2
گُذريل ڏهن سالن ۾ هي منهنجو ڪولمبو ۾ ڇهون يا ستون دفعو ٿيندو، هن دفعي هتي آئي به اسان کي چار ڏينهن ٿي ويا آهن. لڳي پيو ته هي اسان جو جهاز ٻه ٽي هفتا ٻيا به هتي ترسي. جپان کان سڌو هتي آيا آهيون. جپان مان آمريڪا لاءِ ڪجھه مشينري کنئي اٿئون جنهن جي تور اٽڪل چار هزار ٽن ٿيندي پئسفڪ سمنڊ کان سڌو آمريڪا جي اولهه ڪناري ڏي ٿي وياسين ته خبر پيئي ته ڪجھه سامان: ناريل جا وار ۽ چانهه ڪولمبو ۾، اسان جي جهاز لاءِ ترسيل آهي ۽ اهو سامان به آمريڪا ويندو. سامان ڪو ڏيڍُ هزار ٽن مس آهي. جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور جي بندرگاهن جي کڻاڻي حساب سان ٽن ڏينهن جو سامان مس آهي. پر هتي جي بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي ڪهڙِي ڳالهه ڪجي! هر جهاز جا جهازي (Sailors) ڪولمبو بندرگاهه تان کِلون ڪندا آهن. چوندا آهن ته جو جهاز ڪولمبو ويو سو اتي سوگھو، ڀلي کڻي ڪلاڪ جو سامان چاڙهڻو يا لاهڻو هُجيس.
هتي مزدورن جو سرڪار طرفان پگھارُ مقرر ٿيل آهي جيڪو سامان جا مالڪ ڏين. مزور چاهي ڪم تکو ڪن يا ڍلو پر سرڪار مالڪن کان کين پگھارُ پورو وٺي ڏئي ٿي. اڪثر ڏسبو ته چار پنج ڄڻا ڪم ڪري رهيا هوندا ته ٻيا گدام جي پاسي ۾، وڻ جي ڇانوَ ۾ يا ڪنهن ٽيبل هيٺ يا خالي ٽرڪ ۾ سُتا پيا هوندا ۽ جاڳندڙ وري پتي راند ۾ رُڌل هوندا. صبح کان شام تائين پتي راند جُون ٽڪريون توهان کي بندرگاهه اندر ڪيترن ئي هنڌن تي ڏسڻ ۾ اينديون. ايتريقدر جو چرچو مشهور آهي ته ڪولمبو جي بندرگاهه ۾ رسي ۾ سامان پيو لڙڪندو ۽ مزدور پتي راند ۾ مشغول هوندو، جيسين ڪو فورمئن مٿان اچي ڪڙڪين. ڪڏهن ته هو به راند ۾ ويهي رهندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ڪولمبو مان سامان کڻڻ يا لاهڻ لاءِ ڪا به جهازران ڪمپني پنهنجو جهاز موڪلڻ لاءِ ٻه دفعا سوچيندي آهي، ڇو جو ڪمائي ته ڪمائي جي ماڳ اٽلو نقصان نصيب ٿيندو آهي. ان ڪري هتي ڪوبه جهاز سامان آڻيندو يا نيندو آهي ته ڀاڙو به ٻين ملڪن کان وڌيڪ چارج ڪندو آهي. نتيجي طور اها شيءِ هتي جي ٻڌي واپاريءَ کي مهانگي پوي ٿي ۽ ان جو بار ڦري گھري نيٺ وڃي غريب خريدار تي ٽُٽي ٿو.
اسان جو ڪراچيءَ جو بندرگاهه ٽي چار سال اڳ سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۾ تمام تکو هو، پر افسوس جو اڄڪلهه ڪراچي بندرگاهه کان به ڪيترين جهازران ڪمپنين کي شڪايت آهي ته مال جو اُڪلاءُ آهستي ٿو ٿئي ۽ دير ٿيڻ ڪري بندرگاهه جهازن سان ڀريو رهي ٿو ۽ هر جهاز کي اندر جڳهه ملڻ کان اڳُ ڪيترا ڏينهن (ويندي سڄي مهيني تائين به) ٻاهر ائنڪريج تي (منوڙي کان ٿورو پري کُلئي سمنڊ ۾) انتظار ڪرڻو پوي ٿو. جهاز جڏهن نه ٿو هلي ته به سندس روز جو خرچُ ٽي هزار کنُ ڊالر ٿيو وڃي، جنهن ۾ اليڪٽرڪسٽِي، ايئرڪنڊيشن ۽ ٻين ڪمن جون مشينون آهن جيڪي چوويهه ڪلاڪ هلنديون رهن ٿيون. جهاز جي هلڻ لاءِ فقط هڪ وڌيڪ انجڻ (Main Engine) هلائڻي پوي ٿي جا پنکو (Propeller) هلائي ٿي، جيڪو جهاز کي اڳتي ڌڪي ٿو. مٿئين خرچ کانسواءِ ٻيو به ڪيترو خرچُ آهي جو جهاز جي نه هلڻ وقت به ساڳيو رهي ٿو. جهڙوڪ جهاز جي عملي جو پگھارُ، کاڌو پيتو، مشين جي ڀڃَ ڊاهه (Wear and Tear) بندرگاهه ۾ بيهڻ يا ائنڪر تي بيهي بندرگاهه جون سهوليتون حاصل ڪرڻ جي في، ڪرينون ۽ باهه جي بچاءَ جي حفاظت حاصل ڪرڻ تي پڻ روزانو جهاز وارن کي چڱو بلُ ڏيڻو پوي ٿو. سو ڪوبه جهاز جو مالڪ نه چاهيندو ته ڪو سندس جهاز اجايو بيٺو هجي. ڇوته جهاز تڏهن گھڻو ڪمائي ٿو جڏهن هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين هلندو رهي ٿو.