هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو
هانگ ڪانگ جي هڪ اهم سنڌي شخصيت ڪي سيتل آهي. مونکان ڏهه پنڌرهن سال وڏو ٿيندو. پاڻ سٺ واري ڏهي کان ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ هڪ انگريزي رسالو Indian جي نالي سان ڪڍي ٿو. هن ويجهڙائي ۾ هڪ ڊائريڪٽري Directory South East Asia جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هن هانگ ڪانگ جي انهن 384 ڪمپنين جا تفصيل ڏنا آهن جن جي مالڪن جو واسطو ننڍي کنڊ سان آهي. هنن ڪمپنين مان 270 ڪمپنيون سنڌي هندن جون آهن. باقي 114 ڪمپنين ۾ به اڌ کن اهڙيون آهن جن ۾ سنڌي واپاري شامل آهي. ان کان علاوه 2000 سنڌين جو ننڍي پئماني تي بزنيس آهي. هنن کي دڪان آهن يا Vendor آهن يا اسٽيٽ ايجنسيءَ جو ڪم ڪن ٿا. سيتل جي اندازي مطابق هانگ ڪانگ ۾ 10000 کن سنڌي ڪٽنب رهن ٿا... يعني چاليهه هزار کن ماڻهو رهن ٿا.
اڄ کان چاليهه سال کن اڳ جڏهن پهريون دفعو هانگ ڪانگ وڃڻ ٿيو ته ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر هتي هانگ ڪانگ جي به وڏين هوٽلن، دڪانن ۽ بئنڪن اڳيان سک چوڪيدار ۽ گارڊ نظر آيا. هانگ ڪانگ ۾ سنڌين جيترا کڻي سک نه آهن، سرڪاري انگن اکرن مطابق 8000 کن ٿيندا پر هانگ ڪانگ ۾ هو سنڌين کان به اڳ آيا. وان چائيءَ ۾ ڪئينس روڊ ۽ اسٽب روڊ جي جنڪشن وٽ سکن جو هڪ گوردوارو (ٺڪاڻو) آهي جيڪو 1901 ۾ ٺاهيو ويو هو. انگريز حڪومت تن ڏينهن ۾ سکن کي سندن عبادت گهر لاءِ زمين الاٽ ڪئي هئي ۽ برٽس آرمي جي سک سپاهين هن مندر ٺاهڻ لاءِ مالي مدد ڪئي هئي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جڏهن جپان هانگ ڪانگ تي حملو ڪيو ته ان حملي دوران جپانين ٻه دفعا هن مندر تي بم ڪيرائي بلڊنگ کي ڪافي نقصان رسايو هو. لڙائيءَ بعد سکن ۽ سنڌي هندن هن مندر جي مرمت لاءِ پئسو مهيا ڪيو. هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي هندو ڪڏهن هئپي وئلي واري هندن جي مندر ۾ وڃن ٿا ته ڪڏهن ڪولون واري پاسي ڪارناوون روڊ ۽ مودي روڊ وارن مندر ۾ وڃن ٿا. پر هانگ ڪانگ ٻيٽ تي رهندڙ سنڌي مٿئين سکن جي مندر ”خالصا ديوان سک مندر“ ۾ ئي گهڻو وڃن ٿا. ملاڪا (ملائيشيا) ۾ رهندو هوس ته اتي به ڏسندو هوس ته اتي رهندڙ پارواڻي، ميرچنداڻي لاکياڻي ۽ ٻيون سنڌي فئمليون سکن جي مندر ۾ وينديون هيون.
هانگ ڪانگ جا سک وڏي احترام سان ٻڌائين ٿا ته جڏهن جپانين سکن جي هن مندر تي بم هنيا ته ان وقت گردواري جو گرنٿي (ٻائو) ڀائي نند سنگهه ”شري گرو گرنٿ صاحب“ (سکن جو پاڪ ڪتاب) پڙهي رهيو هو. گرنٿي ته پهرين ڌماڪي ۾ ئي شديد زخمي ٿي مري ويو پر گرو گرنٿ صاحب جو هڪ ورق به خراب نه ٿيو. جپاني حملن دوران ڪيترائي سک ۽ غيرسک هن مندر ۾ اچي پناهه وٺندا هئا. ڪيترا زخمي به ٿي پيا.
ڏٺو وڃي ته سکن جي هانگ ڪانگ ۾ اچڻ جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي جيتري هانگ ڪانگ جي، جڏهن اهو1841 ۾ انگريزن حوالي ٿيو هو ۽ ان وقت اهو هڪڙو مهاڻن جو ننڍڙو ڳوٺڙو Fishing Village هو. انگريزن هانگ ڪانگ تي قبضو ڪرڻ بعد يڪدم پنجاب مان سک سپاهي گهرائي 1844 ۾ هانگ ڪانگ پوليس فورس ٺاهيو. هانگ ڪانگ ٺاهڻ ۾ سکن جو وڏو حصو آهي. اڄ جيڪي سک هانگ ڪانگ ۾ نظر اچن ٿا اهي انهن اوائلي سکن جي چوٿين پنجين جنريشن آهن. ڪيترائي سک چينين جي پاڙن ۾ رهڻ ڪري يا چيني عورتن سان شادي ڪرڻ ڪري هو انگريزي ۽ پنجابيءَ سان گڏ چيني زبان به ڳالهائين ٿا. ان کان علاوه شروع وارا سک ته پوليس، فوج، سڪيورٽي ۽ چوڪيداري ۾ ڀرتي ٿي آيا ٿي پر پوءِ هنن مان ڪيترن جو اولاد لکي پڙهي مختلف فيلڊس ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. اڄ توهان کي سک هانگ ڪانگ گورنمينٽ جي سول سروس ۾ اعليٰ عهدن تي فائز هجڻ کان علاوه ڊاڪٽر، سرجن، پروفيسر، انجنيئر ۽ سائنسدان به نظر ايندا.
برطانيا جي فوج جي گورکا سپاهين جا فقط فوٽو مون ننڍي هوندي ئي ڏٺا هئا پر کين جيئرو جاڳندي صورت ۾ پهريون دفعو هانگ ڪانگ ۾ ڏٺو. هانگ ڪانگ ۾ نيپالين جو چڱو تعداد آهي جيڪو انهن گورکا سپاهين جو اولاد آهي جن کي انگريز هانگ ڪانگ جي فوج ۽ پوليس کاتي لاءِ وٺي آيا هئا.
گورکا نيپال ۾ رهندڙ مختلف قومن مان هڪ آهي. نيپال جي 75 ضلعن مان هڪ گورکا ضلعو به آهي. تاريخ ۾ گورکا سندن بهادري، طاقت ۽ وفاداري ڪري مشهور آهن. هنن جون اهي خاصيتون ڏسي انگريزن هنن کي انڊيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور ويندي انگلينڊ ۾ فوج، پوليس ۽ سڪيورٽي جي نوڪرين لاءِ رکيو. هو مالڪ يا پنهنجي آفيسر جي حفاطت ۽ حڪم تي پنهنجي جان فدا ڪندي به گهٻرائين نٿا. بقول انڊين آرمي جي سابق چيف آف اسٽاف فيلڊ مارشل سئم مانيڪشا جي:
"If a man says he is not afraid of dying, he is either lying or he is a Gurkha."
گورکن جي هن نالي لاءِ چون ٿا ته اٺين صديءَ جي هڪ جنگجو ساڌو گرو گورکناٿ تان پيو. بقول ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي (چيئرمن سنڌي ڊپارٽمينٽ ممبئي يونيورسٽي) جي، گورکا پراڪرت زبان مان ڪڍيو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڳئون جي رکوالي ڪندڙ. گو+رکا يعني گاو (ڳئون)+رکشا (سنڀال).
هونءَ اها حقيقت آهي ته انگريزن دنيا جا هيڏا ملڪ فتح ڪيا، آسٽريليا نيوزيلينڊ کان ڪئناڊا تائين، ڪينيا کان نائيجيريا تائين، هانگ ڪانگ کان ملائيشيا تائين، ننڍي کنڊ کان علاوه اوس پاس جا ملڪ برما، سري لنڪا، وغيره پڻ پر جيئن افغانستان تي قبضو ڪري نه سگهيا تيئن نيپال تي به نه ڪري سگهيا. برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوج جڏهن نيپال تي حملو ڪيو ته هن جنگ ۾، جنهن کي تاريخ ۾ گورکا جنگ (The Gurkha War) به سڏجي ٿو ۽ 1814 کان 1816 تائين هلي نيپال جي گورکا سپاهين انگريزن کي چڻا چٻائي ڇڏيا. پر اهو آهي ته انگريز هن قوم ”گورکا“ مان بيحد متاثر ٿيا ۽ پوءِ حالتون نارمل ٿيڻ بعد هنن هندستان ۾ توڙي ٻين ملڪن ۾، جتي جتي انگريزن جو قبضو رهيو، هنن پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ گورکا ماڻهن کي ترجيح ڏني ۽ پوليس ۽ فوج ۾ ڀرتي ڪيو. ڪي ته تمام وڏين پوسٽن تي به پهتا. اهڙن ئي گورکن سپاهين مان جنرل نريندرا بهادر سنگهه هو جيڪو جڏهن ڪئپٽن هو ته انڊيا جي آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بئٽن جو اي ڊي سي (Aide-de-camp) ٿي رهيو.
گورکن جو لڙائي يا ويڙهه دوران هڻندڙ نعرو مشهور آهي ”جئه مهاڪلي – آيو گورکلي.“ جنهن جي معنيٰ آهي جئي مهاڪلي (جنگ جي ديوي)، اچي ويا آهن گورکا.
پروفيسر سر رالف ٽرنر جنهن گورکا رائفلس ريجيمينٽ سان گڏ پهرين وڏي لڙائي (W.W.1) وڙهي، اهو گورکن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:
"Uncomplaining you endure hunger and thirst and wounds. Bravest of the brave, most generous of generous, never had country more faithful friends than you….".
گورکا جنگ (1814-1816) ۾ انگريزن جيئن ئي ڏٺو ته گورکا بيحد دلير ۽ ويڙهاڪ قوم آهي جنهن سان هو مقابلو نٿا ڪري سگهن ته هنن نيپال تي قبضو ڪرڻ جي پچر ڇڏي، گورکن سان دوستيءَ جو هٿ وڌايو ۽ هندستان ۾ هلندڙ جنگين لاءِ هنن گورکن کي پنهنجي فوج ۾ داخل ڪري کين ٺيڪي تي وڙهڻ جا ڪم ڏنا. اهڙي طرح گورکن انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ٺيڪن تي انگريزن خاطر پنداري لڙائي 1817 واري، ڀرتپور واري جنگ (1826) ۽ پهرين ۽ ٻي ائنگلو سک لڙائيون (جيڪي 1846 ۽ 1848 ۾ لڳيون) وڙهيون. انڊيا ۾ 1857 واري بلوي/جنگِ آزاديءَ ۾ به جڏهن سڄو هندستان (هندو توڙي مسلمان) انگريزن جي خلاف ٿي بيٺا، هنن گورکن انگريزن جو پاسو کنيو ۽ انگريزن ڪارڻ وڙهيا. 1857 کان پهرين وڏي لڙائي تائين گورکا ريجيمينٽ انگريزن سان گڏ گڏ برما، افغانستان، سرحد (پاڪستان وارو علائقو)، مالٽا (ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ)، روسو ترڪش لڙائي (1877-78)، قبرص، ملايا (اڄ وارو اولهه ملائيشيا)، چين (1900) ۽ تبت (1905) ۾ وڙهندا رهيا. پهرين وڏي لڙائي (1914-18) ۾ اٽڪل ٻه لک گورکا انگريزن خاطر وڙهيا. جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار مارجي ويا ۽ کين اٽڪل 200 دليريءَ جا ايوارڊ (Gallantry Awards) مليا.
ٻي وڏي لڙائي (1939-45) ۾ گورکن جون ڏهه ريجيمينٽون وڙهيون جن ۾ گورکن جو جملي تعداد اڍائي لک هو. هنن جپانين سان نه فقط هانگ ڪانگ ۾ پر برما، ملايا ۽ سنگاپور جي جهنگلن ۾ مقابلو ڪيو ۽ سندن 32000 گورکا مارجي ويا هئا. هي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ جيڪي گورکا نظر اچن ٿا، خاص ڪري ڪوالالمپور جي پيتالنگ اسٽريٽ جي فوٽ پاٿ تي، خاص ڪري قطار ٺاهي ڪوڙا ڳهه ۽ پٿر وڪڻندي گورکا عورتون نظر اچن ٿيون، اهي انهن گورکن جو اولاد آهن جيڪي ٻي وڏي لڙائيءَ بعد اتي ئي رهي پيا. ڪوالالمپور ۾ هي عورتون شيون وڪڻندي ڪراچيءَ جي امپريس مارڪيٽ جو ڏيک ڏينديون آهن جتي هندو گجراتي عورتون فٽ پاٿ تي پنهنجن ٿڃ تي ٻارن کي ڪڇ ۾ ويهاري سڪل ميوو وڪڻنديون آهن.
هانگ ڪانگ ۾ جيڪي چيني رهن ٿا انهن ۾ 90 سيڪڙو ٻڌ آهن باقي ۾ عيسائي به آهن ته مسلمان به. مسلمان چيني ”هُئي“ سڏجن ٿا. چيني مسلمانن کان علاوه 25000 کن پاڪستان جا به مسلمان رهن ٿا جن مان گهڻن جا وڏا هندستان جي ورهاڱي کان به گهڻو اڳ فيصل آباد کان هتي آيا ۽ انگريزن جي پوليس ۽ فوج ۾ نوڪري ڪئي ٿي. انهن مان ڪجهه پنجاب مان شادي ڪري آيا ٻين هتي جي مڪاني چيني ۽ ٻين ملڪن جي رهاڪو عورتن سان شادي ڪئي. ان ڪري هانگ ڪانگ ۾ ڪيترا پنجابي ڳالهائيندڙ مسلمان توهان کي چيني مهانڊن وارا لڳندا. هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ مسلمانن، خاص ڪري پاڪستاني مسلمانن سان ملڻ لاءِ ڪولون پاسي ناٿن روڊ واري ”جامع ڪولون“ مسجد آهي يا وري هانگ ڪانگ واري پاسي وان چائي واري مسجد آهي. ٻئي مسجدون هڪ صديءَ کان وڌيڪ پراڻيون آهن.
هانگ ڪانگ ۾ جين ڌرم وارن جو به مندر آهي جيڪو ”شري هانگ ڪانگ جين سنگهه مندر“ سڏجي ٿو. سرڪاري انگ اکرن موجب، هانگ ڪانگ ۾ 500 کن جين فئمليون رهن ٿيون. جين ڌرم جي ماڻهن لاءِ چون ٿا ته ٻين قومن بعد، هو هندستان کان لڏي هانگ ڪانگ ۾ اچي رهيا. هوگجراتي ۽ راجستاني زبانون ڳالهائين ٿا ۽ هانگ ڪانگ ۾ سندن اهم ڌنڌو هيرن جي ڪَٽائي ۽ وڪرو ڪرڻ آهي.
ننڍي کنڊ جي ٻي قوم جيڪا هانگ ڪانگ ۾ نظر اچي ٿي اهي گجرات انڊيا کان لڏي آيل پارسي آهن. پارسي باهه جا پوڄاري آهن جن جو زوروسٽرين (Zoroastrian) ڌرم سان واسطو آهي. هو ڪافي صديون اڳ ايران جي شهر پارس (ان ڪري هي پارسي سڏجن ٿا) کان لڏي انڊيا جي صوبي گجرات ۾ اچي Settle ٿيا. ان ڪري هو پنهنجي پارسي زبان کان علاوه گجراتي به ڳالهائڻ لڳا. اتان پوءِ ڪيترا پارسي ڪراچي، ممبئي ۽ ٻين ملڪن ڏي وڃي رهيا. انڊين ڪميونٽي ۾ پارسي سڀ کان پهريان آهن جيڪي پاڻ پنهنجي مرضي سان لڏي اچي هانگ ڪانگ ۾ رهيا. ائين ته سک هنن کان به اڳ هتي اچي ويا پر هو پنهنجي مرضي سان نه پر هنن کي انگريزن، جن جو راڄ انهن ڏينهن ۾ انڊيا تي به هو، پنجاب مان ”برٽش آرمي“ ۽ ”برٽش پوليس“ لاءِ چونڊ ڪري هانگ ڪانگ موڪليو.
پارسين جو هانگ ڪانگ ۾ جيتوڻيڪ ڪو وڏو تعداد ناهي. گذريل سال 2009 جي سرڪاري ڳڻپ موجب سندن تعداد ڪو 300 ڄڻا به نه آهي پر هنن جو هانگ ڪانگ ۾ هڪ خاص مقام آهي جو هي شروع کان واپاري، سوداگر ۽ جهازن جا مالڪ رهندا اچن. هانگ ڪانگ جي هنن پارسي واپارين انگريزن جي خواهش موجب ويندي آفيم جو به ڪاروبار ڪيو ۽ نه رڳو انگريزن کي پئسو ڪمائي ڏنو پر پاڻ به خوب ڪمايو ۽ معاشي طرح پارسين جي هانگ ڪانگ ۾ پوزيشن، تمام مضبوط آهي. هو هانگ ڪانگ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا ۽ هانگ ڪانگ ۽ اتي جي عوام جي خوشحاليءَ ۾ پارسين جي وڏي Contribution آهي. ۽ ”هرمزجي نائوروجي مودي“ جهڙي پارسيءَ کي ته برطانيا جي حڪومت Sir جو به خطاب ڏنو ۽ هانگ ڪانگ ۾ هن پارسي بزنيس مئن جي نالي تي مودي روڊ، مودي لين (گهٽي) ۽ مودي گارڊن به آهي. هانگ ڪانگ ٻيٽ کان اسٽار فيريءَ ذريعي جڏهن ڪولون اچجي ٿو ته فيري اسٽيشن کان ٻاهر نڪرڻ تي سئلزبري روڊ آهي. ان تي ٿورو اڳيان هلڻ تي کاٻي پاسي ناٿن روڊ اچي ٿو جنهن جو پاڻ شروع ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون. سئلزبري روڊ تي اڃان اڳيان وڌيڪ هلڻ تي ناٿن روڊ وانگر کاٻي پاسي چاٿام (Chatham) روڊ اچي ٿو جيڪو 1888 ۾ ٺهيو ۽ هانگ ڪانگ جي تنهن زماني جي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر وليم چاٿام نالي آهي ۽ هن روڊ تي هانگ ڪانگ پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي، هانگ ڪانگ ميوزيم آف هسٽري، هانگ ڪانگ سائنس ميوزيم ۽ گن ڪلب هِل بئرڪس آهن. هانگ ڪانگ سائنس ميوزيم دراصل چاٿام روڊ مان نڪرندڙ هڪ سوڙهي رستي تي آهي جنهن جو نالو ئي سائنس ميوزيم روڊ آهي. هاڻ هن سائنس ميوزيم روڊ تي توهان هلندائو ته ٿورو اڳيان جيڪو روڊ کاٻي طرف وڃي ٿو ان جو نالو مودي روڊ آهي جيڪو مٿي وڃي چاٿام روڊ ۾ لڳي ٿو.
سر هرمزجي نائوروجي مودي 1838 ۾ بامبي (ممبئي) ۾ ڄائو ۽ 1911 ۾ پنهنجي هانگ ڪانگ واري گهر ”بخشي لاج“ (Buxey lodge) ۾ وفات ڪيائين ۽ هانگ ڪانگ جي هئپي وئلي واري پارسي قبرستان ۾ کيس دفن ڪيو ويو. هي گهر ”بخشي لاج“ هن سندس مامي ”جهانگير جي بخشي“ جي نالي منسوب ڪيو هو جنهن هرمزجي کي هانگ ڪانگ گهرايو هو. هن گهر تي 1911 جو سن لکيل آهي جنهن ۾ هن گهر جي مرمت ۽ رنگ روغن ٿيو ۽ بهتر بنايو ويو هو. هي محلات جهڙو گهر، هن علائقي جو پهريون گهر چيو وڃي ٿو جيڪو گورنمينٽ جي 1894 واري ڪتابچي ۾ درج ٿيل. هي تاريخي گهر ”بخشي لاج“ 1946 ۾ موديءَ جي زال مانيڪ ٻائيءَ هانگ ڪانگ حڪومت کي donate ڪيو.
سر هرمزجي نائوروجي مودي ممبئيءَ ۾ ڄائو ۽ اتي ئي سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن پرنٽنگ پريس کولي اخبار ڇپڻ جو ڪم شروع ڪيو. هانگ ڪانگ، 1860 ۾ آيو جتي هن جو مامو جهانگيرجي بخشي رهيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ۾ تمام گهڻا پارسي رهيا ٿي جن ۾ دورابجي نائوروجي مٺائي والا (جنهن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾ اسٽار فيري هلائڻ جو بزنيس شروع ڪيو) ۽ جهانگير هورموجي رتن جي (جنهن هانگ ڪانگ ۾ پنهنجي نالي سان ”رتن جي سئنيٽوريم“ خيراتي اسپتال ٺهرائي) پڻ مشهور پارسي هئا.
هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ بخشيءَ پهرين پنهنجي پٽن کي بمبئي مان لڏي هانگ ڪانگ ۾ اچي بزنيس سنڀالڻ لاءِ چيو پر جڏهن هو راضي نه ٿيا ته بخشيءَ پنهنجي ڀاڻيجي هرمزجي کي گهرايو ته هن جي ڪمپني ”بخشي ائنڊ ڪمپني“ کي اچي هلائي جنهن هانگ ڪانگ ۾ نيلام جو ڪم ڪيو ٿي. هرمزجي موديءَ هانگ ڪانگ اچي اهو 1860 وارو ڏهو نيلام مان خوب پئسو ڪمايو ان بعد هن هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ ڪلڪتي جي هڪ عيسائي بزنيس مئن پال چاٽر سان گڏجي Chater & Mody نالي هڪ ڪمپني کولي ۽ هنن جنهن ڌنڌي ۾ هٿ ٿي وڌو ان ۾ ڪمايو ٿي. هنن اسٽاڪ ايڪسچينج کان وٺي ويٽنام ۾ ڪوئلي جي کاڻين جا ٺيڪا کنيا. وڏو ڌن دولت ڪمايائون پر ان جو وڏو حصو هن ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي تي به لڳائيندا رهيا. هانگ ڪانگ جو ان وقت جو گورنر سر فريڊرڪ لگارڊ جيڪو هرمزجي موديءَ جو دوست هو تنهن چاهيو ٿي ته هانگ ڪانگ ۾ تعليم جي واڌاري لاء ڪاِ يونيورسٽي کولي وڃي. موديءَ يڪدم يونيورسٽي ٺهرائڻ شروع ڪئي جنهن جو وڏو خرچ ڏيڍ لک ڊالر موديءَ ڏنا. ان وقت يعني 1880 واري زماني ۾ جڏهن اسان وٽ هڪ رپئي ۾ 16 آنا هئا ۽ هڪ آني ۾ چار پئسا هئا ۽ هر پئسي ۾ 3 پايون هيون ۽ سون جو تولو ٻي يا ٽي رپئي مليو ٿي، ڏيڍ لک ڊالر وڏي ملڪيت هئي جنهن مان هيءَ اڄ واري يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ جي عمارت ٺهي ۽ فرنيچر ورتو ويو باقي ان کي هلائڻ لاءِ به وڏو حصو مودي ڏيندو رهيو باقي ٻين پارسين، سنڌي هندن ۽ چيني سيٺين کان ورتو ويو. اسان جا ڪيترائي پاڪستاني شاگرد مختلف ڪورسن لاءِ ۽ پروفيسر ليڪچر ڏيڻ لاءِ، هانگ يونيورسٽيءَ ۾ ايندا رهن ٿا. ٻه سال اڳ هن يونيورسٽيءَ اقبال ڊي ملهايو هو ته ڪيترائي پاڪستان ۽ ايران کان به آيا هئا. توهان جو به ڪڏهن هن يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ ٿئي ته يونيورسٽيءَ جي مين بلڊنگ ۾ هن سخي مرد پارسي ”سرهرمزجي نائوروجي مودي“ صاحب جي قدِ آدم مورتي (Bust) ڏسي سگهو ٿا، جنهن جي هيٺان انگريزيءَ ۾ لکيل آهي:
A distinguished Parsi business man, renowned philanthropist, and benefactor of Hong Kong for over fifty years.
۽ اهي ئي سٽون سندس شخصيت جي عڪاسي ڪن ٿيون. هتي پڙهندرن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو لکندو هلان ته جيئن دبئي ۽ عرب ملڪن ۾ تيل ۽ پئسو اچڻ تي اسان جي ملڪن جا ماڻهو جڏهن شروع ۾ اوڏانهن ويا ته اڪيلا مرد ويا ۽ اڄ تائين ڪيترا اڪيلا وڃن ٿا. اهوئي حال هانگ ڪانگ ٻيٽ جو هو جتي اسانجي پاسي جا پنجابي، پٺاڻ توڙي سنڌي ۽ گجراتي فقط مرد ماڻهو ويا. پارسي جيتوڻيڪ اوائلي ڏينهن کان هانگ ڪانگ پهتا ۽ جيتوڻيڪ امير به هئا، هنن پنهنجا گهر به خريد ڪري سگهيا ٿي پر ٽيهه چاليهه سال هنن پنهنجيون زالون ۽ ٻار ٻچا پنهنجي وڏن جي وطن گجرات، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ئي رکيا. سرهرمزجي مودي جي زال مانيڪ ٻائي پهرين پارسي عورت هئي جيڪا 1870 ۾ هانگ ڪانگ آئي هئي. ٻار (ٻئي پٽ) هانگ ڪانگ ۾ سال 1872 ۽ 1875 ۾ ڄاوا، جن جو رڪارڊ هانگ ڪانگ جي برٿ رڪارڊ آفيس ۾ موجود آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته هانگ ڪانگ جي هئپي وئلي علائقي ۾ پارسين جو قبرستان آهي جتي سر مودي به دفن ٿيل آهي. هونءَ ته پارسي لاش کي دفن ڪرڻ يا ساڙڻ بدران، پکين کي کارائي ڇڏيندا آهن پر هانگ ڪانگ ۾ ڪانگن ۽ سرڻين جي کوٽ ڪري پارسي، لاشن کي دفن ڪن ٿا. هئپي وئلي علائقي ۾ پارسين جي هن قبرستان ۾ ماربل جو هڪ ڦوهارو لڳل آهي. اهو سر موديءَ جي زال مانيڪ ٻائي جڏهن 1886 ۾ انڊيا گهمڻ وئي هئي ته قبرستان لاءِ وٺي آئي هئي.
بهرحال هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ پارسين جون ڪيتريون ئي دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالهيون آهن. هنن جو ان ۾ پڻ وڏو حصو آهي ته هنن هانگ ڪانگ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کي اڄ واري اوج تي پهچايو. هانگ ڪانگ توڙي ڪولون پاسي لنگهندي، هر روز هي پارسي مخير حضرات ياد اچن ٿا جن جي نالي هانگ ڪانگ جا ڪجهه روڊ، گهٽيون، پارڪ، اسڪول، هانگ ڪانگ يونيورسٽي ۽ ٻيون شيون آهن. اسٽار فيري ۾ چڙهندي هر پئسينجر ان پارسي سيٺ کي ياد ڪري ٿو جنهن هيءَ سروس شروع ڪرائي ۽ اڄ سئو سالن بعد به ان مان هر هڪ فائدو وٺي ٿو.
”دورابجي نائوروجي مٺائي والا“ جڏهن هانگ ڪانگ آيو هو ته هو هڪ بورچي هو. پوءِ ننڍا وڏا بزنيس ڪري وڏو سيٺ ٿي ويو ۽ پوءِ هن کي ڌيان ۾ آيو ته هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون (چين جي سرزمين پاسي) اچڻ وڃڻ لاءِ فيري هلائي وڃي جنهن جي شروعات هن 1888 کان ڪئي. سندس اها ڪمپني ”اسٽار فيري“ اڄ به قائم آهي. هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾ ٽنل ٺهڻ جي باوجود اڄ به ڪيترائي ماڻهو، خاص ڪري ٽوئرسٽ دورابجي جي اسٽار فيرين ۾ سمنڊ اڪري هانگ ڪانگ يا ڪولون وڃن ٿا.
هانگ ڪانگ ٻيٽ جي بارونق ۽ ماڊرن علائقي وان چائيءَ مان لنگهڻ وقت ”رتن جي اسپتال“ تي نظر ٿي پوي ته پارسي سيٺ ”جهانگير هورموجي رتن جي“ ٿو ياد اچي جنهن پنهنجي ڌيءَ ”تيهمي رتن جي ڊيسائي“ جي ياد ۾ هيءَ اسپتال ”رتن جي سينيٽوريم“ جي نالي سان 1948 ۾ ٺهرائي.
ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ هانگ ڪانگ تي جپانين جي قبضي دوران هتي سلهه جي وبا اهڙي پکڙي جو ڪيترائي ماڻهو مري ويا. ”جهانگير هورموجي رتن جي“ جي ڌيءَ تيهمي به ان ۾ وفات ڪري وئي. بعد ۾ جڏهن حالتون صحيح ٿيون ۽ سلهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو ته هن اسپتال کي 600 بسترن جي جنرل اسپتال ٺاهيو ويو.
منهنجي خيال ۾ ڪوئيٽا ۾ جيڪا مَري بيئر جي فئڪٽري 1910 ۾ کلي هئي ان جو مالڪ پارسي سيٺ هو. هتي هانگ ڪانگ ۾ به انهن ئي ڏينهن ۾ يعني 1913 ۾ رتن جي شراب جو ڪارخانو (brewery) کوليو جيڪو پوءِ هن هڪ يهودي سيٺ سئن مگيوئل کي وڪڻي ڏنو جيڪو پنهنجي نالي "San Migual" سان بيئر ٺاهي ٿو ۽ دنيا ۾ مشهور آهي. رتن جيءَ سلهه ۽ سيني جي بيمارين خلاف هڪ ائسوسيئيشن "Hong Kong Tuberculosis, Chest & Heart Diseases" ٺاهي جيڪا اڃان تائين فعال آهي.
رتن جي 1880 ۾ هانگ ڪانگ ۾ ڄائو ۽ هتي ئي 1960 ۾ وفات ڪيائين.
رتن جي جو پٽ ڌُن جهانگير جيڪو 1903 ۾ هانگ ڪانگ ۾ ڄائو ۽ پيءَ جي خيرن جا ڪم اڳتي هلائيندو رهيو، هانگ ڪانگ جي ليجسليٽو ڪائونسل جو 1960 کان 1968 تائين ميمبر رهيو. پاڻ هانگ ڪانگ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي به ڪيائين. 1974 ۾ وفات ڪيائين.