23
”مار، هاڻ يڪا ٽيهه ڏينهن سمنڊ تي! خبر ناهي ڪيئن گُذرندا.“
”ٽيهه ڏينهن ته ڪُجهه به نه ٿيا“ چيف آفيسر مظهر وراڻيو، ”يعني فقط چار آچر.“
پوءِ جڏهن جهاز سمنڊ تي هوندو آهي ته واقعي اسان جو يار مظهر ڏينهن نه ڳڻيندو آهي. هينئر جپان کان سلون ايندي به هڪ ڏينهن لنچ تي پڇيومانس ته ڪهڙو ڏينهن آهي؟
”سمنڊ تي ڏينهن جا نالا پُڇي ڇا ڪبا؟ سڀُ ڏينهن هڪجهڙا ته ٿين ٿا. مان ته رُڳو چڪن برياني ڏسي سمجھندو آهيان ته اڄُ خميس يا آچر هوندو!“
واقعي سمنڊ تي چاهي آچر هُجي يا سومر، عيد جو ڏينهن هُجي يا عاشوري جو، موڪل ته ٿيڻي ڪانهي. ڏينهن رات مقرر ڊيوٽيون ڪرڻيون پون ٿيون. هڪ ڏينهن ٻئي کان مختلف نه ٿئي. فقط آچر ۽ خميس جو ڏينهن ٻين کان ٿورو مختلف ٿئي. پاڪستاني ڪمپنين جو سڀني جهازن تي سالن کان اهو دستور هلندو اچي ته ٻين ڏينهن جو (Menu) کاڌو بدلبو رهندو، پر خميس ۽ آچر تي ساڳيو هوندو. صبح نيرن تي ڊبل روٽيءَ بدران اڦراٽو يا پوري ٿئي ۽ ٻي ڀاڄي. منجھند جو چڪن برياني، پاپڙ، ٻوڙ، آچار ۽ پنير وغيره ٿئي. رات جي ماني: چڪن سوپ، ۽ عام مانيءَ بدران ٿلها مکڻ لڳل اڦراٽا ۽ قيمون. اهو کاڌو مٿين ٻن ڏينهن تي ساڳي ساڳي سواد ۽ نموني جو هر جهاز تي نظر ايندو. ڀلي جهاز سمنڊ تي هجي يا بندرگاهه ۾، ڊگھي سفر تي هجي يا ننڍي تي، روس يا ڪئناڊا جي سرديءَ ۾ هُجي يا پورٽ سوڊان ۽ بحر احمر جي گرميءَ منجھه، بارش هُجي يا طوفان منجھ، مجال آهي جو ڪو ڦير ڦار ٿئي.
نه فقط پاڪستاني جهازن تي پر هندستاني ۽ هاڻ بنگلاديش جي جهاز جو به خميس ۽ آچر وارو مينو ساڳيو ٿئي. لڳي ٿو ته اهو رواج آزادِيءَ کان به اڳ کان هلندو اچي. ايتريقدر جو چرچو مشهور آهي ته موڪل تي هڪ جهازي ٻئي جي گھر ويو. منجھند جي مانيءَ تي چڪن برياني ڏسي پُڇڻ لڳو: ”اڄُ آچر آهي ڇا؟“
سلون ۾ گرم مسالو چڱو سستو آهي. ڪجهه سال اڳ ته ان کان به گھڻو سستو هو پر هينئر به (1970ع ۾) دنيا ۾ سڀ کان سستو هتي آهي. مثال طور ڦوٽا اسي روپيا سير، ڪارا مرچ يارهين روپئي سير، چانهه چار روپيا پائونڊ، گدامڙي ٽي روپيا سير، لونگ چاليهه روپيا سير، جاوتري ٽيهه روپيا سير، ڪمال پٽ ڇهه روپيا سير، ۽ ناريل جو تيل، ڏونگھيون، انناس ۽ پپيا پڻ هتي تمام سستا آهن. انهن مان ڪن شين تي بندرگاهه وٽ ڪسٽم آفيسرن کي ٽئڪس ڏيڻو پوي ٿو. هتي جي ڪسٽم آفيسرن کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ايندي آهي ته ڪڏهن افسوس ٿيندو آهي. آئون سمجھان ٿو ته ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ سلون جهڙو ڪٿي به اهڙو (Corrupt) بدنام ۽ غريب ڪسٽم جو عملو نه هوندو.
بندرگاهه جي هر در وٽ ست اٺ ڄڻا (ڪسٽم آفيسر) خاڪي، ميرن ۽ اڻ استري ٿيل ڪپڙن ۾ بيٺا هوندا يا ڪني ڌپ واري تماڪ جي سگريٽن ۽ پُراڻي فئشن جي سبيل قميص ۽ ڪاري ڪپڙي جي نوڙيءَ جهڙي ٽاءِ ۾ ٽيبل پٺيان انگريزن جي زماني جي ڇنل واڻ جي مرُ لڳل ڪرسين تي ويٺا هوندا. اهڙي ادا ۽ نموني جون ڪرسيون ڳوٺن ۾ حجامن جي دڪانن تي گھڻو ڪري نظر اينديون آهن. ڪيترن جي ڏاڙهي وڌيل، ڏند پيلا (بقول چيف انجنيئر مهتاب جي، سندن ستن پيڙهين ڏند صاف ڪرڻ جهڙي فئشن تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي) ڳجھن وانگر جھُڳٽو ٺاهي ويٺا هوندا. ڪو جهازي بندرگاهه کان ايندو يا ويندو ڏسندا ته ائين خوش ٿيندا ڄڻُ مٿئين پکيءَ کي اُٺُ مئل نظر آيو. پهرين ته پُڇندا ڪهڙي جهاز جا آهيو ۽ ڇا (Rank) اٿانوَ؟ پوءِ ابتي کل لاهڻ جي ڪوشش ڪندا ــ پر گھڻو ڪري ڪامياب نه ٿيندا آهن. ويهه پنجوين روپين کان وٺي شُروع ٿيندا آهن ۽ قصو اڪثر ٽرپل فائيو (555) جي فقط هڪ سگريٽ تي اچي بيهندو آهي.
هن کان اڳ دفعي جڏهن سلون آيا هئاسين ته دروازي وٽان پُڇي ويو هوس ته گرم مسالو وٺي ٿو اچان، ڇا ڊيوٽي ٽئڪس لڳندي. سڀني چيو ته ڪو خاص نه هڻنداسين ۽ تنهنجي مدد ڪنداسين. (دل ۾ سوچيم ته هڪ چور جي چوڪيدار مدد ڪندا اهو به خوب.) وٺي آيس. ٻه اڍائي سؤ روپين کن جو ٿيندو. حساب لڳائي چيائون ته ان جا پنجويهه روپيا ٽئڪس ڏي. پئسا ڏئي رسيد گھُري مان ته ڏهن جي ڪڍي ڏنائون. منهنجي ضد تي سمجھائڻ لڳا (۽ ٿورو پڻ ڪرڻ لڳا) ته ائين ڪرڻ سان پنجويهه روپيا نه ته رسيد وٺڻ سان پنجاهه روپين کان به مٿي سرڪاري ڪسٽم لڳندو، پر جيئن ته مون سان مدد جو وعدو ڪيو هئائون (ٻين لفظن ۾ پنهنجي ملڪ جي معيشت جا ترا ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو هئائون) سو مونکان اڌ ٽئڪس پنجويهه روپيا وٺي رسيد ڏهن جي ٿا ڏين.
”جيئن اسان جو به ڀلو ٿئي ــ“ هڪ ڪسٽم آفيسر کلي چيو هو. پوءِ خبر پئي ته اهو مدد جو وعدو فقط مون تائين محدود نه هو پر اها سندن هٿ ٺوڪي مدد سلون جي ڪناري وانگر وسيع آهي.