24
”اندر ڪسٽم جو وڏو آفيسر ويٺو آهي، تمام گھڻو ٽئڪس لڳندو. توهان مون کي پنج روپيا ڏيو، آئون توهان جي مدد ڪندس، هن کي چوندس ته هنن وٽ کاڌي پيتي جون شيون آهن.“
اسان کان کل نڪري وئي ته ’سڃا هليا آهن ڀينگن وٽ ته عيد ڪڏهن ٿيندي‘ صاف صاف کيس چيوسين ته پنهنجي وڏي آفيسر کي چوندي ڇا. ’آهي ئي کاڌي جو سامان‘ ۽ اسان پنج روپيا ڏيڻ کان پڙُ ڪڍي بيهي رهياسين. دل ۾ فيصلو ڪيوسين ته جيڪڏهن ڪسٽم واري جهاز تي سامان کڻي وڃڻ نه ڏنو ته بندرگاه جي ٻاهران ئي کائي هٿين خالي هلنداسين. باقي Tax نه ڏينداسين. اڄُ رات پنج روپيا وٺڻ لاءِ هن ڪسٽم واري کي اجايو ڏاند ڏهڻا پوندا. اسان جو پارو چڙهيل ڏسي سڀ چُپ ٿي ويا. اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏنائون. اسان مان ڪنهن چيو ته اهڙو ڪمال ٿيو آهي ڄڻ سُئيءَ جي پاکي مان اُٺُ لنگھي ويا. پٺيان فورٿ انجنيئر (جنهن جو سئنيما ۾ اونداهه ۾ ڏاڪڻ تان پير ترڪڻ ڪري مُڙي ويو هو) منڊڪائيندو آيو ’ڌوڙ آ پئي‘ فورٿ انجئينر اسان تائين پهچي چيو، ”مون کان سريلنڪا ــ پاڪستان دوستيءَ جي نالي ۾ ٻه سگريٽ وٺي ئي ڇڏيائون.“
هن دفعي پهرين ڏينهن اسان جهاز جا چار پنج آفيسر جنهن وقت وڃي رهياهئاسين ان وقت شام جا پنج ٿيا هئا. سڀني وٽ غير ملڪي ناڻو هو. سڀني خفي کان بچڻ لاءِ پئسا لڪائي ڇڏيا هئا. مون چيومان ته گيٽ تي آئون هي کليا ٻه ڊالر ڏيکارينديس. متان هنن کي شڪُ پوي ته بنا پئسن جي ٻاهر پيا وڃن ۽ پوءِ تلاشي وٺي لڪيل پئسا ضبط ڪن. در وٽ پهچي ڪسٽم وارن کي ٻُڌايم ته ٻه ڊالر اٿم.
”هن گيٽ تي فارم ته ڪونه آهن. هتان نمبر ون گيٽ تي وڃو (جو ميل کن پنڌ تي آهي) ۽ فارم ڀري پوءِ بئنڪ تي مٽائڻ لاءِ وڃو. پر بئنڪون هينئر بند ٿي چُڪيون آهن. صبح جو بئنڪ تي وڃي اتي به فارم ڀرجو ۽ پوءِ پئسا سرڪاري اگھه تي مٽائجو.“ ڪسٽم آفيسر ڊگھو ليڪچر ڏئي سمجھايو. مطلب ته مون غريب جو سرُ ويو. مون چيومانس ته ٺيڪ آهي اسان چانهه پيئڻ ٿي وياسين. سو هينئر بنا پيئڻ جي فقط واڪ ڪري موٽي ٿا اچون. هي پئسا کڻي اينداسين.
هن انڊپين جو نڀُ ٽيبل جي ڪنڊ تي سڌو ڪري، پسرندڙ پني تي منهنجو نالو لکيو ۽ پوءِ در کان نڪرڻ وقت آهستي ڪن ۾ چيو ته در وٽ رابرٽ جو دڪان آهي، ان کان مٽائجو (جو شايد هن جو ڪو مائٽ يا دوست ٿي لڳو جنهن سان هن جي ڪميشن پڪ ٻڌل هوندي.) ڊالر جا هن اٺ روپيا ٿي ڏنا. ڪيترا ته نوان آيل جهازي ان کان مٽائيندا هوندا پر اسان نه مٽايس. اڳتي هڪ گھٽيءَ ۾ هر دڪاندار يارهين روپئي ڊالر وٺي رهيو هو. انهن ٻن ڊالرن کان سواءِ ٻيا سڀ پيسا مٽاياسين. فلمون ڏسي واپس دير سان آياسين. در تي ساڳي ڪسٽم آفيسر کي ٻه ڊالر ڏيکارياسين جنهن ڏسڻ به نه ٿي چاهيا پر اسان به پنهنجي نالي ماتر شرافت جو ٺپو هن جي نالي ماتر ايماندار روح تي هڻڻ چاهيو ٿي. يا ٻين لفظن ۾ اڳتي لاءِ پڪو ٿي ڪيوسينس. چوڻ لڳو:
”سڀاڻي آءٌ توهان جي جهاز تي ايندس. مون توهان جي جهاز جي چيف آفيسر مظهر جي مدد ڪئي آهي. هن وٽ ڏيڍ سؤ ڊالر هئا.“
جهاز تي سڌو مظهر وٽ آيس. ڪئبن ۾ گھڙڻ سان مون کان اڳُ هو چوڻ لڳو: ”ٻه ڊالر کڻي سڄي پلٽن کي وٺي ڪيڏانهن ويو هُئين. مون لاءِ به ڪونه ترسين.“
”ٻه ڊالر! توکي ڪسٽم آفيسر ته ڪونه ٻُڌايو؟“ مون وائڙو ٿي چيومانس. کلي چيائين ته ڪولمبو جا ڪسٽم وارا به مڱڻهار آهن.
”آئون به سڌو تو وٽ ان لاءِ آيس ته يار هي ڪسٽم آفيسر ته صفا ڪو دهل آهي. تو لاءِ سڀني کي ٻُڌائيندو وتي ته ڏيڍ سؤ ڊالر کڻي نڪتو هُئين.“
”ڪسٽم آفيسر نه ٿيو، چڱي خاصي خبر رسان ايجنسي ٿي.“ مظهر مٿو کنندي چيو: ”ڏيرياڻيءَ کان لڪائڻ ۽ ڏيهه کي ڏسڻ؛ ان کي چئبو آهي.“
”ٻيو نه ته وري ــ مون کي ته اهو فڪر کائي ويو آهي ته ريڊيو آفيسر ڇا سوچيندو ته هن پاڻ کان اڌار گھُري ته پاڻ ٻنهي چيس ته تمام ٿورا پئسا آهن ۽ ڏيئي نه ٿا سگهون. پر اهو ته ڇڏ مون کي پاڻ تعجب آهي ته ڏيڍ سؤ ڊالر (ڏيڍ هزار روپيا) کڻي ڪهڙي مومل جي ڪاڪ تي ڪاهه ڪرڻ ويو هُئين؟“
”اڙي بابا نه. نه. توهان غلط فهميءَ ۾ آهيو. آمريڪن ڊالر ٿورائي هُئا. ڏيڍ سؤ هانگ ڊالر يعني ٽي سؤ روپيا کن هُئا ۽ تن جا به ان ڪسٽم آفيسر جي دوست رابرٽ گھٽ پيسا حساب ۾ ڏنا. راشد سان گڏُ فلم تي ويس. ڪجھه کاڄا ورتم، هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل ۾ ماني کاڌيسين ۽ واپس آيا آهيون. پنجاهه سٺ روپيا ته ٽئڪسيءَ جي ڀاڙن پُٺيان خرچ اچي ويو آهي. ڳالهه ختم.“
”بهرحال نمبر ون اها ڳالهه ته هو سڀني کي تولاءِ پيو چوي ته ڏيڍ سؤ ڊالر کڻي ويو هُئين ۽ موٽيو هٿين خالي آهين يعني ٻين لفطن ۾ خريداريءَ بدران رنڊيءَ وٽ ويو. نمبر ٽو اها ڳالهه ته سڀاڻي تنهنجو اهو دادلو ڪسٽم آفيسر تو وٽ اچي پيو يعني مون وٽ پڻُ. ڏاڍي محبت پئي ڏيکاريائين . اچي ڇو پيو؟ اها کيس خبر. مون کان نه پُڇجانءِ.“