27
چيف آفيسر مظهر کي ٻُڌايم ته پڙهڻ لاءِ ڪتاب وٺڻا هُجئي ته هتان وٺُ، آمريڪا ۾ هلي جيڪي ڊالر جو ڪتاب وٺندين سو هتي ڇهين روپئي (اڌ ڊالر) ۾ پوندءِ. اهوسوچي اسان سڀ ٻي شاپنگ (مسالو، کوپري جو تيل ۽ چانهه وغيره) وساري ڪتابن جي خريداري ڪئي اٿئون. دڪانن ۽ جهاز وارن اهو ئي سمجھيو ته يا ته چريا ٿيا آهيون يا ته ڪا لئبريري ٽنڊي باگي يا ٿاڻي بولا خان ۾ کولڻي اٿئون. خاص ڪري جپان کان هتي پيا اچون ۽ جپان ۾ ته انگريزي ڪتاب اهڙا مهانگا هُئا جو دنيا ۾ ڪٿي به نه هُجن. ٻاهر جا ته ڇا پر جپان ۾ ڇپيل جپاني ليکڪن جا ڪتاب به مهانگا. ساڳيا ڪتاب هتي سريلنڪا ۾ تمام سستا پيا ملن.
سو ڪولمبو ڪتابن جي خريدارن لاءِ جنت آهي. ڪيترا آمريڪن ڪتاب جيڪي جپان ۾ به ڪونه ٿي مليا پر هتان سيٽن جا سيٽ ملي ويا آهن. پنهنجي دلپسند ليکڪن، هيمنگوي، سمرسيٽ ماهم، جين پال سارتر، مشيما يوڪيو، هال ڪين، ڊاڪٽر گورڊن، جان ماسٽرس، ولادمير نابوڪوو، اليگزينڊر سولزٽسن، فالسٽر ۽ گرهام گريني کان علاوه به ڪيترن سلوني، ملئي ۽ آفريڪن ليکڪن جا انگريزي ترجما ملي ويا آهن. ساڳي طرح مظهر جي پسنديده ليکڪن اگاٿا ڪرسٽي، بابرا ڪارٽلنڊ کان وٺي ڪاميو ۽ اسٽائن بيڪ تائين جا ڪتاب هتي ملي ويس. هاڻ ٻئي ڄڻا خريد ڪيل ڪتاب ڏسي پيا ٺرون. هاڻ آمريڪا تائين ڊگھي سفر جو ته فڪر نه اٿئون پر جي ڇهه مهينا کن وچ سمنڊ تي جهاز بيهاريو وڃي ته به اسان طرفان اجازت. پڙهڻ جي اهڙي عادت ٿئي ٿي (ڪني يا سُٺي) جو ننڊ به تيسين نه ٿي اچي جيسين ڪلاڪ ٻه ڪو ڪتاب نه پڙهجي. ڪيترا مون ڏٺا آهن، خاص ڪري جهازن تي، جن کي پڙهڻ لاءِ جيڪو به رسالو يا ڪتاب مليو ته پڙهندا رهندا. نه مليو ته ڪوبه فرق نه پوندو. پر منهنجي پسند ڏاڍي چُونڊ واري (Selective) ۽ محدود آهي. کاڌو صحيح ملي يا نه ملي پر ڪتاب ملڻ کپي نه ته بدهضمي ٿيندي ۽ جيڪو ڪتاب پڙهڻ جو مزو سمنڊ تي اچي ٿو سو ڪٿي نه آهي. ساڳئي وقت بنا ڪتابن جي جيڪو ذهني عذاب سمنڊ تي ڀوڳيو آهي سو ڪٿي به نه. اهي ڏينهن ڪڙن بادامن کان به وڌيڪ ڪڙا ۽ بگھڙ جي ڏندن کان به وڌيڪ تکا ٿا لڳن. هونءَ به ڪارگو ۽ ٽئنڪر جهازن تي ماڻهو گھٽ ۽ وقت وڌيڪ ٿئي. وقت گُذارڻ لاءِ ڪا ته وندر هُجڻ ضروري آهي.
هتي سلون ۾ ڪيترائي پاڪستاني پڻُ رهن ٿا، جيتوڻيڪ هندستان جا تمام گھڻا آهن جو سلون هندستان کي ويجھو آهي. ان کان سواءِ هندستان جي حڪومت سندن ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي پئسو ڪمائڻ لاءِ همت افزائيءَ ۽ مدد ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ڏورانهن ملڪن ۾ ته هندستاني گھڻا آهن پر عرب ملڪن ۾ توڙي ڏورانهن ننڍن ٻيٽن تي به ملندا. خاص ڪري واپاري ۽ مزدور طبقو.
اهي نه فقط پنهنجي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائين ٿا پر ساڳئي وقت پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي پرچار پڻُ ڪن ٿا. ڪيترا اهڙا ملڪ آهن جيڪي حڪومت جي ليول تي ته پاڪستان جا دوست آهن پر انهن جو عوام هندستان جي دوستيءَ جي هام ڀري ٿو. ڇو جو اتي ڪيترا هندستاني رهن ٿا ۽ اتي جي عوام سان ملي هو هندستان جي شهرن ۽ ماڻهن جي تعريف ڪري رهيا آهن. جپان ۾ مون سان ڪم ڪندر جپاني انجنيئر جا ٻار هر وقت هندستان جي تعريف ڪندا رهيا. کانئن مون پُڇيو ته هو شايد اتي ڪافي وقت رهي آيا آهن. پاڻ ٻُڌايون ته سندن پاڙي ۾ هڪ هندستاني فئملي رهي ٿي ان کان کين هندستان بابت ڄاڻ پئي آهي.
ڪينيا ۽ ماريشش ۾ هندستانين کي ڏسي اتي جا ماڻهو به اهي ڪپڙا پائڻ لڳا آهن. ملائيشيا ۾ هڪ مسلمان فئمليءَ جون ڇوڪريون هندي گانا ڳائي رهيون هيون. کانئن مون راڳ جي معنى پُڇي ته هنن چيو ته معنى جي کين خبر ناهي، سندن هندستاني ساهيڙين سان ڳائيندي ڳائيندي هنن کي ياد ٿي ويا آهن. چوڻ لڳيون پاڪستاني گانا سُٺا نه آهن. مون پُڇيومان ته توهان ٻُڌا آهن؟ چوڻ لڳيون ته نه. جپان ۾ هڪ فئملي چوڻ لڳي ته هندستاني هر ڳالهه ۾ سڌا آهن ڏوهه فقط پاڪستانين جو آهي. پڇيومان ته ڪيئن ٿا چئو. معلوم ٿيو ته اهو سندن فيصلو ناهي پر اها راءِ هنن پاڙي ۾ رهندڙ هندستانين جون ڳالهيون ٻُڌي قائم ڪئي آهي. ساڳي طرح جپان ۾ هڪ اسڪول جا ٻار ايندڙ موڪلن ۾ انڊيا ۾ فتح پور سڪري ۽ دهليءَ جُون پُراڻيون عمارتون ڏسڻ لاءِ سنبري رهيا هُئا. کين مون ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ موهن جو دڙو، هڙپا، ٽئڪسيلا جا کنڊر ۽ ٺٽي ۽ سيوهڻ جون پُراڻيون عمارتون ڏسڻ وٽان آهن ته وائڙا ٿي ويا ۽ ٻُڌايون ته کين سندن اسڪول جي مس جا انڊين آهي تنهن ته ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ ڪُجهه به نه آهي.
سو انهن ڪُجهه مثالن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن معمولي ڳالهيون ڪيترو وڏو اثر رکن ٿيون.
آمريڪا ۾ نائجيريا جي هڪ وزير سان ملاقات ٿي. سندن ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي تمام گھڻي کوٽ هُئي ۽ تمام ڳري پگھار تي ٻاهرين ملڪن جا ڊاڪٽر پنهنجي ملڪ ۾ گھُرائي رهيا هُئا. مون چيومانس ته پاڪستان مان ڇو نٿا گھُرايو. پاڪستان ۾ ڪيترائي ميڊيڪل ڪاليج آهن جن مان هر سال ڪيترائي ڊاڪٽر تيار ٿي نڪرن ٿا. گھٽ ۾ گھٽ توهان جي ملڪ جي گھُرج ته پوري ٿي سگھي ٿي.
چوڻ لڳو ته پاڪستان سان ته هنن جا تمام سُٺا لاڳاپا آهن ۽ کيس تمام ويجھو ٿا سمجھن ۽ سڀ کان اڳ پهرين پاڪستاني ڊاڪٽرن کي ترجيح ڏنائون پر وقت تي ڪيترا ڊاڪٽر پهچي نه سگھيا، ۽ انهن جي جاين تي کين ٻين ملڪن جا رکڻا پيا. ڪيترن ته سرڪاري رنڊڪن پاسپورٽ ۽ N.O.C جي چڪرن ڪري هنن اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کين چڱي دقت ٿي. ساڳي وقت انڊيا جا ڊاڪٽر بنا ڪنهن دير جي اچي ٿي نڪتا. ساڳيو حال انجنيئرن، پروفيسرن ۽ پورهيتن جو آهي. دبئي ۽ دوحا (قطر) پاڪستان کي تمام ويجھا آهن جتي مزوري تمام ڳري آهي. امير ملڪن مان آهن. جتي ڪٿي ٺهندڙ عمارتن، آفيسن، رستن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۾ هندستانين جو تعداد گھڻو نظر ايندو پر پاڪستان مان فقط ڪُجهه پٺاڻ ۽ مڪراني نظر آيا تن ۾ ڪيترائي سرڪاري طرح نه پر پنهنجي مُڙسيءَ تي جان جوکي ۾ وجھي ڀڄي آيل هُئا. هاڻوڪي حڪومت مڙيئي ان طرف ڌيان ڌريو آهي ۽ ماڻهن کي ٻاهر ڪمائڻ لاءِ موقعا ميسر ڪيا آهن. پاسپورٽ تي به مون ٻُڌو آهي ته هاڻ اها سختي نه رهي آهي.
ڪجهه پنهنجو (يعني ماڻهن جو) به ڏوھ آهي. لبيا جي ڪرنل قذافيءَ کي دنيا جي مسلمانن سان ڏاڍي همدردي آهي. هن پنهنجي ملڪ جي اسپتالن لاءِ ڪيترن ئي مسلمانن ملڪن جي ڊاڪٽرن، ڪمپائونڊرن، ٽيڪنيشنن ۽ نرسن کي ڳري پگھار ۽ سٺين سهوليتن تي گھُرايو، پر ڪيترن ماڻهن اتي پهچي اهڙيون ناپسنديده حرڪتون ڪيون جو ماڳهين ملڪ جو نالو خراب ٿي پيو. نتيجي طور هيئنر لبيا سان اسان جا اهي لاڳاپا نه رهيا آهن جيڪي پهرين هُئا.
هونئن هتي سلون۾ پاڪستانين کي چڱي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪيترائي پاڪستاني سلون ۾ سٺين نيم سرڪاري نوڪرين ۾ آهن ۽ واپار ۾ به نالو روشن ڪيو اٿن. ٽي چار سال اڳ سلون پنهنجي جهازن جي ڪمپني ”سلون شپنگ ڪارپوريشن“ کولي ته ان جو ڪم به پاڪستانين کي سونپيائون. سندن جهازن تي نيويگيشن ۽ انجنيئرنگ ۾ وڏن عهدن جا آفيسر سڀُ پاڪستاني آهن (جيسين سندن سلوني تعليم حاصل ڪري انهن عهدن لائق ٿين) سڄي ڪارپوريشن جو ڪمرشل مئنيجر ڪئپٽن بيگ پڻ پاڪستاني آهي.
تازو گُذريل سال هتي سلون ۾ پهرين ’ڪولمبو انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل‘ ٺهي تيار ٿي آهي. ان هوٽل جو مئنيجر به پاڪستاني آهي.
سلون ۾ ٻيا به ڪيترائي دڪاندار پاڪستان جا آهن. خاص ڪري ميمڻ ۽ کوجا. ان کان علاوه ڪيترن نوجوانن کي ٻاهر نڪرڻ جو اڄُڪلهه شوق ٿيو آهي. هڪ رات فلم شو مان نڪتاسين ته ٻه نوجوان ڇوڪرا شلوار ڪُڙتي ۾ نظر آيا. هتي جي لوڪل ڊريس ته گوڏ آهي يا مغربي پتلون يا چڍي. سو شلوارن ۾ ڏسي سمجھي وياسين ته پاڪستاني هوندا. پاڻ ٻُڌايائون ته هو ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪاليج جا شاگرد آهن. موڪلن ۾ اوسي پاسي جا ملڪ گھمڻ نڪتا آهن. هتان پوءِ ملائيشيا ويندا.
هڪ ڏينهن بازار ۾ پڻ ٽي ڄڻا شلوارن ۾ ڏسي سمجھي ويس ته پاڪستاني هوندا. ٻه ڄڻا پٺاڻ هئا ۽ ٽيو ڏاڙهيءَ وارو لاهور جو. سلام دعا ٿي. پڇيومان تازو پاڪستان کان پيا اچو ـــ ؟
”ها.“ هنن ٻُڌايو. ”اسان ٽئي هتي واپار جي سلسلي ۾ آيا آهيون.“
”ڪهڙي شيءِ جو واپار؟“
”هي ٻُهارن جي سلسلي ۾،“ لاهور واري همراهه ٻُڌايو ”هي گرم مسالي جي سلسلي ۾ ۽ آئون سوپارين ۽ پان جو واپار ڪرڻ ٿو چاهيان.“
اهڙي نموني سان ڪولمبو ۾ ٻين به ڪيترن وطن جي ماڻهن سان گس پنڌ تي ملاقات ٿيندي رهي ٿي. ڌارئين ديس ۾ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي.
اهو لکڻ وسري ويو ته هڪ ڏينهن سئنيما هال ۾ هڪ ڇوڪرين جو ڌڻُ ڪوڪا ڪولا پيئندي نظر آيو ۽ اسان سمجھي وياسين ته هي پڪ هتي سلون جون نه آهن ۽ آيون به هتي تازيون آهن. اڄ ڪلهه ڊسمبر جو مهينو آهي پر اسان جي حساب سان ڪجھه به سردي ناهي ۽ ههڙي گرميءَ ۾ پاڻ وٽ آئيس ڪريم، ڳنڍا، ڪلفي وغيره عام طرح هوندا آهن پر هتي هي ڏينهن سياري جا سمجھيا وڃن ٿا. جيئن پاڻ وٽ سرديءَ ۾ اهڙي ٿڌي شيءِ نه کائبي آهي (بلڪ سخت بيوقوفي سمجھي ويندي آهي) تيئن هتي پڻ هتي جا ماڻهو اهڙي ڪا شيءِ کائڻ کان پرهيز ڪن ٿا.
واقعي سوچ جي اها ڳالهه آهي ته ڪولمبو ۾ کڻي سيءُ ڪونه پيو پوي، پر هن موسم (ڊسمبر، جنوري) ۾ ڪي ٽو ۽ ڪنچنچنگا جبلن جي چوٽين تي ته برف پئي وسي. ڪوئيٽا ۽ ڪشمير ۾ ته ٿڌيون هوائون پيو لڳن ۽ اتي جا رهاڪو پرهيز ڪن يا نه پر اسان کي ڪولمبو جي (Centrally Heated) نيوميجسٽڪ سئنيما هال ۾ (Blind Terror) فلم ڏسندي ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ جهڙي غلطي هرگز نه ڪرڻ کپي.
فلم ختم ٿيڻ وقت اهو معلوم ڪري ته اهي هڙيئي محترمائون پاڪستاني آهن، پنهنجو موروثي حق ڳالهائڻ جو ۽ ملڪ جي خبرچار وٺڻ جو سمجھيوسين. جهجهڪندڙ لباس ۽ ميڪ اپ جو رعب، ڀرسان لنگھندڙ اٻوجھه سلوني ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن تي ويهارڻ لڳاسين.
مٿيون مڙيئي ڇوڪريون پنجاب جي ڪنهن ڪاليج جون شاگردياڻيون هيون. پاڻ ٻُڌايون ته هو ڪاليج جي خرچ تي ستن ڏينهن لاءِ سلون (سريلنڪا) گُهمڻ آيون آهن. خبر ناهي ڪن ڪن ڪاليجن کي ايڏو پئسو ڪٿان ٿو اچي! منهنجو ڪو مطلب اهو نه آهي ته ڪو گھمڻ نه نڪرجي. ضرور نڪرجي (ڪو خاص اعتراض نه آهي) آئون فقط اهو سوچي رهيو آهيان ته ههڙي غربت جي دور ۾ به ڪن ڪن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پئسو ڏاڍو آهي. گھمڻ ڦرڻ، عمارتن مٿان عمارتون، راندين جا ميدا، ڇٻرون ۽ گلڪاريون ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻُ هنن وٽ ڪا پئسي ٺاهڻ جي منٽنگ (Minting) مشين آهي. جيتوڻيڪ آئون نٿو سمجھان ته ملڪ ۾ ايترو پئسو آهي جو موري ۽ دادوءَ وچ ۾ پل ٺهي سگھي. هالا، پاٽ، ڪنڊيارو، ڳڙهي ياسين جي اسپتالن ۾ ڪُجهه دوائون اچي سهگن. سنجھورو، راڌڻ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن جي ويهڻ لاءِ بينچون ٺهي سگهن.