الطاف شيخ ڪارنر

سي ئي جوڀن ڏينهن

سري لنڪا جاگرافيائي طور اهڙي هنڌ تي آهي جو بنگلاديش، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ته ٺهيو پر ڏور اوڀر جي ڪنهن به ملڪ هانگ ڪانگ، ڪوريا، جپان، چين، فلپين وغيره ڏي وڃڻ يا اتان موٽڻ وقت بحري جهاز کي سلون جي بندرگاهه ڪولمبو وٽان لنگهڻو پوي ٿو. الطاف هن ڪِتاب ۾ پراڻي زماني ويدن جي وقت ۽ هن وقت جي سري لنڪا بابت معلومات ڏني آهي. اتي جي سماجي ۽ سياسي حالتن تي لکيو آهي. مشرق ۽ مغرب جي ماڻهن جي مجموعي طور تي سلوني ماڻهن جي انفرادي سوچ ۽ ذهني لاڙن جي پنهنجي نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان کي مغرب سان ڀيٽيو آهي. سموري ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۽ ماڻهن جي ذهنيت جو اڀياس ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2793
  • 819
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سي ئي جوڀن ڏينهن

الطاف جو فن ۽ فڪر

الطاف شيخ جو هي اٺون سفرنامو: ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ پڙهندڙن جي هٿ ۾ آهي. هن کان اڳ ’اناميڪا ‘1965ع، ’منهنجو ساگر منهنجو ساحل ‘ 1969ع، ’پيار جي گھُٽ‘ 1970ع، ’سمونڊ جن ساڻيهه‘ 1972ع، ’سمنڊ جي سيوين‘ 1973ع، ’دنيا آهي ڪاڪ محل‘ 1974ع ۽ ’بندر بازارون‘ 1975ع، گُذريل ڏهن سالن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
مذڪوره دلچسپ ۽ معلومات افزا سفرنامن هن جوان سال ۽ زنده دل اديب کي ڏهن سالن جي مختصر عرصي ۾ سنڌ جي ممتاز اديبن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي.
الطاف جي مقبوليت جو سبب هي آهي ته هن جو ذهن سُلجھيل ۽ صاف، ديانتدار ۽ سچو آهي. سندس لکڻين ۾ تازگي، شوخي ۽ ماحول سان هم آهنگي آهي. هو تنقيد ڪرڻ وقت مصلحتن ۽ دنياسازيءَ مان ڄاڻي ئي ڪونه.
سندس لکڻين جو هڪڙو مقصد هي به آهي ته سنڌ وارن کي بيروني دنيا سان روشناس ڪرائڻ ۽ منجھن سير و تفريح، سياحت ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ اتساهه ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ؛ خاص طور سنڌ جي ننڍي ٽَهي ۽ نئين نسل ۾ الطاف شيخ جي لکڻين گھڻو اعتماد ۽ بلند حوصلو پيدا ڪيو آهي.
اها اسان کي خبر ڪانه هُئي جيڪا الطاف ٻُڌائي ته دنيا جو اهو ڪو شهر، ڪو ملڪ ڪو بندرگاهه ناهي، جتي سنڌي باعزت طور آباد نه هُجن. دنيا جي هر خطي ۾ سٻاجھڙا سنڌي صدين کان آباد آهن ۽ اتي نهايت باوقار ۽ باعزت زندگي گُذارين ٿا ۽ کين سنڌ ۽ شاهه لطيف لاءِ اڄ به بي انتها عقيدت آهي.
الطاف جي مربوط ۽ تازا ترين سفرنامن جي ملڪي ۽ غير ملڪي پڙهندڙ گھڻي قدرداني ڪئي آهي ۽ پاڪستان رائيٽرس گِلڊ کيس سندس لکڻين تي انعام ڏنو آهي.
الطاف جو جڏهن پهريون ڪتاب ’اناميڪا‘ شايع ٿيو ته سندس عمر ويهن سالن کان به گھٽ هُئي، هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهي ميرين اڪيڊمي چٽگانگ ويو، جتي هن فني تعليم سان گڏُ بنگالي زبان تي عُبور حاصل ڪيو ۽ چُونڊ بنگالي افسانن جو ترجمو ڪري، سنڌي ۽ بنگالي اديبن کي هڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
الطاف جا سفرناما دراصل انهن ملڪن جي چڱي خاصي تاريخ آهن. تاريخ لکڻ لاءِ مؤرخ ۽ سياح ۾ جيڪي خوبيون هئڻ گھُرجن سي سڀُ هن ۾ بخوبي موجود آهن. مثلاَ ان ملڪ جي ٻوليءَ جي ڄاڻ، ان ملڪ جو بار بار دورو ڪري، اتي جي سياسي پس منظر کان آگاهي، اتي جي مذهبي حالتن جو علم، اتي جي هر طبقي جي ماڻهن سان ميل ملاقات، انهن جي قومي تقريبن ۾ شرڪت، انهن جي شادين مُرادين ۾ شرڪت، ان ملڪ جي تازه ترين لٽريچر ۽ تاريخ جو مطالعو ۽ مشاهدو ۽ انهيءَ سموري معلومات کي غيرجانبداري ۽ فني ترتيب سان تحرير ۾ آڻڻ جو اسلوب ۽ انداز.
جيئن پوءِ تيئن الطاف وڌيڪ مصروف ٿيندو ويو، هن جڏهن ”سمونڊ جي سيوين“ ۽ ”بندر بازاريون“ ڪتاب لکيا ته هو سينيئر ميرين انجنيئر هو، پر انهن ڪتابن ۾ ويتر وڌيڪ تفصيل ۽ باريڪيءَ سان سفرناما قلمبند ڪيا اٿس ۽ هاڻي جڏهن سندس هي تازه ترين ڪتاب ڇپجي چُڪو آهي ته الطاف چيف انجنيئر جي اهم عهدي تي فائز آهي ۽ تمام مصروف سرڪاري ۽ پيشيوراڻي ذميدارين سان گڏ هو جهاز تي پنهنجي ڪُٽنب سان گڏ سفر ڪندو آهي. مون سمجھيو ٿي ته هاڻي سندس لکڻ جي رفتار سستُ پئجي ويندي نه ته به ڪم از ڪم هو ايتري باريڪي ۽ گھرائيءَ سان ۽ ايتري Sharp Vision ۽ ڀرپور ائپروچ Approach سان لکي ڪونه سگھندو، پر سندس لکڻين ۾ اهائي حيرت انگيز تازگي ۽ شوخي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، هن ڪتاب ۾ ته ويتر وڌيڪ سنجيدگي ۽ پُختگي به موجود آهي. نه صرف ايترو پر اسان سندس هن ڪتاب ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ کي خالص تحقيقي مقالو چئي سگھون ٿا، جنهن ۾ سريلنڪا جي تاريخ، تهذيب تمدن، اقتصاديات، جاگرافي، مذهب، ٻولين، ڌنڌن، ريتن رسمن، مزاج، ماحول، مسائل ۽ وسائل جو مستند حوالن سان احوال ڏنو ويو آهي. جنهن ڪري هي ڪتاب سنڌ ۽ سريلنڪا وارن لاءِ اهم حوالي جو ڪتاب چئي سگھجي ٿو.
هن ڪتاب لکڻ ۾ الطاف جي ڏهن سالن جي محنت ۽ تحقيق شامل آهي. اڃا هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هو ته هن جا بيشمار قلمي دوست ڪولمبو سان تعلق رکندا هُئا. جن سان هو گھڻو حُجائتو هو ۽ کانئن سندن ملڪن بابت طرحين طرحين جا سوال پُڇندو هو. ڪولمبو هڪ اهڙو بندرگاهه آهي جتي الطاف جي جهاز کي اڪثر هر سفر ۾ ايندي ويندي ترسڻو پوي ٿو ۽ کيس سريلنڪا جو تفصيلي ۽ بار بار دورو ڪرڻ جا موقعا ملندا رهيا آهن، تنهن سان گڏُ الطاف کي ڪيترن ئي مستند غيرملڪي تواريخن ۽ مذهبي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻو پيو آهي ۽ کيس سنهالي، هندي، چيني، انگريزي ۽ عربي زبانن سکڻ جي ضرورت محسوس ٿي. هن کي تاريخ اسلام سان گڏُ ٻڌ مذهب ۽ هندو ڌرم جو تقابلي اڀياس (Comparative Study) ڪرڻو پيو ۽ هنن مذهبن جا سمورا مندر ۽ تاريخي يادگار کيس ڏسڻا پيا ۽ انهيءَ معلومات کي مربوط ڪري هن نوجوان اديب سريلنڪا جي ڪلچر ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي.
ممڪن آهي ته هي ڪتاب انگريزي يا سلوني زبان ۾ ترجمو ڪيو وڃي ۽ سلون جا رهواسي ۽ ٻيا غيرملڪي پڙهندڙ هن محنتي ۽ مخلص اديب جي تعريف جا ڍُڪ ڀرين. مون کي يقين آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪولمبو يونيورسٽي هن ڪتاب جي قدرداني ڪندي، جنهن ۾ لائق محقق جو خلوص، درد ۽ انساني دوستيءَ جا جذبا ڪارفرما آهن.
جيڪڏهن هن ڊائري کي ايڊٽ ڪري سمورا حوالا، حاشيه ۾ هيٺيان ڏئي، مسلمه ترتيب سان، مصنف ۽ ڪتاب جو نالو، سن طباعت، تعداد، واليوم ۽ (جلد) پبلشر جو نالو ڏجي ها ته هن تحقيقي ڪتاب کي فني طور وڌيڪ بهتر بنائي سگھجي ها ۽ اڃا وڌيڪ سُٺو ٿئي ها جو هيڏي ساري محنت سان لکيل ڪتاب جي اڳيان فهرست، ماخذ ۽ آخر ۾ ببلوگرافي کي ترتيب ڏئي ڪتاب ۾ شامل ڪجي ها ۽ پڻُ سلون جو نقشو ۽ ٻين تاريخي عمارتن ۽ شهرن جون تصويرون Illustrations and Pictures هن ڪتاب ۾ اچي وڃن ها ته هن ڪتاب جي اهميت کي چار چنڊَ لڳي وڃن ها. ڇو ته يقينن اڳتي هلي هي ڪتاب مؤرخن، محققن ۽ ترجمو ڪندڙن لاءِ هڪ ڪارائتي شيءِ ثابت ٿيندو.
الطاف جي سمورن ڪتابن جو لهجو عوامي اسٽائيل (Spoken Form) ۾ آهي جيڪو عام طور انهن گرامري بندشن ۽ بيهڪ جي نشانين کان مستثنى ۽ آجو هوندو آهي. هو جيئن جيئن سير سفر ڪندي پنهنجي دوست مظهر سان گفتگو ڪري ٿو جيئن جيئن ٽئڪسي وارن، دڪاندارن، بوڪ سيلرن، درزين، سئنيما وارن سان ڳالهائي ٿو، دعوتن ۽ پارٽين ۾ جيڪا سندس گفتگو ٿئي ٿي، ان جو هوبهو هڪ ٽيپ رڪارڊ سفرنامي جي صورت ۾ اسان تائين سندس دوستن جي خطن ذريعي قرطاسي قالب ۾ اوتي اُماڻي ٿو. ائين نه ڪرڻ سان يقينن سندس سفرنامي مان اها اصليت، رنگيني ۽ رونق غائب ٿي وڃي ها. ٺيٺ ادبي ڪتابن ۾ گرامري اصولن موجب لکيل تڪلف واري زبان ۽ لهجي Standard Dialect ۾ Written Form ۾ ڍاليل اسلوب ۾ هي سفرناما لکيا وڃن ها ته هي ڪتاب هڪ رسمي، مصنوعي ۽ اوڦٽو پيو لڳي ها.
هن ڪتاب ۾ به الطاف سندس ٻين سفرنامن وانگر جا بجا ٻين ملڪن جي حالات کي پنهنجي ملڪ جي حالتن سان ڀيٽيندو ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪندو آيو آهي. سندس رايي موجب اڄُ به مشرق جا ڪم و بيش سمورا ترقي پذير ملڪ معاشي بدحالي، غربت ۽ افلاس ، بک بيروزگاري، ناخواندگي ۽ غير يقيني ڪيفيتن سان دوچار آهن. اهڙن حالتن ۽ واقعن جو هن بارها ذڪر ڪيو آهي ۽ نهايت دردانگيز انداز ۾ هن سريلنڪا توڙي ٻين ملڪن جا اهڙا ڀيانڪ منظر چٽيا آهن.
الطاف هاڻ هڪ سنڌ واسيءَ کان وڌيڪ هڪ بين الاقوامي شهري بنجي چُڪو آهي. ساري دنيا هن جو گھر آهي. بقول اقبال جي

”مسلم هين هم وطن هي سارا جهان همارا“

دنيا جي هر ڪنڊ ۾ وسندڙ غريب، مفلس ۽ نادار لاءِ ساڳي محبت ۽ همدردي جا جذبا رکي ٿو. ميوو وڪڻندڙ ٻُڍڙِيءَ جي درد انگيز داستان جو بيان ڪندي سندس اکيون آليون ٿيو وڃن. هن حساس اديب لاءِ انسانيت جو درد ۽ ڪرب، چنتا ۽ پيڙا يڪسان طور مؤثر ۽ پريشان ڪُن آهي. چاهي هو سنڌ جو هجي يا سريلنڪا جو.
هو شاهه لطيف جي هن دعا موجب سموري دنيا ۾ سُڪار ۽ امن ۽ شانتيءَ جو دعاگو آهي:


”سائينمِ! سدائين ڪرين مٿي سنڌُ سُڪار
دوست مٺا دلدار! عالم سڀُ آباد ڪرين.“


هر روز هو نوَن نوَن ۽ حيرت انگيز تجربن مان گُذرندو رهي ٿو ۽ انهن حالتن ۽ واقعن کي پنهنجي ملڪ جي حالتن سان ڀيٽيندو ۽ انهن جي ڀيانڪ نتائج کان خبردار ڪندو رهي ٿو. هر ماحول ۾، هر حالت ۾، هو جيڪو ڏسي ٿو. جيڪي وهي واپري ٿو سو سڀُ هوبهو بنا هٻڪ ۽ هچڪ جي بنا ترديد ۽ ترميم جي اسان تائين پهچائي ٿو.
الطاف جي انهن لطيفن ۽ واقعن ۾ به هڪ مقصد هوندو آهي ته پڙهندڙ معاشري جي اوڻاين، شراب نوشي، جنسي بي راهه روي، بُک افلاس، بيروزگاري جي اصلي سببن مان به واقف ٿين ۽ انهن ڀيانڪ نتيجن کان به آگاهه ٿين. هو پڙهندڙن جي احساس، حوصلي اخلاق جي اصلاح جو عزم ۽ مقصد رکي ٿو.

نشي جي عادت، بيروزگاري ۽ افلاس سبب پيدا ٿيندڙ ناخوشگوار حالتون، چوريون، ڦريون، اخلاق سوز واقعات ۽ ٻيون عجيب غريب وارداتون ڏسي هو گھڻي ڏک ۽ حسرت سان لکي ٿو ته:
”اهي سڀ اسان جي مشرق جون خاص نشانيون ۽ علامتون آهن.“
پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي وسيع مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي جيڪي نتيجا اخذ ڪري ٿو سي سندس اخلاقي بلندي ۽ اعلى ظرف جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ اسان سڀني لاءِ حوصلي افزا آهن، هو لکي ٿو:

”انهن ڳالهين هوندي به جيڪا خوشي (مشرق جي مفلس ۽ نادار) پوڙهيءَ جي چپن تي مسڪراهٽ جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي، اهڙي خوشي، اهڙو توڪل ۽ اهڙو سُڪون، مغرب وارن کي سڀُ ڪجھه هوندي به حاصل نه آهي.“

ڊاڪٽر پروفيسر عبدالرحمان قريشِي
ايم.اي، ڊي.ايل.سي.سي، پي.ايڇ.ڊي.
12 آڪٽوبر 1977ع


هائوس نمبر E-1
سٽيزن هائوسنگ سوسائٽي
حيدرآباد