پوءِ اها ڇوڪري آسمان تي هلي وئي.....
هانگ ڪانگ توهان هڪ ڏينهن لاءِ به ايندائو ته توهان کي اها خبر پئجي ويندي ته مڪائو به ڪا جاءِ آهي، جنهن کي هانگ ڪانگ ۾ رهي ڏسڻ ضروري آهي. هر هوٽل ۾ مڪائو ٻيٽ جا اشتهار ۽ اتي پهچڻ بابت سهوليتن جي معلومات درج ٿيل نظر ايندي. جيڪڏهن توهان وٽ وقت به آهي ۽ پئسو به ته پوءِ هانگ ڪانگ اچي مڪائو نه ڏسڻ ائين آهي جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نه ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي، ڳانا نه خريد ڪرڻ. يعني هانگ ڪانگ پهچڻ جي خرچ ۽ وقت جي مقابلي ۾ مڪائو پهچڻ جو خرچ ڪجهه به نه آهي ۽ هانگ ڪانگ کان مڪائو ڪو پري ناهي جو گهڻو وقت ضايع ٿئي.
هانگ ڪانگ کان مڪائو فقط چاليهه ميل پري آهي. ٻنهي جا اصلي باشندا چيني آهن. جيئن هانگ ڪانگ تي انگريزن قبضو ڪيو، اهڙي طرح مڪائو ٻيٽ تي سورهين صدي ۾ پورچوگالين قبضو ڪيو. ”مڪائو“ پورچوگال جو هڪ حصو ۽ سمنڊ پار ولائت ۾ هڪ صوبو سمجهيو وڃي ٿو. مڪائو جي هر رهاڪوءَ جي قوميت پورچوگالي آهي جيئن انڊيا جي رياست گوا جي ماڻهن جي رهي آهي.
پندرهين صديءَ کان پورچوگال جا سامونڊي ڌاڙيل ۽ واپاري، دنيا جي سمنڊن تي پکڙي ويا هئا ۽ هنن جي جتي مرضي ٿي ٿي، اتي پنهنجو قبضو ڄمائي ويٺا ٿي. هيءَ تڏهن جا ڳالهه آهي، جڏهن چين ۾ منگ گهراڻي (1662-1368) جي سلطنت هئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ (عيسوي سن 1555ع ڌاري) پورچوگالين ٺٽي کي پڻ ڦريو ۽ ساڙيو هو. (ان جو ذڪر تاريخ طاهري ۾ ٺٽي جي مير طاهر محمد نيسانيءَ پڻ ڪيو آهي). ان کان اڳ 1510 ۾ پورچوگالين ”گوا“ کي فتح ڪري پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو.
مڪائو ۾ پورچوگالي سن 1550ع ۾ هڪ سست رفتار ٻيڙيءَ ۾ ملايا جي ان وقت گادي واري شهر ملاڪا کان آيا هئا. ان بعد ٻين اچڻ شروع ڪيو ۽ ”ناني رڌڻ واري، ڏوهٽا کائڻ وارا“ جي حساب سان مڪائو کي پنهنجي ملڪ (پورچوگال) جو حصو سڏائي جپان، چين ۽ هندستان سان هتان واپار هلائڻ لڳا. پورچوگالي ئي پهريان يورپي هئا، جن سامونڊي طاقت مان ناجائز فائدو ورتو. سنڌ ۽ هند ۾ به هيءَ قوم پهرين ڌارئين يورپي قوم هئي، جيڪا داخل ٿي. سنڌ ۾ انگريزن جي آمد کان به سٺ سال اڳ هي نازل ٿيا هئا ۽ هنن جو مڪاني واپار وڙي تي وڏو اثر هو.
هانگ ڪانگ کان مڪائو پهچائڻ ۾ فيري ٽي ڪلاڪ ۽ هائڊرو فائل ٻيڙي سوا ڪلاڪ وٺي ٿي، جنهن جي ٽڪيٽ 28 هانگ ڪانگ ڊالر آهن. موڪل وارن ڏينهن تي ان جي ٽڪيٽ 40 ڊالر هوندي آهي. مڪائو پهچڻ سان ائين هرگز نٿو لڳي ته ڪو هي نج چيني شهر آهي. مڪائو توهانکي پهرين نظر ۾ يورپ جو هڪ خوبصورت Resort (گهمڻ جو هنڌ) لڳندو. سفيد پوچيءَ ڏنل سيمنٽ جون ڀتيون، قداور عمارتون، لوهي شيخن جون بالڪنيون، جتي ڪٿي پٿر ۽ ڌاتوءَ جا يادگار Statues، ماڻهن جي عام گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن لاءِ ڪشادا چونڪ، وڻڪار سان ٽٻ ويڪرا رستا آهن. شهر جي اندرين حصي ۾ گهڙڻ سان چيني ماحول جي پڻ سڳنڌ اچي ٿي ۽ هي شهر پراڻي پورچوگال ۽ نئين چين جي تهذيبن، رسم رواجن ۽ فئشن جي کچڻي لڳي ٿو.
هڪ عام مشرقي شهر وانگر مڪائو ۾ روهڙيءَ جهڙيون سوڙهيون گهٽيون به آهن ته ڪراچيءَ جهڙا ويڪرا رستا به. ٿالهه تي کٽمٺڙا ۽ بسڪيٽ رکي وڪڻڻ وارا ٻار به آهن ته رڪشا ڇڪڻ وارا چيني مزور به. عصمت فروش عورتون به آهن ته پنڻ وارا معذور، لاچار ۽ بيوس پڻ. وڏا وڏا بنگلا آهن ته ننڍيون جهوپڙيون به.
مڪائو ٻيٽ، پرل نديءَ جي ڇوڙ وٽ چين جي سرزمين کان، چيني اصطلاح موجب، ”ٿڪ اڇلائڻ جيتري پنڌ“ تي آهي. ”بئرير گيٽ“ وٽ بيهي سامهون مائوزي تنگ جا ريڊگارڊ (سرخ سپاهي) ڏسي سگهو ٿا. مڪائو ۽ چيني علائقي چينگ شان (جتي ڊاڪٽر سن يات سين ڄائو هو، جنهن 1911ع ۾ چين جي چنگ شهنشاهيت جو خاتمو آندو) جي وچ ۾ فقط هڪ سنهي نهر ”ڊڪ چئنل“ وهي ٿي، جنهن تي پڻ چيني سپاهين جو پهرو آهي. بئائز (Bouys) جي هڪ قطار ٺهيل آهي جنهن جي هڪ پاسي چيني سمنڊ جي پاڻيءَ جي حد سمجهي وڃي ٿي ۽ ٻئي پاسي مڪائو (پورچوگال) جي. هونءَ يورپ ۾ پورچوگال ۽ اسپين ئي اهڙا ملڪ آهي جيڪي چين ۾ مائوزي تنگ جي حڪومت کي تسليم نٿا ڪن ۽ چين پورچوگال جي بيٺڪي راڄ جي سخت خلاف آهي. چين جي چاهي ته مڪائو چند منٽن ۾ پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگهي ٿو. پر هانگ ڪانگ ۽ مڪائو کي ائين رکڻ سان، بقول هڪ سياستدان جي، چين کي فائدو آهي ۽ چين جي ڪارخانن ۾ ٺهندڙ اڌ کان وڌيڪ سامان هنن شهرن مان ٻاهر جي دنيا ڏي نيڪال (Export) ٿئي ٿو.
1966ع ۾ چين جي ڪلچرل انقلاب دوران پورچوگالي سپاهين گولي هلائي هئي جنهن جي نتيجي ۾ چيني گن بوٽون (Gun Boats) اچي مڪائو جي منهن وٽ بيٺيون ۽ پورچوگالين کي خبر پئجي وئي ته هو پاڻ گهڻي ويهين سئو آهن. ڏسڻ وارن ته اهو سمجهيو ته چين جهڙو راڪاس اجهو ٿو مڪائو جهڙي جيتامڙي تي پير رکي چيڀاٽي ماريس پر مڪائو کي ائين ئي رهڻو هو، جنهن ۾ چين پنهنجي به چڱڀلائي سمجهي ٿو.
مڪائو لفظ ”آ – ما – ڪائو“ مان نڪتو آهي. ڪائو جي معني اپسمنڊ آهي. هتي جي ڏند ڪٿائن موجب وڻجارن ۽ مهاڻن جي ديويءَ جو نالو آ – ما (A – Ma) آهي. يعني آماديوي جو اپسمنڊ. هتي آ – ما ديويءَ جو مندر پڻ آهي. آما ديوي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هزارين سال اڳ هڪ ڇوڪريءَ هڪ تختي تي ويهي سڄي دنيا جي سمنڊن جو سير ڪيو هو. ان کان پوءِ اهو تختو مڪائو جي هڪ جبل وٽ ڦاسي پيو، اتي هيءَ ڇوڪري تختي تان لهي ان جبل جي چوٽيءَ تي آئي، جتان آسمان ڏي هلي ويئي. ان وقت ان جبل تي ڪجهه مهاڻا اهو لقاءُ ڏسي رهيا هئا، تن اهو ڪرشمو ٻين کي پڻ ٻڌايو ۽ ان ديويءَ جي مورتي (Statue) ۽ مندر ٺاهي ان جي عبادت شروع ڪئي ۽ اڄ تائين هلندي اچي.
انسان پيدائشي طور پوڄاري آهي. هن کي پوڄڻ لاءِ مڙيئي ڪانه ڪا شيءِ کپي. ڏاڏي پڙڏاڏي جي کوپڙي، يا ڪاري واسينگ نانگ جي ڦڻ. باهه، پاڻي يا قدرت يزدان، پر هتي جا ماڻهو مڙيئي سنڌين وانگر ڪجهه وڌيڪ ئي پيري فقيري ۽ پوڄا پاٺ ڏي مائل آهن. جيئن سنڌ جي هاءِ وي (رستن تي ڏسبو ته اوچتو ئي اوچتو رڻ پٽ ۾ ڪنهن ڦڏي ڪاٺيءَ ۾ بيرک طور ڪپڙو کُپي ويندو. پوءِ آهستي آهستي هڪ عدد فقير ڀڳل سرن ۽ مٽيءَ جي ڍير جي ڪچي قبر ٺاهي ويهندو. ڏسندي ئي ڏسندي اها قبر پڪي، اڇي چن جي ٿي ويندي آهي. مريد ۽ ميلا لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ اٻوجهه ۽ پرمتڙيا ماڻهو پنهنجو پئسو ۽ وقت نذر نيازن پٺيان وڃائيندا رهندا آهن. ان کان علاوه ڪي جاهل جهنڊن، قبرن، وڻن ۽ مختلف شين کان، اگهائي سگهائي کان وٺي اولاد عيال لاءِ دعائون گهري شرڪ جهڙو ڪم ڪن ٿا، تيئن هتي چينين ۾ به اهڙا سوڻ ۽ وسوسا انيڪ آهن.
جوا جي اڏن ڪري ڪي ماڻهو مڪائو کي لاس ويگاس سڏين ٿا ته ڪي پورچوگالي ڪلچر ۽ ايشيائي ماڻهن جي ڪري مڪائو کي ”لسبن واڌو بمبئي واڌو گوا“ به سڏين ٿا. مڪائو ۾ وڻ وڻڪار ۽ باغن جي ڪري مڪائو کي ايشيا جي ميامي به سڏيو وڃي ٿو. ڪو زمانو هو جو هتي جي اسي سيڪڙو آدمشماري ڪنهن نه ڪنهن نشي جهڙي موذي مرض ۾ ورتل هئي. ڪجهه سال اڳ تائين اهو عالم هو جو چپي چپي تي اوتارا، شراب خانا، مساج گهر، اگهاڙا وهنجڻ خانا ۽ عياشي جا اڏا هئا ۽ اهي سڀ اڄ به موجود آهن جيتوڻيڪ ظاهر ظهور نه آهن.
نئون آيل، مڪائو جي عورتن جي مهانڊي ۾ فرق محسوس ڪندو جيڪي ڀر پاسي وارن ٻين ملڪن کان ڪافي مختلف آهن. پورچوگالي وڻجارا ۽ لٽيرا جڏهن پنهنجو وطن ڇڏي هيڏانهن ملاڪا يا مڪائو پاسي آيا ته هو ڇڙها آيا. هنن انگريزن وانگر پنهنجي ملڪ جون زالون نه آنديون. هنن کي جتي جتي وجهه لڳو ٿي اتي ان ملڪ جي عورت سان شادي ڪئي ٿي. اهڙي طرح هنن، رستي تي ويندي آفريڪي عورتن کان وٺي، انڊين، ملئي، فلپينو عورتن سان شادي ڪري هنن کي قانوني زال بڻائي پنهنجي ملڪ پورچوگال يا هيڏانهن مڪائو وٺي آيا ٿي. اهڙي طرح رت جي ملاوٽ ڪري جيڪو نئون نسل پئدا ٿيو آهي اهو نه پورچوگالي آهي ۽ نه چيني. هي نسل پنهنجو پاڻ کي مڪائو جو نسل سڏائي ٿو.
پورچوگالي حڪومت مڪائو کان علاوه ڀروارن ٻين ٻن ننڍن ٻيٽن تائيپا (Taipa) ۽ ڪولاني (colane) تي پڻ آهي. تائيپا، ڪولاني ۽ مڪائو – ٽئي ٻيٽ پکيڙ ۾ ڪل ڇهه چورس ميل مس ٿيندا. يعني ٽنهي ٻيٽن جي زمين ملائي هڪ مستطيل ٺاهبو ته ان جي ڊيگهه ٽي ميل ۽ ويڪر ٻه ميل ٿيندي يعني حيدرآباد جي هيرآباد يا فقير جي پڙ کان به گهٽ پکيڙ ٿيندي. تائيپا ٻيٽ جا ماڻهو دارون ٺاهڻ (آتش بازي) جي ڪم ۾ دنيا ۾ مشهور آهن ۽ جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾ گهر گهر عورتون جنڊ تي اَن پيهنديون هيون، تيئن تئيپا جي گهر گهر ۾ دارون پيٺو وڃي ٿو ۽ اهو سڄي دنيا ۾ وڪامي ٿو.
مڪائو ۾ هڪ تمام پراڻو ٻڌن جو مندر ۽ هڪ پٿر جو ڪتبو کتل آهي، جنهن تي اهو معاهدو لکيل آهي جيڪو 1844 ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ٿيو هو. مڪائو ۾ چين جي انقلاب جو اڳواڻ ڊاڪٽر سن يات سين جي پڻ هڪ خوبصورت مورتي (Statue) آهي جڏهن ڊاڪٽرسن يات سين کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي هئي ته هو مڪائو ۾ هليو آيو هو.
مڪائو جنهن شيءِ کان گهڻو مشهور آهي، سا آهي جوئا (gambling). يورپ جي مونٽي ڪارلو ۽ آمريڪا جي لاس ويگاس شهر وانگر هتي مڪائو ۾ به بيشمار جوئا گهر آهن، جتي سڄي دنيا جا دولتمند جواري، جوا کيڏڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هڪ هڪ رات ۾ لکين ڊالرن جي هار جيت ٿئي ٿي. جوئا به هتي انيڪ طريقن سان ٿئي ٿي. شرطون، سٽا، پتي راند کان وٺي مشين رستي، جنهن ۾ سڪو وجهي دٻائيندو رهجي يا ته هضم يا ته ڊالرن جا انبار ٻاهر. تترن ۽ ڪڪڙن جي ويڙهه ته توهان ٻڌي هوندي، پر هتي تِڏين کي به ويڙهائي هزارين ڊالرن جون شرطون لڳايون وڃن ٿيون.
مڪائو ۾ سون جو غيرقانوني واپار پڻ عام هلي ٿو. پورچوگال سون جي بين الاقوامي ٽولي جو ميمبر نه هجڻ ڪري، مڪائو ۾ سڄي دنيا کان سستو سون ملي ٿو. مڪائو ۾ لکين ڊالرن جو خبر ناهي ڪٿان ڪٿان سون اچي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن ڏي سمگل ٿي وڃي ٿو. هتي جو هر ماڻهو سمگلر ئي لڳي ٿو.