26
’اپنا ديش‘ فلم جي ٽيم مون کي ڏاڍي وڻي. هن ۾ سماج جي خرابين کي ڏيکاريل آهي، جي نه فقط هندستان ۾ عام آهن پر ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ پاڪستان، سلون، برما، ٿائلنڊ، انڊونيشيا، ملائيشيا، ۽ ٻين پٺتي پيل ملڪن ۾ موجود آهن. بلڪ پٺتي ئي اهي ملڪ انهن بُراين ڪري ٿيا آهن.
اوم پرڪاش ائڪٽر کي هڪ اهڙو سماج دشمن ماڻهو ڏيکاريو ويو آهي جو اندر ۾ هڪ آهي ته ٻاهر ۾ ٻيو. ٻاهران ته ڏيکاءَ لاءِ وڏا خير خيرات ڪندو وتي، اسڪول ۽ اسپتالن جا سنگ بنياد رکرائيندو وتي، ڳوٺ ۽ شهر جو نمائندو ۽ چيئرمين بنيو ويٺو آهي. پر اندر ئي اندر شهر جي لوفرن سان ملي شريف ماڻهن (جيڪي سندس ڪُڌن ڪمن ۾ رُڪاوٽ آهن) جا خون ڪرائيندو وتي، سمگلنگ ۽ چوريون پيو ڪرائي. سرڪاري آفيسرن کي رشوتون ۽ ڊپ ڏيو ناجائز ڪم پيو ڪرائي. غريبن سان ظلم ڪندو وتي. پوءِ ڪهاڻي موڙُ کائي ٿي ته اڄُ جي زماني ۽ هن گندي سماج ۾ ضرورت آهي هڪ اهڙي نوجوان جي، جو ان مڪار عمارت جي ڀتين کي ڌوڏي ڇڏي.
راجيش کنا هڪ اهڙو غريب نوجوان آهي، پر همت، سچائيءَ ۽ محنت جي جذبن سان ٽمٽار، هو برائيءَ سان مقابلو ڪري ٿو ۽ ملڪ جي غدارن جي چهري تان ڪوڙو پوش لاهي عوام جون اکيون کولي ٿو ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن کي خوش آئندو ڏئي رهنمائي ڪري ٿو.
ڪاش اهڙي نموني جي فلم پاڻ وٽ تيار ٿئي. يا ٿي سگهي ٿو ته تيار ٿي چُڪي هُجي.
فلم ’شرميلي‘، ’راجا راني‘ ۽ ’رامپور ڪا لڪشمن‘ هڪ قسم جون رومانوي فلمون آهن، جنهن جهڙيون فارمولا ٽائيپ ڪهاڻيون (جي حقيقت ۾ اڻلڀ ۽ ناممڪن) پر فلمي پڙدي تي پاڻ وٽ جام ڏيکاريون وڃن ٿيون. هيرو هيروئن جو ڪنهن بهاني ملڻ؛ بس اسٽاپ تي، پڪنڪ تي، سائيڪل ٽڪرائڻ تي، يا وري هيروئن کي ڪنهن غنڊي کان بچائيندي ــ هڪ عام جملو؛ ”او توکي شرم نه ٿو اچي ڪمينا، بي غيرت، ڪنهن جي ماءُ ڀيڻ تي اکيون کڻندي (پوءِ غريب هيروئين سڄي فلم ۾ هيرو صاحب مان ڦاٿي)، يا خريداري ڪندي، کوهه تان پاڻي ڀريندي، پوءِ وري ڪجھ دير لاءِ وڇڙڻ ۽ پوءِ آخر ۾ فلم جو انت خوش ڏيکارڻ لاءِ هيروئن ۽ هيرو جي شادي ٿيندي. ڄڻُ ته شادي هر خوشي حاصل ڪرڻ جو ڪئپسول آهي. ان بعد ڏک، ڪا بيماري، ڪو غم ڪو فڪر، در ٽپي نٿو سگھي ۽ شاديءَ بعد هيرو کي نه نوڪري ڪرڻي آهي نه پورهيو. هيروئن کي نه ٻُهاري ڏيڻي آهي ۽ نه گھر جا ٿانوَ ملڻا آهن. بس ٻنهي کي گڏجي ’دوگانا‘ ڳائڻا آهن.“
فلم ۾ ان کان علاوه ڇهه ست ڏک ۽ خوشيءَ جا گانا زبردستي ٺوڪيل، ٻه چار ٺونشي بازي ۽ ’مار ڌاڙ‘ جا سين ۽ هڪ ٻه اگھاڙا سين، جن جي ضرورت هُجي يا نه، پر اَهاني بهاني ڏيکاريل. مثال طور هيروئن صاحبا کي سڄي فلم ۾ هڪ ٻه دفعا ترڻ جو شوق ضرور ٿيندو (۽ نصير واهه، بگھياڙ، ڀونڦاڙ يا ڦليليءَ جهڙي ميري پاڻيءَ ۾ ترڻ بدران ڪنهن سئمنگ پول جي صاف پاڻيءَ ۾ ترندي جيئن پاڻ حيرت انگيز ۽ سوڙهي انگيءَ ۽ ڪڇي ۾ پاڻيءَ ۾ پسڻ سان اشتعال انگيز لڳي سگھي.) يا ٽيليفون جي گھنٽي ان وقت وڄندي جڏهن هيروئن (خاص ڪري شرميلا ٽئگور جي Case ۾، وهنجي رهي هوندي ۽ کيس ننڍو ٽوال ٻڌي ٽب مان نڪري هڪ هٿ سان فون جهلي ڳالهائڻو پوندو ۽ ٻئي سان هر هر ڇُڙندڙ ٽُوال کي جھلڻو پوندو.) يا هيرو ۽ هيروئن ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ اچي ويندا جتي ڪئبري ڊانس ضرور هوندي. نه صرف هوندي پر ان جو ولوله انگيز آخري سين هلي رهيو هوندو، باربرا ڪارٽلنڊ جي ناولن وانگر سڀني فلمن جي ڪهاڻي ذري گھٽ ملندڙ جُلندڙ.