خاڪ مان سون بنائڻ وارا سنڌي
ڏور اوڀر جي ڪجھه ملڪن جهڙوڪ: هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ فلپين ۾ ايندي مون کي اها خوشي ضرور ٿيندي آهي جو انهن ملڪن ۾ ريڊيو ٻڌڻ جو موقعو ملندو آهي. جپان، چين ڪوريا وغيره ۾ ته رڳو ان ملڪ جي زبان ۾ گانا ۽ خبرون اينديون آهن پر مٿئين ملڪن جي ريڊيو اسٽيشن تان مستقل انگريزيءَ ۾ گانا ايندا رهن ٿا ۽ پرديس ۾ پنهنجي ملڪ جي زبان نه سهي ته گھٽ ۾ گھٽ سمجھه ۾ ايندڙ ڌارئين زبان ئي غنيمت سمجھي وڃي ٿي. سو انهن ملڪن ۾ پهچڻ سان ننڍڙو پاڪيٽ سائيز ريڊيو دريءَ تي ٽنگي ڇڏيندو آهيان ته پيو وڄي ۽ ساڳئي وقت آءٌ لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول هوندو آهيان. ٽي وي ۾ اهو نقصان آهي جو ڏسڻ وقت، ڪو ٻيو ڪم، لکڻ پڙهڻ جهڙو نٿو ڪري سگھجي.
بهرحال، جپان کان جڏهن واپس ٿياسين ته هانگ ڪانگ ريڊيو جي ڪمرشل سروس تان پهرئين ڏينهن ئي هر هر انگريزيءَ ۾ اهو اعلان ٻڌم ته ايندڙ هفتي هانگ ڪانگ جي هڪ هوٽل ۾ راڳ رنگ جو سنڌي پروگرام ٿي رهيو آهي. ان لاءِ ٽڪيٽن جا اگھه ۽ ان جي ملڻ جا هنڌ پڻ ٻڌايا پئي ويا. مزي جي ڳالهه جو ان اشتهار جي آخر ۾ ڪجھه ڳائڻن جي سنڌي راڳن جا ٽڪرا پڻ ٻُڌايا پئي ويا.
وطن کان ڏُور ڌارئين ملڪ جي ريڊيو اسٽيشن جي انگريزي پروگرام جي وچ وچ ۾ سنڌي راڳن جا ٽڪر ٻڌي عجيب ڪشش ۽ سُرور ٿي آيو. دل ۾ خيال آيو ته هي پڪ اهو پروگرام هوندو، جنهن بابت سيتل ذڪر ڪيو هو. سو جيئن ئي ٻئي ڏينهن مون کي فرصت ملي ته کيس فون ڪري پروگرام جي پڪ ڪيم. منهنجي هانگ ڪانگ ۾ هُجڻ جو ٻڌي کيس خوشي ٿي. مون کيس ان پروگرام ڏسڻ لاءِ ٻُڌايو ۽ ٽڪيٽ لاءِ ڳالهه ڪئي مانس. (جا اٽڪل سٺ هانگ ڪانگ ڊالرن جي هُئي. يعني هڪ سؤ ويهه روپيا کن. ان ۾ ڊنر پڻ شامل هُئي.)پاڻ چيائين ته آءٌ اتي پروگرام ۾ وقت تي پهچي وڃان ۽ ٽڪيٽ به خريد ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سنڌ کان آيل هڪ مهمان ليکڪ جي حيثيت ۾ منهنجي موجودگي هنن لاءِ باعث عزت رهندي.
فنڪشن رات جو نائين وڳي هوٽل حايات ۾ ٿيڻ وارو هو، جا ڪولون پاسي، هتي جي فئشنبل هوٽل مان هڪ آهي. حيدرآباد کان حسين شاهه بخاري، مير رفيق ٽالپر، تاجپور ۽ نصرپور کان نواب سيف الدين، سومار ڏيرو ۽ ٻيا سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد پڻ، انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ گھُمڻ آيا هُئا. سو انهن سان به ملاقات ان ئي ڏينهن هُئي. بهرحال هوٽل حايات تائين پهچندي پهچندي مون کي ساڍا نَو ٿي ويا. مون کي ياد آهي ته هوٽل جي در وٽ بيهي مون سوچيو ته مون کي مقرر وقت کان دير ٿي وئي آهي، آيا وڃان يا نه وڃان. فنڪشن کڻي سنڌي جو آهي، پر سنڌ ته آهي ڪونه جو وقت مقرر هوندو نائين جو، شُروع پيو ٿيندو ڏهين کان پوءِ. آخر اندر گھڙڻ جو ارادو ڪيم، پڇا تي معلوم ٿيو ته مٿئين فلور تي اهو فنڪشن هلي رهيو آهي. هوٽل حايات جي خاموش ماحول ۾ ترڪندڙ لسي پٽ تي آهستي آهستي قدم رکندي هال وٽ پهتس. آهستي ليئو پائڻ لاءِ دروازو کوليم ته اندر آواز، کيڪارون، ٽهڪ، گوڙ گھمسان جو عالم هو. سگريٽن جي مختلف برانڊن جو دونهون ۽ ڪيتريون ئي اعلى قسمن جون خوشبوئون ملي هڪ ئي وقت مختلف ڪاسميٽڪس ڪمپنين جي اشتهارن جو ڪم ڏئي رهيون هيون. هال ۾ سڀئي هڪ ٻئي سان ملي خبرون چارون ڏئي رهيا هُئا، سڀني مردن کي سوٽ (ايوننگ ڊريس) پاتل هُئا، سواءِ هڪ ٻن جي، جي سفيد شيرواني ۾ هئا. عورتون رنگين ۽ قيمتي ڀڙڪندڙ ساڙهين ۾ هيون. ڪي ڳهن سان جھنجهيل هيون ته ڪي فقط منڊيءَ ۾ به خوبصورت لڳي رهيون هيون. نوجوان ڇوڪريون ساڙهين ۾ نه هُيون. انهن مان ڪي بيل باٽمڊ پجامن ۾، ڪي غرارن ۾ ۽ ڪي مغربي لباس پتلون ۾، سمارٽ لڳي رهيون هيون. ڪن ڪن ڇوڪرين جو ميڪ اپ ڏسڻ و ٽان هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ پنهنجي لافاني فن جو مظاهرو ڪيو هجي. هڪ ٻه ڇوڪريون پنهنجي قدرتي حسن ۽ ميڪ اپ جي مدد ڪري ايڏيون ته سندر لڳي رهيون هيون، ڄڻ اپسرائون سڌو اجنتا جي غارن مان نڪري آيون هجن. ٻار مختلف ڳُوڙهن ٿڌن رنگن ۽ مختلف نمونن جي وڳن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيا هُئا.
منهنجي دل جو اهو خواب يا وهم ته ولايت ۾ خبر ناهي ڪهڙي نموني سان سنڌي فنڪشن ٿيندو ۽ ڪافي ڊسيپلينڊ هوندو. هي نظارو ڏسي، آئون پنهنجو پاڻ کي گھائل مائل ۽ پنهنجي وطن ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. ويتر جو اڳتي هلي جڏهن سنڌي فلمن اباڻا، راءِ ڏياچ، اڃان ته ائٽ مان ننڍڙي آهيان، نقلي شان، جي ميوزڪ ڊائريڪٽر بلو سيراڻي ۽ مشهور ريڊيو سنگر جوتي موٽواڻيءَ ناز ڀريل ادا ۾ ”منهنجن ڳوڙهن تي نه مسڪراءِ ــ منهنجا نيڻن جا ٺار“ ڳائڻ شُروع ڪيو ۽ ويٺلن مان نوجوان ڇوڪرن (ويندي ڪجهه پوڙهن) سنڌي نموني ۾ ”واهه، واهه، واهه“ ڪئي، ته مون کي ڪراچيءَ جي سنڌي ادبي سنگت ۽ ڊو ميڊيڪل ڪاليج جا سنڌي جشن ۽ دادوءَ جي ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ڪاڄَ ياد اچي ويا. هڪ ٻن خوش مزاج، ۽ کلمُک همراهن ته ڀر ۾ ويٺل پنهنجين زالن کان پاسيرو ٿيندي، سيٽي به وڄائي. بهرحال ماحول ۾ ڏاڍو لطف ۽ رونق هئي ۽ فضا ۾ عجيب سنڌين جي سُڳنڌ هُئي.
پهچڻ سان مون پهرين سيتل کي ڳوليو جو ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه سڃاڻو نه هو، هو آيل مهمانن ۽ پروگرام جي بندوبست پٺيان مشغول هو. مون کي ڏسڻ سان قربائتي ڀليڪار ڪري اسٽيج اڳيان بيٺل ڪلاڪارن جي ميڙ ۾ وٺي آيو ۽ سڀني سان تعارف ڪرايائين: هي گوپال گربخشاڻي آهي، هيءَ سندس پتني، هيءُ مشهور ڳائڻي چندر جو ناٺي رام نانواڻي، هي بلو سيراڻي وغيره. ان کان اڳ وچ تي هڪ ٻن ٽولن اڳيان لنگھندي انهن سان به ملايائين: هي به پنهنجا سنڌي ڀائر آهن، جي جڪارتا (انڊونيشيا) کان آيل آهن. هي ملائيشيا کان آيل آهن ۽ هي سنڌي سنگاپور ۾ رهن ٿا. اڄُڪلهه هتي گھُمڻ آيا آهن.
ٿوري دير ٻي، کيڪار کڙي ۽ حال احوال وٺڻ کان پوءِ ڊنر جو اعلان ٿيو. ان وقت ڏهه به ٿي ويا هُئا. مون کي ساڍي يارهين وڳي واپس به وڃڻو هو، جو منهنجو جهاز هانگ ڪانگ (وڪٽوريا) پاسي بيٺو هو ۽ آخري لانچ جهاز ڏي پوري ٻارهين وڳي وڃڻي هُئي. ان ڪري مون کي اهو ئي افسوس پئي ٿيو ته سڄو پروگرام ڏسي نه سگھندس. سو جيترو جلد جيڪر شُروع ٿي وڃي ته بهتر. ڊنر ته آءٌ کائي آيو هوس پر گربخشاڻي صاحب مون کي زوري فنڪارن واري گول ٽيبل تي پنهنجي ڀر ۾ وهاريو. هو تازو بئنڪاڪ (ٿائلنڊ) کان آيل هو ۽ اتفاق سان آءٌ هانگ ڪانگ کان پوءِ اوڏانهن پهريون دفعو وڃي رهيو هوس. سو ڪافي دير ٿائلنڊ جون خبرون پڇندو رهيوسانس. پاڻ پڇيائين ته مون سندس ڪٽنب جو نالو گربخشاڻي ته ضرور ٻڌو هوندو، ان جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي تعليمي ادارن سان ڪافي واسطو رهيو آهي. مون کيس ٻڌايو ته جيتوڻيڪ اسان جيئن ئي هوش سنڀاليو ته توهان لڏي وڃي چُڪا هُئائو، ان کان پوءِ پڙهائي ۽ نوڪري جي سلسلي ۾ به منهنجو گھڻو وقت حيدرآباد کان ٻاهر ئي رهيو آهي، پر البت ايترو معلوم اٿم ته ”شاهه جو رسالو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب پڻ ترتيب ڏنو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1923ع ڌاري شايع ٿيو هو.
”اهو منهنجي پيءُ جو سؤٽ هوتچند مولچند گُربخشاڻي آهي، جيڪو ڪراچي ڪاليج جو پرنسپال پڻ هوندو هو.“
حيدرآباد جي ڪنهن زماني جي مشهور جج چنديرام سامتاڻي جي ڀيڻ (سندس گھرواري)، جنهن اسٽيج تي هڪ بهترين One act play پيش ڪيو، سا هر هر سنڌ يونيورسٽي (پُراڻي عمارت) ۽ ٻين درسگاهن بابت وڏي سڪ مان پُڇندي رهي، تنهن پوءِ ٻُڌايو ته گوپال (سندس مُڙس) جو پيءُ نرمل داس ڌرم داس گربخشاڻي، پهرين نئشنل ڪاليج جيڪو ڦليلي وٽ آهي، ان جو پرنسپال هو. ان کان پوءِ ڪورٽ وٽ نو ودياله اسڪول جو پرنسپال هو. سندس گھر به ان اسڪول منجھه هو. پاڻ مون کان ان اسڪول جون به خبرون پڇڻ لڳي، پر افسوس جو مون کي انهن بابت معلومات نه هُئي ۽ نه غلام علي نانا، شيخ عبدالمجيد ۽ شهواڻي صاحب جن جي، جن بابت هو بار بار پُڇي رهيا هئا ته ڪٿي آهن آيا زنده آهن يا لاڏاڻو ڪري ويا. پاڻ ٻُڌايائين ته مرحوم حيدر بخش جتوئي سندس سهري نرمل داس گربخشاڻي جو Favourite شاگرد هو.
مسٽر گوپال ٻڌايو ته: هيرآباد ۾ سندس والده جي نالي ۾ ڪملا اسڪول هو ۽ هاڻ کار بمبئي ۾ پڻ پنهنجن پئسن سان هنن زمين وٺي ماتا جي ياد ۾ ڪملا اسڪول کوليو آهي، جنهن ۾ پندرهن سؤ کن شاگرد آهن. جنهن جي پرنسپال سندس سالي مس سيتا سامتاڻي آهي، جا ”سرسوتي“ سنڌي اخبار جي ايڊيٽر پڻ آهي.
پاڻ بار بار اهو به پڇي رهيا هُئا، ته آيا سنڌ جي نئين ٽَهيءَ کي پنهنجي زبان ۽ ادب سان لڳاءُ آهي يا نه. باقي هندستان ۾ جيڪو سنڌين جو نئون نسل آهي، ان بابت کيس ڏک هو ته هنن ۾ انگريزيءَ جو واهپو وڌي ويو آهي. ان ڪري هو ۽ ٻيا ڪيترا ان ڪوشش ۾ آهن ته سنڌي ٻولي هن موجوده عربي لپي مان ڦيرائي ديوناگري لپي ۾ هلائي وڃي، جو اهو ئي هندستان ۾ ٻولي بچائڻ جو واحد طريقو آهي.
پر ان ساڳئي راءِ تي سيٺ سيتل ۽ ٻين ڪيترن جي ڳالهين مان مون اندازو لڳايو ته گھڻن کي ان سان اختلاف آهي ۽ هو ان جي حق ۾ نه آهن. تازو بمبئي ۾ ڪوٺايل ”سنڌي جاتي جي ميلي“ ۾ پڻ ڪيترا ان حق ۾ هئا ته سنڌي ٻوليءَ کي اصلي صورت ۾ ئي ڇڏيو وڃي. ايتريقدر جو سؤ ورهين تي پهچندڙ سنت ليلا شاهه پڻ اها تلقين ڪئي: ”ٻولي پنهنجي نه ڇڏيو. ٻوليءَ جي اظهار لاءِ جيڪا ودوانن لپي جوڙي آهي، انکي نه ڇڏيو.“’سنڌي ٻولي امر رهي، سنڌي لپي زنده باد،‘ جا نعرا لڳايا ويا هُئا.
بهرحال سنڌي ٻولي کي ديوناگري لپي ۾ ڦيرائڻ جو ويچار ائين پيو لڳي، جيئن ڪجھه وقت اڳ سنڌ ۾ پڻ ان تي ڪافي بحث پئي هليو ته آيا عربي لپي ڦيرائي رومن ڇو نه ڪئي وڃي.
تازو سنڌ جي ڪن اخبارن ۾ اها خبر شايع ٿي هُئي ته سنڌي مشهور پُراڻو ڳائڻو(ٺارو شاهه جو رهاڪو) ماستر چندر، (جيڪو اڄُڪلهه هندستان ۾ رهي ٿو) وفات ڪري ويو آهي. منهنجي ڀر ۾ ٻئي پاسي چندر جو ناٺي رام ويٺو هو، تنهن کان ان خبر جي تصديق ڪيم ته هن سان گڏُ ٻيا به کلڻ لڳا ۽ آءٌ وائڙو ٿي ويس، پر پوءِ هنن ٻڌايو ته، ”اهو افواهه هندستان ۾ به ايترو عام ٿي ويو هو، تو وانگر جيڪو ٿي مليو، تنهن ٿي پڇيو. پر حقيقت اها آهي جو هو اڃان زنده آهي ۽ نوبنو آهي.“
ڊنر کان پوءِ ڳائڻ وڄائڻ، سوانگن ۽ ننڍڙن ڊرامن جو دؤر شُروع ٿيو ۽ معلوم ٿيو ته هيءَ راڳ جي محفل صبح پنجين تائين پئي هلندي، مون کي جيئن ته جلد وڃڻو هو سو جيئن ئي گھڙيال جا ڪانٽا ساڍن يارهن تي پهتا ته اٿي کڙو ٿيس. دل نٿي چاهيو وڃڻ تي، پر مجبوري منهنجي پرين ۾ زنجيرَ وجھي ڇڪي آني ٻاهر ائشلي روڊ (Ashley Road) تي بيهاريو. چپ چاپ ٽئڪسي کي هٿ جي اشاري سان بيهاري درُ کولي ويٺس ته ان وقت، حايات هوٽل جي مٿئين فلور تان ڪورس جي انداز ۾ راڳ جو هلڪو ۽ ڇڻيل آواز هيٺ ٻڌڻ ۾ آيو:
”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي،
خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي...“
چيني ڊرائيور، موٽر گيئر ۾ وڌي ۽ هئپانگ روڊ ۽ ناٿن روڊ وٽان ڦري اچي جارڊن روڊ فيري اسٽيشن تي ڇڏيو.