ڪجھه هانگ ڪانگ جي تاريخ جاگرافي بابت
اڳ جو چين سنڌي وڏيري مثل هو
DO NOT AWAKE YELLOW LION
هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) ۽ سندس ٻيو حصو ڪولون ائين سمجهڻ گھرجي، جيئن سنگاپور ٻيٽ ۽ ملائيشيا جي پوڇڙ جو حصو ’جوهر‘. يا جيئن اسان وٽ منوڙو ٻيٽ ۽ پاڪستان جو آخري پوڇڙ ڪياماڙي آهي. ڪولون به ڪياماڙي وانگر آهي، جو عوامي چين جهڙي راڪاس جي پير جو ننهن سمجھڻ گھرجي. ڪولون جي ريلوي اسٽيشن کان ڪئنٽن (عوامي چين) جي ريلوي اسٽيشن فقط نوي ميل آهي ۽ روزانو ڪولون ۽ ڪئنٽن جي وچ ۾ مسافر ۽ مال گاڏيون هلن ٿيون. هانگ ڪانگ ۾ ڪيترا چيني اهڙا آهن، جن جا مائٽ مٽ اڃا تائين عوامي چين ۾ رهن ٿا. هانگ ڪانگ جي لووو اسٽيشن بعد لوڪماچو (Lokmachau) اسٽيشن پوليس ۽ اميگريشن جي چونڪي آهي. جتي ايندر ويندڙن جي سخت چڪاس ڪئي وڃي ٿي. پهرين ايتري سختي نه ٿيندي هُئي، پر ڏينهون ڏينهن جڏهن عوامي چين مان گھڻا چيني ڀڄي هانگ ڪانگ پاسي (ٻين لفظن ۾ آزاد دنيا ۾) اچڻ لڳا ۽ هانگ ڪانگ جي آدمشُماري حد کان وڌي وئي ته ٻنهي ڌرين (عوامي چين ۽ هانگ ڪانگ جي انگريز سرڪار) خشڪي ۽ سامونڊي بارڊرن تي پهرو بيهاري ڇڏيو. شروع شروع ۾ هانگ ڪانگ ڪالوني جي آدمشُماري فقط پنج هزار هُئي.
1898ع ۾ اڍائي لک ٿي وئي. 1921ع ۾ ڇهن لکن کان به چڙهي وئي ۽ 1941ع ۾ پندرهن لکن تائين وڃي پهتي. ٻي جنگ عظيم ۾، سن 1941ع ۾ جپانين هانگ ڪانگ تي قبضو ڪيو ۽ 1945ع ۾ آڻ مڃڻ وقت هانگ ڪانگ وري انگريزن جي قبضي ۾ آيو. جنگ ڪري واپار وڙو، هنر ڌنڌا سڀ بيهي ويا هُئا. انگريزن اوسي پاسي ۾ رهندڙ هنرمند چينين کي گھُرائي هانگ ڪانگ ۾ رهايو ۽ ٿورن ئي سالن اندر هانگ ڪانگ وري ترقي ڪرڻ لڳو. 1949ع ۾ عوامي چين ۾ انقلاب آيو ۽ شنگھائي تي ڪميونسٽن جو قبضو ٿيو. شنگھائي جيڪو دنيا جو تن ڏينهن ۾ مشهور ترين شهر هو، مائوزي تنگ جي انقلاب تي، ان جون سڀُ بئنڪون، واپاري ڪمپنيون ۽ دور دراز ملڪن ڏي ويندڙ جهازن جون آفيسون سڀ هانگ ڪانگ اچي ويون. هانگ ڪانگ ۾ اڄُڪلهه اڻ ڳڻت شپنگ آفيسون آهن. چيو وڃي ٿو ته ٽن سوَن کان به مٿي ٿينديون. ٽئڪس فري ملڪ هئڻ ڪري ۽ واپار جي سهوليتن ۽ ڪمائي جي وڌندڙ ذريعن ڪري، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو هتي اچڻ لڳا. 1947ع ۾ هندستان پاڪستان ٿيو. سنڌ جا هندو جيڪي واپار ۾ پنهنجو مٽُ پاڻ هُئا، تن جو وڏو حصو هتي هانگ ڪانگ ۾ اچي رهيو، جتي پهرين کان ڪجھه هندو سنڌي واپار جي سهوليتن ۽ سولاين ڪري لڏي آيا هئا. بهرحال 1950ع کان پوءِ به ڏينهون ڏينهن هتي جي آدمشماري وڌندي ئي رهي ٿي ۽ زمين وڃي ٿي کُٽندي. حالت اها آهي جو سمنڊ جو ڪيڏو حصو ڀنجھو ۽ پٿرن سان ڀري سڪي (زمين) ٺاهي ويئي آهي. هانگ ڪانگ جو ڪناٿ روڊ، وان چائي، ڪئينس روڊ وغيره سڀ اڄُ کان ٽيهه سال اڳ سمنڊ هو. پَٽَ جي اگھه جي اها حالت آهي جو هزار روپيا فٽ به سٺي هنڌ تي ڏکيو ٿو ملي.
هانگ ڪانگ ۽ عوامي چين جي وچ ۾ ”شام چُن“ (Shamchun) نالي ندي، سرحد ٺاهي ٿي ۽ ”شاتائوڪاڪ“ (Shataukok)نالي ڳوٺڙو بلڪل سرحد تي آهي، جنهن جو اڌ هانگ ڪانگ جو حصو آهي ته اڌ عوامي چين جو.
ڪنهن زماني ۾ ته هانگ ڪانگ آدمشُماري توڙي ترقيءَ جي لحاظ کان هڪ غير آباد ٻيٽ هو، جنهن تي ڪجھه مهاڻا رهندا هُئا ۽ مڇيون ڦاسائي پيٽ قوت ڪندا هُئا. ان کان علاوه بحري قزاقن (Pirates) جو پڻُ اڏو هو، جي واپاري ٻيڙن کي سمنڊ تي ڦُري اچي هانگ ڪانگ ۾ پناهه وٺندا هُئا.
پورچوگيز پهريان يورپين هئا جن آفريڪا جو ڪيپ آف گُڊ هوپ لتاڙي هيڏانهن مشرق طرف اچڻ شُروع ڪيو. هندستان، سلون، ملايا، انڊونيشيا طرف وڌي اڳتي چين طرف پڻ پهتا. ان کان پوءِ انهن پُٺيان انگريزن گس ڏٺو. پوءِ ته سائين بس روز، ”سلاماليڪم جاڙا خان، اسان اچي ويا آهيون ــ پنهنجي ڪُتي کي ته جھلجان.“ وارو لقاءُ هو. پهرين واپار جي بهاني سان سندن جهاز اچڻ شُروع ٿيا ۽ چين جي شهر ڪئنٽن (Canton) ۾ پير پُختو ڪيو، پر ڪئنٽن انگريزن کي ڀانءِ ڪونه پيو جو انهن ڏينهن جي چين حڪومت جا ساڻن شرط شروط ۽ نمونا اهڙا ته ڏنگا ڦڏا رهيا جو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي چوڻ تي برٽش حڪومت ڪنهن ٻي الڳ ٿلڳ مناسب جڳهه، واپاري چونڪي لاءِ ڳولڻ لڳي. (هيءَ اهائي انگلنڊ جي ايسٽ انڊيا ڪمپني هُئي جيڪا راڻي ايلزبيٿ پهرينءَ 1600ع ۾ هندستان موڪلي هُئي ۽ 1608ع ۾ سندس پهريون جهاز ڪئپٽن وليم هائڪنس جي ڪمانڊ هيٺ سورت پهتو هو.) بهرحال انگريزن هانگ ڪانگ جي ٻيٽ تي 1842ع ڌاري قبضو ڪيو جيڪو انهن ڏينهن ۾ (يعني فقط سوا سؤ سال کن اڳ) هڪ ويران جڳهه هئي، جنهن لاءِ انگلنڊ ۾ ته خوب گلا ڪئي وئي ته ههڙي جڳهه ڪيئن واپاري مارڪيٽ ٿي سگھندي. (هي ان سن جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي جڏهن لارڊ ايلنبرو سنڌ ۾ سرچارلس نيپيئر جي سالاري هيٺ لشڪر موڪليو. جنهن مياڻيءِ ۽ دُٻي جي لڙائيءَ ۾ ميرن کي شڪست ڏئي 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي).
هانگ ڪانگ ٻيٽ جي ايراضي اوڻٽيهه چورس ميل ٿيندي.هانگ ڪانگ چيني لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ”خوشبودار بندرگاهه“ (هانگ معنى خوشبوءِ ۽ ڪانگ معنى بندرگاهه) اهو ان تي نالو ان ڪري پيو، جو انهن ڏينهن ۾ اوسي پاسي جي سمنڊ ۾ مڇيون ماريندڙ مهاڻا هتان پيئڻ جو پاڻي کڻڻ ايندا هُئا، جو هتي ابردين جي ڀرسان هڪ مٺي پاڻيءَ جو چشمو هو (جيڪو اڃا تائين موجود آهي) ۽ ان پاڻيءَ کي خوشبودار سمجھيو ويندو هو. (جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ عام پاڻيءَ کي ”مٺو پاڻي“ سڏيو وڃي ٿو. ۽ عام طرح ائين ٻُڌڻ ۾ ايندو ته، ”ابا فلاڻي کوهه جو پاڻي مٺو آهي“ ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ان کوهه مان روح افزا يا ٺٽي جي شربت جا ٻُڪ ڀرجيو ٿا نڪرن. ان جي ڀيٽ ۾ واٽر ڪورس يا شاخ جو ميرو پاڻي، يا اها زمين جنهن جي تهه ۾ لوڻياٺ (Salts) گھڻا آهن اتي جي کوهه جو پاڻي اڻ وڻندڙ ذائقي جو ٿئي ٿو، جنهن کي ٻاڙو پاڻي سڏجي ٿو). اهڙي طرح اسان جهڙا انسان جن کي بقول شاهه لطيف جي:
”کيڙائن کارو، سنجھيئي ساريو،
آيل! امارو، آهين پرئين پار جو.“
۽ جن جو ڏينهن رات واهپو سمنڊ جي کاري ۽ ککي بوءِ واري پاڻيءِ سان رهي ٿو، تن لاءِ هي پيئڻ جو پاڻي جيڪو ٻين لاءِ کڻي عام هُجي، وڏي حيثيت رکي ٿو ۽ خوشبودار ۽ مٺو لڳي ٿو. اڄُ جي ماڊرن زماني ۾ جڏهن هرهڪ جهاز ننڍڙو شهر آهي ۽ سندن تيز رفتاريءَ دنيا جي بندرگاهن کي ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ هر جهاز تي پاڻي ٺاهڻ جي مشين (Evaporator)آهي ۽ جيتوڻيڪ ڪربلا جو قضيو ۽ عليءَ جي اولاد جي شهادت جون سختيون، اڄُ جي سامونڊي ۽ وڻجاري کي وسري ويون آهن، ته به ايترو آهي جو هو پيئڻ جي عام پاڻيءَ کي فقط پاڻي نه پر عزت سان سٺو پاڻي (Fresh Water) سڏي ٿو ــ ۽ اڪثر هر جهاز تي نَون آيلن کي نصيحت ڪئي ويندي آهي ته: جهاز تي تازو پاڻي ضايع نه ڪريو. ڪيترن بندرگاهن ۾ (مثال طور دُبئي، دوحا، قطر، بيروت ۽ ٻيا اهڙا جن ۾ درياءَ يا کوهه ناهن ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءِ مان مشينن ذريعي مٺو پاڻي ٺاهيو وڃي ٿو يا بارش جو پاڻي گڏُ ڪيو وڃي ٿو)، جهازن لاءِ پاڻي وٺبو آهي ته تمام گھڻي قيمت ڏيڻي پوندي آهي ۽ تمام خيال سان پاڻي خرچُ ڪرڻو پوندو آهي. هارِ ويرِ لاءِ ته سمنڊ جو پاڻي استعمال ڪبو آهي. ساڳي طرح اوسي پاسي ۾ پاڻي نه هُجڻ ڪري هانگ ڪانگ جي انهيءَ چشمي جو وڏو قدر ڪيو ويو ٿي، آفيمي جنگ (Opium War)جي چڪرن ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي فتح ۽ انهن چڪرن ۾ انگريزن کي 1942ع ۾ هانگ ڪانگ ٻيٽ ملي ويو. (فرينچن ۽ انگريزن زوريءَ چينين کي آفيم کائڻ تي هيرايو، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويا ۽ سڄو چين، نشئي ۽ آفيمي بڻجي ويو هو ۽ ڌارين کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي لُٽيو، اڏايو ۽ عيش ڪيو. عوامي چين جا شهر شنگھائي، ڪئنٽن، پيڪنگ وغيره جي هينئر هڪ مسجد يا ڪليسا وانگر پاڪ ۽ خشڪ لڳن ٿا، سي ڪنهن زماني ۾ دنيا جا مشهور عياشيءَ جا اڏا هُئا ۽ هيءَ چيني قوم جنهن کان هاڻ سڄي دنيا ڏڪي ٿي موالي ۽ چرسين جي روپ ۾ فٽ پاٿن تي نشي ۾ ڌُت هُئي ۽ ماني ٽُڪر لاءِ پئي واجھائيندي هُئي. ڇاڪاڻ جو ڌارين کي سندن ڏکندڙ نس جي خبر پئجي وئي هُئي). هانگ ڪانگ، ڪولون ۽ ڪمبوڊيا توڙي جي سنگاپور جي اڌ کن آدمشُماري چيني ماڻهن جي آهي ته ملائيشيا جي به. پوءِ سڀني چينين جو نسل ۽ شڪل صورت کڻي ساڳي آهي، پر مذهب، ملڪ، زبان ۽ قوميت جُدا آهي. پاڪستان ۾ جيڪي اڄُڪلهه چيني طب ۽ پوشيده بيمارين جون اسپتالون کُلي پيون آهن، سي ڪي عوامي چين جا چيني نه آهن ۽ نه ڪراچي جي چيني هوٽلن جا مالڪ. اهي سڀ چيني نه فقط مختلف ملڪن ۽ قوميتن جا آهن پر سندن مذهبي، سياسي ۽ سماجي نظريا پڻ الڳ الڳ آهن. تائيوان جا چيني ”عوامي چين“ سان نفرت ڪن ۽ عوامي چين جا رهاڪو تائيوان سان. هانگ ڪانگ جا ڪي چيني عوامي چين جي حُڪومت ۽ سياسي نظرئي کي ساراهين ته ڪي سخت ڌڪارين. سنگاپور جا چيني پنهنجو پاڻ کي سنگاپور سان منسوب ڪن ۽ سنگاپوري سڏائيندي فخر محسوس ڪن ته ملائيشيا جا چيني ملائيشيا سان. جيئن عربن جو کڻي مثال وٺجي ته عرب معنى اهو نه ته ڪو عربستان (Saudi-Arabia) جو رهاڪو هُجي. ڪويت جا رهاڪو به عرب سڏائين، ته مصر جا به عرب. اهڙي نموني سان قطر، شام، عراق، لبنان وغيره جا پڻ. جيتوڻيڪ لبنان جا رهاڪو مسلمان ۽ ڪرسچن ٻئي آهن، (پنجاهه سيڪڙو کن آدمشُماري عيسائي آهي ته پنجاهه سيڪڙو مسلمان) پر ته به ٻئي ڌُريون پاڻ کي عرب سڏائين ۽ ساڳي زبان عربي ڳالهائين. (ايتريقدر جو فلسطين (P.L.F) جو اڳواڻ ڊاڪٽر هباش ڪرسچن آهي، پر هو پاڻ کي عرب سڏائي ۽ اسرائيل جي خلاف آهي) اهڙيءَ طرح چيني آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته مڙني چينين جو، جيڪي ملائيشيا، سنگاپور، تائيوان، ويٽنام، ڪوريا، هانگ ڪانگ کان ويندي پاڪستان، تنزانيه، سومالي لئنڊ يورپ يا آمريڪا ۾ رهن ٿا، اصل ملڪ ڪنهن زماني ۾ عوامي چين (Mainland China)هو. پوءِ ڪن ”هئن حُڪومت“ (Han-Dynasty) جي ڏينهن ۾ چين ڇڏيو، ته ڪن ”ڀئان“ يا ”منگ“ خاندان جي ڏينهن ۾ دور دراز ملڪن ۾ واپار وڙي ۽ ٻين سهوليتن جي ڪري هميشه لاءِ وطن ڇڏي لڏي ويا ته ڪي مائوزي تنگ جي انقلاب کي نه پسند ڪرڻ ڪري ڀڄي نڪتا. سو هتي جڏهن آءٌ چيني لفظ استعمال ڪريان ٿو ته منهنجو مطلب هانگ ڪانگ جي رهاڪو چينين سان آهي.
اڄُڪلهه عوامي چين جي چينين ۽ دنيا جي ٻين چينين ۾ وڏو فرق اهو آهي ته عوامي چين جا باشندا اخلاقي طرح سڀني کان اتاهان ۽ اعلى آهن. انهن جو ۽ ان ملڪ جو تفصيل الڳ عوامي چين جي شهرن (شنگھائي، سئم ڪانگ، ڪئنٽن ۽ پيڪنگ وغيره) مان ئي لکندُس.
بهرحال مجموعي طور سنگاپور، ملائيشيا ۽ هاڻ هتي (هانگ ڪانگ) جي چينين ۾ هڪ ڳالهه ڏٺي اٿم ته هو بيحد محنتي اڻورچ ۽ ذهين آهن. خبر ناهي ڪنهن چيو ته: چيني چرسي ۽ سست آهن. جي ها. اهو صحيح هو ، پر اها ماضيءَ جي ڳالهه هُئي جڏهن واقعي چيني دنيا جي سست ۽ ڪاهل قوم هئي ۽ هنن کي ڪافي سزا جنگ جي روپ ۾ ۽ بُک بيروگاري جي شڪل ۾ ڀوڳڻي پئي. پر هاڻ چيني اهڙا ته بيدار ٿيا آهن، جو ٻچو ٻچو ترقيءَ جي منزل ڏي پڪي عزم ۽ ولولي سان هر مشڪل کي منهن ڏيئي وڌندو نظر پيو اچي.
جي جھنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو،
هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو،
او منزل مقصود، هي وعدو آهي،
آيو جي اڀُ ته به ڦاڙي اچبو.
هاڻ ته چيني اهڙا پيدا ٿيا آهن جو مونکي سڄي دنيا ۾ چينين جهڙي محنتي قوم ڪٿي به نظر نٿي اچي! هو صبح شام، ٻارين ٻچين پورهئي ۾ رڌل رهن ٿا ۽ اهوئي سبب آهي جو چيني سڀ کان اڳتي وڌندا وڃن. مثال طور ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ملئي مسلمان، هندو ۽ چيني رهن ٿا ــ ساڳين حالتن ۽ سهوليتن هيٺ. پر ان هوندي به چيني هر ڪم ــ پورهئي، واپار، هنر ۽ نوڪريءَ ۾ ٻين کان اڳتي وڌيل آهن. ساڳيو عالم هانگ ڪانگ جو آهي. اڄُ ڪلهه ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر چيني نوجوانن ۾ به اهڙي سُڄاڳي ۽ قوميت جو جذبو پيدا ٿي ويو آهي جو مون کي ائين پيو لڳي ته اهو وقت تمام ويجھو اچي پهتو آهي، جڏهن يوگنڊا (آفريڪا) جي عيدي امين وانگر هتي جا چيني به ڌارين کي ٽپڙ ٻَڌائيندا.
ڪافي عرصي کان هانگ ڪانگ انگريزن جي حڪومت هيٺ آهي. هتي راڻي ايلزبيٿ جي تصوير جا سڪا، نوٽ ۽ پوسٽ جون ٽڪليون هلن ٿيون ۽ اڃا تائين سڌي يا اڻسڌي طرح انگريزن جي قبضي ۾ آهي. اها انگريز سرڪار جنهن لاءِ ڪنهن زماني ۾ چيو ويندو هو ته ان حڪومت جو سجُ ڪڏهن به غُروب نه ٿيندو، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي مشرق ۾ انگريزن جو سجُ گنگا، راوي، سنڌو ندي ۽ ميڪانگ نديءَ ۾ ڪڏهن ڪو ٻُڏي ويو. هاڻي هزارين لکين سپاهي پئسفڪ سمنڊ جي هن جابلو ٻيٽ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن سندن حڪومت جو سجُ جيڪو اڄُڪلهه فقط هانگ ڪانگ جي ٽڪرين مان اڀري ٿو، ڪٿي پرل نديءَ ۾ ٻُڏي نه وڃي.