سکر جا سياڻا سونارا به پرکي نه سگھن هانگ ڪانگ جون رات واريون بازاريون
هانگ ڪانگ جي ٻي مشهور شيءِ آهي ”نقل“. هانگ ڪانگ، جتي شيءِ سستي ملي ٿي ۽ جتي اسان جهڙا لوڀي خريدار روز ڀڳا بيٺا آهن، اتي چيني نقلي شين ٺاهڻ وار ٺڳ پڻ چپي چپي تي ملندا. اها ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن جو نقل هتي نٿو ملي؟!
پارڪر پين توهان وٺي گھر پهتا ۽ خط ۾ سستائيءَ جا گُڻ پنهنجي دوست کي لکندا رهو، خط پوسٽ ڪري وري کڻي ٻي ڏينهن ڏسو ته ان تان اها چمڪ ۽ رنگ روپ سڀُ غائب!.
اهڙيون ڪيتريون ئي واچون جن جو توهان نالو نشان به نه ٻڌو هوندو ۽ ايتريون سستيون ملنديون جو توهان چوندا ته ايترن پئسن جي ته خالي دٻلي ملڻ گھرجي. هڪ ڏينهن ٻڌي هليا ته ٻئي ڏينهن چاٻي به هٿ ۾ ته ڪانٽا به هٿ ۾ ۽ محسوس ڪندا ته واقعي توهان کي دٻلي ئي ملي آهي ـــ ناس وجھڻ لاءِ يا ريل جي پٽي تي رکڻ لاءِ.
بهرحال ان قسم جا قصا اسان به هانگ ڪانگ ۾ اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ ٻُڌا، ڏٺا ۽ سَٺا. هڪ دفعي زيدي ۽ آءٌ هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ دڪان ۾ گھڙي وياسين. وٺڻو ته ڪجھه به نه هئوسين، پر وقت پاس ڪرڻ لاءِ Videos ۽ انهن جون قيمتون ڏسندا رهياسين. ويتر جو دڪاندار سنڌي ۽ اسان جي عمر جو هو سو چرچا ڀوڳ ڪندا رهياسين. ان کان اڳ هڪ هندستاني زال مُڙس پنجاهه ورهين جي عمر جا، پاڪيٽ سائيز ٽرانسسٽرن جي قيمت تي بحث ڪري رهيا هئا. هنن کان معلوم ٿيو ته هو لکنؤ جا آهن ۽ انڊيا جي سفارتخاني سان تعلق رکن ٿا ۽ جپان، سنگاپور ۽ هتان گھمي هاڻ ملڪ پيا وڃن. سو ٻارن لاءِ ٽرانسسٽر خريد ڪري رهيا آهن، ڇو جو انڊيا ۾ ولايتي شيون نه ٿيون ملن يا تمام مهانگيون آهن. دڪاندار ان ٽرانسسٽر جي قيمت گھٽائي گھٽائي ٽيهه هانگ ڪانگ ڊالر (هتي جو ڊالر پاڪستان جي ٻن روپين جي برابر آهي.) تائين آندي، پر هي همراهه پنجويهن تائين ضد ڪندا رهيا ۽ چار وٺڻ لاءِ تيار هُئا. زيديءَ کي چيم جي پنجويهن ڊالرن ۾ ڏي ته پاڻ به وٺونس. پوءِ زيديءَ ٽٽل ڦٽل شڪارپوري سنڌي ۾ دڪاندار سان بحث ڪندو رهيو ۽ آخر جڏهن دڪاندار گراهڪن جي ڳالهه مڃي ته اسان به هڪ هڪ ٽرانسسٽر آڱر ۾ لڙڪائيندا ٻاهر نڪتاسين. اڃان چار دڪان به ڪونه لتاڙياسين ته هڪ ٻئي دڪان جي در وٽ بيٺل دڪاندار رامجي جي ٽن ٺڳن وانگر ڦري آيو ۽ ان جي قيمت پڇڻ لڳو.
”پنجويهه ڊالر“ اسان وراڻيس.
ٽرانسسٽر ڏسي چوڻ لڳو، ”يار هي ته نقل آهي، مون کان وٺو. مون وٽ اصلي مال آهي. ان کان به سستو ڏيندس.“
”ڇو ڀلا تون اصلي شيءِ به ايتري سستي ٿو ڏين؟“
”ان ڪري جو آءٌ ٻَڌو واپاري آهيان. مون وٽ هر شيءِ سستي آهي.“ هو اسان کي ڇڪي اندر وٺي آيو ۽ سندس دڪان جون شيون ڏيکارڻ لڳو، ”يار ڏسو ته سهي ڏسڻ جا ته پئسا نه آهن.“ هڪ ريڊيو ڪڍي ڏيکاريائين، هو بهو نقلي ريڊئي جهڙو. ساڳيو رنگ، ساڳيو قد بتُ ۽ ساڳيو نالو. پٺيون حصو ٻنهي جو کولي ڏٺوسين ته منجھس پرزا به سڳيا پيل. ”پوءِ ڀلا اصلي ۽ نقلي ڪيئن ۽ ڪنهن کي سڏجي!“ اسان وائڙا ٿي سوچڻ لڳاسين.
”هي ڏسو منهنجو اصلي آهي.“ هن هڪ ڪنڊ طرف اشارو ڪيو جتي ننڍن اکرن ۾ لکيل هو ”Made In Japan“ ۽ اسان واري ٽرانسسٽر تي غور سان ڏٺوسين ته ”in“ بدران ”as“ لکيل هو، يعني: ”Made As Japan“.
”خير توهان ورتو سو ٺهيو، باقي وڄندو پندرهن ڏينهن به ڪونه. هڪ هي به وٺي وڃو.“
”نه اسان کي ٻيو نه کپي،“ زيديءَ انڪار ڪندي چيس.
”پندرهن ڏينهن وڄڻ بعد بند ٿي ويو ته سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏينداسين.“ مون چيومانس.
”چڱو ڀلا هي مصنوعي سون جا ڪنگڻ، منڊيون ۽ ايئرنگ ڏسو.“
اسان انهن کي ڏسي، ٺاهڻ واري سوناري جي دماغ کي داد ڏيڻ لڳاسين. کڻي لوهه جا ئي هجن، پر انهن تي ڇا ته محنت ٿيل هئي ۽ چمڪ، سونهن ۽ رنگ اهڙو جو سکر جا سونارا به پهرين نظر ۾ پرکي نه سگهن ته اصل آهي يا نقل. (يا ٿي سگھي ٿو ته هو پرکي سگھن ۽ اسان جهڙا بيوقوف نه هُجن ــ ان صورت ۾ معافي، پنهنجا لفظ واپس.)
اسان ڪنگڻن، منڊين ۽ ايئرنگن کي ڏسي هڪٻئي ڏانهن تعريفي نگاهن سان ڏسڻ لڳاسين. دڪاندار به سڪون جو ساهه کنيو ته اجھي ته ڏاند ڏُڌا. اسان کي پنهنجن ارادن تي وڌيڪ قائم رکڻ لاءِ، دڪاندار ٻيو ڊوز ڏنو:
”قيمت جو ته سوچيو ئي نه. جوڙيءَ جا ڏهه هانگ ڪانگ ڊالر ۽ منڊي ايئرنگ جا پنج پنج. يار وٺي وڃو. گھر واريءَ يا ڀيڻ ڀاڄائيءَ لاءِ، جي اهي به نه اٿَوَ ته ڪنهن ساهيڙي سکيءِ لاءِ.“
مون ۽ زيديءَ وري هڪ ٻئي ڏي نهاريو. زيديءَ چيو، ”برادر، وٺُ نه ته هي وري ٻي ڪا شيءِ اٽڪائيندو.“
اسان ٻئي ڪنگڻ وٺي ٻاهر نڪتاسين. جهاز تي پهچائڻ واري ٻيڙيءِ جي هلڻ ۾ اڃان وقت هو. گرمي به سخت هُئي، پر اسان وري ٻئي ايئر ڪنڊيشنڊ دڪان ۾ ٿڌي هوا کائڻ لاءِ نه گھڙياسين.
جهاز تي پهچڻ سان زيديءَ ريڊيو وڄايو. آواز ڪن تي پيم ته پنهنجي ڪئبن مان ئي دانهن ڪري اطلاع ڏنومانس ته ادا باقي چوڏهن ڏينهن. ۽ پوءِ اهڙي طرح اسان جي ٽرانسسٽرن کي وڄندي باقي چوڏهن ڏينهن به گذري ويا پر بند نه ٿيا ۽ نه اڃان تائين ٿيا آهن. اڄ جڏهن هي مضمون عوامي چين جي شهر شنگھائيءَ مان لکي رهيو آهيان ته ان ٽرانسسٽر کي پورا پنج مهينا کن ٿي ويا آهن، پر هن وقت به چيني زبان ۾ مائوءَ جون چوڻيون چٽيون پيون اچن. هانگ ڪانگ ۽ جپان ۾ به سڄو ڏينهن انگريزي گانن جي ڌُم هوندي هُئي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ صبح شام تامل، مليئي ۽ ٻين زبانن ۾ ايندڙ پروگرام چٽا ٻُڌڻ ۾ ايندا هُئا. ها باقي ملير، ميمڻ ڳوٺ، موسى لين يا بغدادي ۾ جي ڪنهن کي سنڌي راڳ ٻڌڻ ۾ نه آيو ته ان ۾ هن ٽرانسسٽر جو نه پر ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو ڏوهه سمجھڻ گھرجي. بهرحال هانگ ڪانگ ۾ اصلي نقليءِ جو ذمو خريدارن تي .
قميصن جي شوقينن لاءِ هڪ صلاح. هانگ ڪانگ مان ڪڏهن به قميص پائي ڏسڻ بنا نه وٺجو ڇو ته هن پاسي جيڪي به قميصون وڪامن ٿيون. سي هتي جي چيني، ملئي، جپاني، فلپينو ماڻهن جي ماپ جون آهن. جن جون ڳچيون ته ٿلهيون آهن ۽ توهان کي ڪالر ضرور صحيح ماپ جو ملندو، پر سندن ٻانهون ۽ بدن بندرو هجڻ ڪري توهان کي هرگز فٽ نه ايندي. پوءِ اسان وانگر وطن واپس اچي بنهه بندرا مائٽ ڳوليندا رهندؤ. جن کي اهي قميصون ڏئي جان آجي ڪري سگھو.
هانگ ڪانگ کي ”خريدارن جي جنت“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو، جو هتي ٽئڪس نه هُئڻ ڪري شيون چڱيون سستيون آهن. خاص ڪري واچون، ڪئميرائون، ڪئميرائن سان تعلق رکندڙ ٻيا ٽپڙ، ٽائيپ رائيٽر، بائناڪيولر، رڪارڊ، فوٽا، ٽرانسسٽر ريڊيا، ٽيپ رڪارڊر وغيره وغيره. پر انهن شين خريد ڪرن کان اڳ خبرداري ۽ خيال کان ڪم وٺڻ ضروري آهي. هڪ ته ٺاهڻ واري جو گئرنٽي ڪارڊ وٺڻ ضروري آهي. (ان شيءِ تي لڳل نمبر ۽ ڪارڊ تي لڳل نمبر ساڳيو ٿئي، جو پڻ جانچڻ گهرجي) اهڙين قسمن جي قيمتي شين لاءِ بهتر ته اهو آهي ته ڪنهن وڏي ۽ مشهور دڪان تان خريداري ڪجي جو پنهنجو نالو رکڻ خاطر دوکو نه ڪندو. هانگ ڪانگ ۾ سوئيٽر، ڪوٽ، گائون، چمپل، (جن سڀني تي موتين جو ڪم ٿيل آهي) چڱا سستا ۽ سٺا آهن. ان کان سواءِ سبڻ ڀرڻ لاءِ ڌاڳا، ستارا، موتي، پانڪون، ٻيڙا وغيره پڻُ. سلائي به هتي جي عمدي ۽ سستي آهي، جنهن لاءِ اڳ به لکي چُڪو آهيان.
چيني دنيا جا مشهور هنرمند سونارا ليکيا وڃن ٿا ۽ سون پڻ هتي سستو آهي. سو هتان جا ڳهه ڳٺا ڏسي اڪثر عورتن جون اکيون ۽ پرس کُلي ويندا آهن. سون کانسواءِ هيرا جواهر، قيمتي پٿر، موتي پڻ سستا آهن. پر انهن لاءِ به ضروري آهي ته ڪنهن وڏي اعتماد جوڳي دڪاندار وٽان خريداري ڪجي. نه ته ڪيترا دڪاندار اهڙا بشني آهن جو رنگين پٿر توهان کي ڏيکاريندا پر اهو نه ٻُڌائيندا ته اهي اصلي نه پر Synthetic آهن.
ان کان سواءِ جي وقت هجي ۽ هلڪي ڦلڪي شيءِ ۽ تحفا وٺڻا هُجن ته هانگ ڪانگ ۽ ڪولون پاسي جون ”رات واريون بازاريون“ پڻ آزمائجن. اهي سج لهڻ کان پوءِ فٽ پاٿ تي لڳي وينديون آهن. جيئن هانگ ڪانگ پاسي جارڊن فيري اسٽيشن جي ڀر ۾، يا ”وان چائي“ ۾ ۽ ڪولون پاسي ”شنگھائي اسٽريٽ“ ۽ ٻين انيڪ هنڌن تي. هونءَ ڪولون پاسي ته آچر ڏينهن به دڪان کليا رهن ۽ ٻين ڏينهن تي به رات جو ٻارهين تائين ننڍا وڏا دڪان کليا پيا هوندا آهن، جيئن رات جي وقت ايندڙ جهازن جا مسافر پڻ خريداريءَ کان محروم نه رهجي وڃن. ايڏي وڏي خريدارن جي ريل پيل دنيا ۾ شايد ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيندي هُجي.