الطاف شيخ ڪارنر

وايون وڻجارن جون

چين ويندي هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اچڻ ۽ رهڻ ڪري اتي جون ڳالهيون به گهڻيون ٿي پيون ۽ هن ڪتاب ۾ رڳو هانگ ڪانگ ۽ ان جي اوسي پاسي جي سمنڊ ۽ ٻيٽن جون ڳالهيون آهن، جيڪي 1970 کان 1973 جون سمجهڻ کپن. هي منهنجا سامونڊي سفر جا قصا تن ڏينهن ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا، جيڪي پوءِ سهڻي پبليڪشن جي مالڪ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف گڏ ڪري 1974 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
الطاف شيخ
  • 4.5/5.0
  • 2600
  • 747
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وايون وڻجارن جون

جان جا چور، مال جا چور ۽ ايمان جا چور!

اسان جي جهاز کي هانگ ڪانگ جي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائيندي هفتو کن ٿي ويو هو. اسان جي جهاز کي جيتوڻيڪ جيٽي نه ملي هئي پر بندرگاهه کان ڪو گهڻو پري به نه رکيو ويو هو. اسان جي مڪاني آفيس طرفان پئسينجر لانچ جو بندوبست ٿيل هو. جيڪا هر ڪلاڪ بعد جهاز تي آئي ٿي ۽ شهر گهمڻ وارن کي ڪناري تي يا ڪناري کان جهاز تي پهچايو ٿي. ڪولمبو، ڪوالالمپور ۽ سنگاپور مان جنهن سامان کي جهاز کي ڀري پهتا هئاسين اهو بارجز ذريعي لاٿو پئي ويو. بارج بنا اانجڻ جي هڪ وڏي مستطيل ٻيڙي ٿئي ٿي جنهن ۾ گهڻي کان گهڻو سامان اچيو وڃي. جهاز جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ بارج لڳي بيهي ٿي پوءِ هتي جا چيني مزور جهاز جي ڪرينن ذريعي جهاز مان سامان جون ڳوڻيون، کوکا ۽ ڪريٽ لاهي بارجن ۾ رکن ٿا. بارج ڀرجڻ تي ڪوٽگ يا لانچ ان کي ڇڪي ڪناري ٿي پهچائي ٿي. هي بارجون هتي جي چيني مهاڻن جون آهن جن جا ڪٽنب انهن بارجن تي ئي رهن ۽ ان تي ئي رڌين پچائين ۽ کائن پيئڻ.
ڪم جي رفتار مان لڳو پئي ته سامان لهڻ ۽ ان بعد جپان ۽ ڪوريا لاءِ سامان چڙهڻ ۾ اڃان به گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا کن لڳندا ۽ جيترو گهڻو وقت جهاز هڪ هنڌ بيهي ٿو اوترو اسان جهازين لاءِ مزو جو جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ۽ سمنڊ جي ڏاکڙن کان اسان کي فرحت ملي ٿي. اهڙن موقعن تي وقت گذارڻ لاءِ گهمڻ ڦرڻ اسان جو خاص مشغلو هوندو آهي.
هانگ ڪانگ دراصل ٻن حصن جو نالو آهي. هڪ هانگ ڪانگ ٻيٽ جيڪو وڪٽوريا به سڏجي ٿو ۽ ٻيو ڪولون جيڪو ڌرتيءَ جو اهو حصو آهي جيڪو چين جي سرزمين Mainland سان مليل آهي. وڪٽوريا جي سمجهو ته منهوڙو ٻيٽ آهي ته ڪولون ڪياماڙي ٿيو، ۽ اسان جو جهاز ٻين ڪيترن ڌارين ملڪن جي آيل جهازن سان گڏ سمجهو ته منهوڙي ٻيٽ کان ٻه چار ميل پري کلئي سمنڊ ۾ بيٺو آهي جتان ٻيڙي ذريعي منهوڙو يعني هانگ ڪانگ جي ٻيٽ تي اچون ٿا. هانگ ڪانگ ٻيٽ کان ڪولون وڃڻ لاءِ وڏيون وڏيون فيريون هلن ٿيون جيڪي ماڻهن سان گڏ انهن جون ڪارون، لاريون ۽ موٽر سائيڪلون به سمنڊ جو حصو اڪاري ڪولون پاسي پهچائين ٿيون.
شروع جا ڪجهه ڏينهن اسان جهاز تان ٻيڙيءَ ذريعي هانگ ڪانگ ٻيٽ تي پهچي ان ٻيٽ (وڪٽوريا) جا ئي چڪر هڻندا رهياسين جيڪو جيتوڻيڪ گهڻو ڳتيل آهي پر ايراضيءَ ۾ سنگاپور کان به ننڍو آهي. هانگ ڪانگ ٻيٽ جون گهٽين گهمڻ بعد اسان اسٽار فيريءَ ذريعي سمنڊ ٽپي ڪولون پاسي اچڻ لڳاسين. ڪولون پاسي جتي فيري اچي لاٿو ٿي اتي ڪولون جي ريلوي اسٽيشن به آهي جيڪا سمجهو ته ڪراچي جي سٽي اسٽيشن به آهي يعني ملڪ جي شروعاتي اسٽيشن آهي جتان ريل شروع ٿئي ٿي ته ڪراچي جون ريلون اسٽيشنون صدر، ڊرگ ڪالوني، ملير، لانڍي اڪري لاهور، پنڊي، پشاور کان وڃيو ٿي نڪري. تيئن ڪولون کان ريل شروع ٿئي ٿي ته ٻه ٽي اسٽيشنون هن ڌرتيءَ جي حصي، جيڪو هانگ ڪانگ ملڪ جي حد دخلي ۾ اچي ٿو، لتاڙي چين جو بارڊر ٽپي اڳيان ڪئنٽن، شنگهائي ۽ بيجنگ تائين هلي وڃي ٿي.
هڪ ڏينهن شام جو، پنهنجي جهاز جي دوست انجنيئر، سعيد اختر زيدي سان گڏ ڪناري تي آيس. سعيد اختر چيو ته اڄ هن ٻيٽ هانگ ڪانگ يا درياه جي هن پار ڪولون ۾ چڪر هڻڻ بدران هلو ته ريل گاڏيءَ ۾ ٻهراڙي واري علائقي ۾ هليا هلون. جتي اسان کي جهاز واري لانچ اچي ڇڏيو اها ”بليڪ پيئر“ سڏجي ٿي. جيڪا سمجهو ته هڪ مرڪزي بس اسٽاپ وانگر آهي جتي مختلف جهازن ۽ اوسي پاسي جي ٻيٽن تان مسافر کڻي ٻيڙيون ۽ لانچون اچي لاهين ٿيون ۽ وري هتان ئي انهن کي واپسي تي کڻن ٿيون. چوڌاري ڪيترائي ننڍڙا دڪان ۽ ريسٽورنٽون آهن جن جي ٻاهران لڳل لائوڊ اسپيڪرن تان هر وقت اعلان ٿيندو رهي ٿو ته، فلاڻي نمبر جي لانچ فلاڻي جهاز يا ٻيٽ کان مسافر کڻي پهچڻ واري آهي يا اوڏانهن رواني ٿيڻ واري آهي مسافر حضرات فلاڻي نمبر ڏاڪڻ تي اچي قطار ۾ بيهن جيئن ان ٻيڙي ۾ سوار ٿي سگهن.
اسان بليڪ پيئر جيٽي تي لهي، پنهنجي ٻيڙي جي آفيس واري ڪلارڪ کان ٽائيم ٽيبل جي پڪ ڪئي، تنهن ٻڌايو ته هنن جي ٻيڙيءَ جي، اسان جي جهاز لاءِ، صبح جو نائين کان رات جو ٻارهين تائين ڪلاڪ ڪلاڪ بعد سروس آهي، ان بعد ٽن ٽن ڪلاڪن بعد. ظاهر آهي آڌي رات کان صبح جو نائين تائين ورلي ڪو ماڻهو اچي وڃي ٿو. جهاز تي نيرن اٺين بجي شروع ٿئي ٿي. ان بعد ئي هرڪو نڪرڻ شروع ڪري ٿو. اسان جنهن وقت ٻيڙيءَ مان لٿاسين ته منجهند جا اڍائي ٿي رهيا هئا ۽ اسان ارادو ڪيو ته رات جو يارهين يا ٻارهين وڳي واري ٻيڙيءَ ۾ موٽنداسين.
هانگ ڪانگ ۾ جتان ڪولون لاءِ فيريءَ جو اڏو آهي اهو هن بليڪ پيئر جي ڀر ۾ ئي آهي. اها اسٽار جيٽي سڏجي ٿي جتان پراڻي زماني جون (گهٽ ۾ گهٽ ٻي جنگ عظيم جي ڏينهن جون) اسٽار فيري ڪمپنيءَ جون فيريون ماڻهن ۽ موٽرڪارن کي هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ ۾ ڍوئين ٿيون. گذريل دفعي هانگ ڪانگ ايندي وقت خراب سمنڊ ۽ طوفاني موسم اسان جهاز هلائيندڙن کي ايڏو ته دل شڪستو ڪيو جو مون ۽ منهنجي دوست ٿرڊ انجنيئر زيديءَ سمنڊ جي ڌڪن کائڻ کان بچڻ خاطر هن فيري ڪمپنيءَ ۾نوڪري لاءِ درخواست ڏني هئي جيڪا جيتوڻيڪ يڪدم قبول ڪئي وئي پر اسان جهٽ Realize ڪري ورتو ته ڊگهين سامونڊي مسافرين جا ڏاکڙا ضرور آهن پر ان ۾ ڀانت ڀانت جا ملڪ ۽ بندرگاهه به ته گهمڻ جو موقعو ملي ٿو. هيءَ فيريءَ جي نوڪري جنهن ۾ طوفانن، خراب سمنڊ Sea Sickness جو پهلو کڻي ناهي جو هن ۾ فيريءَ کي فقط هانگ ڪانگ کان ڪولون ۽ ڪولون کان هانگ ڪانگ روزانو پنجاهه کن دفعا سنڌودرياهه جي پيٽ جيڏي سمنڊ مان ٽپائڻو آهي.پراهو هڪ بوريت واري نوڪري ٿيندي ۽ ساڳين ٻن Points جي وچ ۾ اچ وڃ ڪري ڪري اسان جي حالت اوڄو ڪرڻ واري ان ڪوريءَ وانگر ٿي ويندي جيڪو سڄو ڏينهن اڻندو رهي ٿو ۽ تاڃيءَ جي وچان لنگهندڙ نڙانڊيءَ کي ٽينس راند جي ريفريءَ وانگر ڪڏهن ساڄي پاسي ڏسي ٿو ته ڪڏهن کاٻي پاسي. سو اسان به سڄو ڏينهن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي جيٽي جي بلڊنگ ڏسي ڏسي چريا ٿي پونداسين.
اسان پنهنجي بليڪ پيئر جي عمارت مان نڪري رستا ٽپندا اچي اسٽار فيري جي جيٽي تي پهتاسين. ڪولون وڃڻ لاءِ فيري تيار بيٺي هئي. رستي تان دريءَ تان ٽڪيٽون وٺي اچي فيريءَ ۾ سوار ٿياسين. ڪولون پاسي جتي ٻيڙيءَ مان لهجي ٿو اتي انگريزن جي حيدرآباد جهڙي ۽ جيڏي ”ڪولون ريلوي اسٽيشن“ آهي. ٽڪيٽ واري دريءَ تي ويٺل چيني همراهه انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ڪيڏانهن ويندائو؟
”ڪيڏانهن ويندائو! ”تمام ڏکيو سوال پڇيو اٿس، مون زيديءَ کي چيو.
”اسان آخري ريلوي اسٽيشن تائين وڃڻ ٿا چاهيون.“ زيديءَ همت ڪري جواب ڏنس.
”آخري اسٽيشن ته چين ملڪ جي ڪئنٽن (Guangzhou) آهي.“ ٽڪيٽ واري اسان ٻنهي کي گهوري چيو، ”پاسپورٽ تي ويزا لڳل آهي؟“
”اسان وٽ پاسپورٽ ئي ڪونهي.“ مون وراڻيومانس.
”پوءِ هتي ڪيئن پهتا آهيو. ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ مهل ڪهڙن ڪاغذن تي entry جو ٺپو لڳو؟“ هن پڇيو.
”اسان جهاز هلائي آيا آهيون ۽ ملڪ ۾ داخلا جو ٺپو جهاز جي ڪاغذن تي لڳو آهي.“ زيديءَ ٻڌايس.
”چڱو ڀلا اسان کي توهان جي هن ملڪ جي آخري ريلوي اسٽيشن جي ٽڪيٽ ڏي. اسان بارڊر وٽان موٽي اينداسين،“ مون ٽڪيٽ وڪڻڻ واري ڪلارڪ کي چيو ۽ زيديءَ کي اڙدوءَ ۾ چيم ”ڇڏينس کڻي. گهڻو بحث نه ڪرينس متان ”پاڪ چين دوستي“ جي جذبي هيٺ پاڻکي ڪئنٽن وڃڻ جي موڪل نه ڏئي ڇڏي. ايترا پئسا گيدي ۾ آهن ڪٿي؟“
”واه جي ڳالهه ڪئي منهنجا سائين.“ زيديءَ ٽهڪ ڏيندي سنڌيءَ ۾ وراڻيو. اسانجي جهازي انجنيئر دوست سيد سعيد اختر زيدي جو ننڍپڻ شڪارپور ۾ گذريو جتي هن پنهنجي پڦاٽ روشن ضمير سان گڏ پرائمري تعليم سنڌيءَ ۾ حاصل ڪئي.
هانگ ڪانگ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ان هنڌ تي آهي جتي پرل ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري. هانگ ڪانگ ملڪ ۾ هانگ ڪانگ جي وڏي ٻيٽ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ (جن جو تعداد 260 چيو وڃي ٿو) اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه چين جي سرزمين (mainland) جو ٽڪرو جيڪو ڪولون کان وٺي چين جي شين زين (Shenzhen) تائين آهي، اهو پڻ هانگ ڪانگ جي ملڪ ۾ اچي وڃي ٿو.
اسان جي ٽرين جنگشاهي، ڪوٽڙي، ٽنڊو آدم ۽ شهدادپور جهڙين ٻن ٽن ريلوي اسٽيشنن بعد آخر بارڊر وٽ پڊعيڊن جهڙي ريلوي اسٽيشن تي اچي پهتي جتان چين جو بارڊر شروع ٿي ٿيو ۽ سڀني کي ٽرين مان لهڻو پيو. هيٺ پليٽ فارم تي ڪاٺ جي ٽيبلن تي ڪجهه فائيل ۽ ٺپا رکي انگريز حڪومت هانگ ڪانگ جا ۽ چين جي حڪومت جا ڪسٽم ۽ اميگريشن وارا پاسپورٽ ڏسڻ لاءِ ويٺا هئا. جن کي چين وڃڻو هو اهي پنهنجا پاسپورٽ ۽ سامان جي چڪاس لاءِ اوڏانهن ويا، باقي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. چوڌاري نج ٻهراڙي ۽ ٻنيون ٻارا هئا. زيديءَ کي چيم ته هو جادو جو جيڪو مٽڪو ٿيندو آهي، جنهن ۾ چور نظر ايندو آهي، ان ۾ جي ڪا حقيقت آهي ۽ اسانجو ڪو مائٽ يا دوست پاڪستان مان هن وقت اسان کي ڏسي ته هو ضرور چوندو ته ڪيڏا ته ڪوڙا آهن، هتان چئي ويا آهن ته هانگ ڪانگ ٿا وڃون پر هي ويٺا ته شاهه پنجو سلطان ڳوٺ ۾ آهن.
”مون کي پاڻ تعجب ٿو لڳي،“ سعيد اختر زيديءَ چيو، ”ڇا هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي رونق، رستا، عمارتون، ماڻهو، ڇورين جا ميڙ ۽ ماڊرن پوشاڪون ۽ ڇا هي ماٺ مٺوڙو ۽ ٻهراڙي وارو منظر! فرق ڇا؟ فقط هڪ ڪلاڪ جو – سو به ريل هر اسٽيشن تي ڪافي دير بيهندي آئي نه ته ڪار ذريعي ته اڌ ڪلاڪ به نه لڳي.“
اسان اسٽيشن کان نڪري ٻاهر جا چڪر هنيا ۽ تمام هوملي محسوس ڪيو ڄڻ پنهنجي وطن جي ٻهراڙيءَ ۾ پهچي ويا هجون. اسان کي اتي جو هڪ پرائمري اسڪول جو ماستر ملي ويو، جيڪو ٻڌائيندو رهيو ته هانگ ڪانگ جي ترقيءَ مان فائدو وٺڻ لاءِ چين پنهنجي هن ”شين زين“ علائقي کي ترقي ڏياري رهيو آهي، جيئن هتان چين جي ڪارخانن جو سامان ۽ ڀاڄيون ميوا هانگ ڪانگ ذريعي دنيا جي ملڪن ۾ وڪري لاءِ وڃن. هن ٻڌايو ته هو پنهنجن انهن سوٽن ماساتن کان وڌيڪ خوش نصيب آهي، جيڪي بارڊر جي هن پار چين جي فوتيان علائقي ۾ رهن ٿا، جتي مائوزي تنگ جي حڪومت آهي ۽ هرڪو سخت پورهئي ۽ غربت ۾ رهي ٿو.
”پر توهان به ڪيستائين انگريزن جي حڪومت ۾ رهي سگهندائو؟“ زيديءَ هن کان پڇيو، ”آخر ته چين، مدو پورو ٿيڻ تي، هانگ ڪانگ انگريزن کان واپس وٺندو.“
”ٿي نٿو سگهي،“ ماستر صاحب ٻڌايو، ”هانگ ڪانگ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ڪري چين به ناڻو ڪمائي رهيو آهي.“ ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن واڪ ڪرڻ بعد هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ ۾ چانهه پي اسان لائيٽ بس ذريعي ڪولون آياسين. لائيٽ بسون ننڍڙيون بسون ٿين جيڪي هانگ ڪانگ ۽ ڪولون ۾ عام هلن ٿيون. منجهن ڏهه کن ماڻهو ويهي سگهن. سندن ٽڪيٽ وڏي بس کان ڪجهه وڌيڪ ٿئي پر آرامده ۽ تيز رفتار ٿين ٿيون. اسان کي اڌ ڪلاڪ اندر ٻهراڙيءَ مان ڪڍي، ڪولون جي ڳتيل شهر مان گهمائي ناٿن روڊ تي چنڪنگ مئنشن اڳيان اچي لاٿائين.
چنڪنگ مئنشن (Chungking Mansions) هتي جي بيحد مشهور عمارت آهي. هيءَ عمارت سترهن ماڙ اتاهين آهي ۽ پنجن بلاڪن (اي، بي، سي، ڊي ۽ اِي) ۾ ورهايل آهي. هي عمارت جيتوڻيڪ رهائش جي لاءِ آهي. پر ڪيترن ماڻهن پنهنجن فلئٽن ۽ ڪمرن کي ائين دڪان ۽ ريسٽورنٽون ٺاهي ڇڏيو آهي، جيئن ڪراچيءَ جي ميٽرو پول هوٽل جا ڪيترائي ڪمرا اڄ ڪلهه رهائش بدران آفيس، دڪان يا شوروم طور استعمال ٿين ٿي. هانگ ڪانگ ۽ ڪولون ۾ هونءَ جيتوڻيڪ رهائش تمام مهانگي آهي، پر هتي سستي آهي. ڪيترا تامل هندستانين ۽ سنڌي هندن پنهنجن فلئٽن کي ميسون بنايون آهن، جن ۾ انڊين کاڌو ٺاهيو وڃي ٿو ۽ اوسي پاسي جي دڪانن جا مالڪ يا اسان جهڙا جهازي ۽ ٽوئرسٽ ماني اچيو کائين. ڪيترن چينين، انڊين ۽ اسانجي پاڪستانين هي فلئٽ مسواڙ تي وٺي پوءِ پٽ تي بسترا وڇائي ڇڏيا آهن جتي هانگ ڪانگ ۾ آيل مسافر وڏي هوٽل ۾ رهڻ بدران رات جا چار پهر هتي ڪجهه ڊالر ڏئي گذارين. ڪيترن ته انهن فلئٽن کي دڪان ڪري ڇڏيو آهي، جتي ڪنهن هڪ قسم جي ورائٽي جو سامان، مثال طور ميڪ اپ جو يا اليڪٽرانڪ جو، يا پرسن ۽ واچن جو کولي ڇڏيو آهي، جتي هو ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ۽ کهوڙي گارڊن وانگر هول سيل ۾ سامان وڪڻن. مختلف ايئرلائينز جون ايئر هوسٽسون، جهازن جا sailors ۽ ٻيا خريدار هنن جا مقرر آهن، جيڪي انهن دڪانن تي پهچيو وڃن. مثال طور هن بلڊنگ جي پنجين فلور تي هڪ سنڌي هندوءَ جو ميڪ اپ جو دڪان آهي، ان تي ايئر انڊيا ۽ اسان جي PIA جون ايئر هوسٽسون ۽ دبئي پاسي جا کيپيا پهچي ويندا آهن ۽ نيل پالشن، روجن ۽ لپ اسٽڪن سان ٿيلها ڀري پنهنجي ملڪ کڻي وڃن ٿا جتي هو طارق روڊ جهڙن دڪانن تي مال سپلاءِ ڪري ٻي مال جو آرڊر وٺي اچن ٿا.
چنڪنگ مئنشن ۾ سکن ۽ پٺاڻن جا به ڪيترائي دڪان آهن خاص ڪري ڪپڙي، ساڙهين، سون، غيرملڪي ناڻي جي مٽا سٽا جا. اهڙي طرح عربن، آفريڪن، بنگالين جا دڪان، ميسون ۽ ريسٽورنٽون آهن. هن عمارت جي هر ماڙ تي هڪ عجيب ماحول ۽ فضا رهي ٿي. دنيا جي ڀانت ڀانت ملڪن جا عجيب وغريب پوشاڪ ۾ مسافر نظر ايندا. مختلف هوٽلون انهن ۾ تيار ٿيل مختلف کاڌا نظر ايندا ۽ انهن جي خوشبوءِ به عجيب هوندي. هن بلڊنگ ۾ هر وقت هڪ ميلو ۽ رونق متل هوندي آهي. اهو ٿي نٿو سگهي ته توهان ڪولون اچو ته ان جي اهم روڊ – ناٿن روڊ تي نه اچو. ۽ ناٿن روڊ تي پهچي اهو ٿي نٿو سگهي ته توهان هن چنڪنگ مئنشن ۾ نه اچو. اسان کي به هتي جا اڳ جا آيل، پهرين چنڪنگ مئنشن وٺي آيا. اسان هر وقت اهوئي سوچيندا آهيون ته پنهنجي خرچ تي باءِ ايئر جيڪڏهن هانگ ڪانگ گهمڻ آياسين ته هتي چنڪنگ مئنشن ۾ اچي رهنداسين ۽ ماني ٽڪي به هتي کائينداسين جتي بلڊنگ کان ٻاهر نڪر ته چوڌاري وڏا شاپنگ سينٽر ۽ مارڪيٽون آهن ۽ ڪنهن بس يا ٽئڪسي جي به ضرورت ناهي.
چنڪنگ مئنشن ۾ جيئن ئي اندر ٿو گهڙجي ته اي، بي، ۽ سي بلاڪ کاٻي پاسي آهن ۽ ڊي ۽ اِي ساڄي پاسي آهن. هر بلاڪ لاءِ ٻه لفٽون آهن، جن مان هڪڙي اڪي انگن وارن فلورن لاءِ مسافر کڻي ٿي ۽ ٻي ٻڌي انگن وارين ماڙين لاءِ، جهڙوڪ ٻيو، چوٿون، ڇهون، اٺون.... فلور. ان کان علاوه ڏاڪڻيون به آهن. چون ٿا ته چنڪنگ مئنشن جي پنجن بلاڪن ۾ اٽڪل ٻه هزار ڪمرا آهن ۽ هانگ ڪانگ ۾ سڀ کان گهڻا گيسٽ هائوس هن بلڊنگ ۾ آهن ۽ جيئن ته هتي رهائش سستي آهي ان ڪري گهٽ خرچ تي گهمڻ وارا اسان جا ايشيائي توڙي يورپي هن بلڊنگ ۾ ڦرندا رهن ٿا ۽ مختلف گيسٽ هائوس جي نالي مان ئي خبر پئجي سگهي ٿي، ان جو ڪهڙي ملڪ، قوم يا مذهب سان واسطو آهي. چنڪنگ مئنشن ۾ ٺهيل گيسٽ هائوسن ۽ هاسٽلن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن:
• نيو ايشيا گيسٽ هائوس
• هماليا گيسٽ هائوس
• ٽوڪيو گيسٽ هائوس
• نيو دهلي گيسٽ هائوس
• تاج محل ڪلب
• اشوڪ نيپالي ڪلب
• نيويارڪ گيسٽ هائوس
• وڪاس پاڪستاني ميس
• پاڪستاني انڊين حلال فوڊ
• ڪولمبيا گيسٽ هائوس، وغيره وغيره
اسان بي بلاڪ جي چوٿين فلور تي هڪ حلال کاڌي جي ريسٽورنٽ تي مڪس ڀاڄي، فراءِ گانگٽ ۽ چانور وٺي کاڌاسين. مانيءَ سان گڏ ٿورو پتائي گجرن جو آچار ۽ ٻه پاپڙ پڻ مليا.
ماني کائي اسان هيٺ ناٿن روڊ تي واڪ ڪرڻ شروع ڪيو. ناٿن روڊ (Nathan Road) ڪولون جو اهم روڊ آهي، جيڪو ڏکڻ کان اتر وهي ٿو. هي روڊ دڪانن، ريسٽورنٽن، ڪلبن، پي آءِ اي ۽ ٻين ايئر لائين جي آفيسن ۽ ٽورسٽن سان ائين ڀريل آهي جيئن ڪراچي جي صدر علائقي جي زيب النساء اسٽريٽ ۽ ايلفي آهي. ۽ هن روڊ کي ڪنهن زماني ۾ Golden Mile به سڏيو ويو ٿي، پر هاڻ اهو نالو مشهور ناهي. ناٿن روڊ Salisbury روڊ کان شروع ٿي بائونڊري اسٽريٽ تائين دنگ ٿئي ٿو. هن روڊ (ناٿن روڊ) جو پهريون حصو 1861 ۾ ٺهي راس ٿيو هو. هتي جي هڪ پوڙهي چيني رٽائرڊ پوليس آفيسر ٻڌايو ته ڪولون جو هي پهريون رستو آهي، جيڪو Qing گهراڻي جي حڪومت طرفان هانگ ڪانگ برطانيا وارن کي 1860 ۾ ملڻ بعد ٺهرايو ويو هو.
هڪ هنڌ پڙهيو هوم ته ناٿن روڊ جو پهرين رابن سن روڊ نالو هو جيڪو هانگ ڪانگ جي پنجين گورنر سر هرڪيوليس رابن سن نالي رکيو ويو هو. پر جيئن ته ان نالي (رابنسن روڊ) وارو روڊ هانگ ڪانگ ٻيٽ تي به آهي ۽ مونجهارو پئدا ٿي ٿيو، ان ڪري ڪولون واري هن رابن سن روڊ جو نالو هانگ ڪانگ جي تيرهين گورنر سر مئٿيو ناٿن نالي رکيو ويو، جيڪو 1904 کان 1907 تائين گورنر ٿي رهيو.
ڪولون جي هن مشهور ناٿن روڊ جو هڪ حصو Gascoigne روڊ کان Argyle اسٽريٽ تائين جو پهرين ڪورونيشن روڊ نالو رکيو ويو، جيڪو انگلينڊ جي شهنشاهه جارج پنجين جي 1911 ۾ Coronation (تاج پوشيءَ) جي موقعي تي رکيو ويو هو پر پوءِ 1926 کان روڊ جو اهو حصو به ناٿن روڊ سڏجڻ لڳو. هانگ ڪانگ ۽ ڪولون پاسي رستن ۽ گهٽين جا نالا انگريز حاڪمن ۽ سرڪاري ڪامورن جا آهن جيئن ته پرنس ايڊورڊ روڊ، شهزادي مارگريٽ روڊ، ڪناٽ روڊ، ڪاڪرين روڊ، هينيسي روڊ وغيره. اهڙن نالن وارا روڊ سنگاپور، انڊيا ۽ اسان وٽ به آهن جو ڪيترائي انگريز آفيسر انڊيا کان سنگاپور، يا ڪوالالمپور کان هانگ ڪانگ بدلي ٿيندا رهيا ٿي جيئن اسان جا ڊپٽي ڪمشنر يا پوليس سپرنٽنڊنٽ سانگهڙ کان سکر، يا خيرپور ميرس کان نواب شاهه بدلي ٿيندا رهن ٿا. سنگاپور ۾ ڪيترائي اهڙا روڊ آهن جن جي نالن جو واسطو اسان جي ننڍي کنڊ، عربستان ۽ ايران وغيره جي شهرن ۽ ماڻهن سان پڻ آهي جو سنگاپور ۾ اسان جي پاسي جي ماڻهن جو وڏو تعداد رهيو ٿي ۽ اڄ به رهي ٿو پر هانگ ڪانگ پاسي اسانجي پاسي جا ماڻهو تمام گهٽ رهيا ٿي ۽ جيڪي آيا- پٺاڻ ۽ پنجابي سي انگريز فوج ۾ هانگ ڪانگ ۾ آيا ۽ سنڌي هندو ۽ گجراتي واپار وڙي خاطر به انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ۾ آيا. سو سڄي هانگ ڪانگ ۾ ڪو اهڙو روڊ يا گهٽي نظر نٿي اچي جنهن جو نالو ڪنهن انگريز يا چينيءَ کان علاوه ڪنهن ٻئي جو هجي خاص ڪري ننڍي کنڊ جي ماڻهو جو. البت هڪ روڊ ضرور آهي جيڪو مودي روڊ (Mody Road) آهي. مودي روڊ ناٿن روڊ کان شروع ٿي ”سائنس ميوزيم روڊ“ تي اچي ختم ٿئي ٿو. هتي جي هڪ انڊين پروفيسر ٻڌايو ته اهو روڊ هڪ پارسي امير ماڻهو ”هورمز جي نائورو جي مودي“ نالي آهي جنهن ڪولون جي ”شم شاٽسئي“ علائقي جي سڌاري لاءِ ڪافي پئسو خرچ ڪيو. مودي روڊ تي ڪيتريون ئي مشهور هوٽلون آهن جهڙوڪ ڪولون شانگريلا هوٽل، انٽر ڪانٽيننٽل، گرانڊ اسٽانفورڊ هوٽل، رايل گارڊن هوٽل، وغيره... هن ئي روڊ جي ڀر پاسن وارن رستن ۽ گهٽين ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي دنيا جون مشهور ۽ فائيو اسٽار هوٽلون آهن جيڪي ايندي ويندي نظر اچن ٿيون، جهڙوڪ: هاليڊي اِن، امپيريل، انٽرڪانٽيننٽل هانگ ڪانگ، مارڪو پولو، ميرامار، پيننشولا، رامادا، رينائينسز رايل پئسفڪ، شيرٽن وغيره.
مٿي ذڪر ڪيل پيننشولا هوٽل هتي جي چڱي پراڻي هوٽل آهي، جيڪا 1926 ۾ ٺهي. هيءَ اها تاريخي هوٽل آهي جنهن جي ڪمري نمبر 336 ۾ لالٽين جي روشنيءَ ۾ انگريزن 25 ڊسمبر 1941 تي جپانين جي سوڀ تي هانگ ڪانگ هنن کي لکي ڏنو هو. هانگ ڪانگ تي جپانين جو قبضو ڊسمبر 1941 کان وٺي آگسٽ 1945 تائين رهيو. ان دوران هيءَ هوٽل جپانين جي سرڪاري آفيسن طور ڪم آئي ۽ اهو عرصو ان هوٽل جو نالو جپانين طرفان توئا (TOA) هوٽل يعني ”اوڀر ايشيا هوٽل“ رهيو.
منهنجو جهاز جو انجنيئر دوست، سعيد اختر زيدي ۽ آئون وقت گذارڻ لاءِ ڪولون جي ناٿن روڊ تي واڪ ڪرڻ لڳاسين. اسان جو جهاز کلئي سمنڊ ۾ لنگر انداز هو جنهن تي پهچڻ لاءِ اسان کي هتان ڪولون مان اسٽار فيري ذريعي هانگ ڪانگ ٻيٽ پهچڻو هو جتان ڀري واري عمارت ”بليڪ پيئر“ تان لانچ ذريعي جهاز تي پهچڻو هو. بليڪ پيئر تان هر ڪلاڪ کان پوءِ هڪ لانچ اسان جي جهاز تي وڃي رهي هئي. آخري لانچ ٻارهين بجي (آڌي رات) جو وڃڻي هئي ان بعد صبح جو نائين تائين ٽن ٽن ڪلاڪن جي gap بعد وڃڻي هئي. سعيد اختر زيديءَ چيو ته ڏينهن رات جهاز جي شڪل ڏسي ڏسي دل ڪچي ٿي پئي آهي. ان ڪري جهاز تي جلدي هلڻ بدران ٻارهين بجي واري آخري بوٽ ۾ هلنداسين. هتان ڪولون کان اهڙي وقت تي نڪرنداسين جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ جي بليڪ پيئر جيٽيءَ تي آخري بوٽ وڃڻ کان ڏهه پنڌرهن منٽ پهرين پهچي سگهون.
ناٿن روڊ تي ٿورو اڳيان وڌياسين ته هڪ آئيس ڪريم واري دڪان اڳيان اسان جي جهاز جا ٻه پٺاڻ خلاصي نظر آيا. اسان کي سلام ڪيائون. تڪلف طور اسان کانئن پڇيو ته ڪيڏانهن پيا وڃو ”سائين هاڻ جهاز تي پيا وڃون. يارهين واري بوٽ جهلڻي اٿئون. بس هتان رڳو مسجد جي امام سان ملندا ٿا وڃون، هو اسان جي ڳوٺ جو آهي.“ هنن ٻڌايو ۽ پوءِ اسان کان پڇيو ”توهان به هلندائو؟“
زيديءَ چيو ته هلو ته هلون. ٿي سگهي ٿو پاڪستان جو ڪو ٻيو جهاز به هانگ ڪانگ آيو هجي، جنهن جي خبر پڻ مسجد مان اتي جي آيل خلاصيءَ کان پئجي ويندي.
ان بعد اسان انهن پٺاڻ خلاصين سان گڏ مسجد ۾ آياسين جتي سندن ڳوٺ چارسده جو هڪ مولوي، گذريل ٻن سالن کان پيش امام آهي. هنن ٻڌايو ته امام صاحب جي فئملي ڳوٺ ۾ رهي ٿي، جنهن لاءِ هو هنن هٿان گهر جو خرچ ۽ ٻيو سامان موڪليندو رهي ٿو. هنن ٻڌايو ته هن مسجد لاءِ هميشه پاڪستان کان – خاص ڪري صوبي سرحد يا پنجاب کان امام گهرايو وڃي ٿو.
عشا نماز پڙهي، ڪلاڪ ڏيڍ ٿي ويو هو پر جمعي جي رات هجڻ ڪري ڪجهه هانگ ڪانگ جا مڪاني مسلمان ۽ ڪجهه پاڪستان کان آيل تبليغي جماعت جا ماڻهو موجود هئا. هتي جي مسلمانن، جن ۾ ڪجهه هتي جا رهاڪو پٺاڻ هئا ۽ ڪجهه چيني (Hui) هئا جن جو تعلق وچ ۽ اولهه چين جي علائقن سان آهي، جن جا وڏا گهڻو گهڻو اڳ مسلمان ٿيا جڏهن چين تي ٽئنگ (Tang) گهراڻي جي حڪومت هئي ۽ عرب مسلمان واپاري سلڪ روڊ ذريعي چين ۾ ايندا ويندا رهيا ٿي.
مسجد م ويٺل هڪ هتي جي پنجابي دڪاندار ٻڌايو ته هن جو والد جيڪو انگريز حڪومت ۾ سپاهي هو، ٻي وڏي لڙائيءَ کان به اڳ هتي آيو. انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ جي انگريز فوج ۾ ننڍي کنڊ جا سپاهي هئا جن ۾ گهڻائي مسلمانن جي هئي. انهن جي خدمتن ڪري انگريز سرڪار هنن لاءِ هتي ڪولون ۾ ناٿن روڊ ۽ هائفانگ روڊ جي ڪنڊ تي جتي ڪولون پارڪ ختم ٿو ٿئي 1895 ۾ هيءَ مسجد ٺهرائي ڏني. انهن ڏينهن ۾ هي اڄ واري ڪولون پارڪ هانگ ڪانگ جو ملٽري بيس هو ۽ هيءَ ڪئنٽونمينٽ ايريا هئي جتي فقط انگريز حڪومت جي فوج جا سپاهي رهيا ٿي. ۽ هنن کي White Field بئرڪ به سڏيو ويو ٿي. بهرحال ڪولون پاسي جي هيءَ پهرين مسجد آهي. ائين ته هانگ ڪانگ ٻيٽ تي شيلي اسٽريٽ واري مسجد ته اڃان به گهڻي پراڻي آهي ۽ 1850 واري ڏهي ۾ ٺهي هئي جڏهن اسلام سان هتي جا ماڻهو متعارف ٿيا هئا.
مسجد مان نڪرڻ بعد واپسي تي اسان هتي جي شنگهائي اسٽريٽ ۾ آياسين جتي نائيٽ بازار لڳي ٿي. هن پاسي جون رات جو بازاريون، جن کي ملائيشيا ۾ پاسار مالم به سڏجي ٿو، تمام مشهور آهن. ملائيشيا، ٿائلينڊ، سنگاپور ۽ هيڏانهن هانگ ڪانگ پاسي شام کان ئي ڪجهه رستن تي ٽرئفڪ بند ڪري اسٽال لڳايا وڃن ٿا جتي هر قسم جي کاڌي پيتي جي شين کان وٺي ڪپڙي گندي، اليڪٽرڪ جو ۽ ٻيو سامان سستي اگهه تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
ڪولون جي هيءَ مشهور شنگهائي اسٽريٽ مسجد ۽ ڪولون پارڪ واري ناٿن روڊ جي parallel آهي. اها ڏکڻ ۾ آسٽن روڊ کان شروع ٿي اتر ۾ لائي چي ڪاڪ (Lai Chi Kok) روڊ تي وڃيو دنگ ڪري. شنگهائي اسٽريٽ جي هڪ پاسي ته ناٿن روڊ آهي ۽ ٻئي پاسي ٽيمپل اسٽريٽ ۽ Reclamation گهٽي parallel وهن ٿيون. چين جي شهر شنگهائي وانگر ٻين به شهرن جي نالي سان هتي ڪولون ۽ هانگ ڪانگ ۾ گهٽيون ۽ رستا آهن، جهڙوڪ: ڪئنٽن روڊ، پيڪنگ روڊ (جيڪو ڪئنٽن روڊ ۽ ناٿن روڊ جي وچ ۾ وهي ٿو)، وغيره.
شنگهائي اسٽريٽ ۾ ناريل جو رس پيتوسين. مون ڪجهه key chains ۽ ڪوريا جي سيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ ڪنٽوپ ٽائيپ گرم ٽوپي ورتي جنهن جي اندران fur هئي ۽ پاسي کان هيٺ ڇڪڻ سان ڪن به ڍڪجي ويا ٿي.
منهنجي جهازي ساٿي دوست چيو ”هاڻ گهڻو ئي ٿيو جلدي موٽڻ جي ڪجي جيئن رات جو ٻارهين بجي واري آخري بوٽ هانگ ڪانگ جي بليڪ پيئر تان پڪڙي سگهجي. اسان تکا تکا اسٽار فيري جيٽي تي پهتاسين. اسان جي سامهون هڪ فيري نڪري چڪي هئي ۽ هاڻ ان جي جاءِ تي آيل فيري ڀرجي رهي هئي. جلدي جلدي ٽڪيٽ وٺي اسين ته چڙهي پياسين پر جيسين هڪ هڪ ٿي ٻيا به چڙهن. رات جو وقت هو سو رش گهٽ هئي. ڏينهن جو ته هڪ ٻئي پويان ائين ڀربيون آهن جو منٽن جا فيصلا هوندا آهن. پر هاڻ چوڌاري هر قسم جي ٽرئفڪ slow ۾ هئي. فيريءَ وارا به نقصان کان بچڻ لاءِ تيسين نه هلائيندا جيسين سڄي نه ڀرجي.
اسان هن فيري جي هيٺين ڊيڪ تي هڪ اهڙي بينچ تي اچي ويٺاسين جتان سامهون دريءَ مان انجن روم جو ڪجهه حصو نظر اچي رهيو ۽ اسان ان ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئرز، تيل وارن، آڳ وارن ۽ ٻين خلاصين جي چرپر ڏسندا رهياسين. هانگ ڪانگ جي هي اسٽار فيري ڪمپني جنهن کي اڄ ڪلهه ڏهاڪو کن فيريون آهن، هڪ تمام پراڻي ڪمپني آهي، جنهن جون فيريون هتي جي عوام کي هڪ هنڌ کان ٻئي تائين، خاص ڪري هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ وارو سمنڊ ڪراس ڪرائين ٿيون. مزي جي ڳالهه اها ته هيءَ ڪمپني انڊيا جي هڪ پارسي دوراب جي نوروجيءَ سن 1888 ۾ ”ڪولون فيري ڪمپني“ جي نالي سان شروع ڪئي. ڏهه کن سالن بعد دوراب جيءَ پنهنجي هن ڪمپنيءَ جو نالو بدلائي ”اسٽار فيري“ رکيو. چون ٿا ته هو انگريز شاعر الفرڊ لارڊ ٽينيسن جي هڪ مشهور شعر Crossing the Bar مان متاثر ٿي پنهنجي ڪمپني جو نالو Star Ferry رکيو. هن شعر جي شروعاتي سٽ هن ريت آهي.
Sunset & Evening star, and one clear call for me!
سٺ واري ڏهي ۾، ڪاليج وارن ڏينهن ۾ The World of Suzie Wong نالي رچرڊ مئسن جو ناول وڏي شوق سان پڙهندا هئاسين. ان تي فلم به ٺهي هئي، جنهن ۾ هالي ووڊ جي مشهور ائڪٽريس نئنسي ڪوان (Nancy Kwan) رنڊي سوزي وانگ جو پارٽ ادا ڪيو آهي. هن فلم جي شروعات ۾ فلم جو هيرو رابرٽ لومئڪس (اداڪار وليم هولڊن) آمريڪي مسافر جهاز مان ڪولون ۾ لهي ٿو ۽ پوءِ اسٽار فيريءَ ذريعي هانگ ڪانگ ٻيٽ ڏي روانو ٿئي ٿو.
هانگ ڪانگ جي هن اسٽار فيري ڪمپنيءَ وٽ ڏهاڪوکن فيريون آهن، جنهن مان هر هڪ جو نالو Star سان آهي جيئن ته مارننگ اسٽار، ڊي اسٽار، نائيٽ اسٽار، ٽونڪلنگ اسٽار، Celestial اسٽار، سلور اسٽار، ناردرن اسٽار، ميريڊين اسٽار، سولر اسٽار، شائيننگ اسٽار... وغيره. هي سڀ فيريون هتي جي شپ يارڊ ”هانگ ڪانگ ائنڊ وهئمپوئا شپ يارد“ ۾ ٺهيل آهن جتي اسين پڻ پنهنجي ڪمپنيءَ جي جهازن جي ڊراءِ ڊاڪنگ ۽ رپيئر ڪرائيندا آهيون. هي فيريون مختلف capacities جون آهن جن ۾ ڇهه سئو کان اٺ سئو کن ماڻهو ويهي سگهن ٿا.
مٿي ذڪر ڪيل، هانگ ڪانگ جي هن فيري ڪمپني جي شروعاتي مالڪ دوراب جي بابت هتي ٻه چار اکر ٻيا به لکڻ بي محل نه ٿيندو ته سندس پورو نالو ”دوراب جي نائوروجي مٺائيوالا“ هو. هن لاءِ مشهور آهي ته هن بزنيس جي شروعات بمبئي کان چين آفيم وڪڻڻ سان ڪئي. پوءِ انڊيا کان هانگ ڪانگ بورچيءَ جي حيثيت ۾ آيو ۽ پوءِ هتي اچي جائزو لڳائين ته ڪولون کان هانگ ڪانگ ٻيٽ تي ماڻهو ۽ کاڌي پيتي جون شيون موڪلڻ لاءِ ڪنهن آبي ٽرانسپورٽ جي سخت ضرورت آهي. پوءِ هن پهرين هڪ پراڻي لانچ قرض تي وٺي هلائي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي امير ٿي ويو ۽ هڪ مان ٻه ۽ ٻن مان ٽي، ويو ٻيڙيون وڌائيندو.
دوراب جي مٺائي واري (هيءَ سندس ذات آهي ۽ انڊيا جي گجرات رياست جي هندو، مسلمان، پارسي توڙي عيسائين جون ان قسم جون ذاتيون ٿين: بوتل والا، ڪشتي والا، ڪاغذ والا، سوپاري والا، بندوق والا... وغيره) هنن فيرين مان ايڏو ته ڪمايو جو پوءِ هن هانگ ڪانگ ۾ هوٽلون کولڻ شروع ڪيون جنهن مان پهرين هوٽل ”ڪنگ ايڊورڊ هوٽل“ هئي. ان بعد هن پاٽنجر روڊ تي ٻي هوٽل ٺهرائي ۽ ٻه هوٽلون ڪولون پاسي ٺهرايون.
مس مس اسان جي فيري مسافرن سان ڀري – بهرحال فل ته نه ٿي. پر اڌ کن ڀري، يعني ٽي سئو کن مسافر ٿيا ته فيريءَ وارن وڌيڪ انتظار ڪرڻ ڇڏي لنگر کنيو. فيريءَ جي دير ڪري اسان کي اڌ خوف ته ان وقت ئي ٿيو ته دير ڪري وڏي غلطي ڪئي اٿئون. اسان کي اڳواٽ موٽڻ کتو ٿي. بهرحال ٻي پار (هانگ ڪانگ ٻيٽ واري پاسي) پهچي، ڊوڙندا بليڪ پيئر تي پهتاسين ته اسان جا اڌ گابرا خوف ۽ انديشا سچ ثابت ٿيا جڏهن خبر پيئي ته رات جو ٻارهين وڳي واريم جهاز تي ويندڙ بوٽ کي ڇٽي ڪي پنج منٽ مس ٿيا.
”او اها سامهون، ٽگ ۽ بارج جي کاٻي پاسي جيڪا لانچ وڃي پئي اها ٻيڙي توهان جي جهاز جي مسافرن لاءِ پڪاريندي رهي.“ هڪ انڊين خلاصيءَ ٻڌايو جنهن جي جهاز واري بوٽ ساڍي ٻارهين اچڻي هئي. اسان ٻئي جهازي دوست – يعني ٿرڊ انجنيئر سعيد اختر زيدي ۽ آئون ڪا دير ٿڌا شوڪارا ڀريندا رهياسين. هاڻ ڇا ٿو ڪري سگهجي. مٿو ڀت سان هڻڻ مان به ڪجهه نه ورندو.
”اجايو هيڏانهن هوڏانهن ڪولون جي گهٽين ۾ رلندا رهياسين،“ زيديءَ هاڻ عقل جي ڳالهه ڪئي، ”ڪلاڪ کن اڳ ۾ ئي موٽي اچون ها.“
”نڀاڳي فيريءَ به هلڻ ۾ دير ڪئي،“ مون رنن وارا ڏوراپا ڏيڻ شروع ڪيا، ”وقت تي هلي ها ته بوٽ miss نه ٿئي ها، بلڪ ڏهه منٽ اڳ پهچي وڃون ها.“
هاڻ اسان جي جهاز تي ٻي بوٽ ٽن ڪلاڪن بعد وڃڻي هئي. ”سر ئي هليو ويو.“ زيديءَ چيو.
”۽ صبح ساڻ جهاز جي شفٽنگ به آهي،“ مون زيديءَ کي ياد ڏياريو، ”پوري اٺين بجي پائلٽ جهاز تي پهچي ويندو ته ٻئي buoy تي هلڻ لاءِ لنگر کڻو.“
”معنيٰ پاڻ گهٽ ۾ گهٽ ڇهين بجي اٿي بئالر اسٽارٽ ڪريون، انجن جي وارمنگ اپ ڪيون، آئل ۽ ڪولنگ پمپ هلايون....“ زيديءَ ياد ڏياريو.
بهرحال اهي سڀ ڳڻتيون ڳڻي ڏاڍو بور ٿياسين. سڄو ڏينهن رلڻ ڪري ٿڪل به ڏاڍا هئاسين. دراصل اڄ اسان کي نڪرڻ ئي نه کتو ٿي، پر هر جهازيءَ وانگر اسانجي دماغ ۾ به اها ماليا خوليا هئي ته بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز کان ڀڄي ڪناري جي ڪنهن پارڪ جي بينچ تي اڃيو بکيو ويهڻ بهتر آهي. بهرحال هن وقت اسان ٻئي ان تي يڪراءِ هئاسين ته صبح جو جهاز هلائڻ لاءِ اسان جو تازو توانو هجڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ جيتري قدر ٿي سگهي، اسان کي آرام ڪرڻ کپي.
هانگ ڪانگ جي اردگرد واري علائقي ۾ جتي سمنڊ هيٺان ٽڪريون ۽ سمنڊ مٿان جهازي آمدرفت تمام گهڻي آهي اتي ”آٽو“ تي جهاز هلائڻ بدران بيٺي پير "Manual" تي هلائڻو پوي ٿو. ان ڪري هاڻ اسان کي فرحت وٺڻ کپي جيئن بقول زيديءَ جي انرجي gain ڪري سگهون. نيٺ اهو فيصلو ڪيوسين ته ڪنهن هوٽل ۾ هلي رات گذارڻ بدران هتي ”بليڪ پيئر“ جيٽي جي کڏ تي ٽي ڪلاڪ گذاري ”واري“ واريءَ ٻيڙيءَ جو انتظار ڪجي.
هيءَ بليڪ پيئر جيٽي جي عمارت سمجهو ته فٽ بال جي گرائونڊ جيڏي ٿيندي جنهن جي ٻن پاسن کان ڪناري کان اچڻ جو رستو آهي ۽ ٻن طرفن کان سمنڊ آهي. انهن ٻن طرفن تي ڇهه ست ڏاڪڻيون ٺهيل آهن جن وٽ ٻڌل ٻيڙين ۾ مختلف مسافر ڏاڪڻين تان لهي پنهنجن جهازن ڏي روانا ٿين ٿا. ڪجهه ٻيڙيون هانگ ڪانگ جي مختلف ٻيٽن ڏي به اچن وڃن ٿيون جو هانگ ڪانگ جي خاص ٻيٽ کان علاوه هانگ ڪانگ حڪومت جي قبضي هيٺ ٻيا به اڍائي سئو کن ننڍا وڏا اوس پاس جا ٻيٽ آهن. انهن مان ڪجهه تي ته ماڻهو به رهن ٿا ۽ پوک به ٿئي ٿي. ڪي ته ايڪڙ کن به مس ٿيندا. بليڪ پيئر جي هيٺين گرائونڊ تي ڪيتريون ئي ٻيڙين جي ڪمپنين جون آفيسون، ننڍا ننڍا دڪان، ڪئبن نما ريسٽورنٽون آهن. مٿي کڏ تي سج لهڻ کان پوءِ ٻيڙين جا مسافر توڙي شهري – خاص ڪري نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون پنهنجن ساٿين جي اچڻ جي انتظار يا سامونڊي نظاري ڪرڻ لاءِ سيمنٽ جي بينچن تي اچي ويهندا آهن. پوءِ پنهنجي پارٽنر جي اچڻ تي، يا نئين ساٿي ٺهڻ تي، ان سان گڏ ڪنهن ريسٽورنٽ، هوٽل يا پارڪ ڏي روانا ٿي ويندا آهن. سج لهڻ کان بليڪ پيئر جي کڏ تي جيڪا نوجوانن جي گپاگيهه شروع ٿيندي آهي، فضا ۾ جيڪا خوشبوئن جي ورکا هوندي آهي، هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي عمارتن تي لڳل نيان سائن مان ڇڻي ايندڙ اڌ گابري روشني ۾ رنگين ڪپڙن ۽ ٻهڪندڙ چهرن جي رونق نظر ايندي آهي اها رات جو يارهين کان پوءِ آهستي آهستي ڪومائجي ويندي آهي. سيمنٽ جون بئنچون خالي ٿي وينديون آهن.
هانگ ڪانگ جي هن بوٽ پيئر (جيٽيءَ) جو نالو ڪاري رنگ ڪري بلئڪ Black نه رکيو ويو آهي پر انگلينڊ طرفان هانگ ڪانگ لاءِ مقرر ڪيل ٻارهين گورنر سرهينري آرٿر بليڪ (Arthur Blake) نالي آهي جيڪو 1898 ۾ هانگ ڪانگ جو گورنر ٿيو ۽ ان پوسٽ تي 1903 تائين رهيو. ان بعد سر آرٿر بليڪ 1907 تائين سلون جو گورنر ٿيڻ بعد رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. سندس وفات 78 ورهين جي ڄمار ۾ 1918 ۾ ٿي. پاڻ ڪئناڊا جي نيوفائونڊ لئنڊ صوبي جو به گورنر ٿي رهيو هو ۽ ڪئناڊا جو Blaketown شهر سندس نالي آهي. سندس باٽني سبجيڪٽ سان دلچسپي واکاڻ جوڳي آهي. ايتريقدر جو نئون ايجاد ڪيل ٻوٽو جنهن جو گل هانگ ڪانگ جي جهنڊي تي آهي هن گورنر سر آرٿر بليڪ جي نالي سان Bauhinia Blakeana سڏجي ٿو.
پنهنجي جهازي انجنيئر دوست سعيد اختر کي چيم ته ”هل ته مٿي هلون“. منهنجي نيت هئي ته ٿڪُ ڀڃڻ لاءِ مٿي بينچ تي ڊگهو ٿي سمهي رهجي ٽي ڪلاڪ وڏو ٽائيم هو. هيٺ بيٺي بيٺي يا ويٺي ويٺي ٿڪجي پئبو. مٿي رکيل بينچن تي ننڊ نه آئي ته به چيلهه ته سڌي ٿي ويندي. ڏاڪڻ وٽ هڪ ريسٽورنٽ مان اڌ اڌ ڊالر ڏئي ٻه ڪوپ چانهه جا ورتاسين. هن دڪان بند ٿي ڪيو سو اسان کي ڪوپن سميت مٿي وڃڻ نه ڏنو. پوءِ ڪنڊينسڊ کير جي ٻن خالي ٽين جي دٻن جا مٿيان ڍڪ چيري ان ۾ چانهه وجهي ڏنائين. اسين چانهه کڻي مٿي پهتاسين. ڪافي ماڻهو وڃي چڪا هئا. هڪ ٻه جوڙا ڪنهن ڪنڊ واري بينچ تي اڃان ويٺل هئا – هڪٻئي کي ڀاڪر پائي چپ چپن سان ملائي، زمان ۽ مڪان کان شايد ڏور ڪنهن نرالي دنيا ۾.
زيديءَ چيو، ”لڳي ته سخت عجيب ٿو ته پاڻ ٻئي نَر پيا هلون. هتي ته سڀ جوڙا جوڙا ويٺا آهن ۽ هتي فقط عاشقن کي اچڻ جي اجازت آهي.“
”لالا پوءِ ڇا ٿي پيو. پاڻ کي به جتي موقعو مليو آهي اتي عشق ڪيو اٿئون....“
”۽ هاڻ ٻين جو ڪم ڦٽائڻ لاءِ پهتا آهيون. ائين نه؟“ زيدي اڌ ۾ منهنجو جملو ڪپيندي چيو.
”ته پوءِ ڀلا ڪٿان وڃي ٻه عدد چيني ڇوڪريون مسواڙ تي وٺي اچ. بازار اڃان بند ڪانه ٿي آهي.“
زيديءَ جواب ڏيڻ بدران مونکي گهوري ڏٺو ۽ شايد ڪجهه چوڻ تي هو پر ان کان اڳ مون چيومانس:
”ها، ها. ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. زمانو ترقي ڪري ويو آهي، اڄڪلهه! غالب جي زماني ۾ ئي بازار ۾ دليون، جگر، بڪيون، آنڊا ملندا هئا تڏهن ته هن هڪ شعر چيو آهي ته:
”لي آئين گي بازار سي جاڪي دل و جان اور.“
اسان ٻئي هڪ بينچ تي پنهنجا سفري ٿيلها رکي ويٺاسين. پر زيدي اڃان خاموش هو. کيس چيم ته جيڪي ٿيو سو ٿيو منهن مٿو پٽڻ مان ڪجهه نه ورندو. لانچ اچڻ ۾ اڃان به ٽي ڪلاڪ آهن. هيڏانهن هوڏانهن خوار ٿيڻ بدران بهتر آهي ته هتي ئي وقت گذارجي. آخر هڪ ٻن بينچن تي ڇڙها مرد به ته ويٺا آهن. اسان جي موجودگي ڪري ڪو ڇوڪرو ڇوڪري ڊسٽرب ٿا ٿين ته پنهنجي گهر هليا وڃن. اسين غريب ۽ پرديسي مسافر هن ڌارئين ڏيهه ۾ آڌي رات جو ڪيڏانهن وڃون؟“
”آخر نيٺ ڇا ڪجي؟“ زيدي ائين ڳالهايو ڄڻ کوهه ۾ ڪري پيو هجي.
”هاڻ هينئن ٿا ڪريون جو تون پنهنجي شولڊر بئگ مٿي هيٺان رکي هن بينچ تي پٺي سڌي ڪر ۽ آئون ڀر واري بينچ تي وڃيو ٿو ڪران.“ مون پنهنجي جهازي دوست سعيد اختر زيديءَ کي صلاح ڏني.
”نه يار مونکي ته هن پٿر جي بينچ تي هرگز ننڊ نه ايندي،“ زيديءَ وراڻيو، ”آءٌ جاڳندو رهان ٿو.“
”ته لالا ٻيو ڇا کپي. تنهنجي جاڳڻ ڪري ٽي بجي واري Next Boat مس ڪري نه سگهنداسين.“
”ڇا مطلب....؟“
”مطلب اهوئي ته تون ٻيڙيءَ جو انتظار ڪر ۽ آئون بقول شاعر
تيري زانو پر سر رکهه کي ابهي سوتا هون،
انقلاب آئي تو مجهه ڪو جگانا ساقي...“
”يار متان ننڊ ڪئي اٿئي. اڪيلو آءٌ بور ٿيندس.“ زيدي جيڪو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي سو ٻيڙي اچڻ تائين خبرون چارون ڪرڻ جي موڊ ۾ هو. پر آئون پنهنجا جوتا زيديءَ جي بينچ هيٺان لاهي ڀر واري بينچ تي ڊگهو ٿي سمهي رهيس. زيديءَ مونکي سمهندو ڏسي هڪ دفعو وري دل شڪستو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ڇا ٽي ڪلاڪ ان پٿر جي بينچ تي سمهي سگهندين؟“
”زيدي! پنهنجي ملڪ ۾ خبر ناهي ڪيترا اهڙا آهن جيڪي سڄي زندگي فٽ پاٿ تي گذاريو ڇڏين. هيءَ پٿر جي بينچ وري به لاڙڪاڻا ايڪسپريس ۽ بدين پئسينجر جي سيٽن کان وڌيڪ آرامده آهي جن جا ٻاهر نڪتل اسپرنگ ويٺلن کي چڀندا رهن ٿا.
زيديءَ کي هاڻ پڪ ٿي وئي ته ڇا به ٿي پوي پر مونکي سمهڻو ضرور آهي سو پاڻ ڪجهه دير ڪنهن جي ڦِٽي ڪيل اخبار کڻي چنجهي روشنيءَ ۾ پڙهندو رهيو ان بعد ڳائڻ ۾ لڳي ويو. هڪ گاني جو ٿلهه ٿي کنيائين ته مصرع ڪنهن ٻئي جي ۽ ختم وچان ئي ڪنهن ٽئين گاني تي ڪيائين ٿي. مونکي انهي دوران ننڊ اچي وئي.
ڪو ڪلاڪ ڏيڍ به مس ستو هوندس ته ڪنهن جي ڳالهائڻ تي اک کلي. بلڪه زيديءَ ئي منهنجي پير کي ڇڪي مونکي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪو پوڙهو چيني ساڻس ڳالهائي رهيو هو. پهرين مون سمجهيو هتي جو چوڪيدار آهي ۽ اسان کي هتي سمهڻ کان منع ڪري رهيو آهي. ٽپ ڏيئي اٿي ويٺس. چوڌاري نظر ڊوڙائيم ڪوبه جوڙو نظر نه آيو. البت ڪنهن ڪنهن بينچ تي مرد ضرور هئا.
”برادر! هيءَ فلم چڱي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي.“ زيدي شڪايت واري لهجي ۾ چيو.
مونکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. زيدي ڪجهه ٻڌائڻ کان اڳ پنهنجي روايتي کل کلندو رهيو. مون پهرين چيني طرف گهور مان ڏٺو ته هو گهٻرائجي ويو پر پوءِ اسانکي کلندو ڏسي، پاڻ رنن وانگر مرڪڻ ۽ ماڻا ڪرڻ لڳو. پنجاهه جي لڳ ڀڳ عمر جو ٿيندو. ڪپڙا پوشاڪ ڪجهه زالن واري، شڪل شبيهه ۾ امير ٿي لڳو. زيديءَ واري بينچ تان اٿي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو.
”ڇاهي، جاڙا خان؟“ انهن ڏينهن ۾ رکايل وڏين مُڇن کي وٽ ڏيندي مون سنڌيءَ ۾ ئي پڇيومانس، ”توکي به اسان وانگر گهر ڪونهي ڇا يا ڪا ٻيڙي ڇٽي وئي اٿئي؟“
زيدي کلندو رهيو. چيني همراهه اشارو ڪرڻ لڳو ته کيس ڪجهه به سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. اسان به چرچن جي موڊ ۾ هئاسين ۽ اها پڪ هئي ته وڌ ۾ وڌ جي جهيڙو ٿيو ته اسان مان هڪ ئي هن ليڙي ۽ نٻل جسم چيني همراهه لاءِ ڪافي ٿيندو. سو انگريزيءَ ۾ پڇيومانس: ”گرل فرينڊ ڪانه اٿئي ڇا، جو هتي ڇڙو اچي نڪتو آهين.“
”نه، توهان به ته ائين آهيو.“ هن چيني لهجي واري انگريزيءَ ۾ وراڻيو.
”اسان جي ته ڳالهه ئي ڇڏ، پرديسي ڏورانهين ڏيهه جا آهيون. تون به ڪنهن ٻي ولايت جو آهين ڇا؟“
”نه هتي جو.“ هن چيو. مون وقت ڏٺو. سوا ٻه ٿي رهيا هئا. ڏيهه ۾ ائين دربدر ڪنهن کي مون ڪونه ڏٺو، هي آهي ڪهڙي فلم آخر...؟
”گهر ٻار نه اٿئي ڇا؟“ وقت گذارڻ ۽ ان سان گڏ پنهنجو تعجب ۽ تجسس ختم ڪرڻ لاءِ ته هي آخر آهي ڪير اسان کانئس سوال پڇندا وياسين. ۽ هو ڪاوڙجڻ بدران، عجيب نگاهن سان اسان ڏي نهاري، وڌيڪ ويجهو سري چوڻ لڳو، ”گهر آهي.“
”اولاد ڇا اٿئي؟“
”ٽي ڌيئرون ۽ ٻه پٽ.“
”ته اهي سڀ گهر ويٺا آهن ۽ تون اڪيلو هتي آڌي رات جو ڇا پيو ڪرين؟“
”هوا کائڻ آيو آهيان.“ هن چوڌاري نهاري چيو. پوءِ اسان کي مٿي کان پيرن تائين گهورڻ لڳو. اسان کان کل نڪري وئي ته سڄو ڪولون ڇڏي، هن پاسي اچي نڪتو آهي هوا کائڻ – اها هوا ڪهڙي آهي.
”پوڙها، گهر وڃي سکيو ٿي.“ زيديءَ چيس ۽ هو وري زالن وارا نخرا ڪري اسان سان لڳي ويٺو. ”توهان مان ڪو مونسان هلندو؟“ هن اسان کان پڇيو. ان دوران آئون به چڪر سمجهي چڪو هوس ۽ زيديءَ به اک ڀڃي سنڌيءَ ۾ چيو ته همراهه ڪنهن ڏٽي مُٽي جي تاڙ ۾ آهي.
”اڙي تون Gay ته نه آهين؟“ اسان پڇيس.
جواب ڏيڻ بدران هو وري رنن وانگر نخرا ڪرڻ لڳو.
زيديءَ کيس اٿڻ جو اشارو ڪندي چيو: ”اٿ هتان. اڳيان ڪو ٻيو ماتليءَ جو شيدي تاڙ. اسان ته ٻيڙيءَ جي چڪر ۾ هتي ويٺل آهيون.“ ۽ پوءِ مون ڏي منهن ڪري چيو: ”ڏٺئه برادر، هتي ويهڻ ئي غلط هو.“
چيني چپ چاپ اسان وٽان اٿي، اڳتي ٻي بينچ ڏي هليو ويو جتي گنجي ۽ خاڪي پتلون ۾ ڪو فلپينو يا انڊونيشي ويٺو هو. هو ان سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو ۽ کيسي مان پئسا ڪڍي ان گنجيءَ واري همراهه کي ڏيڻ لڳو. زيديءَ چيو ”برادر هيءَ جاءِ به ٽوڪيو (جپان) جي اوياما سان چومي (Ayomaz Chome) واري سنئڪ بار وانگر اٿئي.“
گذريل سفر ۾، ٽوڪيو (جپان) ۾ هڪ رات اسان جهاز جا ڪجهه دوست سيءَ کان بچڻ لاءِ مٿين هوٽل ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ گهڙياسين. ڇوڪرين جهڙا ڇوڪرا بئرا زنانن ڪپڙن ۾ دريا خان مان دريا خاتون ٿيل، هر آيل گراهڪ جي ٽيبل تي ويهي زالن وارا نخرا ڪرڻ لڳا – جيئن پنهنجي ملڪ ۾ کدڙا زنانا ڪپڙا اوڍي، ڳائيندي ۽ خيرات وٺندي نظر ايندا آهن. سندن چال ۾ عورتن کان وڌيڪ نخرو هوندو آهي. ان هوٽل ۾ ميوزڪ هلي رهي هئي. ڊگهن وارن وارا فلپينو، ڪورين ۽ ڪجهه آمريڪن خلاصي جپاني ڇوڪرين سان نچي رهيا هئا. سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ مٿئين قسم جي مخلوق هئي جيڪي بئرا ٿي serve ڪري رهي هئي – هو پاڻ کي ڇوڪريون سڏائيندي فخر محسوس ڪري رهيا هئا. يا کڻي چئجي ته ڪري رهيون هيون. اهي آيل مهمانن جي خدمت ڪري رهيون هيون. جپانيءَ ۾ ”نيسان“ خدمتگار ڇوڪريءَ کي چئبو آهي. پر اسان کي تازو معلوم ٿيو هو ته جپان ۾ اهڙين هوٽلن ۾ کدڙا (Blue Boys) به پاڻ کي نيسان سڏائين ٿا جي نه فقط عورتن جهڙا ڪپڙا پائين پر عورتن جهڙو جسم اختيار ڪرڻ لاءِ پنهنجي جنس جي آپريشن به ڪرائي ڇڏين. اها آپريشن اڄڪلهه پئرس (فرانس) ۾ عام طرح هزارکن آمريڪي ڊالرن ۾ ٿئي ٿي. اسان ائين ئي رونشو ڏسڻ ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ گلاس رکندڙ ڇوڪريءَ ”سايوري“ کي ”هيلو نيسان؟“ چيو.
”بان زوئر (Bonjour)“ هن جواب ۾ مرڪي فرينچ زبان ۾ کيڪاريو. شايد اسان کي هن فرينچ سمجهيو يا پاڻ فرينچ هئي.
”ڇا تون فرينچ آهين؟“ اسان کانئس پڇيو.
”هائو، توهان صحيح آهيو. اسان سڀني (ٻين پاڻ جهڙين جپاني ڇوڪرين ڏي اشارو ڪري) پئرس ۾ ٻيو جنم ورتو آهي. هونءَ اصل ۾ جپاني آهيون.“ هن اسان کي سمجهايو ۽ وڃڻ واري هئي ته ڀر واري ٽيبل تي ويٺل هڪ جپاني همراهه کيس جپاني زبان ۾ ڪجهه چيو ۽ هن (سايوريءَ) اسان جي ئي ٽيبل تان خالي ڪوپ کڻي ان همراهه کي هنيو ۽ گوڙ مچي ويو. اسان سوچڻ لڳاسين ته هن کدڙي جو دماغ ته نه خراب ٿيو آهي.
”دماغ ڇو نه سايوريءَ جو خراب ٿيندو. هن جپاني مرد سايوريءَ کي ”مرد“ سڏيو. اها هنن کدڙن جي بي عزتي آهي.“ اسان جي ٻئي پاسي واري ٽيبل تي ويٺل آمريڪن عورت (اصلي ۽ نج) اسان کي ٻڌايو.
اها هڪ نرالي دنيا آهي، جتي خونريزي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪو مرد، مرد کي مرد سڏي، منهنجا ڀائرو!
سامهون هانگ ڪانگ جي ٽاور ۾ گهڙيال ٻن جا ٺڪاءَ هنيا. زيديءَ چيو ”ٽي ٿيڻ ۾ اڃان ڪلاڪ آهي. هلو ته سامهون هانگ ڪانگ هلٽن هوٽل تائين واڪ ڪري موٽي اچون. چڱو وقت گذري ويندو.“
اسان ٻئي ڄڻا هيٺ لٿاسين. سامهون خاڪي پتلون ۽ گنجيءَ وارو همراهه قميص پائي هڪ وڏي ڪار جي پوئين سيٽ تي چينيءَ سان گڏ وڃي ويٺو. ٽرئفڪ سنگل کلڻ تي ڊرائيور ڪار کي ڪناٽ روڊ تان موڙي کاٻي پاسي پيڊر اسٽريٽ ڏي وٺي ويو. ان وقت ٻه ٻلا وڙهندا اسان جي پيرن ۾ اچي وچڙيا ۽ اسان کان ڇرڪ نڪري ويو. ”لخ جي لعنت هجانوَ“ زيديءَ پنهنجي پينٽ جو پانچو سڌو ڪري ان ٻلي کي بجو ڏنو جيڪو هن جي پيرن ۾ اچي لڳو. رستي تي رکيل ڪچري جي دٻي مان ڪوڪ جو هڪ خالي دٻو ڪڍي مون ٻئي ٻلي کي ٺڪاءُ ڪرايو. ”هالا وانگر هتي هانگ ڪانگ ۾ به ڪتن ٻلن جي مصيبت!“ مون زيديءَ کي چيو.
اسان سٽي هال وٽان ڦرندا، ڪناٽ روڊ ٽپي، منڊارن هوٽل جي اڳيان پبلڪ پارڪ جي وچ مان لنگهندا ”هانگ ڪانگ هلٽن“ هوٽل ڏي لڙياسين، ته رستي تي ڍڍونيا جي ٻوڙهن پٺيان ڪو ويٺل چيني، ٽپ ڏيئي اڳيان اچي بيهي رهيو. ”يو انڊين؟ انڊين؟“
پول لئمپ جي فقط ڊم لائيٽ هئي. اسان دل ئي دل ۾ سوچيو ته هي اوچتو ئي اوچتو ويٽڪانگ جو گوريلو هتي ڪٿان آيو. ”ها چئونس يا نه چئونس؟“ زيديءَ سرٻاٽ ۾ مونکان پڇيو. چوڌاري نظر ڦيرايم ڪو ماڻهو ڇيڻو نه هو. ماٺ جو راڄ هو.
”جنهن سان جان بخشي ٿئي اهو چوينس،“ مون وراڻيومانس، ”خبرناهي ڪير ڪڃر آهي.“
ايتري ۾ سامهون هوٽل مان نڪرندڙ ٻن ٽن همراهن جي آوازن تي اسان به شينهن مڙس ٿياسين ۽ سامهون بيٺل بندري قد جي هن چيني همراهه به پنهنجي strategy يڪدم تبديل ڪري هئڊي رنگ جا ڏند ڪڍي مرڪن جي وارکا ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ التجا وارين نظرن سان ڏسي ڪنهن شيءِ جي پيش ڪش ڪرڻ لڳو: ”چَو... ڪِري؟“ پهرين ته اسان سمجهيو ته هو شايد چيني زبان ۾ پيو ڳالهائي سو دڙڪو ڏئي چيوسينس:
”واٽ چَو – ڪِري؟ اسان کي چيني نٿي اچي.“
”سر! چَو – ڪِري! گرل! بيوٽيفل چائنيز گرل. انڊين گرل... فلپينو گرل...“
زيديءَ چيو ته هن حراميءَ لڳي ٿو ته پهرين پاڻ کي هانگ ڪانگ جي ڪنهن امير هندو دڪاندار جا ٻار سمجهي ڦر ٿي ڪرڻ چاهي پر پوءِ sailors سمجهي رڪارڊ جو پاسو بدلايو آهي، جو هن کي خبر آهي ته جهازي ڇوڪرين جي ڪڍ هوندا آهن...
اتان ٿورو اڳيان هلياسين ته هلٽن هوٽل جي بلڪل ڪنڊ وٽ وري ٻيو هڪ گوريلو نڪتو جنهن به ساڳي وکر جو سودو ٿي ڪيو. اسان هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري هوٽل ۾ گهڙي پياسين. سامهون ئي ڪيفي ڪارنر هئي جتي اچي ويٺاسين. جتي ٻاهر نوائي رات، خاموشي ۽ سناٽو هو، اتي هن ڪيفي هال ۾ ساڳي جان هئي جيڪا شام جي وقت هوندي آهي. ذري گهٽ سمورا ٽيبل ڀريل هئا. ماڻهن جي هل چل، گوڙ شور، ڪن ڦاڙيندڙ ميوزڪ، دونهون، خوشبوئون... هڪ ڪنڊ ۾ ٿوري دير ويهي، ملڪ شيڪ جا ٻه وڏا گلاس پي ٻاهر نڪتاسين ۽ بليڪ پيئر ڏي رخ رکيوسين. رستي تي ساڳيا ويٽ ڪانگ گوريلا وري نه مليا. ڪناٽ روڊ تي پهتاسين ته پوڻا ٽي ٿيا هئا. رستو ٽپي ٻئي پاسي پهتاسين ته وري هڪ چيني مليو.
”سر! يو وانٽ ٽئڪسي؟“
”نه بابا. ٽئڪسي جي ڪهڙي ضرورت آهي. اها سامهون ته منزل (بليڪ پيئر) آهي.“ اسان وراڻيس.
”آءِ ميِن ٽئڪسي گرل (I mean taxi-girl).“ هو اسان کي سمجهائڻ لڳو ۽ بليڪ پيئر تائين ڪڍ لڳو آيو. جيئن اسيمبلي جي ميمبر جي چونڊ لاءِ اميدوار جي ڪنواسنگ ڪبي آهي. يا ڪو ميڊيڪل نمائندو ڪنهن دوا جو نمونو ڊاڪٽر کي ڏيکاري، ان جا گڻ ٻڌائيندو آهي، تيئن هي همراهه پنهنجي مال جي واکاڻ تيسين ڪندو آيو، جيسين اسان جيٽيءَ تان ٽپ ڏئي اچي پنهنجي ٻيڙيءَ منجهه ويٺاسين. ٻيڙيءَ ۾ جهاز جو چپي (واڍو) اڳهين ڦلهڙو ٻوٿ ٺاهيو ويٺو هو.
”اڙي نڀاڳا، توکي ڇا ٿيو آهي ۽ هنن افعالن ۾؟“ اسان کيس ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏسي حيرت مان پڇيو.
”سائين وان چائي مان اڪيلو پئي لنگهيس ته ڪي غنڊا مونکان سڀ پئسا به ڦري ويا ۽ مار به ڏني اٿن.“
سو منهنجا پڙهندڙو، هانگ ڪانگ ۾ آڌي رات کان پوءِ اڪيلا نڪرندي گريز ڪجو، نه ته هن روشنين جي شهر ۾ توهانکي ڪيترائي چور ملندا – جان جا چور، مال جا چور، ايمان جا چور....