22
سنهالين ۽ تاملن کان علاوه ٻيون به ڪجھ قومون، ذاتيون ۽ فرقا سريلنڪا ۾ مشهور آهن. مثال طور مور، برگر، ويدا، بورا، کوجا وغيره، مور عرب واپارين ۽ آفريقا جي حبشي مسلمانن جو اولاد آهن. جن جا وڏا واپار سانگي سلون ۾ آيا ۽ ڪن پاڻ سان زالون آنديون، ڪن هتي اچي شادي ڪئي. اهي سڀُ مسلمان آهن ۽ سلون جي اوڀر واري ڪناري ۽ ڪولمبو شهر ۾ گھڻا رهن ٿا. زبان گھڻو ڪري تامل ڳالهائين. انهن مان ڪيترن جون زالون پڙدو به ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ هتي جي گھڻي آدمشماري (جا ٻُڌن ۽ هندن تي مشتمل آهي) پڙدو ڪانه ڪري.
مدراس ۽ بمبئي کان علاوه پاڪستان کان آيل بلوچ، پٺاڻ ۽ پنجابي پڻ ڪولمبو ۾ آهن. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جا آيل سنڌي هندو واپاري سنڌي سڏجن ۽ ڪولمبو ۽ ڪئنڊي شهرن ۾ گھڻا آهن. ڊچن ۽ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ يورپين جو اولاد برگر سڏجي ٿو. انهن جي اولاد مان گھڻن سنهالين سان شادي ڪري، ملي جُلي ويا آهن پر ڪيترن پنهنجو پاڻ کي الڳ رکيو آهي. هنن جي ڪنهن زماني تائين، خاص ڪري غلاميءَ وارن ڏينهن ۾ وڏي لئه هُئي ۽ پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ برتر ۽ اتاهون سمجھندا هُئا پر آزاديءَ کان پوءِ قومي جذبي جاڳڻ تي سندن اها عزت ڪانه رهي آهي. نتيجي طور ڪيترا ته نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا لڏي ويا آهن ٻيا وڃڻ جي تيارين ۾ آهن ۽ ڪُجهه هتي جي لوڪل ماڻهن سان رلي ملي ويا آهن. برگر گھڻو ڪري پروٽيسٽنٽ (ڪرسچن) آهن ۽ ڪُجهه ڪئٿولڪ پڻُ.
سلون ۾ ڪُجهه بمبئيءَ جا واپاري، گواني، چيني ۽ آفريقا کان گھرايل مزدور شيدي جيڪي ’ڪافر‘ سڏائين ۽ ڏکڻ هندستان جا ڪجھه تيلگو ۽ مليالم زبان ڳالهائيندڙ پڻ آهن.
سنهالي ماڻهن جو مٿو وڏو ۽ ويڪرو، چپ مڙيئي ٿلها ٿين، طبيعت جا سادا، سٻاجھا، دوست مزاج، ماٺيڻا ۽ صلح پسند آهن. جيتوڻيڪ ڪاوڙ جا به تکا آهن. سندن وار ڪارا ۽ ٿورا گھنڊيدار، اکيون ڪاريون ۽ نڪُ سوڙهو ۽ ڊگھو آهي. سندن رنگُ مشڪي آهي. ڪي ڪڻڪ رنگا به آهن. سندن نالن جي آخر ۾ ’اي‘ ۽ ’آ‘ جا اُچار اچن. جيئن ته بندرانائڪي، سينانائڪي، هولو گالي، جاياماني، واراڌانا وغيره. ڪن ڪن سنهالين جا پورچوگالي ذاتين وارا نالا پاڻ آهن. مثلاً ڊي سلوا، پريرا ۽ فرنانڊو.
تامل ماڻهو سنهالين کان وڌيڪ ڪارا آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ جھٽ پٽ سڃاڻپ ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو چينين ۽ تائيوان جي ماڻهن جي وچ ۾ يا ڪورين ۽ جپانين جي وچ ۾. سندن نالن جي آخر ۾ گھڻو ڪري ’م‘ ’مي‘ ’نون‘ يا ’راجا‘ جهڙا اُچار اچن. مثال طور: پارا راجا، سنگھام، ڪومارا سوامي، وائٿياناٿن، وگني راجا وغيره. ڪن پنهنجا نالا آمريڪا کان آيل عيسائي پادرين جي نالن کان ورتا جيئن ته: بارنيس، گربن، نائيلس، ولسن وغيره.
ڪي ڪي ته تامل نالا اهڙا ڏکيا آهن جو سڄو ڏينهن اُچارڻ سان به ياد نٿا بيهن ۽ پني تان ڏسي سڏڻو پوي ٿو. ڪي وري اهڙا آهن جو اچاريندي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ته ڄاڙي ڀڳي. جيئن اسان جي هتي جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ اسسٽنٽ جو نالو آهي: ”ٿيرو گاناسام پانڌاموٿيونائينارــ پلالي.“
Thirugansam Panda - Muthiunainar – Pillali
پلالي سندس ذات آهي، باقي نالو آهي رپلي وارن کي پنهنجي ڪتاب Believe in or not لاءِ نوٽ ڪرڻ کپي. آئون کيس ڪڏهن ’ساري گاما پاڌا ني سا‘ سڏيندو آهيان. ڪن جا نالا هندستاني فلم اسٽار: رتي اگني هوتري، شتروگهن سنها، قلبوشن کربندا، امول پاليڪر ۽ اتپل دت سان ڪافي ملن ٿا. مورس جا نالا مسلمانن وارا آهن. جيتوڻيڪ ڇوڪرين جا نالا، هندو ڪلچر جي گھڻي اثر هئڻ ڪري، نرگس، ڀاونا، سيتا، مينا، بينا، راکي، ڪجن، ريتا وغيره پڻ عام آهن. برگرن جا نالا: وان لئگنبرگ، واندر سمگت، جانسز، سانسوني، ڪوليٽ، گارون وغيره آهن.
ذات پات جو چڪر سنهالين ۾ آهي ته تامل (ڏکڻ هندستانين) ۾ پڻ. ننڍ وڏائيءَ جي حساب سان هندن جا چار مُکيه درجا آهن: برهمڻ، وئش، کتري ۽ شودر (اڇوت). اهڙي نموني سان سنهالين ۾ ذاتين جي حساب سان درجا آهن پر ايڏا سخت نه. ۽ اڄُ ڪلهه جي نوجوانن ۾ جيڪي گڏُ پڙهن ٿا، کيڏن ٿا، گھمن ڦرن ٿا، ننڍ وڏائيءَ جو چڪر گھٽبو وڃي. سنهالين مطابق چار مٿاهيون ذاتيون آهن:
گوبيگاما (زميندار)، ڪاراوا (مهاڻا، ساٽِي)، سالا گاما (دال چينيءَ جا ڇوڏا ڇليندڙ) ۽ دراوا (تاڙي، کجيءَ جو عرق ڪڍندڙ). انهن کان پوءِ هيٺاهيون ذاتيون واڍن، رازن، ڪاشيگرن، ڪنڀرن، حجامن، ۽ مڱڻهارن جون آهن. ويندي آخري هيٺاهين ذات، ’رودي‘ آهي.
رودي ذات جا ماڻهو، هندن جي شودرن وانگر اڇوت ۽ گھٽ ذات وارا سمجھيا وڃن ٿا. هي تمام هيسيل ۽ ڊپ ۾ رهن ٿا. پنهنجي روزي گھٽ ۽ نيچ ڪمن ذريعي حاصل ڪن. فقير، بازيگر، ڀنگي، رنڊيون وغيره هن گروپ ۾ اچن.
چيو وڃي ٿو ته ان ذات (رودي) جا ماڻهو وڏي مرتبي وارا هُئا ۽ بادشاهن سان گڏ شڪار تي هلندا هئا يا انهن لاءِ شڪار ڪري ايندا هُئا. پوءِ هڪ دفعي هڪ سست رودي (شڪاريءَ) بادشاهه کي هرڻ جي گوشت بدران مئل ماڻهوءَ جو گوشت کارايو. ان کي سزا ڏيڻ خاطر سڀني رودين کي بادشاهه گھٽ ذات ۽ ڪمينو قرار ڏنو. انهن کان سڀُ سهوليتون پڻ کسيون ويون. ان کان پوءِ، وقت جو حاڪم جڏهن به ڪنهن نواب وزير يا اعلى عهدي واري کي سزا ڏيندو هو ته ان جي زال ۽ ڌيئرون رودي ماڻهن سان پرڻائيندو هو. (يعني ڏٺو وڃي ته اڄُ جا رودي اعلى ماڻهن ۽ حاڪمن جو اولاد آهن ۽ اها ڳالهه اڄُ جا رودي به محسوس ڪري فخر ڪن ٿا.) هنن رودين لاءِ اهو به شرط وڌو ويو ته رودي مرد توڙي عورتون چيلهه کان مٿي بدن جو حصو اگھاڙو ڪري هلندا. اڄُ به ڪولمبو جي ڪيترن دڪانن تي خوبصورت رودي ڇوڪرين جا اگھاڙين ڇاتين سان فوٽو ڪارڊ (View Cards) وڪامن ٿا.
پر اهي سلوني باليون هاڻ ڪنهن به سياح کي اڌُ اگھاڙي ڊريس ۾ نظر نه اينديون، جو ويجھڙائيءَ ۾ سلون حڪومت ڇاتيون اگھاڙيون ڪري هلڻ تي بندش وجھي ڇڏي آهي.
مختلف قسمن جون هيٺ مٿاهيون، ذاتيون، مذهب ۽ زبانون سياستدانن لاءِ ئي فائديمند رهن ٿيون. جڏهن هنن کي وڻي ته پنهنجي غرض لاءِ ٻن ذاتين، ٻن مذهبن ۽ زبانن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجو ڪم ڪڍي وٺن ــ خاص ڪري هن ننڍي کنڊ جا جذباتي، حساس ۽ سياسي شعور کان عاري ماڻهو دنيا ۾ ڪٿي ملندا...؟