10
”پهرين فقير تي نه ......“ چاندرڪا جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي سندس مُڙس درستي ڪئي، ”پهرين مريض تي نظر ٿي پويس ۽ پوءِ فقير تي.“
چاندريڪا جي سمجھائڻ جو سڄو جوش ڪرڪرو ٿي ويو. ڀت ڏي نگاهه ڪيم. ويهن کان به مٿي مُورتيون هيون. بکشوءَ اڃان ٽي چار مس سمجھايون هيون. سندس نظرون تصويرن ۾ گھٽ روهيني ۽ چاندريڪا ۾ وڌيڪ کُتل هيون، شايد انهن نظرن جي تکاڻ محسوس ڪري روهيني ته ٽري ويئي. ٻائو پنهنجو ليڪچر ڊگھو ڪرڻ لڳو جنهن ۾ مقصد جي ڳالهه ٿوري ۽ لانڍ گھڻي هُئي. والٽر کي چيم ته مونکي سڄي ڪٿا جي خبر آهي ته گوتم هڪ شهزادو هو ۽ ڪيئن هڪ رات پنهنجي خوبصورت زال ۽ ٻار کي محل ۾ اڪيلو ڇڏي پپر جي وڻ هيٺان ويهي سچ جي ڳولا ۾ ڌيان ڌريو هُئائين. آئون کسڪي ويس. ٻائو لڳاتار ڳالهائيندو رهيو.
پگوڊا جي مين هال جي ڏاڪڻ تي ٻه چار آيل زالون ٻارن سان گڏ ويٺيون هيون. روهيني پڻ انهن سان گڏ وڃي ويٺي ۽ پيرن جي آڱوٺن سان پٽ تي پيل ريتيءَ ۾ هر ڪاهيندي رهي. چاندرڪا ۽ آئون به اچي ان جي ڀرسان ويٺاسين. چاندرڪا کي چيم ته، ”دراصل گوتم کي هن دنيا ۾ ٿيندڙ پاپن ۽ ظلم کان نفرت هُئي.“
”جي ها،“ هوءَ وري هڪ دفعو ساڳي جوش ۾ اچي هڪ سنجيده عالم ۽ مذهبي رهنما وانگر سمجھائڻ لڳي،......
“Actually Goutam could not tolerate the sufferings of this world of human beings.”
”هو سوچڻ لڳو ته هي ڇا آهي ته هن دنيا ۾ غريب به آهن ته امير به! آخر ڇو؟ هي جھڳڙا، هي مارڪُٽ، هي پاپ ڇو ــ ؟“
”مون ٻُڌو آهي ته توهان جي مذهب مطابق ڪنهن به شيءَ کي مارڻ پاپ آهي، چاهي وڇون يا نانگ بلا هُجي!“ مون پُڇيومانس.
”اهو ته آهي،“ چاندرڪا ڪُجهه دير سوچي وراڻيو، ”پر اڄُڪلهه ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن تي ڪير ٿو عمل ڪري؟ توهان جي مذهب مطابق شراب ۽ سوئر جو گوشت وغيره حرام آهي. ان هوندي به ڪيترا آهن جي شراب ته کُلي عام پيئن ٿا. معاف ڪجو، اهو حال سڀني مذهبن سان وڃي ٿيو آهي. هڻ هڻان، حوس، هرس ۽ اڄُڪلهه جي لالچي ۽ ماديت سان ڀرپور زندگيءَ انسانن کي روحانيت کان پري گمراهه ڪري ڇڏيو آهي.“
”اڄُڪلهه جو نوجوان سخت منجھيل آهي ته پاپ ڇا آهي پُڃ ڇا آهي؟ روشني ڇا آهي، اوندهه ڇا آهي؟، سٺائي ڇا آهي، بُرائي ڇا آهي؟ ۽ ٻنهي جي وچ ۾ اهڙي ته سنهي تندُ آهي جو خبر نٿي پوي ته ڪٿي نيڪي ختم ٿي ۽ ڪٿان بدي شروع ٿي. هر ڳالهه جو طريقو (Trend) بدلجي چُڪو آهي.“
”زمانو هو جڏهن دروپديءَ جي عزت تي حملو ٿيو ته مهاڀاري لڙائي لڳي هُئي. سيتا کي ڀڄايو ويو ته کيس واپس آڻڻ لاءِ سڄي لنڪا کي ساڙي ڀسم ڪيو ويو هو. عربن جي جهاز تي چڙهيل مسافرن ۽ مال سان سنڌين هٿ چُراند ڪئي ته عربن چار صديون ويهي حڪومت ڪئي. پر اڄُ رام ۽ ارجن جو اولاد راوڻ ۽ دريوڌن بڻجي ويو آهي. هو کلندي کلندي سيتا ڀڄائي ٿو ۽ ٽهڪ ڏيندي دروپديءَ جي ساڙهي لاهي ٿو. ڪيترا عرب، اسلام جا پوئلڳ ۽ پڪا مسلمان سڏائڻ وارن جو اولاد، ڪئسوناوا بڻجي ڪلبن ۽ هوٽلن مان ڇوڪريون ڀڄائيندا وتن. شرافت، شانتي، مريادا ۽ سڀيتا اڄُ ڳوليندي به نٿيون ملن. هونءَ ٻُڌ ڌرم، ڌرم نه آهي! ٻُڌزم هڪ قسم جو فلسفو آهي. اٽ از اي فلاسافي......“ ۽ سندس مُڙس والٽر به ان وقت اتي اچي پهتو ، تنهن چاندرڪا جو فقط آخري جُملو ٻڌي ترديد ڪئي:
”ڪير ٿو چوي ته اهو فلسفو آهي. اهو هڪ مذهب آهي.“ چاندرڪا کي والٽر جو ائين وچ ۾ ٽپي اچڻ نه وڻيو. آئون زال مڙس جي جھيڙي مان نڪري ڪار مان بوٽ ۽ جوراب ڪڍي پائڻ لڳس. پٺيان سنهالي زبان ۾ چاندرڪا کيس چئي رهي هُئي:
”توکي ڪهڙن خبر دنيا جي مذهبن ۽ تاريخ جاگرافي جي. توکي رڳو اها ڄاڻ آهي ته ڪاٺ ڪهڙو اگھُ، ڪهڙو ڪم ٿو اچي ۽ ڪٿان چيريو وڃي ......“
ڪار ۾ چڙهندي راندينيا مون کي بوٽ پائڻ کان جھليو ته اڃان هڪ ٻئي پگوڊا ۾ به هلڻو آهي.
”ان بعد توکي ريڊيو سلون جي اسٽيشن تي وٺي هلنداسين.“
والٽر ۽ چاندرڪا به وڙهندي اچي ڪار ۾ چڙهيا. والٽر مُنهن سُڄائي ڪار جي اسٽرينگ کي زور سان جھلي، ڦوڪجي سوڪجي، پُٺيءَ جو ڪنڊو اڀو ڪري ائين ڊرائيونگ ڪرڻ لڳو ڄڻ ڪا ڪار نه هُجي پر روسي ٽريئڪٽر اڻ ريجائتي ڌرتيءَ ۾ مُڏي هر سان ڪاهي رهيو هُجي.
ٻيو پگوڊا ڪجھه پري هو. رستي تي ريڊيو اسٽِشن سلون آئي ته والٽر بريڪ هڻي کڻي ڪار بيهاري. سجُ لهي چُڪو هو ۽ شام جي چُنجھين بتين ۾ مون سمجھيو پگوڊا اچي ويو. ويتر جو عمارت اڳيان گوتم جو وڏو بُت ڏٺم ته پيرن اگھاڙو هيٺ لٿس. روهينيءَ پنهنجي مُڙس کي آهستي منهنجي پيرن ڏي اشارو ڪيو ۽ مون شڪي ٿي پُڇيو، ”ڇا بوٽ لاهڻ جي هتي ضرورت ناهي؟“ سڀ اچي کل ۾ پيا ۽ والٽر جي چهري تي به هاڻ مُرڪ وري آئي. مون اڇي رنگ جي بلڊنگ جي چوٽيءَ ڏي نهاريو، جنهن تي انگريزيءَ ۾ (Radio Ceylon Broadcasting House) لکيل ڏسڻ ۾ آيو هو.
ريڊيو سريلنڪا جيڏي طاقتور ۽ مشهور اسٽيشن آهي ان جي مقابلي ۾ عمارت ننڍي اٿس. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد يا ڪراچي جي عمارت به ان اڳيان وڏي ـــ جنهن جي ٻاهر ڇٻر تي ڪيترائي آرٽسٽ، فنڪار، ڪلارڪ، آيل ماڻهو ۽ نوڪر پيا هلندا. پر هتي ڪڪڙون تو لڳي پئي هُئي!
سلون ريڊيو اسٽيشن جي ٻاهرين خاموشي ۽ سفيد عمارت ڏسي لڳي ٿو ته عبادتگاهه هُجي. هيترا دفعا سلون ۾ اچڻ بعد هي پهريون دفعو ان مرڪز اڳيان بيٺو هوس، جتان براڊڪاسٽ ٿيل گانا، فلمي ڪهاڻيون، لطيفا ۽ اشتهار گذريل ويهن سالن کان شوق سان ٻُڌندو اچان ۽ هيءَ اسٽيشن مون جهڙن لکين ماڻهن لاءِ باعث وندر ۽ Inspiration رهي آهي. دروازي وٽ ٽي سپاهي بلو (شايد سليٽي ــ ياد نه اٿم) ورديءَ ۾ بيٺا هُئا. راندينيا چيو ته شايد اندر اچڻ نه ڏين. بندرانائڪي جي قتل بعد ههڙن هنڌن تي اچڻ تي سختي آهي، خاص ڪري شام جو چئين وڳي کان پوءِ. سپاهي پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا. اسان گھڙياسين پر هنن ڪُڇيو ڪونه. عمارت جي لونج ۾ ڪائونٽر پٺيان ٻه سلوني سنهالي ڇوڪريون بيٺيون هيون. شام جا سوا ڇهه ٿيا هُئا (پاڪستان جا پوڻا ست) فلمي گانا هلي رهيا هُئا. والٽر ۽ راندينيا مون کي اندر وٺي هلڻ جي ڪوشش ۾ هئا. سندس ڪو واقف همراهه جوزف نالي هو جو گھر وڃي چُڪو هو ۽ هي ڪنهن ٻئي واقفڪار جي ڳولا ۾هُئا. آئون ڪائونٽر وٽ بيهي ٻنهي سلوني ڇوڪرين ۾ هروڀرو دلچسپي (Interest) وٺڻ لڳس. هڪ پاسيري بيهي براڊڪاسٽ ٿيل پروگرام چيڪ ڪري رهي هُئي. ٻي (Receptionist) ڇوڪري قد ۽ عمر جي تمام ننڍڙي پر ايتري به ننڍي نه جو ’روٽي‘ کي ’روتي‘ چوي! سورهن سترهن سالن جي ٿيندي. رنگ جي چهچ ڪاري. (ٿوري معمولي ڪاري هُجي ها ته کڻي ٿورو گھڻو وڌاءُ ڪري مشڪي چوانس ها). پاڪستان ۾ اهڙي جي توهان کي اوچتو نظر اچي وڃي ته جيڪر ٻي نظر وجھڻ جي ضرورت محسوس نه ڪريو.
اسان جو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ خالد مخدوم ته جيڪر سلون جي سونهن جو ههڙو ڪريل اسٽئنڊرڊ ڏسي ته يڪدم نرڙ تي ڌڪ هڻي سلون بابت چوي:
’سرتيون سڄي سُڃ، متان ڪا مونسين هلي،
متان مري اُڃَ، ڏئي پاراتو پنهل کي.‘
پر هفتو کن هتي سلون ۾ ان کان به وڌيڪ ڪاريون، ميريون، سنهيون، ڪانگن جي ٽنگن جهڙيون ڇوڪريون ڏسي ڏسي اسانجو به هاڻ بقول هادي بخش ميمڻ جي ٽيسٽ Develop ٿيو آهي ۽ ڪي ڪي سلوني ڇوڪريون وڻڻ لڳيون آهن ۽ هن جي منهن ۾ ته پوءِ به چڱي چهراڻ هُئي، جنهن جي پويان لائوڊ اسپيڪر تي ’ائسپرو لي لو، ائسپرو لي لو‘ وڄي رهيو هو، ۽ پاڻ بال پين سان ڏند وڄائي رهي هُئي. ۽ هونءَ به ــ سپريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مدُ!
هڪ همراهه آيو تنهن کي ڦُڙتيءَ سان ڊيسڪ جي خاني مان فارم ڪڍي ڏنائين. هو اهو وٺي ڀر ۾ ٻي ٽيبل تي رکي ڀرڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ ٻيو همراهه داخل ٿيو جنهن ڪنهن سان ملڻ ٿي چاهيو. ڇوڪريءَ ڊيسڪ تان هڪ ڪٽ لڳل مائيڪروفون کڻي ان تي اعلان ڪري ان جي دوست کي گھُرايو. آئون پهرين ته ڪائونٽر جي ڪنڊ وٽان کيس ڏسندو رهيس پوءِ بلڪل سامهون بيهي عجيب بيوقوفن وانگر کيس غور سان ڏسڻ لڳس. سندس اکيون ڪجل سان ڀريل هيون جنهنجا ڪارا لينگھا اکين مان ٻاهر نڪري آيا هُئا پر پري کان نظر ڪونه پئي آيا. چپن تي هڪ ردي قسم جي کهنڀي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳل هُئي. هوءَ هاڻ بال پين بدران مائيڪ سان ڏند وڄائڻ لڳي. آئون لڳاتار سندس منهن ۽ ڪائونٽر مٿان نڪتل جسم جي حصي کي گھوري ڏسندو رهيس. مون سمجھيو منهنجي ان بيهودي حرڪت تي هن کي ڪاوڙ لڳندي ته آئون هن جي نٻل جسم کي گھوري ڇو پيو ڏسان. پر کلي مائيڪ مون ڏي وڌائيندي چيائين:
”توهان شايد هن پُراڻي زماني جي مائيڪ بابت سوچي رهيا آهيو؟“ ”ڏاڍي ٻُڌائي،“ مون دل ۾ چيو. ـــ ”من درچه خيالم وفلک درچه خيال (آئون ڪهڙي خيال ۾ آهيان ۽ آسمان ڪهڙي خيال منجھه!)“
والٽر ڦلهڙو منهن کڻي منهنجي ڀرسان آيو. آئون سمجھي ويس. چوڻ لڳو، ”هن وقت ڪو سُڃاڻو ته نظر ڪونه ٿو اچي جو اندر وٺي هلي. اٺين بجي هڪ ٻئي منهنجي دوست جي ڊيوٽي آهي ان تائين انتظار ڪريون؟“
”نه ــ نه اهڙي ڪا ضرورت ناهي. بس ريڊيو سلون جي عمارت تائين پهتاسين، اهو ئي ڪافي آهي. باقي ٽرانسميٽر ۽ مشينري ڏسڻ جو شوق ناهي“ ٻاهر نڪتاسين ته رستي تي مون کي اوچتو خيال آيو. کانئن اجازت وٺي وري ڪائونٽر وٽ ان ڇوڪريءَ وٽ آيس جا ساڳئي حال ۾ بيٺي هُئي ــ يعني بال پين سان پنهنجا ڏند کڙڪائي رهي هُئي. کانئس پڇيم ته، ”اڄُ جو مکيه انائونسر ڪير آهي؟“
”منوهر مهاجن“
”ڳالهه ٻُڌ، آئون ٻاهران ڏورانهين ڏيهه کان آيو آهيان ۽ سگھوئي واپس وڃڻ وارو آهيان. مسٽر مهاجن سان جيڪر ملندو وڃان، هو هينئر بزي هوندو پر منٽ ٻن لاءِ واندو ٿي سگھندو؟“
هن پين ڊيسڪ تي رکي مائيڪروفون هٿ ۾ کنيو ۽ ان سان پنهنجا ڏند وڄائيندي ٻُڌايو.
”هوندو ته بزي پر آئون انائونسمينٽ ٿي ڪريان ته هو ملي سگهي ته ٻاهر اچي.“
پوءِ ٿوري دير لاءِ ڏند وڄائڻ بند ڪري مائيڪ جو سئچ آن ڪري مهاجن لاءِ اعلان ڪيائين. پنج ڏهه منٽ گُذري ويا ۽ جڏهن هو نه آيو ته کيس (محترمه کي) پاڻ بابت ٻُڌايم ته، ”منهنجو لکڻ سان واسطو آهي ۽ منهنجا ڪيترا پڙهندڙ سلون ريڊيو جا پرستار آهن مون کان هر وقت هن اسٽيشن، منوهر مهاجن، امين سياني ۽ ٻين انائونسرن جو پُڇندا آهن. خوش قسمتيءَ سان اڄُ مهاجن جي ڊيوٽي آهي. ٻاهر نڪري ته کيس پاڪستان ۾ رهندڙ سندس اڻ ڏٺل پرستارن جا سلام چئجانءِ.“
هن پني جي ڀور تي منهنجو نالو (غلط سلط اسپيلنگ سان) لکيو ۽ آئون لونج مان ٻاهر نڪري، ڇٻر لتاڙي، مين گيٽ کان نڪري ڪار ۾ اچي ويٺس. اڃان دروازو مس بند ڪيم ته ريڊيو اسٽيشن مان هڪ هلڪي ڦلڪي بدن جو نوجوان ’الطاف الطاف‘ چوندو ڊوڙندو آيو. ڪار مان نڪتس ته هٿ ڏئي پڇيائين:
”سنڌ کان توهان آيا آهيو؟“
”جي ها.“ مون وراڻيومانس.
”آئون منوهر مُهاجن آهيان.“
مون ساڻس ملڻ تي سڪ ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو. هو يڪي اڌ ڪلاڪ جو پروگرام ــ ٽيپ چاڙهي ٻاهر نڪري آيو هو. ساڻس سڀني تعارف ڪرايو. پاڻ اندر وٺي هلڻ لاءِ زور ڪرڻ لڳو، پر مون کيس ٻُڌايو ته توهان سان ملاقات ٿي ۽ عمارت ڏٺيسين ايترو في الحال ڪافي آهي. پاڻ جلد جلد ٻاهران ڪولڊ ڊرنڪ اسان لاءِ گھُرائي، پُڇيائين ته، ”پاڪستان ۾ سلون چٽو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي يا نه؟“
”منهنجي خيال ۾ سلون سڀ کان چٽو پاڪستان ۽ هندستان ۾ ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو. ان بعد ايران، اتر آفريڪا ۽ اڃا به مٿي لبنان، ترڪي، بلغاريه، رومانيه تائين سلون ٻُڌو اٿم. باقي سلون جي ساڄي پاسي اوڀر توڙي اتر طرف، سنگاپور، هانگ ڪانگ توڙي جپان ڪوريا ۾ سلون چٽو نٿو ٻُڌڻ ۾ اچي. ڪڏهن ته صفا جھپجي نه سگھندو آهي.“