ڪھاڻيون

سپنن جو پڌر

هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ستن ڪھاڻيڪارن پير عبيد راشدي، عين سحر، ياسمين چانڊيو، سرمد عباسي، مخدوم آسيہ قريشي، شھزاد سھتو ۽ آصف ڪالرو جون ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آھن. سڀني تخليقڪارن پنھنجي وت آهر ڪھاڻين سان خوب نڀايو آهي. ھي ڪتاب مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين سبب ھڪ گلدستو لڳي رھيو آھي جنھن ۾ مختلف انداز، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ سبب ڪھاڻين جو منفرد سواد ملي ٿو.

Title Cover of book سپنن جو پڌر

ٽُڪ جي رليءَ تي ڪاٺ ڪٽي جي ٽڪ ٽڪ

فارم هائوس جي چوڏسا ۾ ناريل، پام، زيتون ۽ چڪونءَ جا وڻ، پر ميان محمد ملوڪ لاءِ جهڙو مٺو بڙ جو شاهي وڻ. جڏهن هوائن تي بڙ جو وڻ پينگهو ٿيندو آهي تڏهن ميان محمد ملوڪ جي رڳن جو رت ٽهڪي ڳڙي پوندو آهي. هو بڙ جي کير کي انسان نسل جي واڌ ويجهه لاءِ ٻاڪري ۽ ماهي کير کان وڌيڪ لاڀائتو سمجهندو آهي. عام باغ، باغيچن ۽ فارم هائوسز ۾ مکڙيون ماڪ تي ٽڙنديون آهن پر ميان محمد ملوڪ جي فارم هائوس جي وشال لان جون مکڙيون ڪنهن چاڳ نخري تي ٽڙي واس ڪنديون آهن. شام ويلي جڏهن هوائون رات راڻي، چنبيلي جا هُٻڪار سان سنجوڳ گهونگهٽ ڪري هلنديون آهن تڏهن پارڪ ۾ ويٺلن ۽ سوئمنگ پول ۾ ترندڙ تڙڳندڙن جي بدن ۽ پيرن ۾ ڪتڪائي ڪڍنديون آهن تڏهن هنن جا ٿڪ لهي پوندا آهن. ڪوهستان گڏاپ جي هنج ۾ اڏيل فارم هائوسز جو ڪارج جيڪڏهن ماڻهن ورونهن وندر مهيا ڪرڻ آهي ته پوءِ عام ۽ بيوس ماڻهن کي چهچٽن کان پري ڏسيو اهو ڪارج بي معنى ۽ ڇسو محسوس ٿيندو آهي. هونئن به ڪراچي ۽ ڪراچي کان ٻاهر پهچ وارا ماڻهو تفريح جي نالي ۾ زمين تي قبضا ڪري غريب ماڻهن کي دربدر ڪندا وتن. ميان محمد ملوڪ جي مثالي فارم هائوس تي لٿل جوڙا جڏهن هيج مان مرڪندا ۽ ٽهڪندا آهن. تڏهن عام ماڻهون ڀلجيو ڪوهستان جي آسمان ۾ ڪونجن جي وڳر ۽ ڪرڪي لاءِ واجهائيندا آهن. ۽ پوءِ هنن جي نهار پدمڙين جي پيرن ۾ ڇير ڇمڪي جيان ڄمي ويندي آهي. عام ماڻهو ته ڇيڳرن ڇيڳرين جي ٽهڪن تي ڪونج ڪرڪي لاءِ آسمان ۾ واجهائيندا آهن. پر ميان محمد ملوڪ جي مٿي ۾ جونءَ به ڪا نه سرندي آهي ڇو ته هو سوئمنگ پول ۾ ماهه پارا سان تڙڳندو ورندرندو ۽ ونجهن جهڙا هٿ پير پيو هڻندو آهي. هڪ ڀيري سندس پراڻي هجائتي ملازم ۽ ماهه پارا جي عشق نامراد ڀوڳ جو ڀوڳ سچ جو سچ ٺهڪائي ڏنو هئس ته:
“ميان صاحب ! ڇهين ٻارهين مهيني تنهنجي پاکر نصيب ٿيندي آهي پر جي اها پاکر ڏئين ته قبر ۾ به دعا ڪندو سئين.”
ميان محمد ملوڪ ماهه پارا کي گهُور وجهندي وراڻيو:
“اها پاکر ناهي، پر چاٻُو حلوو آهي.”
ميان جو ڪڙو لهجو مٺو هو. اهو ملازم جڏهن ماهه پارا کي حسرت وچان گلدستو پيش ڪندو آهي ته ميان محمد ملوڪ چوندو اٿس ته: “گل ڀلي ڏينس پر گلن کي پيوند نه لڳائجان متان پرڏيهي صحافي ڊينئل پرل وانگي قتل ٿي وڃين !”
غريب بي پهچ ٿڌو ساهه جهلي ماهه پارا ۾ مٺي گهوُر وجهي ورائيندو آهي.
“پيوند لڳائڻ جي ڪهڙي ضرورت، ماڪ ڀنل گلابن ۾ خوشبوءَ سان گڏ منهنجو حسرتون پڻ آهن. اهي پرين جي حواسن ۾ ڌڌڪو ضرور ڪنديون، اها ئي منهنجي وڏي ميراث آهي.”
ميان محمد ملوڪ جڏهن ڊگهي وڏي چاڙهيءَ تان پول ۾ ترڪندو آهي ته کيس پنهنجا حواس سوڙها ۽ ٻٽيل حواسن سان گڏ جوڀن رُت موٽي ايندي اٿس. فارم هائوس جو مالڪ ته ٻارهو ئي ابو دهبي ۽ يورپ ياترائن ۾ ڪڏهن ڪنهن سال وطن ورندو آهي ته ابو دهبي جا شيخ فارم هائوس تي لايا سجايا ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ۽ هنن جي شفاءِ سان فارم هائوس مالڪ جي خاندان جو ڪو هڪ فرد اقتدار جو مهرو ٿي پوندو آهي. عام ماڻهو ميان محمد ملوڪ کي فارم هائوس جو مالڪ ۽ ٽرپل ايم روحاني بابا آف کڏا مارڪيٽ ڪلفٽن وايه ڊفينس جا نالي سان سڏيندا آهن. ميان محمد ملوڪ نه رڳو هاٺيءَ ۾ بحري غوراب جهاز جهڙو پر سندس عرش يعني لسي ٽڪڻ تي سدائين جناح واري ڪراڪلي ڪاري ٽوپي، وڏي ڊگهي ڏاڙهي ۽ ضياء الحق واري مجلس شورائي ميمبرن واري ڪاري ڊگهي شيرواني ۽ پيرن ۾ ملتاني چهنب دار جُتي هوندي آهي. اڪثر ذهني وسوڙيل ماڻهون کانئس پنهنجن بيمارين ۽ نفسياتي محرومين جي علاج لاءِ دم ڦيڻا ۽ ورد وظيفا وٺندا آهن. ڪيترا مراد وٺندا ۽ مراديون ميان صاحب جي پيرن ۾ پيل ملتاني چهنب دار جتيءَ کي وڏي تبرڪ ۽ ڪرامت وارو سمجهندا آهن.
فارم هائوس جي ڊرائنگ روم ۾ لونگ جي ڪارپيٽ تي ميان صاحب ڄاڻي واڻي ڪرندو ٿاٻڙجندو آهي يا ڪا نئين مراد وندي ٿاٻڙجندي آهي ته ڀلو ميان محمد ملوڪ جو ٿيندو آهي ڇو ته مراد وندي ادب ۽ احترام وچان ٻانهون کولي بچائي وٺندي آهي. جڏهن ڪنهن جي مراد پوري ٿيندي آهي ته ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي مشهور بيڪرين جا ڪيڪ ۽ پيسٽرين جا شاپر خيابانِ شهباز، خيابانِ هلال يا فارم هائوس پڄي ويندا آهن. جن جي واپرائڻ سان ميان محمد ملوڪ ذيابيطيس جو مريض ٿي پيو آهي. فارم هائوس جو مالڪ پرڏيهه مان ولايتي دوائون موڪليندو اٿس. ميان صاحب حڪمت جو وڏو پارکو، شگر جي تيماداريءَ ۽ جنسي قوت باهه وڌائڻ لاءِ فارم هائوس کان پرڀرو ٻه ٽي ماڻهو وٺي ڪوهستان جي پٻ مان جڙي ٻوٽيون ڳولهائڻ لاءِ نڪرندا آهي. جڏهن ماڻهو جڙي ٻوٽيون پيا ڳولهيندا آهن تڏهن ميان صاحب پهاڙ جي وچ مان گذرندڙ قدرتي برساتي نئين تي ٻڌرايل ڪاٺ جي پل تي ويٺل هوندو. هي جڙي ٻوٽيون نه رڳو پاڻ رهڙيندو آهي پر ٻين کي پڻ صلاحيندو آهي. جڏهن ڪو ذهني وسوڙيل نوجوان ڪميشن جو وڏو امتحان پاس ڪري وڏي ڪرسيءَ تي ويهندو آهي ته سندس رزق حلال عين عبادت جو ڪجهه حصو ميان صاحب جي شيروانيءَ جي کيسي ۾ پوندو آهي. ڪجهه سال اڳ سنڌ جي ڪنهن وزير جنهن سنڌ جي “ڀوت گهر بنيل اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ماسترن کي چپٽي وڄائي سڌو ڪرڻ جو ڏونڪو هنيو هو سو جڏهن يورپ ياترا ڪري موٽيو ته هڪ اڌ ڏينهن سيڪريٽريٽ ۾ ويهي سپر هائي _ وي تي پنهنجا پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشن ڏسي ڪوهستان فارم هائوس ڏانهن لڙندي پنهنجي گن مين کان اڇي ٽوپي مٿي ڪري انهيءَ مراد سان لٿو ته کجين واري پرڳڻي جي بادشاهه ميان محمد ملوڪ جي دعائن سان وڏي ڪرسي ماڻيندو. وزير صاحب سان رسمي کيڪار ڪري صوم صلوات، حق شراءِ ۽ پاڪائي جا مسئلا پڇڻ لڳو. ميان صاحب پهرين ته کيس ڌيرج سان سڀ مسئلا سمجهايا ۽ پوءِ بحري جهاز جهڙي جناح ڪراڪلي ٽوپي ٽڪڻ تان لاهي سائيڊ ٽيبل تي رکي ۽ پنهنجي فطرت لڪائي نه سگهيو.
“ماما مجن مجنا! يورپ جا گس تازو لتاڙي آيو آهين اڃان ته اتي جي رنگن جو خمار ڪو نه لٿو اٿئي ڪجهه قصا ڪر اتي ڪي ڪلبز، فارم هائوسز ۽ هتي جي فارم هائوسز ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ يا اڃان به چهچٽا، سونهن سرت وڌ ؟”
اوچتي غير متوقع سوال تي وزير صاحب کان ڇرڪ نڪري ويو. اهڙو ڇرڪ سنڌ تي ٿاڦيل بلدياتي ٻٽي نظام لاڳو ڪرڻ وقت ڪو نه نڪتو هئس. هو نئن به وزير صاحبن کي ڇرڪ ڪو نه پوندا آهن. وزير صاحب مٿي ڪيل اڇي ٽوپي ڄڻ ٽيبل تي اڇلائي، اڇلايل ٽوپي ڪارپيٽ تي ڪريس ها پر ڀر ۾ ويٺل سيڪريٽري جهٽي ورتي.
“ميان صاحب ! وڏو فرق !! چار راتيون اڃان به سرس وڌيڪ رنگين سنگين چهچٽا کليل پڌر روشنين ۾ اڇا ڀوروا ٿڙڪندڙ جسم جهل نه پل ....!!!”
وزير نائيڪ ڪمپني، ڪو ولايتي جاگر سوڌو ٽنگون سامهون ٽيبل تي رکندي ٻڌايو. اڃان به پراڻي وليز جيپ وانگر موشن کڻي ها پر ميان صاحب جي رڳن ۾ ڪوهستان جي جڙي ٻوٽين ۽ بڙ جو کير ٽڙڪڻ لڳو ۽ موبائيل تي ڳالهائڻ لڳو:
“صفا آسمان ۾ اڏرندڙ پکي ٿي اچ .... نه نه ڇا جو خيال رک رکاءُ.... پاڻ ماڻهو کي هڙان وڙان خوش ڪرڻ جا عالمي چئمپين آهيون. نه نه ڇا جو رک رکاءُ... هي ساڳيو مامو مجن مجنون آهي. اڳي ٻارڙن سان ناٽڪ ڪندو هو ۽ هاڻي ڪم سان ، ٻه گلاس ۽ جاني واڪر يا بليو ليبل صفا ڪوهستان ۾ اڏرندڙ ڪونج، تلور ٿي اچ.... پکين جو ڦٿڪو لامارو وزيرن کي سنڌ قربان ڪرڻ لاءِ هشي ڏيندو آهي.”
ميان صاحب جو لهجو ڌيمو هيو. ميان صاحب موبائيل آف ڪري ٽيبل تان ڪراڪري ٽوپي کڻي پنهنجي ٽڪڻ تي ڄڻ پڙ وڌو.
“چئبو ته ڏيهي جهان، پرڏيهي جهان کان گهڻو پوئتي آهي....؟ ”
ميان صاحب جي پڪي ٺٺول وزير صاحب کي سنڌ تي مڙهيل ٻٽي نظام جي رِٿ وانگر سمجهه ۾ نه آئي. يا نرڄائو هو.
“اها سوچ اجائي ....”
وزير صاحب ايترو ڳالهايو ته ڪا پدمڻي پکيءَ وانگر قدرتي لباس ۾ ٻچڪ ٻچڪان ڪندي ٽري ۾ آئيس ڪيوب گلاس ۽ بوتل ٽيبل تي رکي.
“ماڻهو جي لچڪ، ماڻهوءَ جي من ۾ خوشي ولاس وکيري ڇڏيندي آهي.” ميان صاحب ڳالهايو.
“دور ٻيو آهي، پر نصاب ساڳيو آهي.” وزير صاحب پدمڻي جو اڀياس ٿي ڪيو.
وزير صاحب کي ڏندي آڱريون نه آيون. ڏندي آڱريون اچنس ته به ڇا لاءِ ؟ ڏند ته ڪيترن سالن کان لٻاڙي اتحادين جي مرچ مصالحي وارين دعوتن ۾ کٽا ٿيل هيس. ٻانهون ته ڪيترا سال اڳ داو _ مورو پل جي افتتاح وقت ايشياءَ جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءِ کي هار پارائڻ وقت وڃائي ڇڏيون هيائين. پدمڻي ساڳي لک برابر لوڏ سان سامهون بيٺل هئي.
“وائيگرا ۽ رف ٽائيگر آنديون اٿم. پي آئي بي اچو ته کنيو وڃجو !” وزير جو لهجو وکريل هو.
“پي آئي بي ڇو ؟ ميان صاحب مختصر پڇيو.
“ماڻهو ٻالڪجتيءَ ۾ ماڻيل رنگن جا ماڳ ٿاڪ ڪٿي ٿو وساري سگهي؟”
پدمڻي گهڙي کن بيهي پرتي هلي وئي. ساڳي گهڙي لک برابر لوڏ سان ڄڻ ڪيٽ واڪ ڪندي ڊراءِ فروٽ ۽ نمڪو جي ٽري سان موٽي آئي. ميان صاحب ڪراڪلي ٽوپي لاهي گنجي ٽڪڻ تي آڱريون ڦيرائڻ لڳو ۽ اکيون پوري ڇڏيائين. ڄڻ خيالن ۾ ڪوهستان جي جڙي ٻوٽين جا ماڻيل لمحا ياد ٿي پيس. ڊرائينگ ۽ لونگ جون تيز روشنيون سندس ٽڪڻ ۽ پدمڻي جي بدن تي ترڪيون پئي. “اقتدار جو هماءُ پکي سدائين ڪونه هوندو آهي. سانجهي اچي وئي، اٿو ڪجهه ڌرتي تي پرک جي اک رکو.....” ميان صاحب جون اکيون ڪوهستان جي پهاڙ جي ڪنهن بند چُر وانگر هيون. هن گهڙي لاءِ اکيون پٽي وري بند ڪري ڳالهايو:
“سنڌ جو ڪوهستان سپر هائي _ وي کان هليو ته وڃي چانڊڪا پرڳڻي کي ڀاڪر ۾ ڪندو آهي، پهاڙ ته جنم ڀومي کان سڏ پنڌ تي اٿو ؟”
“جي ءُ .....!” وزير صاحب وائڙپ مان جي ڪئي.
ميان صاحب کيس سمجهايو: “جنهن سون ورني ڌرتيءَ جي ڪُک ۾ منڍيري پتاشو ۽ بڙ جو کير هجي، اتي وائيگرا ۽ رف ٽائيگر جي ڪهڙي ضرورت ....!؟ ڳالهه آهي پرک جي ....”
ميان صاحب اکيون پٽيندي سامهون بيٺل پدمڙي کي ڏٺو.
ميان صاحب جڏهن فور ويل ڊبل ڪئبن ۾ جن واٺن سان ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي واري کڏا مارڪيٽ يا ڪلفٽن پارڪ ٽاور ويندو آهي ته ڪيترا ماڻهو سندس ظاهري گيٽ اپ ڏسي ادب ۽ احترام وچان مٿس ڳاهٽ اچي ٿيندا آهن. عام خاص ته ڇڏيو پر خواجه سراءِ فقير تاڙيون وڄائيندا نچندا ترڪندا وٽس اچي دعائون وٺندا آهن. هڪ خواجه سراءِ فقير ته کيس لڙڪ وهائيندي ٻڌايو هئس ته ڪي ڇورا ڪار ۾ کنڀي کڻي ڪيترا ڏينهن تشدد ڪري زخمي ڪري وڌائون ۽ ڌنڌو ٺپ ٿي ويو آهي. ميان صاحب همدردي ڪري وڏي شيرواني مان کيس پنجين جو سڪو ڏيئي دعا لاءِ چيس. “هيڏي وڏي جيپ، اڃان ڪهڙي دعا ٿيندي، شيدي ڊرائيور ته گڏ اٿئي ؟” فقير جي ڀوڳ تي ميان صاحب ۽ سندس وانٺا هڪا ٻڪا ٿي ويا. پوءِ اهو فقير ميان صاحب جو مرادوندو پانڌڙو ٿي پيو. خيابانِ شهباز، خيابانِ هلال ۽ فارم هائوس تي وڃڻ لڳو ۽ ميان صاحب کي ور ور ڪري دعوت ڪرڻ جو چوندو هو.
“فقير ! دعوتون ته روز آهن، تون ڪا خاص ڪندي ڇا ؟”
“بلڪل خاص نرالي، ڪڪڙ، مڇيون، تلور، آڙيون ۽ ڀُڳل تتر ته روز ٿو رهڙين، آئون جليبين جي دعوت ڪنديس.” فقير وراڻيو.
“جليبين جي دعوت...!؟”
ميان صاحب جو لهجو حيرت جو پراسرار ڪوهستان بنيل هو.
“ميان صاحب! تون هوندي گرم ٽڙڪندڙ ڪڻڇي، آئون تو مٿان جليبين جهڙا وٽ ڏينديس !”
فقير چيلهه کي لوڏي تاڙي وڄائي، هٿن کي جليبين ٺاهيندڙ وانگر ڦيرو ٿي ڏنو. ميان صاحب جڏهن پنهنجي روايتي گيٽ اپ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ شهباز بلڊنگ ويندو آهي ته وزير، سيڪريٽري متاثر ٿي کيس وڏي عزت ۽ مان ڏيندا آهن. پر پوءِ ٻن ٽن ملاقاتن ۾ جڏهن پنهنجي فطرت جو ڀانڊو پاڻ وائکو ڪندو آهي ته هو کيس پاڻ کان وڌيڪ رنگين سنگين سمجهي هاضمي ۽ قوت باهه وڌائڻ جون ڦڪيون ۽ ٽڪيون وٺڻ لاءِ فارم هائوس تي لامارو ڏيندا آهن. ۽ فارم هائوس جي واٽر بيڊن ۽ عام پلنگن جا ٽڙڪا ۽ لوڏا وڌي ويندا آهن. هونئن ته سپر هائي _ وي گڏاپ ڪوهستان جي فارم هائوسز لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ چوٻول مشهوري پر ميان صاحب پنهنجي فارم هائوس جو پاڻ وات وڪيل ۽ وڄندڙ دهل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوهستان جي ميدانن ۽ پهاڙن تي مينهوڳي هوائن ۾ وڻ پينگهو ٿيل هئا ۽ وڻن جا پن ڪنهن سار جيان اڏامي وکريا پئي ، تڏهن ماهه پارا ڇيڳرن، ڇيڳيرين سان ڪوسٽر سجائي اچي فارم هائوس تي لٿي. ماهه پارا زندگي جي ڇهين ڏاڪي ۾ هئي. پر وقت جي خزان سندس سونهن تي پيلاڻ وکيري نه سگهي هئي. هوءَ ڪيترن ورهين کان شهر جي ماڻهن کي فطرت جا رنگ ڏيکارڻ لاءِ فارم هائوس تي ڏتاري وٺي ايندي هئي. ميان محمد ملوڪ تي الائجي ڪهڙو جادو ڪيو هيائين جو سندس چاهه چلولائي ۾ ٻيءَ ڏانهن اتفاقي نگاهه کي حرام سمجهندو آهي. ميان صاحب الائي ڪيترن ماڻهن کي ٻڌايو آهي ته ابو دهبي جي شيخن ۽ ماهه پارا جي هڪ “يا حبيبي حيا حيا” سان ماڻهن جي ڪلهي تي اقتدار جو سايو پوندو آهي. ماهه پارا جڏهن به ڊبل چال سان فارم هائوس تي لهندي آهي تڏهن ميان صاحب جي پيرن مان ڏانوڻ نڪري ماهه پارا جي غريب پراڻي عاشق بيوس ملازم جي پيرن ۾ پئجي ويندا آهن. ميان صاحب اڪثر ماهه پارا کي فارم هائوس کان ٻاهر پهاڙن جي وچ مان گذرندڙ نئين تي ٻڌرايل پل تي ڳرلاءِ ڳالهيون ڪندو آهي. هو اڪثر ساڳيو جملو ورجائيندو آهي.
“تنهنجو حُسن هن قدرتي نئين وانگر آهي، جو نه رڳو قدرتي نظارن کي معنى ٿو بخشي پر جابلو ٻوٽين کي اندر ۾ اوتڻ جو اُتساهه ٿو ڏئي...”
“سدائين ساڳيون ڳالهيون، ساڳيو جملو ؟” ماهه پارا چاڳ نخري وچان وراڻيو.
“ماکيءَ جي مک جي ڀونءَ ڀونءَ ڪڏهن پراڻي ٿي ؟”
موٽ ۾ ماهه پارا جا چپ پهاڙ تي پسندڙ بارش جهڙي وسڪار لائي ڏيندا آهن ۽ ميان صاحب جو پهاڙ جهڙو گرم وجود ڳري پوندو آهي. فارم هائوس تي لٿل جوڙن مان ڪي نوان آيل هئا ته ڪي هڪ ٻه ڀيرا اڳ ۾ به آيل هئا. هو سڀ ميان صاحب جو ظاهري گيٽ اپ ڏسي پنهنجي محرومين ۽ مرادن لاءِ ورد وظيفا وٺڻ لڳا. ماهه پارا ڪنهن ڇيڳري لاءِ ليلائيندي چيو:
“هن جي عمر چوويهه سال اچي ٿي آهي، ڪيترا رشتا ڪريو موٽيو وڃن ”
ميان ملوڪ ڪنڌ ڌوڻي ها ته ڪئي پر اکين جي بي قرار اسرارن مان وراڻيو:
“جي سڀ گهر تڙيون ٿينديون ته پوءِ تنهنجي مسند تي ڪير ويهي پکي چڳرائي ٻولرائيندو ؟”
ڇيڳرا، ڇيڳريون باغ باغيچا، مور، ڊيل وانگر ٽلندا ٽهڪو ڪندا سوئمنگ پول تي وڃي بئنچن تي ويٺا. ماهه پارا ۽ ميان محمد ملوڪ ٿورو پرڀرو پينگهي ۾ ويٺل هئا. آسمان تي بادلن ستارن سان لڪ لڪوٽي ٿي ڪئي. سرچ لائيٽ جي روشني پول جي ڇليل پاڻي سان ڳجهه ٿي ڪيا.
“ستارا تنهنجي ٽڪڻ مان وار ڳولهڻ لاءِ اُڀريا آهن.” ماهه پارا خماريل چاڳ سان سرٻاٽ ڪيو.
“ستارا توڙي چوڏهين جو چنڊ هميشه ٻاهران وار ڏسندا آهن، لڪيل ڳجها وار هميشه پارکو اک ڏسندي آهي، اهڙا وار جي ريزر ۽ ڪريم کان رهجيو وڃن.”
ميان محمد ملوڪ جو لهجو پاڻي مان نڪتل پلي ۽ گانگٽ جد دم جهڙو هو. هن لسي ٽڪڻ تي هٿ ڦيريو.
“پارکو اک غريب جي حسرت ته ڳولهي !”
ميان صاحب جي پراڻي هجائتي ملازم حسرت وچان ڳالهايو، جو وڻ جي اوٽ ۾ ويٺل هو. ميان صاحب غريب نامراد ملازم کي هڪ دفعي ماهه پارا جي ڪنهن پرائيوٽ بس سروس ۾ ملازمت ڪرڻ جو ٻڌايو هو. تڏهن ملازم ٿڌو ساهه کڻي چيو هو:
“تڏهن آئون ڪٿي هوس، ڪهڙن رستن تي ڌوڙ پاتم، خبر هجين ها ته انهي سروس جون ته ڇا پر ٽائر به چمان ها ۽ بس جي شيشن ۾ پنهنجي حسرت لهان ها ”
ماهه پارا مرڪي پينگهي کي ڌوڏيو ۽ غريب نامراد عاشق جي دل کي جهٻو اچي ويو. ميان صاحب ڪو جواب ڏي ان کان اڳ ڪوهستان جي ڪونجن جهڙو ڪرڪو ڪنن ۾ پيس
“آ ..... ن ....... ٽي ...... آنٽي ! ڇورا پاڻي ۾ ٻوڙيندا ....!؟”
ماهه پارا جو الڪو ڪجلين اکڙين ۾ ميگهه جهڙي ريکا ٺاهي ويو. ڳل جي لالاڻ تي راڪيٽ جي دونهين جهڙيون ڳار ٺاهي ويو. ميان محمد ملوڪ ڏوهيڙي جي انداز ۾ کيس دلاسو ڏنو.
“وهاڻا ٽپنديون، پٿراڻيون ماڙين تي پسار ڪنديون، ڪبوتر جهٽينديون !”
ماهه پارا هئي ته لنڊيون لتاڙيل ستن سمنڊن جو کارو پاڻي پيتل، “وهاڻو ٿيڻ” وارو محاورو هن لاءِ ڄڻ ڪوهستان جو اڻانگو پٻ هو. ميان محمد ملوڪ سندس پريشاني ۽ الڪو پرکيندي چيو:
“تون به ڪڏهين وهاڻا ٽپي هئين، پٿراني ٿئين ۽ ماڙيون ٽپي ماڳ ماڻيو هو.”
مينهوڳي هوائن تي وڻ ٽڻ ٿيل هئا. ٿوهر جا ننڍڙا ننڍڙا ڳاڙها گل پتنگن جيان اڏريا پئي. بڙ جي قديم وڻ تاڙين جهڙو کڙڪو ٿي ڪيو. بڙ جي وڻ مان لير گوها ڪري ڳڙيو ٿي يا نه پر ميان صاحب جي رڳن ۾ ٽاهڙ گهوڙي جهڙو سهڪو هو.
“آن ....... ٽي...... آنٽي ! ڇورا پاڻي ۾ ٻوڙيندا، ٻڏي مرنديوسين !”
سوئمنگ پول تان ڇورين جو ڪرڪو عطر ٻڙي وانگر سندس حواسن ۾ حواسجي ويو. ڇيڳرا آسمان جي وشالتا ماڻڻ ۾ هئا. هنن جي رڳن ۾ آسمان جهڙيون جهڙاليون لٿل هيون. آسمان جي وشالتا ماڻڻ جو موهه خمار گهڻو ڪري جوڀن رت ۾ آرس ڀڃندو آهي. مور ڊيلن جهڙو ٽهوڪو ڪندو آهي. وجود جي هڪ ديوار کي ٻي ديوار تي اڏري چپن جي پڌر تي ٽڙندو نچندو آهي، پر ائين به ناهي ته وشالتا جو خمار ڳو جوڀن رت ۾ آرس ڀڃي اهو موهه عمر جي لڪيرن جو قيدي ڀيدي نه ٿيندو آهي. ڪا نهار ، ڪو چاڳ آسماني وشالتا کي ڀاڪر ۾ ڪري وٺندو آهي. انهي ويلي زندگي تي لٿل سانجهي بسنت جي پرڀات محسوس ٿيندي آهي.
“ڌڪو نه ڏجانءِ ٻڏي مرندس” ڪونج ڪرڪي جهڙو سڏ وراڪو ۽ پاڻي ۾ جهڙو شپڪو (O Bloody ! Rascal) چوڏس پڙاڏو پئجي ويو.
ميان محمد ملوڪ مٿن کان بيٺل زيتون، چڪونءَ، ناريل ۽ پام جي وڻن کي حسرت وچان ڏٺو ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻندي زيتون جي ٽاري نڪ تي رکي ڇڏي.
“عام باغ باغيچن ۾ ٻارهين مهيني ميوو ۽ عدن ۾ سدائين ميوو ”
ماهه پارا جي مُک تي گهڙي کن لاءِ مرڪ ڊوڙي آئي ۽ پينگهي ۾ لڳل آرسي ۾ پنهنجو پاڻ پسايو. ڌڏڪيل پينگهو کيس مڙي ويل زندگي ڏانهن کڻي ويو.
چاليهارو سال اڳ ڪنهن آڙيڪاپ آنٽيءَ سان ميان محمد ملوڪ وٽ طارق روڊ تي اڄ وارو چلڪو نه هو. البته لبرٽي مارڪيٽ ۽ لبرٽي هوٽل هوندو هو. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مارڪيٽون هيون اڪثر پلاٽ خالي پيل هوندا هئا. سوسائيٽي محدود هئي. ٿورو پرڀرو جهيل پارڪ ڪوٺي هوندي هئي. جتي انساني نفس سِرڻ ، ڳِجهن PECHS جهڙو ٺونگو هڻندي هئي.
“مراد پوري ٿيڻ ۾ وقت لڳندو !” پهرين نهار ۾ ميان صاحب جي اندر مان گند نڪتو. سندس جسم تي سرِڻيون ۽ ڳجهون لٿل هيون.
“ڪيترو وقت لڳندو ؟؟” آڙيڪاپ آنٽي پڇيو.
”مراد اک ڇنڀ ۾ کنڀ نڪرڻ وقت ماڻي وٺبي آهي يا پوءِ پوياڙي جي پاڇن تائين پوري نه ٿيندي آهي”
تنهن وقت ميان صاحب جي سونهاري ۽ مٿي جا ڪجهه وار ماهه پارا کي اوڍيل ڪاري چادريءَ جهڙا نڀور هئا. آڙيڪاپ آنٽي ماهه پارا کي ميان صاحب جي گس لاءِ ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي ڪوڙڪي هنئي. ماهه پارا اڪيلي سر مراد ماڻڻ لاءِ ميان صاحب وٽ ايندي هئي ۽ هو کيس ڌتاري چيل ڪوٺي جهيل پارڪ پسار ڪرڻ لاءِ وٺي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ايلفي صدر ، ايڪلسيسلر ۽ رانا شبانه ڪلبز ۾ روزگار ڪنهن پرائيوٽ سروس ۾ هئس. جتي ڪيترن ئي مسافرن سان واسطا ٿيس. جن کيس واٽ وندر سمجهي پنهنجن پنهنجن منزلن تي لهي ويا. گهر واري پرچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر ميان صاحب جي دولاب ڪورٽ مان آزاد ڪرائي ڇڏيس. ميان صاحب کيس فلاحي ادارو قائم ڪري ڏنو. ڀلائي جي نالي ۾ ڪيترا انڌ ڌنڌ ٿيا.
“آن ....ٽي .... آنٽي ! ڇورا پاڻي ۾ ٻوڙيندا، ٻڏي مرنديونسين،.... سين ..... سين !”
پول تان پڙاڏيل ڪرڪي ماهه پارا جي زندگي جو اولڙو پينگهي جي آرسيءَ تان هٽائي ڇڏيو. پينگهي جي ننڍڙي آرسيءَ ۾ سندس زندگي جو ڊگهو پنڌ ڪٿي پئي اڀري سگهيو. ماهه پارا الڪي وچان ڪوهستان جي اگهميل آسمان ۾ وڄ جهڙي نهار وڌي.
“ڇوريون ڪڏهن پاڻي ۾ ڪو نه لٿيون آهن، ٻُڏي نه مرن !”ماهه پارا جي ڪجلين اکڙين کان الڪو الڪو نه ٿيو.
“ڪڏهن ڪو نه لٿيون ...!؟” ميان صاحب ٺٺول وچان ماهه پارا جا لفظ ورجايا. ظاهر ۾ سندس لهجو ٿيو. Damn It
ماهه پارا خاموش پراسرار پٻ بنيل هئي. ڪٿي دور پهاڙن تي کنوڻ کنوين ميان صاحب ماهه پارا کي خاموش ڏسي ڳالهايو:
“ڪراچي جي ساحل ۽ رستن تي ڏور به اوڏا سپرين ويجهي ۽ پري کان ڪپڙا آلا ٿيو وڃن. هوائن ۾ لوهه سان گڏ جسم زنگجيو وڃن. پاڻي کان اڳ بڪني لهيو وڃي .”
ميان صاحب جي مُک تي مرڪ جو واس وکريل هو. ماهه پارا هئنڊ بئگ مان برش ڪڍي پنهنجا اڌ ڪٽيل وار سنوارڻ لڳي.
“منهنجي آڱرين کان برش ڪنگي جو ڪم وٺ !” ماهه پارا مرڪي گهور وڌس. گهوريندي ميان صاحب شوخ ٿي پيو اکين ۾ جهمپير جي تاڙيءَ جو خمار لهي آيس.
“هل ته سُک جو ساهه کڻون !”
ماهه پارا پينگهي جهڙو ليٽ ڪار جهڙو ڌڏڪو ٻه وکون کڻي الڪي وچان پول ڏانهن نهار وڌي. پينگهي جهڙو ڌڏڪو ڪنهن ڪنهن جو هوندو آهي. ڌڏڪي ۽ چاڳ مان ته گهڻيون ٿيون هلن پر اهو ڪارب ئي لڏي ويو. ميان صاحب جو احساس ڳالهايو.
“ڪو نه ٿيون ٻڏن پاڻ مرادو ڪنهن ڪناري وڃي رسنديون، ڇورن جا هٿ ٻانهون ونجهن جهڙا مضبوط آهن”
ميان صاحب جون ٻانهون گهوڙي جي لغام وانگر مٿس وريل هنيون. زيتون، ناريل ۽ پام جي وڏين لامن هيٺ مثالي عاليشاني ڇٻر هيٺ تي ٽُڪ جي رلي ۽ ٽڪ ٽڪ جا وهاڻا سجايل هئا. آسمان تي ستارن بادلن سن لڪ لڪوٽي ٿي ڪئي.
“بلب اجهائي ڇڏ، اکيون کيريون پيون ٿين ...!” ماهه پارا اڌ ڪٽيل وارن لي لٽ مک تان هٽائي ٻانهن ۾ جرڪندڙ سونين چوڙين کي ڏسي چپ چوريا. بلب ته اجهامي ويا پر جهڙالي آسمان تي ڪجهه نظر ايندڙ ستارن ليئا پائي رام ڪهاڻي ٿي ورجائي. ماهه پارا جي اکڙين ۾ ڪوهستان جون جهڙاليون لٿل هيون. توڻي جو ڪوهستان جو سنسار سندس لاءِ نئون نه هو. ستارن جي لاٽ هن لاءِ رستو ٺاهي ڇڏيو هو. جهڙاليون سرهي سيج ٿي پيس هوءَ فارم هائوس کان ٻاهر پهاڙن جي وچ مان گذرندڙ نئين واري پل تي ويٺل هئي. ميان صاحب ڪامين کان جابلو ٻوٽيون ٿي ڳولهرايون. ڪوهستان جي غريب مالوندن پاڻ جهڙا ڏٻرا ڍور ٿي چاريا.
“ڪوهستان جون نيون ورلي وهنديون آهن. باقي ساهه واري جو موهه سدائين تار ڇليل !”
تڏهن ميان صاحب پريان مست پاڏي کي رنڀيندي ڏسي چيو هيو:
“تلور وانگي رات جي جهڙالين ڪٿي پئي اڏرين؟”
ميان صاحب جي سرٻاٽ ۽ پري کان کنوندڙ کنوڻ کيس عرش تان کٽ تي موٽائي آندو.
“نئين وهي آئي هوندي، کنڀيون ڦٽنديون، ماڻهو گاهه ، ٻاجهر ۽ مڪائي ٺاهيندا...؟”
“نئين ورلي وهندي آهي، باقي سرير جو ڌڌڪو سدائين تار ٻوڙ ٻوڙان ....!”
“نه نا... وسڪاري جي ؟” ماه پارا مرڪندي پڇيو.
“ڪجلين اکين تي ماڻهو درياءَ جهڙو پلٽو هڻندو آهي.” ساهن جي وکريل سرهاڻ ۾ ميان صاحب رکي ڳالهايو.
“کنڀين سان گڏ جڙي ٻوٽيون موڪ ٿينديون آهن ۽ پهاڙ جهڙا پوڙها ماڻهو جواني ڏانهن موٽ کائيندا آهن. ڪوهستان مڪئي ۽ ٻاجهر جا سنگ وڏا ٿيندا آهن.”
“ڪيترا وڏا ؟”
“تنهنجن هٿن جي آڱرين کان وڏا.” ميان صاحب ماهه پارا جي هٿن جون آڱريون پنهنجن آڱرين ۾ ڦٻائيندي وراڻيو.
“منهنجي قد کان وڏا...”؟ ماهه پارا کي ڀوڳ لڳو.
“سُونهن جو قدم مد ڪٿ ڪرڻ جو ماپو اڃان ته ڪير جوڙي نه سگهيو آهي.”