هانگ ڪانگ جو امير ترين ماڻهو – هَري ليلا
هري ليلا جي هن گهر ۾ رهندڙ ڀاتين جي سهوليت لاءِ هڪ ٽيلرشاپ آهي جتي وڏي پگهار تي ويٺل درزيءَ جو فقط اهو ڪم آهي ته هو ٻارن ۽ وڏن جا ضرورت موجب ڪپڙا آلٽر ڪري ۽ ساڙهين کي بارڊر وغيره هڻي سيٽ ڪري، اهڙي طرح هڪ عورت باربر آهي جنهن جو ڪم هيئرڪٽ ڪرڻ ۽ دعوتن ۾ وڃڻ لاءِ وار سيٽ ڪرڻ آهي. ان کان علاوه ست ڊرائيور هر وقت ڊيوٽي تي رهن ٿا جيئن رات جو وقت ڪنهن کي ايئرپورٽ وغيره تي وڃڻو پوي يا ٻاهران اچڻو پوي ته گاڏي تيار هجي. گهر ۾ هڪ مندر پڻ آهي جنهن ۾ گهر جا ڀاتي گڏجي عبادت ڪن ٿا. ان کان علاوه هن گهر ۾ رهواسين جي سهوليت لاءِ ڌوٻي ۽ لانڍري شاپ آهي، Fur Storage، بار، جمنازيم ۽ مساج پارلر آهي جنهن ۾ هر وقت مالش ڪرڻ واري ڇوڪري رهي ٿي. چينين، جپانين ۽ ملئي ماڻهن جو اهوئي اعتقاد آهي ته جسماني توڙي ذهني ٿَڪَ جي خاتمي لاءِ جسم جي مساج ضروري آهي. هري ليلا جو هي گهر ڪولون جي فيري اسٽيشن کي بلڪل ويجهو آهي. شروع جي مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪولون جي اسٽار فيري اسٽيشن مان نڪرڻ سان سالسبري روڊ شروع ٿئي ٿو جنهن جي ساڄي پاسي پراڻي ڪولون ريلوي اسٽيشن وارو يادگار ڪلاڪ ٽاور (گهنٽا گهر) آهي ۽ کاٻي پاسي پهرين YMCA بلڊنگ اچي ٿي، ان بعد هتي جي آڳاٽي هوٽل پيننشولا جي عمارت آهي (جنهن ۾ ٻي جنگ عظيم دوران جپانين پنهنجيون سرڪاري آفيسون ٺاهيون هيون ۽ انگريزن هار مڃڻ جو معاهدو ڪيو هو). Peninsula هوٽل بعد کاٻي پاسي ويندڙ رستو ناٿن روڊ آهي جيڪو هانگ ڪانگ جي اوائلي روڊن مان آهي ۽ اڄ کان اٽڪل ڏيڍ صدي اڳ انگريز ٺهرايو. هن روڊ تي هانگ ڪانگ جون مهانگيون ۽ آڳاٽيون عمارتون ۽ هوٽلون آهن. ان ڪري ناٿن روڊ جو شروع وارو ميل ڏيڍ Golden Mile سڏجي ٿو. ناٿن روڊ تي مڙڻ تي ساڄي پاسي شيرٽن هانگ ڪانگ هوٽل آهي ۽ ان بعد ساڄي پاسي ”مڊل روڊ“ وڃي ٿو ۽ پوءِ امپيريل هوٽل ۽ چنڪنگ مئنشن گڏ گڏ آهن. تنهن بعد ان سان ئي لڳو لڳ هاليڊي ان گولڊ مائيل هوٽل آهي ۽ پوءِ مودي روڊ ٽپڻ تي ميراندارمئنشن آهي. اتي ئي هن علائقي ”سم ساسئي“ جي انڊر گرائونڊ ريلوي اسٽيشن آهي. ميراندار مئنشن جي سامهون، يعني ناٿن روڊ جي کاٻي پاسي هري ليلا جو هي گهر ”هري ليلا مئنشن“ آهي جيڪا پٺيان وهندڙ لاڪ روڊ سان وڃيو ٿي ملي.
هتي اهو به لکندو هلان ته هن مهانگي روڊ ناٿن روڊ تي مٿي ذڪر ڪيل هوٽلن شيرٽن، امپيريل ۽ هاليڊي اِن هوٽل جو مالڪ پڻ هري ليلا آهي. سندس مختلف قسمن جي بزنيس ۾ هوٽل بزنيس پڻ آهي ۽ کيس هانگ ڪانگ کان علاوه سنگاپور، بئنڪاڪ، لنڊن، پينانگ ۽ مانٽريل ۾ پڻ هن قسم جون ڪيتريون ئي فائيو اسٽار لگزري هوٽلون آهن. ويجهڙائيءَ ۾ هن سڊني (آسٽريليا)، نيويارڪ ۽ پئرس ۾ پڻ هوٽلون کوليون آهن.
هانگ ڪانگ امير ماڻهن جو ملڪ آهي، يعني هاڻ ٿي پيو آهي، نه ته اڄ کان چاليهه سال اڳ جڏهن منهنجو هانگ ڪانگ پهريون دفعو وڃڻ ٿيو هو ته اهو ڪو اهڙو امير نه هو پر پاڻ ان کي غريب ملڪ سڏي سگهياسون ٿي ۽ ان وقت اسان جا ڏهاڪو کن سال سينيئر جهازران هانگ ڪانگ کي پاڪستان جي مقابلي ۾ غريب سڏيندا هئا جو هانگ ڪانگ ۾ نه گهڻا تعليمي ادارا هئا، نه ڪارخانا ۽ فئڪٽريون، نه وري کاڌي خوراڪ جي گهڻائي ۽ سستائي. اڄ هانگ ڪانگ يورپ جي سڌريل ۽ امير ملڪن مان هڪ لڳي ٿو. جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهن ٿا جن جو تعلق مختلف مذهبن، قومن، زبانن، عقيدن ۽ نظرين سان آهي. پر هو سڀ هن ملڪ، جنهن ۾ هو رهن ٿا، ان جي ڀلائيءَ جو سوچين ٿا. محنت ڪري پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي به سکي رکيو اٿن ته ملڪ کي به خوشحال بڻايو اٿن. هري ليلا هانگ ڪانگ جي امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي. هو ملينئر (Millioner) لکاپتي يا ڪروڙ پتي نه آهي. Millioners جي کاتي ۾ ته ڪي سيتل ۽ ان جهڙا هڪ هزار کن ٻيا سنڌي هندو واپاري اچن ٿا جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ يا ان کان گهڻو گهڻو اڳ هن سرزمين هانگ ڪانگ تي اچي رهيا. هري ليلا ته بلينئر يعني ارب پتي آهي. پر هن جي زندگي جي ڪهاڻي ٻين امير واپارين وانگر ناهي جن جي ابن ڏاڏن جو پيڙهين کان بزنيس Set ٿيل هو ۽ هُنن کي ننڍي هوندي کان سوني چمچي ۾ کائڻ جو موقعو مليو. هري ليلا کي ٻين سنڌي يا چيني امير ماڻهن کان ان ڪري الڳ رکي سگهجي ٿو جو هن جو ننڍپڻ مسڪيني ۽ مشڪل زندگي ۾ گذريو. هو زيرو کان هن ليول تي پهتو آهي، جنهن مثال کي صحيح معنيٰ ۾ From Rags to Riches سڏي سگهجي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه ته هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ هزارين سنڌي بزنيس مين جو جن ذاتين سان تعلق آهي، مثال طور ميرچنداڻي، موٽواڻي، ڀاوناڻي، پارواڻي، ڇٻلاڻي، کيئلداساڻي، مورجاڻي، ڏاسواڻي وغيره، انهن جا ذات ڀائي هتي هانگ ڪانگ ۾ يا ٻين ملڪن ۾ به ملندا پر هن هندو سنڌي ”هري ليلا“ جي ذات جا ماڻهو فقط ۽ فقط هتي هانگ ڪانگ ۾ ۽ هن هڪ ئي فئملي ۾ ملندا، جنهن جو وڏو يعني هري ليلا جو پيءُ نارومل ٿي گذريو آهي. اها دلچسپ ڳالهه پڻ توهان هيٺ پڙهي سگهو ٿا.
هري ليلا (سڄو نالو: ڊاڪٽر هريڪشن نارومل هري ليلا) جو پيءُ سيٺ نارومل سن 1890 جي لڳ ڀڳ حيدرآباد سنڌ ۾ ليلارام ۽ هري ٻائي جي گهر ۾ ڄائو. ليلا رام وارا ڀائيبند يعني سنڌورڪي هئا جن جو واسطو واپار سان هو. انهن ڏينهن تائين سنڌ جا هندو واپاري دنيا جي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن ڏي پنهنجو بزنيس سيٽ ڪري چڪا هئا. نارومل به پنڌرهن سورهن سالن جو ٿيو ته کيس سنڌ ڇڏي ٻاهر وڃي روزگار جي ڳولا ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. نارومل مختلف ٻيڙن ذريعي سلون، ملايا، سنگاپور کان ٿيندو ڪئنٽن (چين) آيو جتي ٻه ٽي سال روزگار پٺيان ڌڪا کائي سنگاپور ڀاڳ آزمائڻ لاءِ پهتو جتي هن ڪڏهن ڪنهن چيني يا هندو سيٺ جي دڪان تي سيلزمئن ٿي ڪم ڪيو ٿي ته ڪڏهن خومچو کڻي گهٽين ۽ آفيسن اڳيان شيون وڪڻيون ٿي.
هتي اهو لکندو هلان ته نارومل جي اباڻي ذات ميرچنداڻي هئي. پر پوءِ اهو سال 1920 هو جو نارومل جي ماتا هري ٻائيءَ وفات ڪئي. نارومل انهي پيرين سنگاپور کان نڪتو ۽ جڏهن حيدرآباد پهتو ته هن کي اهو معلوم ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو ته سندس فئملي جي ماڻهن نارومل جو انتظار ڪرڻ بنا هن جي ماءُ جو ڪريا ڪرم ڪري ڇڏيو آهي. ان وقت نارومل اهو محسوس ڪيو ته سواءِ ماءُ پيءُ جي هن جو پنهنجي خاندان جو ڪوبه ماڻهو همدرد نه آهي. هن ان ڏينهن کان پنهنجي پراڻي ذات ”ميرچنداڻي“ ڇڏي پاڻ کي نارومل هري ليلا سڏائڻ لڳو. هن هيءَ نئين ذات“ هري ليلا پنهنجي ماءُ ”هري ٻائي“ ۽ پيءُ ”ليلارام“ جا اڳيان حصا کڻي جوڙي. اهڙي طرح هڪ نئين ذات ۽ سڃاڻپ ”هري ليلا“ جو پهريون ماڻهو پاڻ ٿيو ۽ ٻي جنريشن ۾ سندس پُٽَ: هري ڪشن (جيڪو فقط هري سڏائي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي آهي)، چوٿين ۽ ڇهين نمبر جا نالا وسري ويا اٿم، پنهنجو نمبر گئري آهي، سڏائين ٿا.
انگريزن وارا نالا رکڻ هانگ ڪانگ جي چينين ۾ به عام آهي. ڪيترن جا ته ڄمڻ وقت نالا، سندن والدين چيني زبان جا رکندا پر وڏا ٿي هو پاڻ کي رچرڊ، البرٽ، مائيڪل جهڙن انگريزي نالن سان سڏرائين.
نارومل ليلا رام ميرچنداڻي (هاڻ نارومل ليلارام هري ليلا) سال ڏيڍ حيدرآباد ۾ رهڻ بعد 1922 ۾ پنهنجي زال ديوي ٻائي ۽ ٻن پٽن: جارج ۽ تازو ڄاول هري کي حيدرآباد ڇڏي وري پرديس روانو ٿيو. هن پهرين ڪئنٽن (چين) جي شهر ۾ جهونين شين جي سامان جو دڪان کوليو جنهن ۾ هن چين جي پراڻي زماني جون شيون جيد پٿر جون مورتيون ۽ ٻيون antiques قسم جون شيون رکيون، جن کي خريد ڪرڻ لاءِ مغرب جا گورا آتا رهيا ٿي. بزنيس سٺو هلڻ لڳو. اٺ سال گذارڻ بعد هن پنهنجي زال ديوي ٻائي ۽ پٽن جارج، هري ۽ پيٽر کي پاڻ وٽ ڪئنٽن سڏايو. 1930 ۾ هو جڏهن ڪئنٽن پهتا ته سڄي دنيا ۾ جنگي حالتن ڪري واپار ۾ سخت ٻاڙائي اچي وئي. نارومل جو ڌنڌو به ان لپيٽ ۾ اچي ويو. هڪ پرديس، ٻيو ٻار گڏ ۽ ٽيون بزنيس صفا ٺپ ٿي ويو. ماڻهن وٽ جيڪا اوڌر هئي اها هو واپس ڪري نه پيا سگهن. ڊاڪٽر هري هريليلا ٻڌايو ته ”بابي ڪنهن تي به ڪيس ڪرڻ نٿي چاهيو. هن چيو ته اهي سڀ منهنجا سٺا دوست آهن. هو به مجبور آهن ڪٿان پئسو آڻين جو منهنجو قرض لاهين.“
نارومل جي اٺ سالن جي هلندڙ پراڻي بزنيس جو ڏيوالو نڪري ويو. هو صفا ڦڪڙ ٿي ويو. بي سرو ساماني جي حالت ۾ هو ٻار وٺي (هاڻ هن کي چار پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿي ويا هئا) پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ هانگ ڪانگ آيو ۽ نئين سنئينءَ زندگي شروع ڪئي. هن جي هانگ ڪانگ ۾ هڪ برانچ آفيس هئي جتي سندس مال جي سنڀال سندس ڀاءَ ڪئي ٿي. نارومل جي هانگ ڪانگ اچڻ جو ٻڌي سندس ڀاءُ سڀ ڪجهه وڪڻي گم ٿي ويو.
”انهن ڏينهن ۾ اسانجي حالت بيحد ترس جوڳي هئي،“ ڊاڪٽر هريءَ ٻڌايو، ”بابا کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري. ڪا نوڪري يا ڪو ڌنڌو ڌاڙو به نه پيو ملي جيڪو ڪري پيٽ جي پوڄا ڪري سگهجي. ان وقت منهنجي عمر ڏهه سال هئي پر بابا وٽ ايترو پئسو نه هو جو اسڪول جي في ڏئي سگهي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ اها فقط 3 هانگ ڪانگ ڊالر هئي.“
نارومل کي ڪجهه فئڪٽرين مان اوڌر تي ڪجهه سامان ملي ويو جيڪو هو روزانو شهر جي گهٽين ۾ هوڪا ڏيئي وڪڻڻ لڳو. خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي انگريز ۽ يورپي رهيا ٿي. هي سامان روزمره جو سامان صابڻ، بليڊ، رومال، گنجيون، چڍيون وغيره هو. ٽن سالن اندر نارومل ايترو بچائي ورتو جو روزانو گهٽي گهٽيءَ ۾ هوڪا ڏيئي شيون وڪڻن بدران هن 1937 ۾ پرنس ايڊورڊ روڊ تي هڪ ننڍڙو دڪان کوليو. گرمي ۽ سرديءَ ۾ روزانو رلڻ بدران نارومل کي هڪ هنڌ دڪان کولڻ سان آرام ته ملي ويو پر افسوس جو نارومل جو هي نئون ڌنڌو هلي نه سگهيو. هو هار مڃڻ بدران هڪ دفعو وري هاڪر بڻجي شيون وڪڻڻ لڳو ۽ هڪ سال اندر هن وٽ ايترو پئسو ٿي ويو جو ڪولون پاسي 733 ناٿن روڊ تي هن هڪ دفعو وري دڪان کوليو.
”هن دڪان کولڻ کان پوءِ اسان جو ڌنڌو سٺو هلڻ لڳو،“ ڊاڪٽر هري هريليلا ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندي ٻڌايو، ”انهي دوران مون پاڻ ۽ منهنجن ٻن ڀائرن، هڪ ننڍي هڪ وڏي، هانگ ڪانگ ۾ موجود انڊين ڪمپنين ۾ وڃي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.“
انهن ڏينهن ۾ هريءَ جي عمر 15 سال کن هئي ۽ سندس پنجون ڀاءُ گئري ۽ ڀيڻ راڻي هانگ ڪانگ ۾ ڄائي. ڊاڪٽر هريءَ ٻڌايو ته ٽي چار سال سندن ڌنڌو ڏاڍو سٺو هليو ۽ ائين ٿي لڳو ته هاڻ ڪو ڏکيو ڏينهن نه ايندو. پر انسان کي ڪهڙي خبر ته سڀاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي. خوشحال ۽ پرسڪون دنيا ۾ جپانين ٻي جنگ عظيم جي چڻنگ ٻاري ڇڏي جيڪا وئي مچ بڻبي ۽ ڪئين بي ڏوهه ۽ غريب ماڻهن جا جهڳا ساڙي ڇڏيا.
1941 ۾ ٻي عالمي لڙائي شروع ٿي ۽ نارومل سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو. جپاني هر شيءِ تي قبضو ڪري ويهي رهيا. ”اسان کي، ٻين انڊين وانگر، هانگ ڪانگ ٻيٽ تان تڙي ڪولون پاسي، ”شِم ساشُو“ علائقي ۾ رڍن ٻڪرين وانگر واڙيو ويو،“ هريءَ ٻڌايو، ”پوءِ مهيني ڏيڍ بعد جڏهن جپانين ڏٺو ته هاڻ سندن سڄي هانگ ڪانگ تي چڱيءَ طرح ڪنٽرول ٿي ويو آهي ته پوءِ اسان Civilians کي هيڏانهن هوڏانهن چُرپر جي اجازت ڏني وئي. اسان جي فئملي جي هڪ سڃاڻي اسان تي مهرباني ڪري هانگ ڪانگ جي هئنڪو روڊ تي هڪ دڪان مسواڙ تي ڏنو، جنهن ۾ اسان شيون رکي وڪڻڻ لڳاسين ۽ ايتري ڪمائي ٿيڻ لڳي جنهن مان گهرجي ڀاتين جو گذر سفر ٿي سگهي.“
ڊاڪٽر هريءَ ٻڌايو ته هانگ ڪانگ تي جيڪي چار سال کن جپانين جو قبضو رهيو اهو ڏاڍو ڏکيو وقت رهيو. اسان کي ٿوري گهڻي چرپر ۽ ڌنڌي جي موڪل ضرور هئي پر هر وقت سندن خوف جو ڀوت سوار رهيو ٿي. هر شيءِ جو ڏڪار هو، انصاف نالي جي ڪا شيءِ نه هئي. انگريز ۽ چيني ته هر وقت هنن جي عتاب هيٺ رهيا ٿي. جپانين کي جتي وجهه لڳو ٿي ڦرلٽ ڪئي ٿي ۽ هر هڪ کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ٿي. هڪ عام ماڻهو نه ڏينهن جو آزادي سان گهمي سگهيو ٿي ۽ نه رات جو سڪون سان سمهي سگهيو ٿي.
هڪ اهڙي ئي رات جو جپان جي سيڪريٽ سروس وارن آڌي رات جو، شڪ جي بنياد تي ڊاڪٽر هري جي پيءُ نارومل کي گهر مان گهِلي ويا ۽ هن کي ماري ماري مرڻينگ بڻائي ڇڏيو. حياتي هئي جو هو بچي سو ويو پر زندگي جا باقي ڏينهن بستر تي رهيو. سال 1948 ۾ مئي جي مهيني ۾ هو پنهنجي پتني ديوي ٻائي ۽ 8 ٻارن کي هميشه لاءِ هن جهان ۾ ڇڏي جدا ٿي ويو.
ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي بم ڪرڻ بعد جپانين هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ آڻ مڃي 1945 ۾ هانگ ڪانگ ۽ سندس ڀائرن هڪ دفعو وري شين جو ٿالهه کڻي هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ هاڪر ٿي پنهنجي روزي رزق ڪمائڻ لڳائڻ.
”انهن ڏينهن ۾ انگريزن وٽ به پئسو نه هو،“ هريءَ ٻڌايو، ”مون ۽ ڪجهه ٻين دڪاندارن انگريز فوجين کي چين مان کاڌو خوراڪ گهرائي سپلاءِ جو ڪم شروع ڪيو جنهن جي عيوض ۾ هو اسان کي جپانين طرفان هڙپ ڪيل مال جا گودام کولي چوندا هئا ته جيڪي کپناوَ اهو کڻو. اسين ڀائر سامان جي سپلاءِ موجب هڪ يا ٻه ڪريٽ اسڪاچ ۽ سگريٽن جا کنيا ٿي. بابو هميشه چوندو هو ته فقط پنهنجو حق گهرو گهڻي جي لالچ نه ڪريو.“
هري ليلا ڀائرن جي اها ڳالهه انگريز به نوٽ ڪئي جو جڏهن حالتون بهتر ٿيون ته هنن هري ليلا ڀائرن کي کاڌي خوراڪ ۽ ٽيلرنگ جي ڪمن جا وڏا وڏا ٺيڪا ڏنا جن ۾ هنن خوب ڪمايو ۽ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ وڏي ترقي ڪرڻ لڳا. ايتريقدر جو هانگ ڪانگ ۾ موجود برٽش آرمي ۽ پوليس جي يونيفارمن ٺاهڻ ۽ لانڍري جو ڪم هنن کي سونپيو ويو. جهجهي ڪاروبار ڪري هئنڪو روڊ وارو هي دڪان هنن لاءِ ننڍو ٿي پيو ۽ هاڻ ڪولون هوٽل ۾ وڏو دڪان کوليو. ان بعد هانگ ڪانگ ۾ اڃان به وڌيڪ برٽش ۽ ڪامن ويلٿ جا فوجي ٽروپ اچي ويا ۽ هري ليلا وارن کي انگلينڊ مان گهڻي کان گهڻو ڪپڙو امپورٽ ڪرڻو پيو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن هانگ ڪانگ يا اوسي پاسي ۾ ٽيڪسٽائيل فئڪٽريون نه هيون. چين کان ڪپهه يا ڌاڳو انگلينڊ ويو ٿي جتي جي ڪارخانن ۾ ڪپڙو ٺهي هانگ ڪانگ آيو ٿي. ڪپڙن سبڻ جا وڏا آرڊر ملڻ ڪري هري ليلا وارن هاڻ هڪ ٻيو وڏو اسٽور کوليو ۽ هو هانگ ڪانگ ۾ برطانيا جي ڪپڙي جا وڏا خريدار ۽ امپورٽر مڃيا وڃڻ لڳا. هي برطانيا مان ايترو ته ڪپڙو گهرائڻ لڳا جو انگلينڊ جي شهزادي مارگريٽ ۽ لارڊ سنوڊن جڏهن هانگ ڪانگ گهمڻ لاءِ پهريون دفعو شاهي ٽوئر تي آيا ته هنن هري ليلا واري جي دڪان تي به پير گهمايا.
ڪجهه عرصي کان پوءِ آمريڪن سپاهي جن جي ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ سمنڊ تي ڊيوٽي لڳائي وئي هئي، انهن کي يونيفارمن جي ضرورت پئي. آمريڪا وارن برطانيا جي صلاح ۽ ذاتي آڊٽ بعد ڪپڙن جو ٺيڪو هري ليلا وارن کي ڏنو. ”1948 کان وٺي ويٽنام جي جنگ ختم ٿيڻ تائين اسان وٽ جپان جي ٻيٽن کان سائگان تائين 35 وڏا اسٽور هئا،“ هري ليلا هڪ دفعي ماضيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندي چيو هو، ”اسان جو بزنيس نه فقط هانگ ڪانگ ۾ پر سڄي ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ پکڙجي ويو. هڪ ڏينهن اندر اسان وٽ 600 سوٽ ٺهيا ٿي ۽ اسان 900 درزين کي پگهار ۽ ڪميشن تي رکيو هو.“
1960 واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن هري ڏٺو ته هاڻ آمريڪن جو تعداد هن خِطي ۾ گهٽبو وڃي ته هريءَ پنهنجن ڀائرن کي خبردار ڪيو ته هاڻ هي درزڪو ڪم گهٽائي ڪنهن ٻئي ڌنڌي ۾ پير ڄمائجن.
”جيتوڻيڪ منهنجي ڀائرن منهنجي ان صلاح جي مخالفت ڪئي پر آئون زمين جي خريداري ۽ وڪري جي ڌنڌي ۾ اڳتي وڌندو رهيس،“ ڊاڪٽر هريءَ ٻڌايو، ”ان ۾ جيتوڻيڪ فائدو گهٽ هو پر جلد ئي منهنجا ڀائر به سمجهي ويا ته اڳتي هلي زمين، پلاٽ، گهر ۽ هوٽلن جي خريداري فائدو رسائيندي.“
هري ليلا وارن پهرين هوٽل 1960-61 ۾ ناٿن روڊ تي امپيريل هوٽل خريد ڪئي. ان بعد هنن مودي روڊ تي وڏو پلاٽ وٺي ”هاليڊي اِن گولڊن مائيل“ هوٽل ٺهرائڻ شروع ڪئي. هي ڪم 1969 ۾ جاري ٿيو ان ئي سال هانگ ڪانگ ۾ هنگاما ٿيا ۽ پراپرٽيءَ جو اگهه ڪري پيو. ٽوئرزم گهٽجي وئي ۽ هانگ ڪانگ جون هوٽلون خالي ٿي ويون. هري ليلا وارن وٽ هوٽل ٺهرائڻ لاءِ وڌيڪ پئسي جي آمد بند ٿي وئي. مجبوريءَ ۾ هنن امپيريل هوٽل وڪڻي هاليڊي ان هوٽل جي ڪنسٽرڪشن جاري ڪرائي جيڪا 1975 ۾ ٺهي راس ٿي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اسان هانگ ڪانگ ۾ ٽن چئن سالن کان اچڻ شروع ڪري ڏنو هو. هاليڊي اِن هوٽل جو افتتاح 12 نومبر 1975ع تي رکيو ويو پر افسوس جو هي خوشيءَ جو فنڪشن خاموشيءَ ۾ گذاريو ويو ڇو جو ان ڏينهن هري ليلا جي والده ديوي ٻائي ديهانت ڪري وئي. هن فنڪشن ۾ هري ليلا فئملي مان فقط ڊاڪٽر هري جي اڪيلي پٽ آرون کي موڪليو ويو هو، جيڪو ان وقت چئن سالن جو هو.
بهرحال هاليڊي ان هوٽل هري ليلا وارن لاءِ وڏي ڀاڳ واري ٿابت ٿي. هنن ان مان ايڏو ڪمايو جو نه فقط هو وڪرو ٿيل امپيريل هوٽل واپس خريد ڪري سگهيا پر هنن ٻيو به ڪيتريون ئي هوٽلون خريد ڪيون.
ڊاڪٽر هري نارومل هري ليلا نه فقط بزنيس ۾ نالو پئدا ڪيو آهي پر خير خيرات ۾ به هو سڀ کان اڳ آهي. هن جو چوڻ آهي ته جنهن ڌرتيءَ هن کي رهڻ ڏنو ان ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي سک لاءِ ڪجهه ڪرڻ سندس فرض آهي. هانگ ڪانگ جي ايڪانامي ٺاهڻ ۽ ٻين خدمتن جي ڪري انگلينڊ جي راني ايلزبيٿ کيس OBE (آرڊر آف دي برٽش ايمپائر) ايوارڊ عطا ڪيو. کيس هانگ ڪانگ حڪومت وٽان GBS (گولڊ بائوهنيا اسٽار) ايوارڊ پڻ مليل آهي جيڪو هانگ ڪانگ جي اعليٰ سول ايوارڊن مان هڪ آهي. ان کان علاوه هن کي انڊيا حڪومت طرفان پڻ ”پراواسي ڀارتيا سمان“ ايوارڊ ملي چڪو آهي جيڪو انڊيا جو هڪ وڏو ايوارڊ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ منهنجو هانگ ڪانگ ۾ ”هانگ ڪانگ بئپٽسٽ يونيورسٽي، ۾ وڃڻ ٿيو، جتي مونکي اهو ڏسي حيرت ۽ خوشي ٿي ته اتي ڊاڪٽر هري هريليلا ۽ سندس زال پدما نالي ٻه ليڪچر هال آهن جيڪي سيمينارن، پبلڪ ليڪچرس ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن لاءِ استعمال ٿين ٿا. پدما هال ۾ ويهڻ لاءِ 250 سيٽون آهن ۽ هري هريليلا هال ۾ 150 سيٽون آهن. هنن هالن جي ٺهرائڻ جو 5 ملين ڊالر خرچ هري ليلا طرفان ڏنل فنڊ مان پورو ڪيو ويو.
هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر هري يا ان جا ڀائر سخت غربت ڪري ڪنهن به اسڪول مان پڙهي نه سگهيا. جيڪي ڪجهه هو پڙهيا هو بعد ۾ پرائيويٽ استاد جي معرفت، جيئن ڪاروبار هلائڻ لاءِ لکي پڙهي سگهن. ڊاڪٽر هري کي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري به هانرري آهي جيڪا آمريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ طرفان ملي آهي. بهرحال هاڻ سڀني ڀائرن جو اولاد هانگ ڪانگ، انگلينڊ ۽ آمريڪا جي اعليٰ يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪري پوءِ اباڻي ڌنڌي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. 2006 ۾ ڊاڪٽر هري ءَ جو وڏو ڀاءُ جارج نارومل هري ليلا گذاري ويو. سندس وڏو پٽ ڊئوڊ هري ليلا هن خاندان جو پهريون ماڻهو آهي جنهن اسڪول جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ يونيورسٽي ۾ ويو. ڊاڪٽر هري کي هڪ ئي پٽ ڊاڪٽر آرون آهي. ڊاڪٽر آرون بنيادي تعليم هانگ ڪانگ جي يونيورسٽين مان ڪرڻ بعد انگلينڊ جي ”يونيورسٽي آف هل“ مان پوليٽيڪل فلاسافي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. ارون هن وقت 38 سالن جو ٿيندو.