ليکڪ پاران
’سي ئي جوڀن ڏينهن‘ ڪتاب ۾ منهنجي سريلنڪا جي انهن سفرن جو احوال آهي جيڪي مون 1970ع ۽ 1974ع جي وچ ۾ ڪيا آهن. ان بعد سريلنڪا توڙي ڪولمبو شهر ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن. ان ڪري هي ڪتاب مٿين سالن وارو عرصو ڌيان ۾ رکي پوءِ پڙهجي ته دلچسپ لڳندو. مونکي به هي پنهنجا احوال ويهه پنجويهه سالن بعد پڙهندي عجيب لڳي رهيا آهن. هڪ هنڌ سريلنڪا جون ابتڙ ٿيندڙ حالتن جو احوال ڏيندي لکيو اٿم ته ڪولمبو ۾ چوري چڪاري وڌي وئي آهي. ايتري قدر جو زال ذات رات جي وقت ڳهه ڳٺا پائي اڪيلو نٿي هلي سگھي. هي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن اسان وٽ امن امان هو. ڪراچي جهڙن شهرن توڙي ڳوٺن جون حالتون بهتر هيون. وڌ ۾ وڌ ڍڳيون، مينهون چوري ٿيون ٿي. ۽ اڄُ جي حالتن تي غور ٿو ڪجي ته سريلنڪا، سنگاپور، ملائيشيا جهڙا ملڪ به سُڌري ويا. اسان جي ڪراچيءَ جهڙن شهرن ڏي نظر ٿي ڪجي ته ۾ عورتون ته ڇا ڏينهن ڏٺي جو مرد پيا ڦُرجن. بئنڪون ۽ بندرگاهه پيا ڦُرجن. پوليس وارا ۽ فوجي پيا مارجن. ۽ ڳوٺن ۾ وهٽن وانگر ماڻهو پيا اغوا ٿين. عورتن ۽ ٻارن کي به نه ڇڏيو پيو وڃي. ٻانگ ڏيندي ۽ نمازون پڙهندي ماڻهن کي ماريو ۽ اغوا ڪيو وڃي ٿو. هاڻ ٻين ملڪن ۽ مذهبن جا ماڻهو اسان تي تعجب کائيندا هوندا.
اهو ئي حال مهانگائيءَ جو آهي جيڪا جيتوڻيڪ سڄي دنيا ۾ وڌي وئي آهي پر Comparatively اسان جي ملڪ ۾ ته هيڪاندي گھڻي ٿي وئي آهي. هن سفرنامي وارن ڏينهن ۾ سريلنڪا، سنگاپور ۽ ملائيشيا وارن جهازران ڪمپنيون شروع ڪيون هيون، جن کي هلائڻ لاءِ جتي ڪٿي اسان جا پاڪستاني هُئا. ۽ هڪ مان ٻه، ٻن مان چار ۽ ڇهه ــ خبر ناهي ڪٿي وڃي انهن جي جهازن جو نمبر پهتو آهي. اسان وٽ ان وقت ستر کن جهاز هُئا ۽ ان حساب سان اڄ اسان وٽ سَوَن جي حساب سان هُجڻ کپن پر افسوس جو پنڌرهن کن جهاز مس وڃي بچيا آهن، سي به پنڌرهن ويهه سال پُراڻا آهن. جيڪي بيحد پوڙها ۽ مرڻينگ سمجھيا وڃن ٿا. اهو ئي حال ٻين ادارن جو وڃي رهيو آهي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ته ڳالهه ئي نه ٿي ڪري سگھجي. اسان کان گھڻو گھڻو پٺتي پيل اهي ملڪ، اڄُ يورپ جي ترقي يافته ملڪن جهڙا لڳن ٿا. محنت، ايمانداري ۽ سُٺن ليڊرن ملڪن ۽ ماڻهن کي ڪٿي کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي. انهيءَ فارمولا ذريعي اسان به اڳتي وڌي سگھون ٿا جنهن لاءِ هن وقت فقط دُعا ئي ڪري سگھجي ٿي.
هن ڪتاب ۾ ڪجھه اهڙا نالا ۽ ٽرمس استعمال ٿيا آهن جن جو واسطو جهازي دنيا سان آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ انهن جي سمجھاڻي ڏيڻ هتي ضروري سمجھان ٿو.
سُکاني: انگريزيءَ ۾ ان کي Quarter-Master سڏجي ٿو.سُکاني اهو خلاصي آهي جيڪو ڪئپٽن يا ٻئي ڊيوٽيءَ تي موجود نيويگيٽر سان گڏ، چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪري ٿو. کلئي سمنڊ ۾ هن جو ڪم سامهون ايندڙ جهازن تي نظر رکڻ ۽ ان بابت ڊيوٽي آفيسر کي ٻڌائڻو آهي، جيئن هو اڳواٽ پنهنجي جهاز لاءِ ڪو سلامتيءَ وارو رستو اختيار ڪري سگھي. بندرگاهه ۾ گھڙڻ يا نڪرڻ وقت سکانيءَ جي ڊيوٽي Steering-Wheel وٽ هوندي آهي ۽ ڊيوٽي آفيسر (ڪئپٽن، چيف آفيسر) يا پائلٽ جي حڪم موجب جهاز کي اوتريون ڊگريون ساڄي يا کاٻي موڙڻو هوندو آهي. يعني Steering Wheel کي ساڄي يا کاٻي گھمائڻ سان جهاز جو سُکاڻ ان طرف مُڙي جهاز کي موڙي ٿو ۽ جهاز طوفان يا غلط رستي کان نڪري سنئين تي اچي ٿو. سُکاني يا سُکاڻي لفظ سکاڻ مان نڪتو آهي جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي:
”سامونڊي! ٿو سنبهين ساڄو جھل سُکاڻ.“
پائلٽ : هوائي جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن کي ته پائلٽ چئبو آهي پر پاڻيءَ جي جهاز هلائيندڙ ان ڪئپٽن کي به چئبو آهي جيڪو بندرگاهه جو واقف (سونهون) هجي. ڪنهن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ گھڙڻ کان اڳ جهاز کي ان بندرگاهه کان ڏهه پندرهن ميل ٻاهرکلئي سمنڊ ۾ بيهاريو ويندو آهي. بندرگاهه ۾ اندر وٺي هلڻ لاءِ بندرگاهه طرفان مقرر ڪئپٽن لانچ ۾ چڙهي ايندو آهي ۽ پوءِ جهاز کي اندر وٺي هلندو آهي. ان ڪئپٽن کي بندرگاهه جو پائلٽ سڏجي ٿو. هن کي بندرگاهه جي چپي چپي جي خبر هوندي آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه کي به اهڙا اٺ ڏهه پائلٽ (سامونڊي ڪئپٽن) آهن جيڪي پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي جهازن کي اندر وٺي ايندا آهن يا رواني ٿيڻ وقت بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ تائين اماڻي ايندا آهن. بندرگاهه ۾ جهاز هلائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي جيڪو هر بندرگاهه جا مڪاني پائلٽ سرانجام ڏين ٿا. ان ڪم جي في بندرگاهه وارا جهازران ڪمپنيءَ کان وٺن جنهن کي Pilotage-Fee سڏجي ٿو.
ڪي ڪي بندرگاهه ــ خاص ڪري يورپ جا يا جپان ۽ ڪوريا جا، ايترو ويجھو ٿين جو اهو ئي هڪڙو پائلٽ هڪ بندرگاهه مان جهاز کي ڪڍي ٻئي بندرگاهه اندر پهچائي ايندو آهي. اتر يورپ جي ملڪن وارو سمنڊ ’North-Sea‘ خاص ڪري سياري ۾ اهڙو ته خراب ۽ اونداهو هوندو آهي جو جهازران ڪمپنين جا مالڪ، جيترا ڏينهن جهاز اتر انگلنڊ، پولنڊ، ڊئنمارڪ، جرمني جهڙن ملڪن ۾ هوندو آهي ته يڪو هڪ پائلٽ رکندا آهن جيڪو ’نارٿ سي‘ پائلٽ سڏجي ٿو. جهاز جي ڪئپٽنن کي، جهاز جي مالڪن طرفان Instructions هوندا آهن ته سياري ۾ نارٿ سي ۾ جيڪڏهن جهاز هلائي سگھو ٿا ته توهان جي مرضي پر جي ٿورو به شڪ يا ڊپُ ڊاءُ محسوس ڪريو ته مهرباني ڪري ’نارٿ سي پائلٽ‘ Hire ڪريو. نارٿ سي پائلٽ جي في جيتوڻيڪ لکن ۾ ٿئي ٿي پر جهاز جي سلامتي ڪارڻ مالڪن کي اهو ڦاهو ڦڪڻو پوي ٿو. يورپ ڏي هلندڙ جهازن ۾ ان قسم جي پائلٽن جي رهائش لاءِ هڪ وڌيڪ ڪئبن پڻ هوندي آهي جنهن کي ’پائلٽ ــ ڪئبن‘ سڏجي ٿو.
خلاصي : جهاز هلائيندڙ مٿيون عملو آفيسر سڏجي ٿو ۽ هيٺيون اسٽاف خلاصي (Crew) سڏجي ٿو. خلاصين ۾ ڪي انجڻ روم جا خلاصي سڏبا آهن ته ٻيا ڊيڪ ۽ گئلي (بورچيخاني) جا. ڊيڪ وارن خلاصين جو ڪم جهاز جي لوهي پليٽن کي سمند جي پاڻيءَ ڪري زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ صاف رکڻ، رنگ لڳائڻ ۽ رسا ڇڪڻ ۽ سکانيءَ جي ڊيوٽي ڪرڻ آهي. انجڻ روم جا خلاصي تيل وارا ۽ آڳ وارا سڏبا آهن. گئلي وي جي ڊيوٽي ۾ اسٽيورڊ (بئرا)، بورچي، ڀنڊاري (ڀاڄي ڇلڻ وارا) ۽ ٽوپس (ڀنگي) اچي وڃن ٿا.
ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، سيڪنڊ آفيسر، چيف آفيسر وغيره وغيره : جهاز هلائيندڙ عملي جا ٻه اهم حصا آهن. هڪ نيويگيٽر (جن کي ڊيڪ آفيسر به سڏجي ٿو) ۽ ٻيو انجنيئر. ڊيڪ آفيسر (Navigators) جو ڪم سمنڊ تي رستو ڳولهڻ ۽ جهاز کي ان رخ ۾ وٺي هلڻ آهي. مندن موسمن، سمنڊ ۽ هوائن جي ڄاڻ رکڻ ۽ ان جي نقصان کان جهاز کي بچائڻ، بندرگاهه ۾ ڪارگو (سامان) جو طريقو ڪڍي ان موجب رکرائڻ ۽ لاهرائڻ آهي. انجنيئرن جو ڪم جهاز جي انجڻين کي هلائڻ ۽ انهن جي نگهباني ڪرڻ آهي. جهاز هڪ شهر مثل آهي، جنهن ۾ نه فقط جهاز هلائن جي انجڻ آهي، پر اليڪٽرڪسٽي پيدا ڪرڻ، پاڻيءَ ۽ تيل جا ڪيترائي پمپ هلائڻ، بئالر، جنريٽر ۽ ٻيون مشينون پڻ آهن. ڊيڪ آفيسرن جو سڀ ۾ وڏو باس ڪئپٽن آهي. ڊيڪ ڪئڊٽ سڀ ۾ جونئر ڊيڪ آفيسر آهي. اهڙي طرح انجنيئرن ۾ سڀ کان ننڍو انجنيئرنگ ڪئڊٽ يا جونئر انجنيئر سڏجي ٿو. ان بعد ففٿ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ۽ آخر ۾ سڀ کان مٿانهون چيف انجنيئر آهي.
دنيا جي هر ملڪ جي هر جهاز تي انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جون ڊيوٽيون مقرر آهن. مثال طور ٿرڊ انجنيئر جي ڊيوٽي رات جو ۽ ڏينهن جو هميشه ٻارهين کان چئين تائين جهاز هلائڻو آهي ۽ بندرگاهه ۾ سندس ڪم جنريٽرن جي سار سنڀال آهي. ٿرڊ انجنيئر سان گڏ واري ڊيوٽي، ڊيڪ آفيسرن مان، سيڪنڊ آفيسر ڪندو آهي. هڪ ئي وقت جاڳي ڊيوٽي ڪرڻ ڪري هر جهاز جي ٿرڊ انجنيئر ۽ سيڪنڊ آفيسر جي سٺي دوستي رهي ٿي. اهڙي طرح ٻين انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جي ڊيوٽي مقرر آهي.
ريڊيو آفيسر : انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن کان علاوه هر جهاز تي هڪ ريڊيو آفيسر پڻ هوندو آهي. ريڊيو آفيسر جو ڪم ريڊيو ذريعي جهاز ۽ بندرگاهه وارن ڏي نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ آهي. جهاز تي ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ خلاصين جي پگھارن جو حساب ڪتاب ۽ مختلف ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ Visa ۽ ٻيون ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪرڻ پڻ ريڊيو آفيسر جو ڪم آهي.
اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ فرج انجنيئر: مٿين انجنيئرن (جيڪي مئرين انجنيئر آهن) کان علاوه جهاز تي ٻه کن اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ هڪ فرج انجنيئر پڻ ٿئي. جن جو خاص ڪري اليڪٽرسٽي ۽ ريفريجريشن جو ڪم هوندو آهي. اهي انجنيئر سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر جي هٿ هيٺ ڪم ڪن ٿا.
نيويگيشن : سمنڊ تي رستو ڳولڻ جي هنر کي Navigation سڏجي ٿو. سمنڊ تي خشڪيءَ جي رستن وانگر رستا نه آهن. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ لڳندڙ هوائن ۽ لهرن کان فائدو وٺي يا بچاءُ ڪري، جهاز هلائڻ نيويگيٽرن (ڊيڪ آفيسرن) جو ڪم آهي. نه فقط جهاز هلائڻ پر ڏينهن ۾ ٽي چار دفعا سج، چنڊ ۽ تارن جي مدد سان جانچڻو پوندو آهي ته جهاز واقعي صحيح رستي ۽ رخ ۾ هلي پيو يا نه. البت هاڻ ڪجھه اهڙا اوزار نڪتا آهن جن ذريعي وقت بوقت اها خبر پوندي رهي ٿي ته جهاز ڌرتيءَ جي گولي تي ڪهڙي هنڌ آهي. ان اوزار کي Satellite Navigator سڏجي ٿو
جهازي : هر اهو ماڻهو جيڪو جهاز تي ڪم ڪري ٿو ان کي جهازي يعني Sailor يا Seafarer سڏجي ٿو. هونءَ Sailor ۽ Seaman نيوي جي جنگي جهاز تي هيٺين عملي جون Ranks پُڻ آهن.
سيڪيورٽي انجنيئر: بندرگاهه ۾ موڪل ڪرڻ وقت هڪ سينيئر انجنيئر ضرور جهاز تي ڇڏبو آهي، جيئن هو باهه لڳڻ جهڙي ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگھي. ان انجنيئر يا ڊيڪ آفيسر کي سيڪيورٽي انجنيئر يا سيڪيورٽي آفيسر سڏجي ٿو. سيڪيورٽي انجنيئر سان گڏ هڪ يا ٻه جونئر انجنيئر يا ففٿ انجنيئر پڻ هوندو آهي، جنهن کي انجڻ روم ۾ رهڻو پوندو آهي.
انجڻ روم : جهاز جي انجڻ روم سمجھو ته پنج ڇهه ماڙ پلازا يا بلڊنگ آهي، جنهن جي هر فلور تي ڪيتريون ئي مشينون آهن. جهاز جو پنکو Propeller هلائڻ واري مشين Main Engine سڏجي ٿي. جيڪا ٽي چار ماڙ ٿئي، جنهن جو هڪ هڪ سيلنڊر ايترو ته وڏو ٿئي جنهن ۾ ٽي ماڻهو آرام سان بيهي سگھن۽ اٺ نَوَ فوٽ ڊگھو ٿئي. مين انجڻ کان علاوه ٻيون اهم مشينون هي آهن. جنريٽر، پمپ، پيوريفائر، بئالر، ايئرڪمپريسر، ايووپريٽر، ڪولر، هيٽر، Sewage پلانٽ وغيره
پروپيلر : جهاز جي پٺئين پاسي ٻاهر لڳل پنکي کي Propeller سڏجي ٿو. جهاز کي ڦيٿا نه ٿين. پنکي هلڻ سان جهاز اڳيان پويان وڌي ٿو. جهاز جي پنکي هلائڻ واري انجڻ کي مين انجڻ سڏجي ٿو.
سيلنگ بوٽ: جيڪا ٻيڙي سڙهه (Sail) تي هلي ان کي Sailing Boat سڏجي ٿو. انجڻ جي ايجاد ٿيڻ کان اڳ پاڻيءَ جا جهاز سڙهن تي هلندا هئا ۽ Sailing Ships سڏبا هئا. جيڪي ٻيڙيون ڪاٺ جي چپن سان هلن ٿيون اهي Rowing Boats سڏجن ٿيون.
ڊراءِ ڊاڪنگ : لڳاتار سمنڊ ۾ بيهڻ ڪري جهاز جي تري تي سپون ۽ ٻيون سامونڊي شيون (Sea Growth) چهٽيو وڃن جيڪي جهاز جي لس هلڻ ۾ رخنو وجھن ٿيون ۽ رفتار ڏينهون ڏينهن گھٽجڻ لڳي ٿي. جهاز جي تري جي صفائي ۽ چڪاس لاءِ جهاز کي خشڪ گوديءَ ۾ اچي بيهاربو آهي جنهن کي ڊراءِ ڊاڪ (Dry-Dock) سڏجي ٿو. ڊراءِ ڊاڪ ۾ ڪيل صفائي، رنگ روغن ۽ مرمت کي Dry-Docking سڏجي ٿو. هر ڪارگو جهاز لاءِ ضروري آهي ته ٻن سالن ۾ هڪ دفعو ڊراءِ ڊاڪنگ ڪرائي ۽ مسافر جهاز لاءِ سال ۾ هڪ دفعو ضروري آهي.
جيٽي : بندرگاهه جو ڌڪو جنهن سان جهاز لڳي بيهي ٿو، جيٽي سڏجي ٿي. ڪن جهازن کي بندرگاهن ۾ جيٽي نه ملندي آهي ته پوءِ جيٽيءَ سان لڳل جهاز جي ڀرسان ٿي بيهندا آهن. اهڙي صورت ۾ چئبو آهي ته اسان جو جهاز فلاڻي جيٽيءَ تي بيٺل فلاڻي جهاز جي Alongside آهي. هانگ ڪانگ، سنگاپور جهڙن مشغول بندرگاهن ۾ جهازن کي عام طرح ’الانگ سائيڊ‘ به بيهاريو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ جهاز جو ڪارگو ڪناري بدران سمنڊ واري پاسي بيٺل بارجز ۾لاهڻو پوندو آهي. بارج (Barge) تانگهي ۽ بنا انجڻ واري ٻيڙي ٿئي جنهن کي ’ٽگ بوٽ‘ يا عام لانچ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين پهچائڻ لاءِ رسيءَ ذريعي ڇڪي.
ڊيرڪون : جهاز تي سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ بندرگاهه تي ڪرينون (Cranes) ٿين. ڪن بندرگاهن ۾ اهي نه ٿين ۽ جهاز تي لڳل ڪرينن ذريعي سامان لاٿو وڃي ٿو. جهاز جي Cranes کي ڊيرڪ Derrick سڏجي ٿو.
ڪئبن : جهاز تي رهائشي ڪمرا ڪئبنون (Cabins) سڏجن ٿيون.
ڊيوٽي ميس : جهاز کي هڪ وڏي ميس ٿئي جنهن کي Dinning Saloon سڏجي ٿو جنهن ۾ سڀ آفيسر، گھڻو ڪري يونيفارم ۾ ماني کائين. سئلون کان علاوه هڪ ننڍڙي ڊيوٽي ميس ٿئي جنهن ۾ ڊيوٽي وارا انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسر ماني کائين. ڊيوٽي ميس خبرن ۽ ڪچهري کان مشهور ٿئي. هرڪو فري اسٽائيل ۾ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو آهي. بئرن ۽ وڏن آفيسرن جي اچ وڃ نه هجڻ ڪري ناقابل اشاعت لطيفه، شعر و شاعري ۽ پنهنجا پراوا Scandal آزادانه نموني بيان ڪيا ويندا آهن.
برج روم : جهاز جي ڪنٽرول روم کي برج سڏجي ٿو. برج جو هڪ حصو چارٽ روم هوندو آهي. جنهن ۾ هلڪي روشنيءَ جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، جيئن مختلف سمنڊن جا چارٽ ڏسي ۽ ماپي سگھجن. باقي حصي ۾ اونداهه ڪئي ويندي آهي جيئن رات جو سامهون ايندر جهاز ڏسي سگھجن. برج جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي واري حصي کي Wing سڏجي ٿو.
بُل ورڪ : جهاز جي چؤڌاري ڏنل ٻنوڙي کي Bulwark سڏجي ٿو.
بنڪر : جهاز جون مشينون هلائڻ لاءِ جيڪو تيل وٺجي ٿو ان کي Bunker سڏجي ٿو. بنڪر وٺڻ وارو سڄو ڏينهن يا رات انجنيئرن لاءِ ڊوڙ ڊوڙان جو هوندو آهي. جهاز لاءِ هڪ قسم جو تيل نه پر ڪيترن ئي قسمن جو ٽنن جي حساب سان وٺڻو پوي ٿو، جنهن کي مختلف ۽ مقرر ٿيل ٽانڪين ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو. هڪ ويهه هزار کن ٽن جهاز لاءِ اٽڪل هي تيل وٺبا آهن. جيڪي مهينو کن هلن.
هيوي فيول H.F.O ــ ٻارهن سؤ کن ٽن
مئرين ڊيزل آئل ــ چار سؤ ٽن
لائيٽ ڊيزل آئل ــ هڪ هزار گئلن
ڪرئنڪيس آئل ــ چار هزار گئلن
سلينڊر آئل ــ ٻه هزار گئلن
ٽربائين آئل ــ هڪ هزار گئلن، وغيره وغيره.
ائنڪر : جهاز جي اڳئين منهن وٽ لنگر (Anchor) لڙڪيل ٿئي ٿو جيڪو سمنڊ ۾ جهاز کي بيهارڻ مهل سمنڊ جي تري ۾ ڪيرايو ويندو آهي. ائنڪر زمين جي تري ۾ وڃي ڦاسندو آهي ۽ جهاز کي اڳيان وڌڻ نه ڏيندو آهي. وري جڏهن جهاز کي هلڻو هوندو آهي ته ونڊلس مشين ذريعي لنگر کي ٻاهر ڇڪي ڪڍبو آهي. بندرگاهه ۾ جيٽيءَ ڀرسان جاءِ ملڻ تي لنگر ڪيرائڻ بدران جهاز کي جيٽيءَ تي کتل ڪلي سان ٻڌو وڃي ٿو. لنگر (Anchor) لاءِ مشهور ڳجھارت آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي جڏهن ضرورت پوي ٿي ته اڇلائي وڃي ٿي ۽ جڏهن ضرورت ناهي ته پٽ تان کڻي رکي ويندي آهي.
ائنڪريج : سڄو سفر پورو ڪري، جهاز جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ پهچي ٿو ته هن کي اجازت نه آهي ته بندرگاهه ۾ يڪدم گھڙي پوي. بندرگاهه ۾ اچڻ کان اڳ بندرگاهه کان ٿورو پرڀرو کلئي سمنڊ ۾ هن کي لنگر (Anchor) ڪيرائڻو پوي ٿو. پوءِ بندرگاهه اٿارٽيءَ طرفان ان ملڪ جي ڪسٽم ۽ اميگريشن جو عملو کلئي سمنڊ ۾ جهاز تي پهچي، جهاز جي عملي ۽ مسافرن وغيره جي ڪاغذن جي چڪاس ڪري ٿو. ان بعد بندرگاهه طرفان پائلٽ اچي ٿو جيڪو جهاز کي آهستي آهستي ڪري اندر بندرگاهه ۾ مقرر ڪيل جيٽيءَ تي بيهاري ٿو.
هر بندرگاهه جي ٻاهران، کلئي سمنڊ جو اهو حصو، جتي جهاز کي ائنڪر ڪيرائي اندر اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، ان کي Anchorage (ائنڪريج) سڏجي ٿو. ائنڪريج تي بيهڻ وارو وقت جهازيءَ لاءِ آرام ۽ انتظار جو هوندو آهي. آرام جو ان ڪري جو ائنڪريج تي نه جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي نه ڪا مشينري کولي ان جي مرمت (Overhauling) ڪري سگھجي ٿي. سو مسافري جو ٿڪ ڀڃڻ ۽ آرام لاءِ ائنڪريج سٺو آهي. ساڳي وقت انتظار به ڪرڻو پوي ٿو ته خبر نه آهي جهاز کي ڪڏهن اندر گھرائن جيئن ڪناري تي پير رکي سگھجن ۽ گھمي ڦري سگھجي. اڄڪلهه ڪيترائي بندرگاهه ماڊرن ٿي ويا آهن ۽ ڏينهن اڌ جي انتظار بعد اندر گھرايو وڃي ٿو. هڪ اهڙو به سفر ياد اٿم جنهن ۾ ڪراچي کان ڪيوبا سفر ۾مهينو لڳو. ان بعد ڪيوبا جي ائنڪريج تي مهيني کان به مٿي انتظار ڪرڻو پيو. ان بعد مهيني کن لاءِ جهاز بندرگاهه ۾ گھڙيو ته ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت اسان کي ڪناري تي پير رکڻ جي هڪ ڏينهن جي به اجازت نه ڏني.
ائنڪريج کي ڪڏهن ڪڏهن فقط ائنڪر به چيو وڃي ٿو. چي اسان جو جهاز چار ڏينهن ائنڪر تي بيٺو ان بعد بندرگاهه ۾ اندر آيو.
ڊوميسٽڪ فرج : جهاز تي ٻه ٽي ڪمرا گوشت، مڇيءَ، ڀاڄيءَ ۽ ميوي کي ٿڌو رکڻ لاءِ هوندا آهن. انهن ڪمرن کي جنهن مشين ذريعي ريفريجريٽر وانگر ٿڌو رکيو ويندو آهي ان کي ’ڊوميسٽڪ فرج‘ سڏجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻن ٽن مهينن جي سفر جو راشن اٽڪل چاليهه کن رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون هونديون آهن. ان خيال کان ڊوميسٽڪ فرج مشين تمام اهم سمجھي وڃي ٿي، جنهن جي خراب ٿيڻ تي سڄو گوشت خراب ٿي سگھي ٿو ــ جنهن کي پوءِ سمنڊ ۾ ئي اڇلڻو پوي ٿو ۽ نئين گوشت خريد ڪرڻ لاءِ ويجھي بندرگاهه جو رُخ رکڻو پوي ٿو.