هانگ ڪانگ ۽ چينين بابت ڪجهه مزيدار ڳالهيون!
• مسلمانن جو سال چنڊ جي حساب سان اٽڪل 15 ڏينهن جي فرق سان ڦرندو رهي ٿو. ان ڪري محرم يا عيد ڪڏهن سياري ۾ ٿئي ٿي ته ڪڏهن اونهاري ۾ به اچيو وڃي. عيسائين جو سال سج مطابق ڳڻيو وڃي ٿو، ان ڪري ڪرسمس ڊي هر سال ساڳي سياري جي موسم ۾ اچي ٿو. چينين جي جنتري (ڪئلينڊر) جو حساب ڪتاب سج ۽ چنڊ (Solar & Lunar) ٻنهي جي آڌار تي هلي ٿو. هنن جو نئون سال ايڪهين جنوري ۽ ارڙهين فيبروري جي وچ ۾ ڪنهن ڏينهن تي شروع ٿي سگهي ٿو. جيئن گذريل سال 15 فيبروريءَ تي نئون سال شروع ٿيو هو.
چينين جي نئين سال واري ڏينهن تي سڄي دنيا جا چيني خوشيون ملهائين ٿا. هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ جتي چينين جي وڏي آدم شماري رهي ٿي، اتي هڪ يا ٻه ڏينهن موڪلون ٿين ٿيون. جيئن اسان وٽ عيد جي موقعي تي مائٽ مٽ ۽ دوست يار هڪ ٻئي سان ملن ٿا تيئن چيني هڪ ٻئي جي گهرن ۾ مبارڪون ڏيڻ وڃن ۽ رات جي ماني پنهنجي ڪٽنب يا سنگت سان گڏ کائين. هونءَ چيني ماڻهو ايڏو محنتي ۽ پورهيت آهي جو هو ڪم کان ڪڏهن به موڪل نٿو ڪري چاهي سيءَ هجي يا ڪاڙهو، مينهن هجي يا برفباري. هو فقط پنهنجي (چينين جي) نئين سال جي شروعات جي موقعي تي ٻه ڏينهن موڪل ڪري ٿو.
• چينين جي ڪئلينڊر سان واسطو رکندڙ ڳالهه، هتي جي ماڻهن جي عمر آهي. چيني ٻار ڄمڻ وقت هڪ سال جو سمجهيو وڃي ٿو – چاهي هو ماءُ جي پيٽ ۾ ست مهينا رهي يا ڏهه مهينا. پوءِ نئين سال شروع ٿيڻ واري ڏينهن تي هو ٻن سالن جو ليکيو وڃي ٿو. اهڙي طرح هر نئين سال شروع ٿيڻ تي هن جي عمر ۾ هڪ سال جو واڌارو ايندو آهي. ٻار جي ڄمڻ بعد نئين سال جو پهريون ڏينهن چاهي يارهن مهينن کان پوءِ اچي يا هڪ هفتي کان پوءِ هن جي عمر ۾ هڪ سال جو اضافو ٿيووڃي. اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته اهو ٻار جيڪو چينين جو نئون سال شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڄمي ٿو اهو ٻه ڏينهن گذرڻ تي ٻن سالن جو ليکيو وڃي ٿو. عمر جو اهڙي طرح حساب ڪرڻ جو طريقو هتي جي ڇوڪرن کي سٺو لڳندو هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي پر هتي جون ڇوڪريون ان رواج کي ڌڪارين ٿيون جو هو ڏني نه ورتي، دنيا جي ڇوڪرين جي مقابلي ۾ ٻه سال اڳ پوڙهيون ٿيو وڃن.
ساڳي وقت هانگ ڪانگ، مڪائو يا هن پاسي چينين جي ڪنهن ملڪ ۾، آيل ٽوئرسٽ کي پنهنجن ٻارن جا ڪپڙا، هتي جي دڪانن تان وٺڻ مهل خبردار ٿيڻ کپي. ڇو جو اها قميص يا پتلون جيڪا توهان پنجن سالن جي ٻار لاءِ وٺندائو اها توهانجي ٻن سالن جي ٻار کي مس ايندي ڇو جو هتي هڪ ته عمر جو حساب غلط لڳايو وڃي ٿو ۽ ٻيو ته هتي يا توڙي جپان ۽ ڪوريا جا ٻار اسان پاسي جي ملڪن جي ٻارن کان قدبت ۾ هلڪا ٿين ٿا.
• هانگ ڪانگ جي مشهور مڪاني ايئرلائين (هوائي جهاز ڪمپني) جو نالو ڪئٿي (Cathy) آهي. دراصل پراڻي زماني ۾ چين کي ان نالي سان سڏيو ويو ٿي. چين جو اهو نالو دنيا جي مشهور سياح ۽ ليکڪ مارڪوپولو (1254-1324) مشهور ڪيو. اهو نالو ”خطائي“ لفظ مان نڪتل آهي، جيڪو ايران جا ماڻهو، ڏهين عيسوي صديءَ ۾ چين جي تاتاري حڪومت لاءِ استعمال ڪندا هئا.
• اڄڪلهه ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر شهر جي ڀتين تي ”چيني دواخانن“، ”انڊونيشي حڪيمن“، ”دهلي جنسي شفاخانن“ ۽ ”نامنظور نامنظور“ سان گڏ ”ٽائيگر بام“ جا اشتهار نظر اچن ٿا. اهو الائي ڪهڙي ٽائيگر بام جو اشتهار آهي، پر هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ تمام گهڻي عرصي کان ٽائيگر بام نالي مرهم ملي ٿو ۽ ڪنهن زماني ۾ اهو ساڳيو پاڪستان ۾ پڻ وڪري لاءِ ايندو هو. هي بام مشرق جي ملڪن ۾ تمام مقبول ۽ مشهور آهي. مٿي جي سور، ٿڌ، زڪام ۽ ٻين بيمارين لاءِ مفيد ۽ يڪ ٽڪ علاج چيو وڃي ٿو. (هن قسم جا جملا پڙهي مونکي ڪو دوا فروش يا ان جو ڪميشن ايجنٽ نه سمجهو) اهو مشهور مرهم هانگ ڪانگ جي ”آ – بون – ها“ (Aw-Boon-Ha) نالي هڪ شخص ايجاد ڪيو هو، جيڪو 1954 ۾ ٻاهتر ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. هي اهوئي شخص آهي، جنهن هتي جي مشهور ”اسٽئنڊرڊ“ اخبار شروع ڪئي هئي ۽ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جا مشهور چڙيا گهر (Zoo) ٺهرايا، جيڪي اڄ ڪلهه ”ٽائيگر بام گارڊن“ جي نالي سان سڏجن ٿا.
• جيئن اسان وٽ ان قسم جا راڳ ۽ دعائون عام آهن ته: شل ست جوانيون ماڻين، ست ونيون ماڻين، يا ست پٽن جو پيءُ ٿين، وغيره، تيئن هتي جي چينين ۾ پڻ قديم زماني کان اولادي عيالي بنجڻ جا راڳ ۽ دعائون هلنديون اچن. پر اڄ ڪلهه هن پاسي به خانداني منصوبه بندي (Family Planning) ايترو ته زور وٺي وئي آهي جو تائيوان جي ليجسليٽر ”هُنگ يين چيئو“، چينين جي هڪ قديم راڳ ”شل سئو پٽن ۽ هزار پوٽن وارو ٿين“ جيڪو چيني، شاديءَ رات ڳائيندا آهن، کي ڦيرائي هن ريت ڪرائي ڇڏيو آهي ته ”شل ٽن پٽن ۽ نون پوٽن“ وارو ٿين. فئملي پلاننگ جي سلسلي ۾ هندستان ۾ به ڪجهه نعرا مشهور ٿي رهيا آهن، جهڙوڪ:
”هم دو – هماري دو“
يا
“ايڪ ڪي بعد ابهي نهين
دو ڪي بعد ڪبهي نهين“
۽ اسان وٽ به گهڻي عرصي کان هڪ نعرو هلي پيو ته ”بچي دو هي اڇي.“
فئملي پلاننگ کاتي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ همراهه کان جڏهن سبب پڇيو ويو ته هن کي ڏهه ٻار ڇو آهن؟ ته هن ٺهه پهه وراڻيو:
”ايترن ۾ ئي ته ٻه ٻار سٺا نڪرندا.“
• هتي جا ماڻهو (چيني)، نانگ بلائون عام کائين – خاص ڪري سياري ۽ سرءُ جي موسم ۾. ٿڌ کان بچڻ خاطر ٽن چئن قسمن جي نانگن کي گڏ رڌي کاڌو وڃي ٿو. چينين جي چوڻ مطابق، نانگ تمام لذيذ ٿئي ٿو ۽ منجهس طاقت ۽ گرمائش پڻ آهي. وائي سور، چيلهه جي سور، چُڪ، ڇڪي ۽ ٻين ڪيترن بيمارين جي علاج لاءِ نانگ جو پتو (Gall Bladder) سڄو يا ڀوري، شراب جي ننڍي گلاس ۾ وجهي هڪ ئي ڳيت ۾ پيئن.
ڪولون ۽ هانگ ڪانگ جي ڪيترين هوٽلن ۾ شيشي جي ڪٻٽن ۾ جيئرا نانگ گراهڪن لاءِ رکيا هوندا آهن ۽ گراهڪ جي پسند مطابق اهو نانگ تري يا رڌي کيس پيش ڪيو ويندو آهي. ان بابت تفصيل سان احوال پنهنجي هن ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ ۾ لکي چڪو آهيان.
• چيني قوم لاءِ ڌاريان اها ڳالهه محسوس ڪن ٿا ته هنن جو مهانڊو هڪ ٻئي سان ڏاڍو ملي ٿو. سندن چهرو جذبات کان بلڪل خالي لڳندو. توهان کي خبر نه پوندي ته اڳلو خوش آهي يا ڪاوڙ ۾. ڏک ۾ آهي يا پريشاني جي حالت ۾. بقول حيدرآباد جي حسين شاهه بخاريءَ جي جيڪو ڪولون ۾ مونسان ملڻ آيو هو، ”چينين جي شڪل هڪ ٻئي سان ايتري ملندڙ آهي جو هفتو ڏيڍ هتي رهڻ بعد به ڪيترا چهرا ساڳيا ساڳيا پيا لڳن ۽ اسان ايترو منجهيل آهيون جو ڪو چيني ڌڪ هڻي ميڙ ۾ گهڙي وڃي ته ڳولي نه سگهون ته اهو ڪهڙو هو ۽ وري ساڳيو ڦري اچي همدردي ڪري ته به هنجي ڳالهه تي يقين اچي وڃي ته اهو ڌڪ هڻڻ وارو ٻيو هو ۽ هي همدردي ڪرڻ وارو ٻيو چيني آهي.“
• 1911 کان اڳ تائين، هتي جي رسم مطابق چيني عورتن جا ننڍا پير سونهن جي نشاني سمجهيا ويا ٿي. پيرن کي ننڍو ڪرڻ لاءِ مائرون پنهنجن ڌيئرن جا پير ٻڌي ڇڏينديون هيون، جيئن اهي وڏا نه ٿين. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هڪ شهنشاهه جي دلپسند سريت جي پيرن ۾ ڪو عذر ٿي پيو ۽ ان جا خدمتگار ۽ وزير وزراءِ خوشامد خاطر ۽ بادشاهه کي اهو ڏيکارڻ خاطر ته اهي پير وڌيڪ سهڻا لڳن ٿا، پنهنجين ڌيئرن جا پير پڻ ننڍا ڪرڻ لڳا. بهرحال ان مصيبت کان غريب عوام بچيل هو. ڇاڪاڻ جو پير ٻڌي ننڍو ڪرڻ دوران ان ڇوڪريءَ کي هلائڻ لاءِ ٻن نوڪراڻين جي ضرورت پئي ٿي ۽ غريب ماڻهو نوڪرياڻيون رکي نه سگهندا هئا. چنگ گهراڻي جي خاتمي بعد ان رسم تي بندش وڌي وئي ۽ اڄ ڪلهه جي چيني عورتن ۽ ڇوڪرين جا پير دنيا جي ٻين ماڻهن جهڙا ۽ جسم مطابق آهن. البت ڪٿي ڪٿي، ڪنهن گهٽيءَ يا گهر اڳيان ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪراڙي پراڻي زماني جي، ننڍڙن پيرن واري نظر اچي وڃي ٿي، جنهن جا پير اڇي رنگ جي سوٽي جورابن ۾ ويڙهيل هوندا آهن ۽ هوءَ گڏيءَ جي بوٽن جهڙو بوٽ پائي شرمائيندي رهندي آهي.
• 1971 تائين هانگ ڪانگ ۾ قانوني طرح سريت (Concubine) رکڻ عام هو ۽ ان وهاريل زال جي اولاد کي پڻ قانوني سڏيو ويو ٿي. پر اڄ ڪلهه اهو رواج سرڪاري طرح بند ٿيل آهي. پر ڪنهن دولتمند چواڻي: ”هانگ ڪانگ ۾ هر ڳالهه پئسي جو کيل آهي. پئسي جي زور تي سڀ ڪجهه جائز آهي ۽ ان قسم جا سماجي قانون فقط ڪاغذن تائين محدود آهن.“
• هانگ ڪانگ ۾ دنيا جا مشهور ۽ مهانگا شراب خانا (Bars)، هوٽلون ۽ سستا مساج گهر (Massage House) ۽ غسل خانا (جنهن ۾ ڇوڪريون اگهاڙيون ٿي مالش ڪن ٿيون ۽ وهنجارين ٿيون)، چپي چپي تي نظر ايندا. ان کان علاوه دولتمند مغربي مردن ۽ عورتن کي چڪلن ۽ هومو سيڪشوئل (عورتن توڙي مردن) جي اڏن تي پهچائڻ لاءِ ٽئڪسي ڊرائيور ۽ دلال گهٽي گهٽيءَ ۾ واجهائيندي نظر ايندا. ڪيترين هوٽلن ۾ ويندڙ جي لباس تي پابندي لڳندي وڃي ته ڪاري سوٽ ۽ ٽاءِ ۾ ئي اچي سگهي ٿو، پر خدمتگار ڇوڪرين جي لباس ۾ ڍر ڏني وئي آهي ۽ بڪني کان ٽاپ ليس (فقط ڪڇي) تائين معاملو اچي پهتو آهي.
• جيئن اسان جي پاسي جي ملڪن جا پورهيت ۽ مزور دبئي، قطر، بحرين، ڪويت، ايران، عربستان ۽ لبيا پورهئي ۽ محنت مزدوريءَ لاءِ وڃن ٿا. تيئن هتي روزانا اهڙيون خبرون اخبارن ۾ اينديون آهن ته فلپين، ڏکڻ ڪوريا، ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ جون ڇوڪريون غيرقانوني طرح هانگ ڪانگ ۾ سياح جي حيثيت ۾ رهي بدپيشي (Prostitution) مان پئسو ڪمائي رهيون آهن.
• هتي اڪيلي آيل سياحن ۽ مسافرن لاءِ عارضي طور خوبصورت ساٿي پيش ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪمپنيون آهن، جن جا اشتهار هر روز هتي جي اخبارن ۽ رسالن ۾ اچن ٿا ته، ”توهان جي هانگ ڪانگ ۾ ڇڙها آهيو ته اڪيلائي محسوس نه ڪريو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ فقط ٽيهه ڊالر ڪلاڪ جي حساب سان ڪابه خوبصورت ڇوڪري (Escort) چونڊيو.“ ڪي فخريه فوٽن سان اشتهار ڏيندا آهن ته، ”اسان جون خدمتون حاصل ڪريو. دنيا جي مشهور ملڪن ۽ زبانون ڳالهائيندڙ ڇوڪريون توهان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ هر وقت حاضر آهن. راضپو ۽ پسند (Satisfaction) جو ذمو اسان تي. هانگ ڪانگ ۾ رهڻ دوران گهمڻ ڦرڻ، ڊانس ۽ دعوتن ۾ گڏ هلڻ ۽ خريداري ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ 25 ڊالر في ڪلاڪ جي حساب سان بهترين ساٿي!“
يعني اهو ته ٿيو مقرر اگهه، وڌيڪ پاءُ اٽو کائڻ وارو هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته جيترو ڳڙ وڌيڪ وجهبو، اوترو ڀت مٺو ٿيندو.