مڙيئي، انگريزن جي وڃڻ ڪري،هندستان مان لڏي پاڪستان اچڻ ڪري، دير سان شادي ڪرڻ ڪري، سندس ڪو پير مرشد نه هجڻ ڪري، رات جو دير سان سمهڻ ۽ صبح جو سوير نه اٿڻ ڪري ــ ۽ ٻين ڪيترن ان قسم جي معقول ۽ غير معقول سببن ڪري (جن لاءِ ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن)، جلدي چيف انجنيئر ٿي ويو. پنهنجي عمر جو ڳچُ وقت ملڪي ۽ غير ملڪي ٻاڦ تي هلندڙ جهازن تي چيف انجنيئر رهيو، ان بعد ڊيزل جهازن جو چيف انجنيئر ٿيو ۽ هي اسان جو ماڊرن، ايئرڪنڊيشنڊ ۽ تيز رفتار جهاز سندس ٻيو يا ٽيون ڊيزل جهاز هو. پاڻ جهازران ڪمپني مان تنگ هو ۽ ڪمپني منجائنس. (پوئين ڳالهه جي اسان کي تڏهن خبر پوندي هُئي جڏهن هو گھڻي پيئڻ ڪري آئوٽ ٿي ويندو هو.) عمر کان وڌيڪ پوڙهو لڳندو هو، پر کيس اها غلط فهمي ويٺل هُئي ته پاڻ پوڙهي اُٺَ وانگر ٻه ڪنواٽ لهي. (جو گذريل سال کيس هن ئي بندرگاهه هانگ ڪانگ ۾، سندس هڪ پراڻي چيني ساهيڙيءَ همبستريءَ وقت ٻُڌايو هو ته : تون اهڙو ئي جوان آهين جهڙو ٽيهه سال اڳ). سندس ان چيني کاکڙ ساهيڙِي ــ جيڪا کانئس به پوڙهي لڳي ٿي، جي جڏهن ڳالهه ڪندو هو ۽ کيس جڏهن ماءِ گرل (My Girl)يا ماءِ فيئر ليڊي چئي مخاطب ٿيندو هو ته شرم اسان کي پيو ايندو هو. بهرحال هن عمر ۾ اسان جي چيف انجنيئر کي ڪي گھڻا شوق نه هُئا، پر سِک وانگر فقط ٻه شوق هئا: هڪ شراب پيئڻ (يا پيٽ اندر اوتڻ وڌيڪ موزون لفط ٿيندو) ۽ ٻيو عورت. (ياد رهي ته هڪ سِک لاءِ نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن فقط ڪڇو پائي ٻير جي وڻ تي چڙهي، پڪل ٻير چونڊي کائي رهيو هو ته سندس ڪنهن دوست پُڇيس:
”سردار جي، ڇا پيو ڪرين؟“
”بس يار هاڻ ته فقط ٻه شوق وڃي بچيا آهن،“ سک ٿڌو ساهه کڻي ٻُڌايس، ”هڪ ڪپڙا پائڻ ٻيو فروٽ کائڻ.“).
سو اسان جي چيف انجنيئر جا به ٻه شوق وڃي بچيا هئا، جي جوانيءَ جي ڏينهن کان برقرار هئا. سندس ڪئبن چڱو خاصو بار ـ روم (Bar Room) هو. ڪنهن به شراب مان ٽرندو نه هو. جپان جو ساڪي (Saki)، روس جو ووڊڪا (Vodka)، چين جو جڳ مشهور شراب موتائي (Moutaiy-Chiew) کان وٺي ڪوٽڙيءَ جي ڪنتريءَ تائين چکيل، پيتل ۽ اوتيل هوس. بيئر، برانڊي، وسڪي، شئمپين، وينو جهڙيون ٻاراڻيون شيون ته ليکي ۾ به ڪونه آڻيندو هو. جو آيو سو اگھيو وارو اصول هوس. ساڳيو معاملو عورتن جي سلسلي ۾ هوس. سندس بار بار اهو چوڻ جي ته سندس جواني اڃا ديواني آهي، ظاهر ته اهو ٿي لڳو ته سندس جواني جي ڏيئي جو تيل کپڻ تي آهي ۽ اجھو ٿي سندس لاٽ ٻُجھي. پاڻ جواني جي ڏينهن جون ڳالهيون چشڪا ڏيئي ڪندو هو، جڏهن هو پاڻي جي هڪ جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر هو، جنهن جهاز جا هانگ ڪانگ ۾ ڏهه پنڌ هوندا هئا ۽ هانگ ڪانگ ڄڻ ته ان جهاز لاءِ هوم پورٽ (Home Port) هو. اوسي پاسي جي هڪ ٻن ملڪن ۾ ڦري وري هانگ ڪانگ اچي ديرو ڄمائيندو هو. ”۽ ان زماني جي هانگ ڪانگ جي ڇا ڳالهه ڪجي.“ هانگ ڪانگ ايندي وقت اسان کي روز ڊنر کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي ٻڌائيندو هو. پر سندس ڳالهيون ٻڌڻ وارا سڀُ بي سُرا هئا. ڪنهن کي ڪپڙن خريد ڪرڻ جو شوق، ڪنهن کي پُراڻيون عمارتون ۽ جڳهيون ڏسڻ جو مرض، ڪنهن کي جهاز جي ڪمري ۾ ئي وقت گُذاري پئسا بچائڻ جو شوق ته ڪنهن کي پنهنجي ايندڙ انجنيئري جي امتحان جي پڙهائي جو فڪر.
هانگ ڪانگ ۾ باقي ٻه ڏينهن هئا ته جهاز جي ٻن جونيئر انجنيئرن، ففٿ انجنيئرن، فورٿ ۽ ٻن اليڪٽريڪل انجنيئرن کي مين انجن جي Indicator Card وٺڻ ۽ جنريٽر جا ڪاربن (Bushes) بدلائڻ بابت ٻُڌائيندي چيو هُئائين:
”جهاز پرينءَ هانگ ڪانگ پهچي رهيو آهي. آءٌ توهان کي اهو ته هرگز نه چوندُس ته ڪو توهان ڪنهن ڌارئين عورت سان نه سمهو. اها هڪ اهڙي شيءِ آهي، جيڪا هر ماڻهوءَ کي خود ئي سوچڻ گھرجي ــ ۽ جيترو جلد اوترو بهتر.
آءٌ توهان کي فقط اها ڳالهه سوچڻ لاءِ مجبور ڪندس ته عورتون ٻن قسمن جون توهان سان ٽڪرائبيون: هڪ اُهي، جيڪي پنهنجو اگھه سنئون سڌو، بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي ڏينديون، ۽ ٻيون اهي جيڪي خاموشي اختيار ڪري توهان کي ڪٿڻ ۽ ڪڇڻ لاءِ مجبور ڪنديون. جيڪڏهن پهرين قسم جي آهي ته توهان کي يڪدم ڄاڻ پئجي ويندي ته توهان ڪٿي بيٺا آهيو ۽ پاڻي ڪيترو اونهو آهي. لنگر ڪيرائجي يا نه. پر ٻيو قسم اهو آهي جنهن کان توهان کي خبردار رهڻ گھرجي. هوءَ اهوئي سوچيندي رهندي ته گراهڪ ڪٿي ٿو ڪُسي ۽ هوءَ هميشه توهان مان وڏي اميد رکندي ۽ توهان پڪائي ڪندا رهندا. بهرحال دنيا ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه ذلالت ناهي، ته جهاز جو هڪ جوابدار آفيسر، توهان جهڙو، خسيس ڳالهه لاءِ هڪ ڪِني رن سان اگھه تي بحث ڪندو رهي.“
”سائين، هانگ ڪانگ ۾ ’ٽاور پيڪ‘ (Tower Peak) ضرور ڏسنداسين.“ هڪ جونيئر انجنيئر وچ ۾ ڳالهايو.
”هون!“ چيف انجنيئر خفي ٿي وراڻيو، ڄڻ ڪواب کائيندي ڪنهن کي هڏو ڦاسي پوي. ”ٽاور پيڪ به ڏسڻ جي جاءِ آهي. آءٌ ته جڏهن ڇٽيهون دفعو هانگ ڪانگ آيو هوس، شادي ڪري پنهنجي زال سان گڏُ، تڏهن اها ڏٺم. ان کان اڳ رڳو هانگ ڪانگ جا ڪلب، چڪلا، بار ۽ هوٽل جي خبر هيم.“
جهاز جڏهن هانگ ڪانگ پهتو ته هڪ ڏينهن شام جي چانهه تي، ڪنهن همراهه هانگ ڪانگ جي معاشي ترقي ۽ محنت جو ذڪر ڪڍيو. ڪنهن چيف انجنيئر کان به کڻي راءِ ورتي، ۽ پوءِ ته ٻئي ڪنهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه مليو.
”ها واقعي هانگ ڪانگ ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. هاڻ ته ڪا ڇوڪري کنگھي به ڪانه ٿي! نه ته اڄُ کان فقط پنج سال اڳ تائين، اها حالت هُئي، جو جهاز اڃان پري ائنڪريج (کُلئي سمنڊ) تي بيٺو هوندو هو ته ڇوڪرين جا ٽولا ٻيڙين رستي جهاز تي پهچي ويندا هُئا. هڪ هنگامو متل هوندو هو. حالت اها هوندي هُئي جو اسان ڪمرن کي اندران ڪلف چاڙهي وهندا هئاسين. ڌڪا ڏئي ڪڍبو هون ته به ڇوڪريون نه نڪرنديون هيون. چونديون هيون ته: هاڻ آيون آهيون ته ٻيو نه ته فقط ماني کائڻ ڏيو ۽ رات ٽڪڻ لاءِ ڇڏيو. هاڻ ته سائين سڀني جو نڪُ مٿي آهي. نوڪريون، ڌنڌا، پورهيا ايترا ته ڏسندي ئي ڏسندي وڌي ويا آهن، جو هتي جي سڀني ماڻهن کي ته سٺن پگھارن واريون نوڪريون ۽ ڌنڌا آهن، پر ڌارين ملڪن جا به ڪمائڻ لاءِ هتي ٿا اچن. ڏسندي ئي ڏسندي هانگ ڪانگ جو سڪو چوٽ چڙهي ويو آهي. آمريڪا جي ڊالر ۽ انگلنڊ جي پائونڊ کي به ڪو هتي نٿو کنگھي. هاڻ ته ڪا ڇوڪري بار ۾ پيئڻ لاءِ ڪمپني ٿي ڏئي ته ان جا به پنجويهه هانگ ڪانگ ڊالر ٿي وٺي.“
هڪ رات ٻارهين وڳي ڌاري، چيف انجنيئر جي ڪئبن جي بتي ٻرندي ڏسي انجڻ جي مرمت لاءِ ٺاهيل لسٽ وڃي ڏني مانس. جيئن صبح ساڻ هانگ ڪانگ واري آفيس ڏي موڪلي سگھي. پاڻ اڪيلو پي رهيو هو. سڄي جهاز تي سندس پيالي ڀائي ـ ريڊيو آفيسر هيٽر تي بيدا تري رهيو هو. ڪچي وودڪا جو گلاس ڀري منهنجي اڳيان رکيائين. آءٌ کلڻ لڳس ته چيائين:
”ڪمال آهي الطاف! تون ڪهڙو سنڌي آهين؟ منهنجو هڪ سنڌي دوست بدين پاسي جو زميندار آهي. خاص شراب پيئڻ لاءِ فصل لهڻ تي ڪراچي اچي رهندو آهي.“
”خير مون کان نه هلندي. بدين يا ٺٽي جو زميندار ڀلي عيش ڪري. هونءَ سنڌين جي ڌين ڌرم ۾ اهو لکيل ڪونهي ته هو ضرور پيئن.“ مون وراڻيو.
”يار تڪلف نه ڪجُ. آءٌ تنهنجو آفيسر آهيان ته ڊيوٽيءَ وقت. ان بعد دوست آهيون.“ چيف انجنيئر چيو.
”تڪلف جي ڳالهه ناهي، سائين. زور ٿا ڪريو ته ڪمپني خاطر ڪو بيئر يا ليمنڊ هجيوَ ته اهو کڻي ڏيو، باقي هيءَ نجُ ڪچي وودڪا منهنجا آنڊا ساڙي ڇڏيندي.“
”اڙي يار، بيئر يا ليمنڊ کي ڪير ڪافر ٿو شراب سڏي، ڀلا ويهه ته خبرون چارون ڪريون.“
”پڇو جيڪي وڻناوَ.“ مون چيو،
”چيف انجنيئريءَ جو امتحان ڪڏهن ٿو ڏين؟“
”بس سائين، سي ـ ٽائيم (Sea Time) پورو ٿي ويو آهي. پڙهائيءَ ۾ مشغول آهيان. سوچيان پيو ته هن سال ڪراچي يا لنڊن وڃي ته امتحان لاءِ لهي پوان. پاڻ توهان ڪجھه ٽيوشن ڏيو.“
”اڙي يار، هيءَ منهنجي عمر آهي پڙهائڻ جي“، هو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو: ”حساب ته لڳاءِ ان کي ڪيترا سال ٿيا، جڏهن مون چيف انجنيئريءَ جو امتحان ڏنو هو! 1949ع جو زمانو هو اُهو. بلي بلي! تازو چين ۾ انقلاب آيو هو. مائوزي تنگ اهڙي ته باهه ٻاري ڏني، جو سٽڪن جي ڊپ کان شنگھائي، پيڪنگ ۽ ڪئنٽن جون سڀُ رنڊيون کنڊيون چين ڇڏي، اوسي پاسي جي ملڪن هانگ ڪانگ، فلپين ۽ تائيوان ۾ اچي انبار ٿيون هيون. هاڻ چينين جا ٻه قسم آهن. هڪڙا شريف ۽ ايماندار جيڪي مائوزي تنگ وٽ ئي رهيا پيا آهن ۽ ٻيا هي لاهه، جيڪي هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ تائيوان پاسي اچي نڪتا آهن.....“
ريڊيو آفيسر تريل بيدا اچي اڳيان رکيا. فراءِ بيدا هڪ پليٽ ۾ ۽ آمليٽ ٻيءَ ۾. ساڳيا بيدا هُئا، پر فرق پچائڻ جو هو. ڊبل روٽيءَ جي ٻن پترن جي وچ ۾ آمليٽ بيدو رکي، سئنڊوچ ٺاهيو هئائين.
اهڙيون ٻيون انيڪ ڳالهيون اسان جي چيف انجنيئر جون، جي ڪڏهن ڪڏهن ياد اينديون رهنديون آهن ۽ هن کي هميشه اها شڪايت هوندي هُئي ته سندس سڄو انجنيئري اسٽاف حد کان وڌيڪ شريف آهي. جيتوڻيڪ ان وقت جي ڪئپٽن کي ان کان مختلف شڪايت هُئي، سندس ڊيڪ آفيسرن بابت ـ خاص ڪري ڪئڊٽن لاءِ:
”..... اڄُڪلهه جا ڪئڊٽ ته ڏسو. رڳو فئشن ۽ نخري تي زور اٿن. جمعو جمعو اٺ ڏينهن به نه ٿيا اٿن ته رُڳو Navigation جو پيا سوچين، باقي Seamanship کان ٻرو ٿو وٺين. اسان ڪئڊٽ هوندا هئاسين ته صبح کان شام تائين ڊيڪ تي چپنگ ۽ پينٽنگ ۾ گُذاريندا هُئاسين. موڪل جو ته سوچيندا ئي نه هُئاسين. جيڪڏهن چيف آفيسر يا ڪئپٽن ڪنهن پورٽ ۾ خوش ٿي خرچي ڏيندو هو، ته گڏ ڪندا هئاسين ۽ وطن ورڻ تي ڀائرن ڀينرن لاءِ شيون وٺي ويندا هُئاسين. پر اڄُڪلهه جا ڪئڊٽ الامان! کين ڪنهن پورٽ ۾ سندس گھٽ پگھار جو سوچي چاليهه پنجاهه روپيا کن خرچي جا کڻي ڏي، ته يڪدم ٻئي ڏينهن ڊيوٽيءَ کان موڪل وٺي رات ٻاهر وڃي گُذاريندا.“
ان کان پوءِ واري دفعي جڏهن هانگ ڪانگ آياسين ته نئون چيف انجنيئر ٽيهن سالن جو نوجوان، گھٽ تجربي جي هوندي به بيحد هوشيار سيد اڪبر غازي هو. طبيعت ۽ عادتن ۾ پهرين کان بلڪل نرالو. هر وقت جهاز جي انجن ۽ پنهنجي زال جو فڪر رهندو هوس. ڊسيپلين ۽ يونيفارم جو پابند. پهرين ڏينهن ئي سڄي اسٽاف کي جهاز، ڪمپني ۽ سندس اصول ۽ قائدا قانون واضح ڪيائين ته ڪنهن به انجنيئر آفيسر کي ڪنهن به ڌارئين بندرگاهه ۾، ڪنهن به ڇوڪريءَ سان شادي يا شادي بابت ڪو وعدو وَچن ڪرڻو ناهي انجڻ روم وارو چئمپل ڊائننگ سئلون ۽ سموڪ روم ۾ پائي هلڻو نه آهي، ريفريجريشن انجنيئر کي خط استوا وارن ملڪن يا سمنڊن تان لنگھڻ وقت بنا پُڇڻ ۽ ٻُڌڻ جي ايئرڪنڊيشن هلائڻو آهي، ٿرڊ انجنيئر کي هر ڇنڇر ڏينهن جهاز جي Life-Boat جي انجڻ ٽيسٽ ڪرڻي آهي، چاهي جهاز ٻڏڻ جو خوف هُجي يا نه. بيمار انجنيئر کي ڪنهن ملڪ جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وقت ڪنهن به نرس جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ نه چاڪ ٿي اچڻ وقت ڪنهن نرس کي دعوت ڏئي جهاز جي ڪئبن ۾ آڻڻو آهي. باهه وسائڻ لاءِ Fire-Extinguishers ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ هميشه تيار رکڻا آهن ..... وغيره وغيره.
پهرين هفتي ئي مونکان جونئر انجنيئرن بابت پڇيائين ته:
”هو فرصت جي وقت سمنڊ تي ڇا ڪندا آهن.“
”سائين ڪي ’آداب عرض‘ پڙهندا آهن. ڪي اخبار جهان جو مستقل ڪالم ’تين عورتين تين ڪهانيان‘ پڙهندا آهن. ڪي ٽيبل ٽينس کيڏن ۽ ڪي سگريٽ جي پاڪيٽن تي Flash کيڏن.“
”هاڻ توهان اهي ڌنڌا ڇڏي ٻي Voyage کان انجنيئري جي ڪتابن جو دور ڪندا ڪريو ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ نت نيون ٿيندڙ ايجادن سان واهپو رکو.“
نماز روزي جو ايترو ئي پابند، جيترو جهاز جو سيڪنڊ آفيسر روزانو صبح جو اٿي Sextant تي سائيٽ وٺڻ جو. رات جو ٽين وڳي اٿي تهجد پڙهندو هو. انجڻ روم جي هڪ هڪ مشين سان گھرو تعلق ۽ فڪر رهيس ٿي.
”الطاف جنريٽر جو ڇا ٿيو؟“
”خدا جي فضل سان هاڻي ٺيڪ آهي Locating Bearing بدلائڻ سان Lubricating جو مسئلو حل ٿي ويو آهي. سندس ٽربو چارجر به صحيح ڪم ڪري پيو.“
”او ويري گُڊ. ويري گُڊ! آءٌ اڄُ تمام گھڻو خوش آهيان. توکي هينئر ئي ٻه رڪعتون نفل شڪراني جون ادا ڪرڻ کپن. پروردگار جون مهربانيون آهن، جيڪو برن ۽ بحرن ۾ بندي کي پيو هلائي نه ته ڪمزور انسان کي ڇا طاقت آهي. تون اهو نٿو محسوس ڪرين ته ٻي صورت ۾ پاڻ کي سڄو ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ هندي وڏو سمنڊ هڪ ئي جنريٽر تي لتاڙڻو پوي ها ۽ اهو ڪيڏو نه جوکائتو ڪم هو!“
هانگ ڪانگ پهچڻ کان اڳ پُڇيائين، ”الطاف هانگ ڪانگ ۾ هڪ تمام وڏي ۽ خوبصورت مسجد اٿئي.“
”هڪ ته ڪولون پاسي ناٿن روڊ تي، پارڪ جي وچ ۾ نظر اچي ٿي.“ مون ٻُڌايومانس.
”ها، ’ميرامار‘ هوٽل کان ٿورو اڳتي. ڪڏهن مون سان تون جمعي جي رات اتي هلجانءِ. وڏا عالم ۽ علماءَ اچي ٿا گڏ ٿين، جن جون ڳالهيون ٻڌڻ سان انسان جي اندر ۾ هڪ نئون اجالو اچيو وڃي.“
ڪراچي جڏهن جهاز پهتو ته سندس زال بيمار ٿي پئي ۽ آخري ڏينهن تائين اسپتال ۾ هئي. نتيجي طور پاڻ اسان سان گڏ Sail ڪري نه سگھيو. چيف انجنيئر وري نئون آيو آهي ۽ جونيئر انجنيئر ڪنهن مفڪر يا سائنسدان وانگر ان کي جاچي رهيا آهن ته: نئون اٺُ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي.