الطاف شيخ ڪارنر

وايون وڻجارن جون

چين ويندي هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اچڻ ۽ رهڻ ڪري اتي جون ڳالهيون به گهڻيون ٿي پيون ۽ هن ڪتاب ۾ رڳو هانگ ڪانگ ۽ ان جي اوسي پاسي جي سمنڊ ۽ ٻيٽن جون ڳالهيون آهن، جيڪي 1970 کان 1973 جون سمجهڻ کپن. هي منهنجا سامونڊي سفر جا قصا تن ڏينهن ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا، جيڪي پوءِ سهڻي پبليڪشن جي مالڪ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف گڏ ڪري 1974 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
الطاف شيخ
  • 4.5/5.0
  • 2600
  • 747
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وايون وڻجارن جون

بليڪ پيئر جو گوڙ ۽ ماٺ ــ دٽي ڇڪي لاجڪ لاجڪ ...

هانگ ڪانگ ۾ اسان جو جهاز دڪي سان لڳي بيهڻ بدران هر دفعي هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ ۾ لنگر ڪيرائي بيهي ٿو يا ڪنهن Buoy سان ٻَڌو وڃي ٿو. پوءِ آفيس طرفان هڪ لانچ جهاز جي عملي کي، بندرگاهه کان جهاز تائين پهچائيندي رهي ٿي. لانچ کي ان پنڌ لاءِ ويهه پنجويهه منٽ کن لڳن ٿا. ڏينهن جو نائين وڳي کان، شام جي اٺين وڳي تائين هي لانچون ڦيرا ڪن. ڪلاڪ ڪلاڪ بعد لانچ بليڪ پيئر(Black-Pier) تان جهاز لاءِ ڇُٽي ۽ جهاز تان واپس بليڪ پيئر تائين ماڻهو آڻي. (بليڪ پيئر، اسٽار فيري اسٽيشن جي بلڪل لڳ ڀڳ، ڪناٿ روڊ تي آهي، جنهن جي ٻئي پاسي جنرل پوسٽ آفيس، منڊران هوٽل ۽ ٿورو پري هانگ ڪانگ هلٽن هوٽل آهي) شام جو اٺين وڳي کان پوءِ هيءَ لانچ ٻن ٻن ڪلاڪن بعد ڀيرا ڪري ۽ رات جو ٻارهين کان صبح جو نائين تائين ٽن ٽن ڪلاڪ بعد.
بليڪ پيئر وٽ ڪجھه اهڙو نظارو رهي ٿو ۽ نمونو رهي ٿو جهڙو ڪياماڙيءَ جي ڪپ وٽ، جتان ٻيڙيون ۽ لانچون منهوڙي، هاڪس بي، سئنڊس پٽ، بابا ڀٽ آئلنڊ ۽ جهازن جي ائنڪريج ڏي وينديون آهن. ڪجھه ان طرح بليڪ پيئر آهي، جتان ٻيڙيون جهازن جي ائنڪريج تي بيٺل مختلف جهازن، گرين آئلنڊ، چنگ بي، پڪنڪ بي، لنتو ٻيٽ ۽ مختلف هنڌن تي وڃن ٿيون. فرق فقط اهو آهي ته ”ڪياماڙي“ کان ”بليڪ پيئر“ ماڊرن، ڪشادي ۽ صاف سٿري آهي. چؤڌاري ويهڻ لاءِ پٿر جون بينچون ۽ ڪنڊ تي هڪ جنرل اسٽور پڻ آهي، جنهن ۾ سگريٽ، چاڪليٽ، کٽمٺڙن، بسڪيٽن سان گڏ ٿڌي بيئر ۽ ڪوڪا ڪولا جا دٻا، ٽائيم ۽ پلي بواءِ رسالي کان کاڄا، ڦُلا، ٽيبل ٽينس جا بال، آئيسڪريم، بيٽري سيلن تائين ڪيتريون ئي شيون ملن.
هانگ ڪانگ ۾ هر وقت ۽ هڪ ئي وقت گھٽ ۾ گھٽ ٽيهه چاليهه کن جهاز بنا دڪي (Jetty) جي سمنڊ ۾ بيٺل ٿين. (بندرگاهه جي ڪپ تي خالي جڳهه نه هئڻ ڪري يا پئسو بچائڻ لاءِ جهاز کي جيٽيءَ سان لڳائي بيهارڻ بدران جهاز جا مالڪ جهاز کي سمنڊ ۾ بيهارڻ کي ترجيح ڏين ٿا جو دڪي سان جهاز کي لڳائي بيهڻ جي روزانا مسواڙ هزارين روپيا ٿئي ٿي) ۽ بنا دڪي جي سمنڊ ۾ ائنڪريج يا (Buoy) تي بيٺل جهاز پنهنجي لاءِ لانچ جو بندوبست ڪري ڇڏيندا آهن، جا سستي پوي ٿي ۽ في ڦيري جا پنجويهه روپيا کن بل ٿئي ــ بلڪ يڪي هفتي ٻن لاءِ لانچ کي مسواڙ تي رکڻ سان ان کان به گھٽ خرچ اچي ٿو. اهڙي طرح سمنڊ ۾ بيٺل جهازن جو عملو انهن لانچن ذريعي هانگ ڪانگ شهر ۾ اچڻ لاءِ هن بليڪ پيئر تي اچي لهندو آهي يا جهاز تي واپس وڃڻ لاءِ پنهنجي ٻيڙيءَ جو انتظار پڻ هتي اچي ڪندو آهي. ان ڪري بليڪ پيئر جيٽيءَ تي ڀانت ڀانت جا، مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو نظر ايندا. ڪٿي ڪينيا (آفريڪا) جي شيدين جو ٽولو سگريٽ پي رهيو هوندو ته ڪنهن ڪنڊ ۾ آمريڪن نشي ۾ چُور منگھو پير جي مست واڳن وانگر نظر ايندا. ڪنهن بينچ تي بيلجم ۽ جرمنيءَ جا خلاصي بيئر جا دٻا به خالي ڪري رهيا هوندا ته پنهنجن ڊيڪ آفيسرن ۽ انجنيئرن کي گاريون به ڏئي رهيا هوندا، جيسين ڪو ڊيڪ آفيسر ۽ انجنيئر اچي مٿان ڪڙڪي. ڪٿي ناروي ۽ سئيڊن جا سيلر سندن جهازن تي ڪم ڪندر ڇوڪرين (Stewardesses) کي تنگ پيا ڪندا، ته ٻئي پاسي ايشيا جي غريب ملڪن ۽ پاڪستان بنگلاديش، هندستان ۽ سلون جا خلاصي لانچ اچڻ جو انتظار جو وقت گذارڻ لاءِ پنهنجي ڪيل خريداري هڪ ٻئي کي پيا ڏيکاريندا. ڪو پنهنجي زال لاءِ ورتل سلڪ جي ساڙهي کولي پيو ڏيکاريندو ۽ بحث پيو ڪندو: ”ايترو ڪپڙو ورتو اٿم جو بلائوز به ان مان ٿي ويندو.“ ڪو پنهنجي پُٽ لاءِ ورتل بيٽري تي هلندڙ بندوق مان ٺڪاءَ ڪڍي پيو ڏيکاريندو، ته ڪو بينچ جي ڪنڊ تي ويهي ورتل رانديڪي کي چاٻي ڏيئي پاڻمُرادو چيڪ پيو ڪندو ته واقعي چاٻي ڏيڻ سان باندر تاڙيون وڄائي ٿو يا نه. ڪو پنهنجي ٽيپ رڪارڊر ۾ ڪئسٽ وجھي وڄائيندو ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻيو بنگالي ٽوڪيندس: ”ڌر شالا اڙدو شونين؟!“ ۽ اڳلو يڪدم Eject جو بٽڻ دٻائي پهريون ڪئسٽ ڪڍي ٻيو بنگاليءَ جو وجھندو ۽ اوسي پاسي پاڪستاني خلاصين کي بيٺل ڏسي، انهن کي ساڙڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر جو آواز مٿي ڪندو ۽ بليڪ پيئر جي ٻي ڪنڊ تائين بنگالي گاني جو آواز پيو ٻُرندو: ”دُٽي ڇَڪي لاجڪ لاجڪ، سهاڳ ڪاجل پوري ڇي. نين نين، بڪل بڪل ......“ پر ڀر ۾ بيٺل اسان جا مڪراني، ڪڇي ۽ سنڌي ڪيڏا نه لاتعلق، الڳ ٿلڳ ۽ غير جانبدار آهن. ”سچُ پچُ ته ڄٽُ ٿيڻ به،“ بقول ماڻڪ جي، ”هڪ نعمت ڀري نجات آهي. ڏاهپ جي ڏنگن کان ته ماڻهو ڇُٽل رهي ٿو.“ اسان جي سنڌي، ڪڇي ۽ مڪراني خلاصين جي صحت تي ڪهڙو اثر پوي؟ مشرقي بنگال ”ايسٽ پاڪستان“ هو ته ڇا ۽ هاڻ گذريل ٻن سالن کان اهو ”بنگلاديش“ ٿي ويو آهي ته ڇا ٿيو.
جهاز تان ايندي وقت ٻيڙيءَ جي اچڻ ۾ اڃا پنج ڏهه منٽ پيا هوندا ته سڀ تيار ٿي گئنگ وي (جهاز جي ڏاڪڻ) وٽ آنڌ مانڌ ۾ چڪر پيا هڻندا. يونيفارم لهڻ تي سڃاڻپ نه رهندي آهي ته ڪهڙو بٽلر، ڪهڙو بورچي، ڪهڙو ڪئپٽن، ڪهڙو ڪئارٽر ماسٽر آهي، ڪو پلي بواءِ پيو لڳندو ته ڪو ڪائو بواءِ (Cow Boy)، ڪو ٽاءِ ڪوٽ ۾ ته ڪو بٽڻ واري قميص ۽ ايليفنٽ باٽمڊ پتلون ۾ سرڪس جو مسخرو پيو لڳندو.
سيارو هوندو ته رنگ برنگي ڪئين نموني جا سوئيٽر، ڪوٽ، جرسيون، ڪارڊيگن، چيسٽر، جئڪيٽون نظر اينديون ۽ اونهاري ۾ وري ڪيترن قصيمن جون قميصون، رنگن کان علاوه هر هڪ کي پنهنجي پسند جو عطر، ڪريم، لوشن سينٽ، ويزلين، هيئر آئل ۽ ڊيوڊورنٽ لڳل هوندو ۽ جهاز جي گئنگ وي وٽ ان مهل هڪ ئي وقت ماحول شنيل، ايوان، ڀرٽ، توباڪ، ارامس، يارڊلي، مئڪس فئڪٽر، انٽيميٽ ۽ ايم ــ جي فائيو، جي مليل جُليل هُڳاءَ ۾ رنڱيل هوندو. هر هڪ کي شهر وڃڻ جي جلدي هوندي، ڪنهنجي ڊيٽ (ساهيڙِي) بليڪ پيئر تي سندس انتظار ۾ ٻه اڌ ٿي ٿئي ته ڪنهن جي پندرهن منٽ دير ڪري شايد ياشيڪا ڪئميرائن جي فئڪٽري ئي بند نه ٿي وڃي ۽ هو متان ڪئميرا خريد ڪرڻ کان محروم رهجي وڃي. ڪنهن کي مغرب جي نماز ڪولون يا هانگ ڪانگ جي مسجد ۾ باجماعت سان پڙهڻي آهي، سا ٿي قضا ٿئي، ته ڪنهن جي ايڪسريٽيد (فقط بالغن لاءِ) انگريزي فلم مس ٿي ٿئي. ان آنڌ مانڌ جو نمونو هر جهاز جي عرشي تي ڪجھه اهڙو هوندو آهي جهڙو يونيورسٽي، انجنيئرنگ ، ايل ايم سي ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي شاگردن ۾ شهر ويندڙ بس لاءِ هوندو آهي ۽ مزي جي ڳالهه ته جهڙي طرح اهي حيدرآباد ايندا آهن ته چوندا آهن، يا هڪ ٻئي کان پُڇندا آهن ته، ”شهر“ هلبو، يا هلو ته ”شهر“ مان ٿي اچون، اهڙيءَ طرح جهاز جو عملو به هڪ ٻئي کي ائين چوندو آهي. پوءِ چاهي جهاز ڪناري کان پنجن منٽن جي فاصلي تي بيٺو هُجي، يا ڪناري تي لهي پوءِ ڀلي جھنگ گھُمي اچن يا سمنڊ جي ڪناري تي وهنجي اچن، ته به چوندا ته ”شهر“ مان ٿي آياسين. اهو اصطلاح نه فقط اسان وٽ استعمال ٿئي ٿو، پر آمريڪا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڻ عام طرح شاگرد استعمال ڪن. پر اتي ”شهر“ بدران Down-Town چون.
بليڪ پيئر جي مٿان کُڏ تي، کلئي آسمان هيٺان، ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻن قطارن ۾ پٿرن جون ڊگھيون بينچون پيل آهن، جن جا منهن آمهون سامهون هجڻ بدران مختلف پاسي آهن، جيئن ان تي وهندڙ جي پٺ هڪٻئي ڏي ٿئي. هتان هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جو ڪنارو چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ رات جو پري پري ڪيترن شين جي مشهوريءَ جون ٻرندڙ نيان رنگين بتيون چٽيون نظر اچن. مرسڊيز بينز، ڪئنن، ٽويوٽا، آسائي پينٽڪس، سٽيزن، نئشنل، ڪالٽيڪس، راڊو وغيره جون بتيون سڄي رات چمڪنديون رهن ٿيون.
بليڪ پيئر تي هيٺ گوڙ گھمسان، اچ وڃُ ۽ آند مانڌ جي زندگي هوندي آهي ته مٿي خاموشي، سانت، رومانٽڪ ماحول ۾ پيار جي دنيا پنهان هوندي آهي. هيٺيان ڏاڪڻ چڙهي مٿي اچڻ تي ڄڻ ڪراچي جي گوڙ گھمسان مان ميرپور بٺوري جي ماٺ ۾ پهچي ويائو. هانگ ڪانگ ۾ ان جهڙيون رومانٽڪ ۽ سُڪون واريون الڳ ٿلڳ جڳهيون تمام گھڻيون آهن، جتي نوجوان جوڙا پيار ونڊيندي ۽ مستقبل جا منصوبا ٺاهيندي، فرار وادي (Escapism) جي دنيا ۾ مگن نظر ايندا.
ڏينهن جو ته اس ۽ تپش هوندي آهي ۽ هرڪو آفيسن، ڪاليجن ۽ ڌنڌي ۾ رڌل هوندو آهي. ٿوري شام ٿيندي ته ٿڌڪار ۽ جھونجھڙڪو ڇانئبو ويندو ۽ نوجوان جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏيئي يا ٻانهن جا نانگ هڪ ٻئي جي چيلهه ۾ ورائيندي مٿي چڙهندا ۽ ٻين جوڙن کان ڇڊا ڇڊا ٿي انهن بينچن تي ويهي پنهنجي دنيا ۾ مگن ۽ مست ٿي ويندا آهن. ڀلي ٻيو ڪو جوڙو ويجهو به ويٺو هجي ۽ ڇا به پيو ڪري، ته به ڀر واري جوڙي کي ڪا پرواهه يا سروڪار نه رهندو آهي. هر هڪ جي اڳيان مانيءَ جو ڀريل دسترخوان هجي ته هو ٻئي جي کائڻ جي طريقي يا ڳڀي ۾ ڇو سڪڻي نظر وجھي.
ڪنهن ڪنهن بينچ تي شام ٽاڻي، ڪا محترمه يا آدم جو Representative اڪيلو به ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو، جو پيار جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڀيچيءَ جو منتظر هوندو ۽ اخبار يا ڪنهن ڪتاب جا ورق ورائيندو رهندو. جيئن ٻيا سمجھن ته هو پڙهڻ ۾ مشغول آهي. جيئن ئي ڏاڪڻ تي ڪنهن جي پيرن جو آواز ٿيندو ته انتظار ۾ ڇڙا ويٺل سڀُ، اخبارن تان نظرون کڻي سامهون نهاريندا ته اجھو سندس سنگتي يا سهيلي ته نه اچي وئي.

ويٺي ڏسان راهه، ته اجھي آيا سُپرين.

پوءِ جنهن چيني ڇوڪريءَ جو بواءِ فرينڊ (محبوب) هوندو، ان جا خوشيءَ ۾ پيلا ڏند ٻاهر نڪري ايندا، چوچيون اکيون وڌيڪ چوچيون ٿي وينديون ۽ ٻير جي ککر وانگر هڪ ٻئي سان چهٽي ويندا آهن ۽ انهن لاءِ ته واقعي ڳاڙهن ٻيرن جي رُت اچي ويندي آهي. باقي ٻيا ڏاڪڻ جي طرف کان پنهنجيون نماڻيون ۽ منتظر اکيون ڦيرائي وري پنهنجي اخبار ڏي اهڙي بيزاري ۽ ٿڪاوٽ سان ڪندا، ڄڻُ هو اکين جا تارا نه پر ڪو ڳرو پلنگ يا ميز سوري رهيا هجن.
شام ۾ اونداهي ايندي ويندي آهي. ٽيمون مڪمل ٿينديون وينديون آهن، جن جو جوڙيوال ساٿي نه ايندو آهي اهو غمگين شڪل ٺاهي اٿندو آهي. ٻُڏندڙ سج وانگر سندس منهن جي جوت جَهڪي هوندي آهي. هڪ ميل ڊوڙ ۾ هارائيندڙ رانديگر وانگر ڍرڪيل ۽ ليڙين ٽنگن سان هو ننڍا ننڍا قدم کڻي، ٻين جوڙن ڏي حسرت ڀري نگاهن سان ڏسي واپس هليو ويندو آهي.