13
پول (Pool) وارو اڪائيءَ جو وڏو ٽيپ رڪارڊر سڄي آواز تي واڄٽ ڪري رهيو هو ۽ ساڳيا ساڳيا انگريزي گانا (جنهن جي به پسند جا هُئا ان تي رحم ٿو اچي) ٻُڌندا رهياسين. ٻن ٽن قسمن جي شراب جون بوتلون، وچ تي پيل هڪ ننڍڙي ٽيبل تي رکيون هيون. سوڍا ختم ٿي چُڪي هُئي، جنهن جون ٽي چار خالي بوتلون ٽيبل هيٺان پيرن سان ٽڪرائي رهيون هيون. سوڍا بدران جڳ مان پاڻي اوتي همراهه گلاس ڀري رهيا هُئا. ڳالهيون لنڊن، پئرس ۽ هالي ووڊ جون هلنديون رهيون. اهي ئي ته سلون ۾ ڪئڊبري چاڪليٽ به نه ٿا ملن. لنڊن ۾ هر دڪان تي ملن ٿا. آڊري هيپبرن روز لڪس صابڻ سان وهجندي آهي. پر پئرس جي لڪس ۽ ڪولمبو جي لڪس ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. رچرڊ برٽن جڏهن اسپتال ۾ ايلزبيٿ ٽيلر سان ملي ٻاهر نڪتو هو ته ڏاڪڻ وٽ سندس کاٻو پير ترڪڻ ڪري چيچ مُڙي پئي هُئي. ڊائريڪٽر جارج هل جي فلم ’سلاٽر هائوس فائول‘ آمريڪا ۾ رليز ٿي چُڪي آهي پر ڪولمبو ۾ ايندي ايندي سال ته لڳندُس. باءِ جو (By Jove!) هي به ڪو ملڪ آهي رهڻ لاءِ!
”(It is very backward country)“ ۽ پوءِ اسان کان اسان جي ملڪ جو حال پُڇڻ لڳا. اسانجي نمائندگي راشد ڪري رهيو هو. تنهن الله جي ڏني مان جيڪي پُڄيس ٿي سي ڪوڙ ۽ گشا سٽي کين وڌيڪ زخمي ۽ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪيو ٿي: ’او مئن! اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ته هر اها فلم جيڪا انگلنڊ ۾ رليز ٿي ٿئي سا ان ئي ڏينهن ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿئي. آف ڪورس ڪجھه ڪلاڪن جو فرق ته ٿئي.. ڪراچيءَ ۾ ڪلر ٽي وي آهي.......‘ (جيتوڻيڪ تن ڏينهن ۾ اڃان نه هُئي) وغيره.
ٽيبل تي رکيل سئنڊوچ ۽ مڇيءَ جي ڪوفتن جي پاروٿي شڪل مان لڳو پئي ته اسان واقعي دعوت ۾ دير سان آيا آهيون ۽ پارٽي گھٽ ۾ گھٽ ٻن ٽن ڪلاڪن کان شروع ٿيل آهي.
فرئنڪلن انهن پاروٿن ڪوفتن ۽ سئنڊوچن جون پليٽون کڻي اسان کي کارائڻ لاءِ زور ڪرڻ لڳو ۽ ذري ذري چوندو رهيو: ”توهان ته اڄُ جي پارٽيءَ جا مهمان خُصوصي آهيو. سيس (Sister) چوڻ لڳي: دي وونٽ ڪم (They wont come) پر آئون چوندو رهيوسانس: امپاسيبل (ناممڪن) تون سئنڊوچ ٺاهه. هو ضرور ايندا.“
ڪوچ ۽ ڪُرسيون گھٽ هيون ۽ مهمان گھڻا. مظهر ۽ آئون (نام نهاد مهمان خُصوصي) هڪ ئي ڪوچ تي ويٺا هُئاسين. ٻنهي هڪ هڪ سئنڊوچ کنئي. بک صفا نه هُئي. مظهر کي اڙدوءِ ۾ چيم ته پاروٿي سئنڊوچ کي نه ڏس، خلوص کي ڏس.
”اسڪاچ وسڪي، جن، برانڊي ــ ڇا پيئندائو. پنهنجو گھر ڪري سمجھو.“ فرئنڪلن چوڻ لڳو. پر پيئڻ جي معاملي ۾ اسان جي نمائندگي طيب ڪري رهيو هو. ۽ جنهن رفتارسان سئنڊوچون ۽ ڪوفتا ختم ڪري رهيو هو، ماڳهين ميزبانن ۽ باقي مهمانن کي اچي ڊپُ لڳو ته ٻيا نه ٺهرائڻا پون. اسان ٽن لاءِ فرئنڪلن خبر ناهي ڪهڙي پاڙي وارن کي اٿاري هڪ کٽو شربت وٺي آيو جو اسان ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ لڳاسين. طيب کي اسان جي صوفين واري ڳالهه نه وڻي پر شايد اهو سوچي خوش ٿي ٿيو ته چڱو جو اسان شراب نٿا پيون ۽ هاڻ اهو اسان جو حصو به کيس ڦٻجي رهيو آهي.
ٿوري دير کان پوءِ مظهر مونکي آهستي چيو ته يار طيب ڏاڍو بور ڪيو آهي، اٿڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو وٺي. وڃي پيئندو. ڪجھه ته چوينس ته هلي.
”نه بابا، آئون ته ساڻس فري آهيان ڪونه راشد کي ٿو چوان“. وجھه وٺي آهستي راشد کي چيم ته طيب اڃان بس نه ڪندو ڇا؟
”طيب،“ راشد وراڻيو، ”اهو گڏهه آهي جو هڪٻئي پُٺيان ڏهه گلاس پي ويندو پر ڳڻيندو هڪ به نه!“
مون کي ۽ مظهر کي اوٻاسيون ڏيندو ۽ بور ٿيندو ڏسي فرئنڪلن ڀت تي ٽنگيل سندس فئمليءَ جون تصويرون لاهي اسان کي ڏيکارڻ لڳو. سندس ماءُ اندرين ڪمري مان ٻيون به تصويرون لاهي در وٽ سندس ننڍي پُٽ کي ڏنيون ته هي به مهمانن کي ڏيکار. ان بعد سندس ڀينرن جي ڀرت ۽ مشين جو ڪم، فرئنڪلن ڏيکارڻ لڳو ۽ ڀيڻن کي سڏي کين ٻيو ڀرت آڻن لاءِ چيو. جن اهو ڀرت پيرن تي هلندڙ مشين جي خاني مان ڪڍي ڏيکاريو. مشين پڪ سلون کي آزادي ملڻ کان اڳ جي ٿي ڏٺي. جنهن جي مٿان ڇنل ميرو پوش، تنهن مٿان ڪنهن بستري جي پُراڻي، پر ڌوتل ريشمي چادر ۾ ائين ڍڪيل هُئي ڄڻُ مشين نه پر ڪنهن اولياءَ جي تربت مٿان پڙُ چڙهيل هُجي.
ڇوڪرين جي آرٽ جي تعريف راشد ۽ ڇوڪرين جي ماءُ واري وٽيءَ تي ڪئي ۽ ڪندا رهيا، ڄڻُ ڪنهن ميمبر جي اليڪشن ۾ ڪنواسنگ هلي رهي هُجي. مظهر ته نموني سان راشد کي اڙدوءَ ۾ ٽوڪي ورتو: ”تعريف ٿو ڪرين يا بي پي جا کٽمٺڙا ٿو وڪڻين؟“
طيب جي ڀرسان بيهي چيم: ”ڪامريڊ! هاڻ ڇپيل پروگرام مطابق گھر ــ يعني جهاز تي واپس هلجي يا خميسي خان کان الغوزي تي لوڪ ڌنون ٻُڌجن؟“
سندن جواب ڏيڻ کان اڳُ مظهر چيو: ”واپس، ڏاڍي دير ٿي وئي آهي.“
”ڪا پوڙهي جهاز تي انتظار پئي ڪرئي ڇا جو ايڏي تڪڙ اٿئي،“ طيب کيس پنجابيءَ ۾ چيو، ”مون کي ته اڃا سُرور به نه آيو آهي.“
”اوڪي نائو گُڊ باءِ.“ راشد زور سان اسان سڀني پاران موڪلايو. فرئنڪلن جو ننڍو ڀاءُ اسان کي ڪار ۾ جهاز تائين وٺي آيو. رستي تي راشد اڙدوءَ ۾ اعلان ڪيو ته آئنده طيب کي پاڻ سان هرگز نه وٺي هلبو.
طيب قسطن ۾ کلندي چيو، ”اڙي نادانو! آءٌ پاڻ اهو سوچي رهيو هوس ته توهان سان اڳتي ڪهڙو ڪافر هلندو. اڃان ته مونکي سُرور ئي نه آيو آهي.“
”ايڏو شراب انسان لاءِ سُٺو ناهي.“ راشد پوڙهن وانگر نصيحت ڪيس.
”غلط بلڪل غلط،“ طيب پنهنجي شاهد آڱر اڀي ڪري سندس خيال مطابق حق جي صدا بلند ڪئي، ”اهو انسان نه پر گڏھ آهي جنهن کي هن دنيا ۾ غم نه هُجن، ۽ اهو انسان گڏهن کان به بدتر آهي جيڪو پنهنجا غم شراب جي پيالي ۾ نٿو ٻوڙي!“
راشد آهستي مون کي ڪن ۾ چيو ته، ”هي اهو ڪُتي جو پُڇ اٿئي جو يارهن مهينا نڙ ۾ وجھڻ بعد به سڌو نه ٿئي، ويتر نڙ کي چٻو ڪري وجھي.“
جهاز تي پُهچڻ وقت، ڪار مان ٽپ ڏئي ٻاهر نڪري طيب اسان کي چيو: ويندي وقت ٽئڪسيءَ کي مون پئسا ڏنا هُئا. ايندي وقت هاڻ توهان مان ڪو ڏئي.
راشد ٺونٺ هڻي چيس: ”انڌو آهين؟ توکي هيءَ ٽئڪسي ٿي نظر اچي. ميٽر ڪٿي اٿس.“
”ميٽر تي اڄُ ڏينهن کان پوءِ ڪير نه هلندو“ ڪار ۾ ٿڌي هوا لڳڻ ڪري طيب جي حالت سُرور واري ڊگريءَ مان ٽپي نشي واريءَ ۾ پهچي چُڪي هُئي ۽ ٿڙندي چيائين، ”ڇاڪاڻ ته عربن تيل بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ بندرانائڪيءَ جي حڪومت شراب تي بندش وجھي ڇڏي آهي.“
راشد کيس سهارو ڏئي سندس جهاز جي ڏاڪڻ طرف وڃڻ لڳو ۽ اسان پنهنجي جهاز جي ڏاڪڻ چڙهي دير تائين کين ڏسندا رهياسين، تان جو هو ڪئبن اندر هليا ويا.