37
هيٺ دريءَ مان سلوني ڏٻرا مزدور پيرين اگهاڙا نٽهڻ اس ۾ چانهه جا بنڊل ٽرڪن مان لاهي، ڄار ۾ ڀري، ڊيرڪن ذريعي جهاز تي چاڙهي رهيا آهن. اڄ هو تکو تکو ڪم ڪري رهيا آهن جو کين وقت اندر سامان پورو ڪرڻ تي ڪجهه وڌيڪ روپيا ملڻ جو آسرو ٿيو آهي. مزورن مان ڪي گوڏ ۾ آهن جيڪا گوڏن وٽان مٿي مڙيل آهي ۽ ڪي فقط ڪڇي ۾ هيڏانهن هوڏانهن سامان پٺيان ڊوڙي رهيا آهن. ڪي مزور سامهون بيٺل هڪ پوڙهي عورت کان ونگا خريد ڪري رهيا آهن. سائي رنگ جي سادي ۽ ميري سوٽي ڪپڙي جي ساڙهيءَ ۾ هيءَ پنجاهه سٺ سالن جي عورت روز صبح جو هڪ وڏي ڇٻيءَ ۾ ڪجهه انناس، ڪيلا، پپيا ۽ ونگا کڻي ٿاٻڙندي ايندي آهي. سندس لوڏ Unbalanced مان لڳندو آهي ته سندس مٿي تي وزن، هن جي کڻڻ جي طاقت کان تمام گهڻو آهي.
منهنجي ڪمري جي بلڪل سامهون پهچي ڪنهن مزور کي منٿ ڪندي آهي جو سندس کاريءَ ۾ هٿ وجهرائي هيٺ لهرائيندو آهي. پاڻ پهرين هڪ وڏو کانگهارو ڪڍي ساڄي ٻانهن سان چپ اگهندي آهي ۽ سندس ميرو بلائوز (جو جڏهن صاف هو ته اڇي رنگ جو هو) وڌيڪ ميرو ٿيندو آهي. ان بعد پلئه ۾ ٻڌل ڪجهه پانن مان هڪ پان ڪڍي وات ۾ وجهندي آهي. ان بعد ٻيو ۽ پوءِ ٽيون ۽ صبح کان وٺي شام تائين سندس منهن جي مشين ۾ پان ڪتر وانگر ڪاتر ٿيندا رهندا آهن.
پان وات ۾ وجهڻ بعد کاري اڳيان ويهي اهي ونگا ۽ پپيا جيڪي گهڻن ڏينهن ڪري پچي ڪنا ٿي ويا آهن تن جا داغيل ۽ ڦٿل پاسا هيٺ ڪري رکندي اهي جيئن پري کان ڏسڻ وارو سمجهي ته سڀ تازا ۽ سٺا آهن. ان بعد اٿي بيهندي آهي ۽ هڪ هٿ چيلهه تي ٻئي سان پنهنجا اڇا چانديءَ جهڙا وار (جيڪي تکي اس ۾ وڌيڪ چلڪندا آهن) تن کي کنهندي آهي ۽ کنهندي رهندي آهي. ڪڏهن جهاز ڏي ته ڪڏهن مزورن ڏي نهاري مسڪرائيندي آهي.
ويچاري غريب، سخت اس ۾ پيرين اگهاڙي سڄو ڏينهن بنا ماني کائڻ جي بيٺي هوندي آهي ان ئي اميد تي ته من ڪو مزور يا جهاز جو خلاصي سندس ميوو خريد ڪري. ڪڏهن ڪڏهن ڪو مزور ايندو آهي ته خوشيءَ مان جلدي ساڙهيءَ جي پلئه سان پنهنجن گهنجن ڀريل نرڙ تان پگهر اگهي جلدي جلدي ساهمي ۽ تورا ڪڍندي آهي. مزور سندس اڳيان ويهي ونگا اٿلائي پٿلائي ۽ پوءِ ميوي يا اگهه کي ناپسند ڪري، جهڙو ايندو آهي تهڙو هليو ويندو آهي ۽ پوڙهي جي چهري مان غم ۽ نا اميدي صاف ظاهر پئي ٿيندي آهي. سڄو ڏينهن شام تائين ائين گذري ويندو اٿس. ان وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن مينهن جو وسڪارو ٿيندو آهي ته کاري مٿي تي رکرائي ڊوڙ پائي گدام جي ڪانس هيٺان وڃي بيهندي آهي جتي اڌ گابرو پسي ويندي آهي. مينهن ختم ٿيڻ تي وري جهاز اڳيان اچي بيهندي آهي. پسيل ميوي کي ساڙهيءَ جي پلئه سان اگهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ورلي اچي ونگو يا پپئي جو ٽڪر خريد ڪندو اٿس.
آئون شام جو وڃڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن ڏسندو آهيان ته ذري گهٽ سندس کاريءَ ۾ ايترو ئي ميوو هوندو آهي جيترو صبح جو آڻيندي آهي ۽ ٻئي ڏينهن وري ساڳي پاڻ ميري ساڙهيءَ ۾ ۽ ساڳي کاريءَ ۾ ساڳيو پاروٿو ميوو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته سڄو ڏينهن ڇا ڪمائي ٿي. هن عمر ۾ ههڙي نٽهڻ اس ۽ مينهن ۾ سڄو ڏينهن بک ۾ بيهي وڪڻڻ ڪيڏو ڪٺن ڪم آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هن کي ڪا مجبوري ڪرائيندي هوندي. سڀ کان وڏي مجبوري انسان جو پيٽ آهي جيڪو دانا ديوانا ڪريو ڇڏي. بکئي پيٽ تي دين، ڌرم، وطن، ملت جي ڳالهه سمجهه ۾ ڏکي ٿي اچي ۽ ان تي عمل تمام ڏورانهين ڳالهه آهي.
شايد اهو به ڪو وقت هو جڏهن انسان کي پنهنجو پاڻ پنهنجي نفس تي ضابطو هو. سوچڻ ۽ سمجهڻ جا قدر مختلف هئا. انسان جو روحانيت ۾ وڌيڪ عقيدو هو. هن پاڻ کي روحاني طرح خوش ڏسڻ چاهيو ٿي ۽ ماديت (Materialism) کي ڪا وقعت نٿي ڏيڻ چاهي. تڏهن ته شاهه لطيف چيو:
”گندي ۽ گراهه، جن سنياسين سانڍيو،
انهن کان الله اڃان آڳاهون ٿيو“
پر اسان سڀني کي معلوم آهي ته هن دور ۾ اهي ٻئي شيون هر انسان لاءِ ضروري ٿي پيون آهن ۽ بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا جي هلندڙ زماني جي حالتن، زندگيِءَ جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جا قدر ۽ ماپا ئي بدلائي ڇڏيا آهن. هن دور ۾ هر انسان اهو چئي رهيو آهي ته اٽو، لٽو ۽ اجهو پهرين کپي. هن نعري ۽ للڪار نه فقط عام ماڻهوءَ کي متاثر ڪيو آهي پر هن وقت جا دانشور، سُخنور ۽ سياڻا به زندگي جي بدليل حالتن کان متاثر ٿيا آهن.
بقول شيخ اياز جي:
”سدا آهي ساه کي ڳڀي جي ڳولا
ڍو بنا ڍولا ناهي ساڃاهه سونهن ۾“
پيٽ ۾ ڍؤ آهي ته پوءِ ماڻهو آداب، اطوار، فئشن، سونهن هر ڳالهه بابت خيال رکي ٿو. سوچي ٿو.
ڪجهه سال اڳ سنڌ ۾ سخت ٻوڏ اچڻ ڪري ڪيترا مڇي ماني وارا ۽ چڱن گهرن جا ماڻهو بي گهر ٿي ويا. ڪيترا ته ڪراچي جي فٽ پاٿن تي ڪيترا ڏينهن اچي رهيا. هڪ ڏينهن خالد مخدوم سان جناح ڪورٽس هاسٽل وڃي رهيو هوس ته هڪ فارينر انهن ماڻهن جو فوٽو ڪڍي رهيو هو جيڪي ويچارا اخبار جي پني تي ڀت رکي کائي رهيا هئا.
”هي فارينر به ڇا سوچيندا هوندا ته اسان پاڪستان ۾ ڪيئن ٿا رهون ۽ کائون.“ مون چيو هو.
”اهو ته آهي، پر“ خالد چيو، ”سڀ فضيلتون، تهذيب، آداب، اطوار پئسي ۽ پيٽ ڀرجڻ بعد ئي قائم رهي سگهن ٿا.“
پوءِ ساحر لڌيانويءَ جو مشهور شعر ”مادام“ ٻڌايو هئائين، جو هن وقت وري منهنجي ذهن ۾ ڦري رهيو آهي.
”نور سرمايه سي هي روئي تمدن ڪي جلا،
هم جهان هين وهان تهذيب پل نهين سڪتي،
مفلسي حسِ لطافت ڪو مٽا ديتي هي،
بهوڪ آداب ڪي سانچون مين نهين ڍل سڪتي“
ڪرشن چندر جو ڪو ناول پڙهيو هوم جنهن ۾ ڪو همراهه جنسي هوس پوري ڪرڻ خاطر ڪنهن غريب ڇوڪري سان محبت جو ڍونگ ڪري ٿو ۽ هن سان ملڻ وقت هڪ دفعي چوي ٿو؛
”اچ پياري، جتي به لڪل هجين هلي اچ. مان ڪڏهن کان تنهنجي محبت جو بکايل آهيان.“
هوءَ ورندي ٿي ڏئيس: ”تون ته فقط محبت جو بکايل آهين. هتي اسين سڀ ڀَت جا بکايل آهيون. اَن ديوتا اسان کان رُسي ويو آهي.“
تڏهن هن کي معلوم ٿو ٿئي ته ڀَت رپئي جو هڪ پاءُ ٿي وڃي ته سمجهو محبت، مامتا، دوستي، مائٽي، عزت آبرو سڀ ختم ٿيو وڃن.
بک انسان کان ڇا نٿي ڪرائي. ٿي سگهي ٿو هن پوڙهي سلوني عورت کي نه فقط پنهنجو بکايل پيٽ ڀرڻو هجي پر هن جو ڪو بيروزگار پٽ، بيمار مڙس يا ڌيءُ هجي، جنهن جي لاءِ هن کي پئسا کپن. کيس سندس گهر جي مسواڙ لاءِ پئسن جي ضرورت هجي يا ڪو ڀاءُ ڀائٽيو ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاٿل هجي ۽ وڪيل جي في جي پورائي ڪرڻي هجيس.
اڄ هوءَ پنهنجي منهن رکي رکي ڪڏهن پنهنجي کاري ڏي، ڪڏهن جهاز ڏي نهاري مرڪي ٿي. کيس شايد ڪنهن اميد، ڪنهن خوشيءَ جو جهڪو تِرورو نظر اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو اهو سوچي مرڪي رهي هجي ته اڄ هي اسان جو جهاز هليو ويندو. سڀان هتي ڪو ٻيو جهاز اچي جاءِ ولاريندو. ٿي سگهي ٿو ان جهاز جا خلاصي سندس هي پاروٿو ۽ ڦسيل ميوو وٺن جنهن مان هن جي هڪ ڏينهن جي ماني ٿي سگهي. بيمار پٽ جي دوا خاطر هڪ وڌيڪ وزن يا سئي خريد ڪري سگهي. پنهنجي ڪنواري ڌيءُ جي شادي لاءِ ڪجهه ڪپڙو ڳنهي سگهي... ڏک، بيماري، بک، بيروزگاري، بي يقيني، گندگي ــ هي اسان جي مشرق جون خاص نشانيون آهن. خاص علامتون آهن. جن کان مغرب آجو آهي. پر ان هوندي به جيڪا خوشي هن وقت پوڙهيءَ جي چپن تي مرڪ جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي. اهڙي خوشي، اهڙو توڪل، اهڙو سڪون مغرب وارن کي سڀ ڪجهه هوندي به حاصل ناهي. اسان ٿوري دير کان پوءِ لنگر کڻي مشرق جي دنيا ڇڏي مغرب ڏي هليا وينداسين. جڏهن مهيني کن کانپوءِ فليڊيلفيا (U.S.A) جي بندرگاهه ۾ جهاز وڃي لڳندو ته هن کان ڪيڏي مختلف دنيا هوندي. ساڳي ڌرتي وچ ۾ فقط ٿورو کارو پاڻي پر ڌرتيءَ جي ٻنهي حصن ۾ ڪيڏو وڏو فرق ـــ! مشرق ۽ مغرب ۾ ڪيڏو ته فرق آهي.
دوست ــ! ڪيڏو نه فرق!!
گڊ باءِ ڪولمبو. گڊ باءِ سري لنڪا.