تريل نانگ لذيذ ٿين ٿا توهان ڪڏهن ڪُتو کاڌو آهي؟
هانگ ڪانگ اهو ملڪ آهي، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ هندستانين کان علاوه منهنجي ته خيال ۾ ٻين به انيڪ ملڪن، مذهبن ۽ قومن جي کاڌن جون پڻ الڳ الڳ هوٽلون آهن. ڪجھه ملاين، انڊونيشين، ڪورين ۽ جپاني هوٽلون به آهن. باقي يورپي ۽ چيني هوٽلون ته ڪيتريون ئي نظر اينديون. ننڍيون وڏيون، صاف سٿريون ۽ گدليون پڻ. اسٽار فيري ۽ جارڊن فيري اسٽيشنن ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي، (خاص ڪري ڪولون پاسي )گاڏن وارا گولن (گئس بتين) جي سوجھري ۾، عجيب قسمن جا رڌل سامونڊي جيت جڙا، مڇيون، بلائون وڪڻندا نظر ايندا. جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ جي خيبر هوٽل ڀرسان يا سائيٽ پاسي ڪارخانن اڳيان گاڏن وارا ڪڪڙيون ۽ بيضا ۽ سندن سوپ پيا وڪڻندا آهن يا برنس روڊ وٽ يا ڇوڪرين جي ڪاليجن اڳيان دهلوي حليم، دهي بڙا ۽ چاٽ قسم جون شيون ديڳڙن ۾ پيل، گاڏي تي رکي وڪڻندا آهن يا دادو ۽ ٺٽي پاسي رڌل اوجھري ۽ بهه وڪامندي نظر ايندا آهن. فيري اسٽيشن جي ڀرسان انهن گاڏن اڳيان ميرن ڪپڙن ۾ ٻارن ۽ ڪجھه خوش پوشاڪ نوجوان جوڙن جو ميڙ لڳل هوندو آهي. وڪڻڻ وارو رٻڙ جا دستانا هٿن تي چاڙهي مرچن مصالحن واري ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وڏا وڏا Octopus (اَٺن کهڙين ٽنگن وارا سامونڊي ساهوارا) ڪڍي انهن کي وڏي تکي ڪئنچي سان ڳترا ڳترا ڪري ٿالهين ۾ وجھي گراهڪن کي ڏيندا آهن. ڀرسان بيهڻ سان اهڙي ته تکي ڌپ نڪ جي ناڪيلين ۾ چُڀي ويندي جو اتي بيٺو به نه ٿيندو. پر هتي جا چيني مزي سان آڪٽوپس جهڙين مڇين کي تيلين سان ڳڙڪائي چشڪا پيا ڏيندا آهن. ان کان علاوه ٻين ديڳڙن ۾ رڌل سپون، ڏيڏر، ڪيڪڙا ۽ ٻيون شيون نظر اينديون (بقول اسان جي هڪ جهازيءَ جي چيني ماڻهو مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جو هر ساهوارو کائين ٿا) سپون ته جپان ۾ جپانين کي به کائيندي ڏٺم. تکي ڪپ سان سپ جا پُڙ کولڻ سان منجهانئس هڪ ڪوريئڙي جهڙو ۽ جيڏو ڪينئون نڪري ٿو ان کي تيلين (Chop-Sticks) سان جھلي وات اندر داخل ڪن (بنا ڪنهن پاسپورٽ ۽ ويزا جي).
اهو ته ڪجھه به ڪونهي، ڪولون ۾ ڪيتريون اهڙيون هوٽلون آهن جن ۾ نانگ ٻاهر ئي شيشي جي ڪٻٽن ۾ جيئرا جاڳندا رکيا آهن. (هتي چيني هوٽلن ۾ مڇيون ۽ گانگٽ به جيئرا پاڻيءَ جي نادين ۾ رکيا هوندا آهن)گراهڪ هوٽل ۾ گھڙڻ کان اڳ بئري کي پنهنجي پسند جي مڇي، گانگٽ يا نانگ بلا ڏي اشارو ڪري ڏيکاريندس جيڪو پوءِ رڌي يا تري کيس پيش ڪيو ويندو آهي. نانگن واري شيشي جي ڪٻٽ وٽ ڪاسائي ٿلها ٽائر جا دستانا ٺونٺين تائين چاڙهيو ويٺو هوندو آهي. گراهڪ جيڪو نانگ پسند ڪندو آهي ان کي منهن کان سوگھو جھلي ڪٻٽ کان ٻاهر ڪڍي، ڪٻٽ ڍڪي ڇڏيندو آهي. نانگ جي حالت اها هوندي آهي جو تيسر ٻار وانگر ڇڙهيون پيو هڻندو آهي پر ڪاسائي نه ڇڏيندو اٿس. هڪ ڏاٽي جهڙو مڙيل ڪپُ (منهن وٽان گول مُڙيل) ٻئي هٿ ۾ کڻي ان نانگ جي منهن وٽ ڦاسائي زور سان ڪپ کي هيٺ پُڇ تائين رهڙيندو آهي ته نانگ جي سڄي کَلَ بدن تان لهي ويندي آهي. ان بعد ڦٿڪندڙ نانگ کي اڏيءَ تي رکي، هڪ ٿلهي ڪات سان ڪمال ڪاريگري سان پُڇ کان وٺي منهن تائين ننڍڙا ننڍڙا هڪ جيڏا ڳترا ڪندو آهي ۽ پوءِ رڪيبيءَ ۾ وجھي ڀرسان ويٺل بورچيءَ کي ڏيندو آهي، جو پچائڻ ۾ جنبي ويندو آهي.
هن پاسي جي ماڻهن لاءِ شايد نانگ بلائون، ڏيڏر، ڪڇون، ڪيڪڙا ۽ آڪٽوپس وغيره ايترو ئي سوادي ۽ لذيذ آهن، جيترو اسان لاءِ تتر، گانگٽ، مڪڙ ۽ پَلا. ڪن شهرن جا پڙهندڙ شايد مڪڙ تي تعجب کائين جو هنن ڪڏهن نه کاڌا هجن. پر ڳوٺن جا اهي رهاڪو جن مڪڙ کاڌا آهن تن کي خبر هوندي ته مڪڙ جو ڀڀُ (منڍيءَ ۽ پول جي وچ وارو حصو) تري کائڻ ۾ تمام سوادي ٿئي. منهنجي ڏيپلي ۽ عمر ڪوٽ جا دوست ته ٻُڌائيندا آهن ته جڏهن ٿرپارڪر ۾ ماڪڙ ٿيندي آهي ته ان پاسي جا ماڻهو ڳوڻين جو ڳوڻيون مڪڙن جون ڀري رکن. (جيئن مڇيءَ کي لوڻ ۾ سُڪائي رکبو آهي) ۽ پوءِ آهستي آهستي کائيندا رهن. مڪڙ به مڇيءَ وانگر بنا ذبح ڪرڻ جي حلال ٿئي ۽ چيو وڃي ٿو ته وائي سور (Rheumatism) لاءِ يڪ ٽڪ علاج آهي.
مٿين شين کان علاوه، هتي جا چيني، ڪُتا پڻ کائين. پڙهندڙ شايد هي سڀُڪُجهه پڙهي منهن ٺاهين ۽ مونکي بي لحاظ سڏين جو سندن منهن جو ذائقو خراب ٿي رهيو هوندو. ان لاءِ پهرين هڪ لطيفو عرض ڪري پوءِ بيان جاري رکندس.
ڪنهن هلندڙ بس ۾ هڪ همراهه، سامهون ويٺل هڪ عورت کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو. ڏاڍو گوڙ مچي ويو ۽ معاملو پوليس مان ٿيندو ڪورٽ تائين پهتو. جج نوجوان کان ٿڦڙ هڻڻ جو سبب پُڇيو.
جوان وراڻيو، ”سائين بس هلي ته پهرين اسٽاپ تي هيءَ عورت چڙهي. وهڻ سان هن پنهنجو پرس کوليو. ان مان ننڍو پرس ڪڍي ان مان نوٽ ڪڍي، ننڍو پرس بند ڪيو ۽ وڏي پرس ۾ وجھي وڏي پرس کي بند ڪيو. وري وڏو پرس ڪڍيو. ان مان ننڍو پرس ڪڍيو. ننڍو پرس کولي ان ۾ پائلي واپس وجھي بند ڪيو ۽ وڏو پرس کولي ان ۾ ننڍو پرس وڌو ۽ وڏي پرس کي بند ڪيو. وري وڏو پرس کولي ان مان ننڍو پرس ......“
جج ڪاوڙ مان دانهن ڪري چيس ته، ”بڪواس بند ڪر ۽ مٿو نه کاءُ.“
”سائين،“ ملزم نهايت عاجزيءَ سان وراڻيو، ”توهان کي ته رڳو ڳالهه جو ڪجھه حصو ٻڌايو اٿم ته ڪاوڙجي پيا آهيو ذرا سوچيو ان کي ڇا ٿڦڙ هڻڻ جو به حق ناهي، جنهن سڄي واٽ اهو نظارو اکين سان ڏٺو.“
سو پيارا پڙهندڙؤ، جيڪڏهن توهان جي پڙهڻ سان طبيعت خراب ٿئي ٿي ته ذرا ان غريب بابت سوچيو، جنهن اهي نظارا اکين سان ڏٺا. سو ذرا صبر کان ڪم وٺو، رڳو برمودا جي ناچ گھرن ۽ جپان جي گيشا گرلز جي قصن ٻُڌڻ لاءِ آتا نه ٿيو.
سو سائين، جڏهن منهنجي دوست مون کي ٻُڌايو ته هتي جا ماڻهو ڪتا ۽ ٻليون به کائين ٿا ته مونکي يقين نه آيو ۽ چرچو سمجھيم، تنهن تي هن هانگ ڪانگ جي ”A.O.A“ طرفان ڇپيل ”A to Z Sheet“ اخبار ڪڍي ڏني، جنهن تي هتي جون خاص خاص شيون سمجھايل آهن. پهرين صفحي تي هڪ هنڌ ”چائو“ لفظ لکيل آهي ۽ ان جي سامهون انگريزيءَ ۾ سمجھايل آهي. ذرا اکر به اکر ملاحظه فرمايو.
Chow means food and a chow dog as a puppy is the only one eaten, usually in winter to build up the body warmth. Cats are also eaten in the winter time, but only old cats never kittens.
مون کي اهو پڙهي تعجب ٿيو پر تڏهن به پڪ نه ٿيم. ان وقت اسان گاڏيءَ ۾ ڪولون کان پريءَ ڀر وارا ڳوٺ ڏسڻ پئي وياسين. هڪ ڳوٺ فان لنگ ۾ هڪ انگريزي اسڪول جو چيني ماستر دوست ٿي ويو.ڳوٺ گھُمائيندي وقت مون کائنس هڪ هنڌ پُڇيو، ”مسٽر وانگ لي، ڇا توهان ڪُتا به کائيندا آهيو؟“
”نه نه،“ هن ٻُڌايو. ”اسان وڏا ڪُتا ٿورئي کائيندا آهيون، ننڍڙا پلونگڙا کائيندا آهيون ۽ منهنجو مامون ته عاليشان بورچي آهي، ڪتن رڌڻ جو. توهان ڪڏهن کاڌا آهن؟“ هن اسان کان پُڇيو.
زيديءَ مون ڏي نهاريو ۽ مون کي جواب ۾ ڪجھه چوڻو ئي پيو: ”نه وانگ لي مون ته ڪتا نه کاڌا آهن، پر آئون جڏهن ننڍو هوس اسان جي ڳوٺ جي ڪڪن جي گھٽي جي ٻن ٽن ڪتن مون کي کاڌو هو. هاڻ کين مان بُل نه ڏيندو آهيان، سو فقط پري کان بيهي يا ويهي ڀؤنڪندا آهن ۽ توکي ته مسٽر ”وانگ لي“ خبر هوندي ۽ ٻئي انگريزي جي ڪتاب ۾ به پڙهيو هوندءِ ته جيڪي ڪتا ڀؤنڪندا آهن سي......“
زيديءَ مون کي پاسي کان ٺونٺ هڻي آهستي چيو، ”هاڻ مولا عليءَ جي واسطي پنهنجو رينگٽ بند ڪر.“ مون يڪدم پنهنجو رينگٽ کڻي بند ڪيو.
هن باب ۾ جڏهن کاڌي پيتي جون شيون نڪتيون آهن ته ان سلسلي ۾ آخر ۾ هڪ لطيفو به سهي.
چرچو مشهور آهي ته ڪو آمريڪن سياح (اهڙين ڳالهين ۾ ذليل ويچارا آمريڪي سياح ئي ٿيندا آهن) چين ۾ (خبر ناهي ته مائوزي تنگ جي چين ۾ يا چيانگ ڪائي شيڪ جي چين ۾ يا ٻي ڪنهن چين ولايت ۾) هڪ هوٽل ۾ ڪجھه کائڻ لاءِ گھرايائين. بئري تريل گوشت اچي رکيس. کيس ڏاڍو وڻيو ۽ ٻي به پليٽ گھُرائي چٽُ ڪيائين. آخر ۾ پڪ ڪرڻ لاءِ اٿيو ته اهڙو سوادي گوشت ڪڪڙ جو آهي يا ڪنهن ٻي شيءِ جو. پئسا ڏئي، ڪنن تي هٿ رکي، ”ڪڪڙون ڪون“ (ٻانگ) ڏئي بئري کان پُڇڻ لڳو ته، ”هي گوشت ان جو ئي آهي ؟“
بئري ادب سان ”نه“ جو اشارو ڪيس، ۽ پوءِ وات سان ”ڀئون ــ ڀئون“ ڪري ٻُڌايائينس ته اهو گوشت ان جو هو، پيارا.
چين جي هوٽل ۾ هڪ آمريڪن جوڙو پنهنجو پوڊل (ننڍو فرينچ ڪتو) سان گڏ داخل ٿيو. پنهنجي لاءِ مانيءَ جو آرڊر ڪري ڪتو بئري حوالي ڪري ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ چيائونس: ”Dog also eat“ يعني هنن جو مطلب هو ته ڪُتو به ڪجھه کائيندو. سو ان کي وڃي کارايو. پاڻ چڱي طرح ڪيترن ئي قسمن جا ٻوڙ پلاءُ کائي بل ادا ڪري جڏهن پنهنجي پياري ڪتي کي آڻڻ لاءِ بئري چيو ته بئري تعجب مان چيس: ”What dog? “ ۽ پوءِ چيس: ”You also eat dog“ (ڪهڙو ڪُتو؟ توهان ڪتو پڻ کائي ڇڏيو.) يعني بئري ڪتي کي کارائڻ بدران ڪتي کي وڍي ڪٽي، رڌي معزز مهمانن کي کارائي ڇڏيو.