الطاف شيخ ڪارنر

سي ئي جوڀن ڏينهن

سري لنڪا جاگرافيائي طور اهڙي هنڌ تي آهي جو بنگلاديش، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ته ٺهيو پر ڏور اوڀر جي ڪنهن به ملڪ هانگ ڪانگ، ڪوريا، جپان، چين، فلپين وغيره ڏي وڃڻ يا اتان موٽڻ وقت بحري جهاز کي سلون جي بندرگاهه ڪولمبو وٽان لنگهڻو پوي ٿو. الطاف هن ڪِتاب ۾ پراڻي زماني ويدن جي وقت ۽ هن وقت جي سري لنڪا بابت معلومات ڏني آهي. اتي جي سماجي ۽ سياسي حالتن تي لکيو آهي. مشرق ۽ مغرب جي ماڻهن جي مجموعي طور تي سلوني ماڻهن جي انفرادي سوچ ۽ ذهني لاڙن جي پنهنجي نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان کي مغرب سان ڀيٽيو آهي. سموري ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۽ ماڻهن جي ذهنيت جو اڀياس ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2793
  • 819
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سي ئي جوڀن ڏينهن

6

سلون جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ پڻ اچي ٿو ۽ ننڍي هوندي ئي ٻار عربن جي سنڌ تي فتحيابيءَ جي باب ۾ سلون بابت پڙهن ٿا. جتان تاريخدانن جي لکڻ مطابق هيرن، جواهرن، مال ۽ مسافرن جو جهاز سلون کان عربستان پئي ويو ته ان کي ديبل بندر وٽ ڦريو ويو هو. عربن ۽ سنڌين وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ آخر عربن جي فتح ٿي ۽ سنڌ تي ٽي صديون کن راڄُ ڪيائون. تن ڏينهن ۾ سنڌ جو حاڪم راجا ڏاهر ۽ گاديءَ جو هنڌُ ٺٽو هو.
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته تن ڏينهن ۾ تيز رفتار قسم جا جهاز نه هُئا جي ڏينهن جا ڏينهن بنا راشن پاڻيءَ تي هلندا رهن. کاڌي پيتي جون شيون کڻڻ لاءِ هر ويجھي بندرگاهه تي منزل ڪرڻ ضروري هوندي هُئي. انجڻ ته تن ڏينهن ۾ ايجاد ڪانه ٿي هُئي، جو تيل جي ضرورت پوي. جيتوڻيڪ ٻيڙي يا ڪاٺ جي جهاز کي هر مسافري بعد يا موقعو ملڻ تي ٿورو سُڪيءَ تي لاڙي اندران ۽ ٻاهران تيل جا مکَ ڏنا ويا ٿي جيئن ڪاٺ ۾
مضبوطي رهي ۽ اها هڪ قسم جي (Dry-Docking) ٿيندي هُئي جنهن لاءِ شاهه لطيف پڻ چيو آهي ته:

”ويٺو تُن تنهيس، مکَ ڏيهاڙي مڪڙي.“

جيئن اڄڪلهه جي لوهي جهازن کي خشڪ گوديءَ ۾ بيهاري سندن ٻاهرين حصي تان پهرين سامونڊي لڳل شيون کرڙيون وڃن ٿيون ۽ پوءِ تيل بدران مختلف تيل وارا رنگ ــ زنگ ۽ ڪٽ کان بچائڻ لاءِ، لڳايا وڃن ٿا. تن ڏينهن ۾ جهاز (يعني ٻيڙا، غوراب، وڏاندريون، پاکڙيون، دنگيون وغيره) ٿلهي ڪپڙي جي سڙهن تي هلندا هُئا، جي کُوهن (اڀين ڪاٺين) ۾ انگاس وانگر ٻڌا ويا ٿي ۽ ناکئا (Navigators) ۽ سونهان (Pilots) پنهنجي لياقت ۽ ڄاڻ مطابق سڙهه اهڙي نموني Set ڪندا هُئا جيئن هوا کان فائدو وٺي جهاز صحيح رستي ڏي ويندو رهي پوءِ هوا جو رخ کڻي ڪهڙي طرف به هجي. سلون کان عربستان ويندي گوا، بمبئي، دوارڪا، لاري بندر، پسني، گوادر ۽ ٻيا ڪيترا انيڪ تَڙَ ناکئن کي ڳولڻا پوندا هُئا. شاهه لطيف جو شعر آهي:

”سڙهه ٿي سبيائون، سندر جَن تَڙن تي،
سڙهه سبي ساڄا ڪري، کوها کنيائون،
بيرقون بحرن ۾، ڇوڙي ڇڏيائون،
لهريون لنگھيائون، لطف سان لطيف چئي.“


سلون هندو مذهب وارن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هندو مِٿِ (Mythology) مطابق رامائڻ ڪتاب ۾ آهي ته: راوڻ، سيتا کي لنڪا ۾ وڃي لڪايو هو جتي هنومان نالي باندر پهچي سيتا جي مدد ڪئي ۽ عزت بچائي کيس آزاد ڪيو ۽ سڄي لنڪا کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
”..........ان وقت هنومان جي پُڇَ ۾ باهه جو ڀنڀٽ ٻري رهيو هو.“ شري تلسيءَ رامائڻ جي سنڌي ڇاپي جي صفحي 293 تي لکيل آهي ته:
”هو ٽپُ ڏئي هڪ اونچي مڪان تي چڙهي ويو. پوءِ هڪ محل کان ٻئي محل تي هو ٽپندو ڪُڏندو انهن کي باهه لڳائيندو ويو. هو پنهنجي پُڇ کي چؤڌاري ڦيرائي ڇنڊڻ لڳو ته ان مان ٽانڊن ۽ باهه جي مَچن جي ورکا ٿيڻ لڳي. ان ريت لنڪا جي وڏن وڏن محلن کي باهه وچڙي وئي ۽ چؤطرف باهه جا ڀنڀٽ ئي ڀنڀٽ ٿي ڏٺا. ان وقت پَون ديوتا به مدد ڪئي جو زبردست واءُ اچي لڳو ۽ سڄي لنڪا ۾ اڳني ڦهلجي وئي. ائين پئي ڀانيو ته آڪاش مان ڪا اگنيءَ جي ندي وهي رهي آهي. ڪاٺ جا گھر مشعلن وانگر ٻرڻ لڳا. ست اٺ منزلا مڪان ڌو ڌو ڪندا اچي هيٺ ٿي ڪريا. سڄي لنڪا ۾ هاها ڪار مچي ويو ۽ سڀُ ڪو پنهنجي ٻارن ۽ مال کي بچائڻ ۾ لڳي ويو. ان ريت بجرنگ بلي هنومان لنڪا کي جلائي ان جي سوڀيا چٽُ ڪري ڇڏي......“
جهاز جنهن وقت ڪولمبو جي بندرگاهه ۾ گھڙي رهيو هو، آئون انجڻ روم ۾ هوس. ’اسٽاپ‘ ’اڳيان آهستي‘ ’اسٽاپ‘ ’پويان آهستي‘ جا ٽيليگراف ذري ذري ايندا رهيا. اسان سڀني کي اهو تجسس هو ته آيا ڪولمبو جي بندرگاهه ۾ جيٽي ملندي يا ٻاهر (Anchorage) تي جهاز کي بيهڻو پوندو. ڌڪي (Jetty) سان لڳي بيهڻ مان اهو فائدو آهي ته جنهن وقت چاهي جهاز تان گھمڻ وڃي سگھجي ٿو، پر ائنڪريج تان ڪناري يا ڪناري تان واپس ائنڪريج تي بيٺل جهاز تي اچڻ لاءِ هر وقت ٻيڙي (لانچ) جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو جيڪا هرهڪ کان اوٽ موٽ جا پنج روپيا کن ٽڪيٽ الڳ وٺي ٿي.
اليڪٽريڪل انجنيئر کي مٿي موڪليم ته ديدار ڪري اچ ته جهاز ڪٿي لڳڻ وارو آهي، تنهن اچي خوشخبري ٻُڌائي ته جهاز ڪولمبو بندرگاهه جي ٻئي نمبر گيٽ وٽ لڳي رهيو آهي. مزي جي ڳالهه ته سامهون ائنڪر تي بنگلاديش جو جهاز ’بنگلاردوت‘ بيٺو آهي.“ هن ٻُڌايو.
”اهو ’بنگلاردوت‘ اصل پئن اسلامڪ وارن جو جهاز هو.“ فورٿ انجنيئر کيس ٻُڌايو.
”باقي بنگالين (Maintain) واهه جو ڪري رکيو آهي. اصل چمڪي پيو.“
”هاڻ ايترو به نه ڪندا ڇا؟“ فورٿ انجنيئر پنهنجا ڪارٺ هاڻا هٿ ڪپڙي سان اگھندي چيو، هونءَ به بنگالي ڪم جا مُڙس ماڻهو آهن. ڏسين نه ٿو انهن جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي جهازن جو ڇا حال ٿي ويو آهي.“
”ها يار، اسان جو پٺاڻ، مڪراني، ڪڇي يا پنجابي ڪريُو (Crew) اهڙو آهي جو کڻي صفائيءَ لاءِ چئين ته ٺپ جواب ڏين ٿا. بنگالي هُئا ته عيش هو. جهاز (Port) ۾ هوندو هو ته به ٻاهر گھمڻ جو شوق ڪونه هوندو هون. ڪم ۾ لڳا پيا هوندا هُئا. ڏهه گاريون ڏبيون هيون ته به جي صاحب جي صاحب ڪندا رهندا هُئا.“
”هاڻ ته هي پنهنجو (Crew) هر ڳالهه ۾ آرٽيڪل جو حوالو ڏئي ٿو. آرٽيڪل ۾ هيئن آهي، آرٽيڪل ۾ هونءَ آهي. ڪي ڪي خُلاصي ته ائين ٿا سمجھن ته هو جهاز تي ڪم ڪرڻ لاءِ نه پر گھُمڻ ڦرڻ لاءِ آيا آهن.“
اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ فورٿ انجنيئر بحث ڪندا رهيا. مونکي بنگلاردوت جهاز جو نالو هڪدم ڌيان ۾ هُريو ته منهنجو دوست بديع الزمان ان جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر آهي. بديع الزمان منهنجو يارهن سال اڳ تعليم دوران چٽگانگ ۾ واقف ٿيو هو. اسان ٻئي اتي انجنيئرنگ برانچ جا ڪئڊٽ هئاسين. ڪلاس ۾ ٻنهي جون ڊيسڪون هڪ ٻئي پُٺيان هيون. راند ۾ گڏُ، مانيءَ تي گڏُ، (Rowing) باڪسنگ ۽ پي ٽيءَ تان گُسائڻ ۾ گڏُ ۽ پوءِ سزا کائڻ مهل به گڏُ.
ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان تان ٻنهي پاسن جا ڪجھه ڪئڊٽ تکا ٿيندا هُئا ته بديع الزمان، سندس ڀرسان ويٺل بنگالي ڪئڊٽ فيض بسواس، ۽ اڳيان ويٺل ڊيسڪ تي آئون ۽ حسن ابدال ڪئڊٽ ڪاليج جو اجتبى حسين کلندا هُئاسين. اسان سڀني شروع کان اهو طئي ڪيو هو ته انهن ڳالهين ۾ نه پونداسين. مشرقي پاڪستان تي گھڻو خرچ پيو اچي يا مغربي پاڪستان گھٽ ٿو ڪمائي، اهڙين ڳالهين تي اسان جي ملڪ جي چونڊيل ميمبرن کي اسيمبلين ۾ وڙهڻ کپي. اسان کي اهڙيون ڳالهيون سوچي بحث ڪري پاڻ ۾ وڙهڻ مُور نه گھرجي ۽ پوءِ بسواس پنهنجو ڪونج جهڙو ڳلو صاف ڪري تن ڏينهن جو هڪ مشهور انگريزي گانو:
We shall not think of things like that…… ڳائڻ شروع ڪندو هو.
پنجن سالن جي تعليم ۽ سکيا کان پوءِ به اتفاق سان بديع الزمان ۽ مون کي هڪ ٻئي پٺيان ساڳيا جهاز ملندا رهيا ۽ جونئرشپ جو ڏکيو ۽ تڪليف وارو زمانو گڏ گُذاريوسين. چوندا آهن ته سُک جي ڪاٽيل وقت جا ساٿي وساري سگھجن ٿا، پر جنهن سان چار گھڙيون ڏکيون گُذاريون آهن سي ساٿي وساري نه ٿا سگھجن. شايد اهو ئي سبب آهي جو زمان کي آئون وساري نه سگھيو آهيان ــ يا اهو به ٿي سگھي ٿو ته هو هڪ عظيم شخصيت جو مالڪ آهي. سياست، ملڪ، قوم، مذهب، پئسي جي جھڳڙي کان اتاهون ۽ بلند، انسانيت جو پوڄاري، حق جي ڳالهه چوڻ وارو، چاهي سر اڏيءَ تي رکيو وڃيس. اهو ئي سبب هو جو شايد ڪي ڪٽر قسم جا بنگالي کيس گھڻو پسند نه ڪندا هُئا، جو هو سندن هر ڳالهه جون اکيون ٻوٽي تائيد نه ڪندو هو.
سال ڏيڍ گڏ مختلف جهازن تي رهڻ بعد اسان ڌار ٿي وياسين ۽ الڳ الڳ جهازن تي جُدا جُدا سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾ ڦرندا رهياسين. 1971ع جي جنگ وارن ڏينهن ۾ آئون امتحان لاءِ موڪل تي لٿل هوس. سندس جهاز چٽگانگ کان آيو هو. مون سان ملڻ ڳوٺ آيو. تن ڏينهن ۾ ڊاڪا ۾ ملٽري آپريشن شروع ٿي چُڪي هُئي. مون کانئس گھر ۽ ڳوٺ جي خيريت پُڇي ته کين ڪو نقصان ته نه رسيو.
سندس گھر جي ڀاتين کان ننڍي لاڪون واقف آهيان جو چٽگانگ ۾ تعليم دوران موڪلن ۾ هنن وٽ ڪجھه ڏينهن وڃي ٽڪندو هوس. ياد آيم ته سندس هڪ ڀيڻ هوندي هُئي. نالو هوس حبيبا خانم. گھر ۾ کيس ’آرتي‘ سڏيندا هُئا. ڊاڪا يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي ڪري رهي هُئي. تمام ذهين هوندي هُئي. جڏهن به آئون هنن وٽ ويندو هوس ته هن سان ڪيترن ئي ڳالهڻ تي بحث ڪندو هوس. زناني تعليم بابت. حيدرآباد ۽ ڊاڪا جي گرلس اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليم معيار بابت. ننڍي کنڊ جي سياسي سُجاڳي ۾ عورتن جي حصي بابت. هوءَ گھڻو ڪري سياست ۽ فلسفي تي گھڻوبحث ڪندي هُئي. کيس چوندو هوس ته توکي جيڪو مُڙس ملندو ان جو ته خير ناهي. سڄو ڏينهن غريب سان بحث ڪري مٿو چٽُ ڪندينءَ ته پاڻ شرمائي چوندي هُئي: ”آئون شادي ڪنديس ئي ڪانه.“
”واقعي،“ آئون طنز واري لهجي ۾ کلي چوندو هوسانس، ”ڪير توسان شادي ڪري، ان کان هن لاءِ بهتر آهي ته ڪنهن فلسفي جي ڪتاب کي ڀاڪر پائي ويهي. ڳالهه مڙيئي ساڳي.“
زمان ۽ آئون کيس ’چرئي ڀيڻ‘ سڏيندا هئاسين. هڪ دفعو پڇيومانس ته: ”ڪهڙو ڪلاس ميٽ تنهنجو (Ideal) آهي.“
”اڙي بابا مان غريب ملڪ جي هڪ غريب ڇوڪري آهيان. (Idealism) جا نخرا وري ڪهڙا. پهرين ڳالهه ته شادي ڪنديس ڪانه. پر هر ڇوڪريءَ لاءِ اهو ضروري ٿي سمجھان ته هوءَ اهڙو ڇوڪرو ڳولهي جنهن جي دل صاف هُجي، اندر صاف هُجي. صاف خيالن جو هُجي......“
آئون ۽ زمان سندس ڳالهيون اڌ ۾ ڪٽي زور سان نعرو هڻندا هئاسين: ”مار ته سهي.“
مون زمان کان ان چري ڀيڻ جو حال پڇيو ته جبل جهڙو اڏول مُڙس اچي سڏڪن ۾ پيو. چوڻ لڳو:
”آرتي، جا شاديءَ بابت هميشه توسان وڏيون ڳالهيون ڪندي هُئي سا بنا ڪنوار بڻجڻ جي ماءُ ٿي وئي آهي. هوءَ وحشي جانورن جهڙن ماڻهن جو شڪار ٿي وئي. الطاف! مان توکي پنهنجي غمن ۽ هن ننڍي کنڊ جي ڏُکن جو داستان ڪيئن سمجھايان. هوءَ اهڙي آرتي نڪتي جنهن کي ٻارڻ کان اڳ وسايو ويو.“
هو وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. منهنجي اکين ۾ به پاڻي تري آيو. ڳلي ۾ ڄڻ ڪو ڳنڍو ڦاسي پيو. وڌيڪ ڪجھه نه پُڇي سگھيس. ٻئي ڏينهن هو چُپ چاپ موڪلائي ويو. پاڻ تن ڏينهن ۾ جهاز تي ٿرڊ انجنيئر هو. سندس جهاز ٻئي ڏينهن بئنڪاڪ (ٿائلنڊ) لاءِ لنگر کڻي رهيو هو.
مهيني ڏيڍ بعد هڪ خط مليو. لفافي جي ٻاهران ٿائلنڊ ملڪ جون ٽڪليون لڳل هيون. زمان جو هو. بئنڪاڪ جي ڪنهن هوٽل مان لکيو هئائين.
”...... هينئر پاڪستاني جهاز تان ڀڄي اچي هن هوٽل ۾ رهيو آهيا. سڀاڻي هوائي جهاز رستي دهليءَ کان ڊاڪا وڃي رهيو آهيان. هڪ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪهڙين مجبورين هيٺ آئون ائين ڪري رهيو آهيا. آئون توهان مغربي پاڪستان جي ڀائرن کان ڇڄڻ نٿو چاهيان. پر لاچار آهيان.آءٌ ان ڌوٻيءَ جي ڪُتي وانگر نه گھر جو نه گھاٽ جو ٿي پوندس.“
”ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته اڳتي هلي ڇا ٿيندو. ڪڏهن امن ۽ شانتيءَ جو واءُ ورندو. هڪ ٻئي سان وڙهڻ بدران ڪڏهن اسان پنهنجي اصل دشمن ــ بُک، بيماري، بيروزگاري سان وڙهنداسين، ڪجھه سمجھه ۾ نٿو اچي. مڙني پراڻن ڪلاس ميٽن ۽ جهازي ساٿين کي منهنجا پيار ڏجُ. حياتي رهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه يا اٿاهه سمنڊ تي ملاقات ٿي ويندي.“
اڄُ جڏهن مون ٻُڌو ته سندس جهاز اتي ئي بيٺو آهي ته ملڻ جي ڏاڍي خواهش ٿي. بنگلاديش ٿيڻ بعد هنن ٻن سالن جي عرصي اندر ڇا وهيو واپريو آهي، ان جو احوال وٺڻ ڏيڻ تي دل ٿي. ڪلاڪ ٻن بعد بندرگاهه طرفان ڊاڪٽر، ڪسٽم ۽ اميگريشن جو عملو آيو ۽ رسمي تپاس ۽ خانه پوري ڪرڻ بعد جهاز تي اچ وڃ جي روڪ ٽوڪ لٿي. جلدي جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪتس ته ڪنهن ٻڌايو ته بنگلاديش جو جهاز بنگلاردوت لنگر کڻي ويو. بوٽ ڊيڪ تي بيهي ڏٺم ته جهاز ڪولمبو هاربر کان ٻاهر نڪري رهيو هو. ڏاڍو ڏُک ٿيو ته زمان سان نه ملي سگھيس. کيس ته شايد خبر به نه هجي ته ويجھڙائيءَ ۾ منهنجي بدلي هن جهاز تي ٿي آهي، نه ته کيس به ايترو ويجھو اچي الڳ ٿي وڃڻ تي ڏک ٿئي ها. سو هن سامونڊي زندگيءَ جا ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لمحا ڏاڍا چُڀندڙ ٿين ٿا. ۽ هاڻ به خبر ناهي ته ڪهڙي طرف سندس جهاز وڃي ۽ وري ڪڏهن ساڻس ملاقات ٿئي:

اولا کڻي اوءِ، پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا،
آيل! سامونڊين جي، آهي اڙانگي جوءِ،
ڪڏهن ڏسنديس روءِ، وري هن اکين سين؟


سو اها آهي جهازين جي زندگي، جنهن لاءِ شاهه صاحب سُر سامونڊي ۾ هڪ ٻئي هنڌ چيو آهي ته:

”سامونڊين سڱ، آهي گوندر گاڏئون.“


ان ڏينهن شام جو مظهر ۽ آئون سبرايل ڪپڙا ڪسٽم جي ڪائونٽر تي ڏيکاري ضمانت رکايل ٽيهه ڊالر واپس وٺي رهيا هئاسين. ڪائونٽر تي آفريڪن شيدي، يوناني، جرمن ۽ ٻين ملڪن جا جهازي پڻ بيٺا هئا. هر هڪ کي جلدي لڳي پيئي هُئي. هڪ يونانيءَ وٽ پنجاهه پائونڊ هئا جيڪي هن بندرگاهه کان ٻاهر کڻي وڃڻ ٿي چاهيا. ڪسٽم آفيسر چيس ته هي فارم ڀري ڏي (جنهن تي جهازيءَ جونالو، جهاز جو نالو، جنهن ملڪ کان جهاز اچي پيو، ان جو نالو وغيره ڀرڻو هو ۽ پئسن جو انداز پڻ) ۽ اسان جو اڌ مغزي يوناني جوان، ڪسٽم آفيسر سان پنهنجي ضد تي اٽل ته ”فارم تون ڀر. آئون رُڳو صحيح ڪندس.“
”نو نو فِل دي فارم آلسو.“ ڪسٽم آفيسر سمجھايس.
”نو نو آءِ اونلي سائن.“ (No I only sign) يوناني ضد تي قائم رهيو.
”اهڙو نواب آهين ته پاڻ سان ٻه ٽي پرائيويٽ سيڪريٽريون کڻي هلندو ڪر.“
پر اڳيان به سائين اسان جو يوناني ’چريون ڏئي چار، واڇان آنديسين هڪڙي‘ پهاڪي واري واڇان هُئي جا رَسو ڇنائي هتي اچي پهتي هُئي. فارم واپس ڪسٽم آفيسر جي ڪڇ ۾ کڻي ڦٽو ڪيائين ۽ هتي جو غريب ڪسٽم آفيسر، جهازين جي سگريٽن ۽ هلڪي ڦلڪي سامان تي پلجندڙ، اهو سوچي ته ’ٻوڙن سان ڪهڙا سرٻاٽ ڪبا‘، ماٺ ڪري سندس نالو وغيره پُڇي هن لاءِ فارم ڀري، صحيح ڪرڻ لاءِ چيائينس ۽ يوناني جوان سگريٽ جو ڪشُ هڻي، باقي سگريٽ ٻئي يونانيءَ کي جھلڻ لاءِ ڏئي، پين کي سوگھو جھلي فارم تي ائين ڊگھي صحيح ڪئي ڄڻ پنهنجي جهاز جو سودو سريلنڪا گورنمينٽ سان ڪري رهيو هُجي.
ان بعد اسان جو وارو هو ته هڪ سومالي لئنڊ جي شيديءَ بنگلاديش جا پنجيتاليهه روپيا اڳيان وڌائي ڪسٽم آفيسر کي ڏيکاريا ۽ فارم ڀرڻ لڳو. وارو ته اسان جو هو پر پنهنجي فقط ڇهه فٽ جسم کي شيديءَ جي ست فٽي جسم سان ڀيٽي هن سان وڙهڻ بدران، سلوني پنج فُٽي بندري ۽ سنهي ڪسٽم آفيسر سان وڙهيس ته وارو اسان جو آهي. ”تو هن کان فارم ڇو ورتو؟“
مخصوص سلوني لهجي واري انگريزيءَ ۾ چيو: ”او مئن آئون ڇا ڪريان. آئون ته هڪ منٽ به ماٺ ڪري ڪونه ويٺو آهيان. توهان کي ته ڏهه منٽ به ڪونه ٿيا آهن ته چئو پيا ته ڪلاڪ ٿيو آهي. هوڏانهن هو يوناني مونکي اڌ چريو الڳ ڪري پيو وڃي.“
”ڌميندرو! ڌميندرو!!“ يونانيءَ پٺيان مُڙي کيس چيو ۽ هٿ لوڏيو. مظهر مون کي پٺيان ڇڪي چيو ته ڇڏ يار، جلدي ڪهڙي آهي. پاڻ مزو لڳو پيو آهي. مظهر ۽ آئون ٿورو پرتي ٿنڀ کي ٽيڪ ڏئي انگريزن جي زماني جي ٺهيل بندرگاهه کي ڏسڻ لڳاسين جنهن تان اڃان (H.M Customs) (هر مئجسٽي ڪسٽمس) جا اکر به نه ڊاٿا ويا آهن. هڪ ڪنڊ ۾ چانهه جو دڪان هو جتي سرڪاري طرح فقط پرڏيهي مسافرن لاءِ چانهه وڪامي. اها پروپئگنڊا چانهه هتي جي سڀ کان اعلى سواد ۽ خوشبوءِ واري آهي. پنجين روپئي پائونڊ ۽ اٺ آنا کن دٻي تي ٽئڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو.
بندرگاهه جي ورانڊي ۾ هڪ ٻه ڪسٽم آفيسر خاڪي قميص ۽ گوڏن تائين ڊگھي خاڪي چڍيءَ ۾ ڦري رهيا هُئا. سندن خاڪي يونيفارم جو رنگ اڇيرو ٿي ويو هو ۽ لڳو پئي ته ڪيترا سؤ دفعا اهو يونيفارم ڌوپي چُڪو آهي. هڪ ڏي گھوري ڏٺم، ته پاڻ ٻٽونءَ جي زنگ لڳل (Zip) جهڙا ميرا ڏند ڪڍي ائين مُرڪڻ لڳو جيئن شاديءَ جي رڌ تي گڏُ ٿيل فقير، وڌڻ واري بورچي يا حجام ڏي هروڀرو نماڻي اکين سان نهاري مُرڪندا آهن. مون به جواب ۾ مسڪرايو ته اڳتي وڌي آهستي پُڇيائين:
”هڪڙو سگريٽ هونداوَ؟“
”سگريٽ اسان پيئون ڪونه. هي چيونگ گم وٺ“ مظهر سندس تريءَ تي جپان مان ورتل چيونگ گم جي پاڪيٽ مان هڪ ڪڍي رکيو. اهو وٺي پهرين ته هيٺ مٿي ڪري ان جي رنگين ڪور کي ڏسڻ لڳو ۽ جپانيءَ ۾ لکيل اکرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. يا شايد انهن اکرن کي نانگ بلائون يا تصويرون سمجھي ڏسڻ لڳو. پوءِ آهستي آهستي چيونگ گم تان ٻاهريون پنو لاهي، هاڻ چانديءَ جهڙو چلڪڻو ڪاغذ لاٿائين ٿي ته اتي ٻئي ٿلهي ڪاري رنگ جي سنهالي ڪسٽم آفيسر ڀر ڏنس. چيونگ گم جا ٻه حصا ڪري ننڍو حصو ان کي ڏنائين ۽ وڏو پنهنجي وات منجھه داخل ڪيائين.
”آئون تنهنجي جاءِ تي هُجان ها،“ ٿلهي سنهالي ڪسٽم آفيسر سنهي کي چيو، ”ته وڏو اڌ توکي ڏيان ها ۽ ننڍو پاڻ بلي.“
”ته مون به ائين ئي ڪيو. ننڍو اڌُ توکي ڏنم.“ سنهي چيس.
تيسين سومالي لئنڊ جو ست فٽ ڊگھو شيدي پنهنجو ڪم پختو ڪري قطار مان نڪتو ۽ ٻين سندس جهازي دوستن جو انتظار ڪرڻ لڳو. مون پڇيومانس: ”ڇا تنهنجو جهاز بنگلاديش کان پيو اچي.“
”ها. ۽ ٻن ڏينهن بعد مگديشو (آفريڪا) وينداسين.“
پاڻ جهاز جي انجڻ روم ۾ آڳ وارو (Fireman) هو. کانئس بنگلاديش جا نوٽ وٺي ڏسڻ لڳس. کيس ٻڌايم ته اسان پاڪستاني في الحال اوڏانهن وڃي نه ٿا سگھون سو هي نوٽ پهريون دفعو پيو ڏسان. ڏهين ڏهين جا چار نوٽ هيس ۽ هڪ پنجين جو، سڀني تي مجيب الرحمان جي تصوير ڇپيل هُئي. مظهر، سڪن لاءِ پُڇيس.
”سڪا مون وٽ ڪونه آهن. هي پنجين روپئي جو نوٽ توهان رکي سگھو ٿا.“
مون اهو وٺي ان بدران کيس سلوني پنجين روپئي جو نوٽ ڏنو، جو هن وڏي زور بعد ورتو. کيس ٻُڌايم ته بنگلاديش جا پئسا ته ٻاهر مٽجي ڪونه ملندا. بئنڪون ته هن وقت بند آهن. باقي عام مارڪيٽ ۾ فقط ڊالر، پائونڊ ۽ جپاني يين (Yen) ٿا مٽجن.
”ها مونکي خبر آهي. هي پيسا مون Declare ڪيا هئا سي ٻُڌائي کڻيون پيو وڃان. منهنجي دوست وٽ ڊالر آهن.“
ايتري ۾ سندس دوست به ڪسٽم آفيسر کان جند ڇڏائي آيو ۽ سامهون بيٺل ڪسٽم آفيسر جيڪي چيونگ گم چٻاڙي رهيا هُئا تن کان پڇڻ لڳو ته ٻاهر شهر ۾ پئسا مٽجي ملندا يا نه؟ هنن پهرين ڏاڍيان کيس ٻُڌايو ته نه سڀاڻي بئنڪ تان مٽائجانءِ. پر پوءِ آهستي ڪنهن هوٽل جو نالو وٺي ٻڌايائونس ته اتان يارهين روپئي في ڊالر مٽائجانءِ. اسان جو ڏٺو ته ملڪ جي محافظن جو ئي اهو حال آهي جو بليڪ تي مٽائڻ لاءِ پنهنجي ڪنهن واقف هوٽل واري جو ڏس ڏئي رهيا آهن سو اسان کين چيو: ”دوستو گھٻرايو نه. ٻاهر هليا وڃو. ڪنهن به دڪاندار سان ڳالهه ڪندائو ته ٻارهن روپيا خوشيءَ سان ڏيندانوَ.“ ۽ هو کلندا ٻاهر نڪري ويا.
”ساڍي ڇهين روپئي ڊالر بئنڪ تان ڪير مٽائيندو.“ مظهر آهستي ڀڻڪيو.