مصري عرب سان شام ــ ڪولون جي مسجد
هن پهرين هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. منهنجي ان اوچتي ۽ اوپري سوال تي سندس چهري تي ڪجھه خوف ۽ شڪ ظاهر ٿيو ته آيا منهنجي ”عرب“ مان سٺي مراد آهي يا نفرت آميز. ان جو سبب ۽ هن جي اها بيچيني آءٌ سمجهي ٿي سگھيس ۽ اها جائز هُئي جو تازو ٻه ڏينهن اڳ ميونخ جرمني ۾ اولمپڪ راندين دوران فلسطيني گوريلن جي بليڪ ـ سيپٽمبر تحريڪ ۽ اسرائيل جي رانديگرن جو واقعو رونما ٿيو هو، جنهن کي مغربي پريس خوب اڇاليو ۽ Exploit ڪيو هو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهن کي خبر پئجي وئي هُئي. هانگ ڪانگ ۾ به ان ڏينهن کان هر روز ان قسم جي سرخي صبح ۽ شام جي اخبارن ۾ آئي ٿي ۽ ماڻهن جي دل ۾ عربن لاءِ نفرت پيدا ڪئي وئي ٿي. اهڙي ماحول ۽ وقت ۾ ڪنهن اوپري کي ٻڌائڻ ته مان عرب آهيان، معنى هن جي هر رمارڪ ـ ويندي گار گند ٻڌڻ لاءِ تيار رهڻ.
مون محسوس ڪيو ته منهنجي سامهون ويٺل همراهه جي دل پينگھه وانگر ”ها ۽ نه“ جي وچ ۾ لُڏي، نيٺ حقيقت ۽ سچ طرف بيهي رهي.
”ها، مان عرب آهيان، ڀاءُ.“ هن صاف ۽ صحيح انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو ۽ پنهنجو ڪوٽ ۽ ٽائي درست ڪري، رومال سان پيشاني تان پگھر اگھيو.
”منهنجي خيال ۾ مصري ته نه آهيو؟“
منهنجي ان ڌُڪي تي ڏاڍو خوش ٿيو. مون به پنهنجو تعارف ڪرايومانس ته اٿي بيهي ايڏو ته حُب مان ڀاڪر پاتائين ۽ کيڪاريائين جو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
هو آسٽريليا کان اچي رهيو هو، جتي مصر جي سفارتخاني ۾ ٽي سال اتاشي ٿي رهيو هو ۽ هاڻ مُدو پورو ٿيڻ تي پنهنجي وطن وڃي رهيو هو. کيس هانگ ڪانگ ۾ اڏام بدلائي ٻي ڪمپني جي جهاز ۾ ٻئي ڏينهن قاهره روانو ٿيڻو هو. سندس گھر قاهره ۾ زملق گھٽِيءَ ۾ آهي ۽ سندس نالو ”توفيق محمود“هو. عمر ۾ مون کان ڏهه ٻارهن سال وڏو ٿي لڳو. کليل پيشاني ۽ چهري جي نموني مان بيحد ذهين ۽ سمجُهو ٿي ڏٺو.
هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايوسين ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ گھمڻ ۽ مهمان ٿي رهڻ لاءِ هڪ ٻئي کي دعوتون ڏنيونسين. ان بعد ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهائيندا رهياسين. هو به مون وانگر واندو هو، گھمڻ جو کيس شوق صفا ڪونه ٿي ڏٺو ۽ ويٺو رهيو. هانگ ڪانگ ۽ مغربي ملڪن مان آيل اخبارن ۾ ڏنل هڪ طرفيون ۽ جانبدار خبرن، مراسلن ۽ ادارين بابت هو پڻ افسوس ڪندو رهيو ته دنيا جو ــ خاص ڪري پريس جو ضمير اڄُڪلهه ڪٿي آهي، جو هو عربن ۽ مظلوم فلسطينين تي ايتري اجائي ٿڪ لعنت ڪري رهيا آهن. جڏهن ساڳيو ڪم پاڻ وڏي پئماني تي يهودي، فلسطينين سان ڪن ته اها ساڳي پريس ان کي ظلم يا ڪوس نٿي سڏيو، ويتر ان کي آزادي ۽ حق جي جنگ ٿي ڪوٺيو، جڏهن يهودي، غريب فلسطينين کي بي گھر ڪيو تڏهن ڪنهن کي قياس ڪونه ٿي آيو.
ڳالهائيندي ڳالهائيندي توفيق جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ دل ڀرجي آيس ۽ ڏک مان چيائين، ”ڇا اهو 1967ع وارو نظارو دنيا وساري ويٺي آهي جڏهن اسرائيل غريب فلسطينين کي لوڌي ڪڍيو. ڇا دکدائڪ نظارو هو. ٽيهه هزار انساني جانيون پنهنجي ئي گھر مان بي گھر ٿي رهيون هيون ــ مرد، ننڍڙا ٻار مائرن جي چولن ۾ چهٽيل، پوڙها، عورتون جن ڪي ڪَڇَن ۾ تازا ڄاول ٻار، خوف کان ڏڪندا، رئندا، ڊڄندا تتل واريءَ تان قافلن جي روپ ۾ اڻڄاڻ ڀيانڪ مستقبل ڏي وڌي رهيا هئا ۽ اهي ظالم اسرائيلي سپاهي بندوقن جي سنگينن سان کين ڌڪي رهيا هُئا، لوڌي رهيا هُئا.“
”مڃون ٿا ته جيڪي ڪجھه ميونخ ۾ ٿيو يا هوائي جهاز هاءِ جئڪ ڪرڻ يا لنڊن ۾ يهودين جي دڪانن ۾ بم ڇڏڻ، جنگ جي اصولن جي خلاف ۽ غير مهذب ڳالهه آهي، پر بقول فلسطينين جي، (جن کي پورا هٿيار نه آهن) اسرائيل ــ جنهن کي آمريڪا جهڙي طاقتور ۽ امير ملڪ جي هٿي آهي، ان جو جنگ جي ميدان ۾ مقابلو ڪيئن ٿو ڪري سگھجي. هن لاءِ ته اهو ئي طريقو آهي ته گوريلا جنگ وڙهجي. ان ۾ خاص شيءِ اها ڏسڻي پوندي آهي ته ٽارگيٽ کڻي ننڍو هُجي، پر ڪاميابي سؤ سيڪڙو هڙ پوي. ڪٿي هيسائڻ کان ڪم وٺڻ، ڪٿي دشمن کي منجھائڻ ۽ خوف ۾ رکڻ، ڪٿي هن کي ان قسم جا ننڍا نقصان پ هچائڻ، جنهن جي هن کي اميد نه هُجي ـ گھڻو اثر رکي ٿو. سو هنن لاءِ ويٽنام جهڙي گوريلا جنگ جوٽڻ ئي درست آهي. دنيا هنن مظلومن کي هميشه ستائيندي رهي ۽ وساريندي رهي. گھٽ ۾ گھٽ هاڻ دنيا اهو ته محسوس ڪيو آهي ته فلسطيني به ڪي انسان هن ڌرتيءَ تي آهن ــ جن سان ظلم ٿيل آهي.“
منهنجي من کي منجھائيندڙ هڪ ڳالهه پڇيمانس، ”ڀلا، ڀاءُ هوائي جهاز يا دڪان ختم ڪرڻ تي معصوم ۽ بيگناهه جانيون به ته تباهه ٿين ٿيون، ان لاءِ Justification هئڻ کپي؟“
”هر هڪ جي من ۾ ساڳيو سوال ڪر موڙي منجھائي ٿو. ڊاڪٽر هباش ۽ ليلى خالد کان جڏهن ان بابت لائيف ۽ ٽائيم رسالن جي نمائندن پڇيو ته هنن وراڻيو؛ ”فلسطين گوريلن جون سڀُ تحريڪون ان کان گُريز ڪن ٿيون ته ڪوبه معصوم شڪار بڻجي، پر سوال آهي ته ڇا ڪو اهڙو سرجن آهي جو بنا رتُ واهڻ جي ڪا آپريشن ڪري سگھي.“ بهرحال هن عرب گوريلن جي عمل کي خراب ٿا سمجھن ڪي سٺو ۽ سچ اهو آهي ته ان خرابي ۽ سٺائي جي وچ ۾ ايترو گھٽ ويڇو ۽ ڪمزور سرحد آهي، جو ڪچي ڌاڳي وانگر ڪٿي به ٽٽي سگهي ٿي، اجھو هيئن.“
توفيق کي چانهه پاڻي جي صلاح ڪري سامهون هوٽل ميرا مار جي بار ۾ وٺي آيس. کانئس کائڻ پيئڻ جي پسند پڇيم. هي شايد پهريون عرب مون سان مليو هو، جنهن شراب ۽ عورت کان پاسو ٿي ڪيو. هو ڪيتري دير مون سان ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ سمجھائيندو رهيو ته، مذهب اسلام هڪ سائينٽيفڪ ۽ هر دور ۽ وقت جي تقاضا آهي ۽ سٺائي سيکاري ٿو. پاڻ، آسٽريليا ۾ مقيم پاڪستاني ايمبسي وارن جي ڏاڍي تعريف ڪيائين، جن انڊونيشيا جي ايمبسي وارن سان گڏجي ميلبورن (آسٽريليا) ۾ هڪ خوبصورت مسجد تعمير ڪرائي آهي.
سانجهيءَ جو وقت اچي ٿيو هو. ميرا مار هوٽل جي سامهون ناٿن روڊ جي ٻئي پاسي هڪ تمام وڏي ۽ خوبصورت مسجد آهي. ڪافي پي اسان اٿياسين ۽ ناٿن روڊ تي واڪ ڪندا ان مسجد ۾ مغرب جي نماز لاءِ گھڙي پياسين. مسجد ۾ نمازين کان وڌيڪ سياح هئا. ان کان اڳ به هڪ دفعو ان مسجد ۾ جمعي نماز پڙهڻ جو موقعو مليو هو. جمعي نماز ڪري چڱو خاصو تعداد نمازين جو هو. سؤ سوا کن ٿيندا. چار وڏيون صفون ٿيون هيون، جن ۾ مدراسي ۽ ڏکڻ هندستان جا ٻيا مسلمان ڪافي هئا. ان کان علاوه پاڪستاني (خاص ڪري پٺاڻ)، ملئي ۽ ڪجهه چيني مسلمان پڻ هئا، پر ان ڏينهن مغرب نماز تي تمام ٿورا ماڻهو (مدراسي ۽ چيني) هئا، جي هڪ بزرگ شخص کان ديني ڳالهيون ٻُڌي رهيا هُئا. مسجد جو امام هزاره (پاڪستان) جو پنجونجاهه سالن جو پوڙهو هو. ان کان اڳ به هزاره جو ئي امام هو، جو هڪ سال اڳ وفات ڪري ويو.
وضوءَ لاءِ ان مسجد ۾ خوبصورت حوض ٺهيل آهي. اندر بهترين غاليچا وڇايل آهن ۽ ٻاهر سنهي سَرُ جا تڏا. هيءَ مسجد جپانين ٻي وڏي جنگ ۾ مسلمان سپاهين لاءِ ٺهرائي هُئي، جي ان وقت ميدان تي نماز پڙهندا هُئا. اها مسجد پهرين قلعي طور استعمال ٿيندي هُئي.