ڪھاڻيون

سپنن جو پڌر

هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ستن ڪھاڻيڪارن پير عبيد راشدي، عين سحر، ياسمين چانڊيو، سرمد عباسي، مخدوم آسيہ قريشي، شھزاد سھتو ۽ آصف ڪالرو جون ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آھن. سڀني تخليقڪارن پنھنجي وت آهر ڪھاڻين سان خوب نڀايو آهي. ھي ڪتاب مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين سبب ھڪ گلدستو لڳي رھيو آھي جنھن ۾ مختلف انداز، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ سبب ڪھاڻين جو منفرد سواد ملي ٿو.

Title Cover of book سپنن جو پڌر

نه رھندي تون، نه رھندس مان !

پڦيءَ جي قبرَ تي نظرَ پوندي ئي چپن تي ھلڪي مرڪَ تَري آئي. سجَ اولهه ۾ الوپ ٿيڻ واري پئي ڪئي. سوجھري ڄڻُ ته آخري پَساھَ پئي کنيا. قبرستان ۾، آکيرن ڏانھن موٽي ايندڙ پکين جو گوڙُ حياتيءَ جو احساس ڏياري رھيو ھو.
منھنجي پويان ئي ايندڙ، قبرستان جي پيرسن مجاور جي ھٿن ۾ ٽارچ به ھئي.
منھنجن چپن تي آيل مرڪَ جو ڪارڻ نه ئي ٺٺولَ ھئي نه ئي وري ڪنھن به قسم جي سوڀَ جو ڪو احساس بس سامھون جيڪو منظر ڏٺم، اُنَ ڪري پنھنجي ڪيفيت سنڀاري نه سگھيس.
”شاھ صاحب مان ٻه ٽي منٽَ ترسندس.“
مون پڦيءَ جي قبر جي پيراندي وٽ بيھندي چيو.
”ٿورو تڪڙ ڪجان ابا...ھيءَ مھلَ نانگَ بلائن جي نڪرڻ جي آھي.“
مجاور سائين اختيار علي شاھ چيو ۽ منھنجي جھلڻ کان پوءِ به ٽارچ اتي ڇڏي قبرستان کان ٻاھر نڪري ويو.
مان پيراندي وٽ ئي ھڪ ڪجهه صاف جاءِ تي اوڪڙون ويھي رھيس. ڀرسان ئي بچيل تازو گارو، ڪجهه ڪچيون سِرون ۽ مٽيءَ جو ڍيرُ تازي ٿيلَ تدفينَ جو احوال ڏئي رھيا ھئا. اگربتين جي تيز سڳنڌ ۽ اُٿندڙ دُونھين ماحولَ کي ھڪَ اداس ڪري ڇڏيندڙ چتر جو ڏيکُ پئي ڏنو. اڄُ صبح ئي پڦيءَ جي گذاري وڃڻ جو اطلاع آفيس پڦاٽ صديق ڏنو ھو. ساڻس ڳالھائي بس ئي ڪئي ھيم جو اديءَ جي نمبر تان امان جي ڪال به اچي وئي ھيم.
”ابا نڪتو آھين...“ اَمان جو روئڻھارڪو آواز ٻڌم.
”امان...توھان وڃو...مان ڪو ن ٿو اچان...“
مان الائي ڪيئن اھو جملو چئي سگھيس.نه چاھيندي به.
”ائين نه چئه سارنگ، تنھنجي پڦي آھي ابا...“
امان اھو چئي روئي ڏنو. اوڇنگارون ڏئي، ٻارن جيان منھنجي اکين ۾ به نيرَ ڀرجي آيا. پوءِ وڌيڪَ نه امان ڳالھايو نه ئي مان.
بس پوءِ اديءَ ڳالهايو: ”سارنگ ڪجهه شرم ڪر...“
۽ فون بند ٿي وئي.
مان ڪيتريون ئي گھڙيون سوچن جي ٻوڏ ۾ ترندو، لُڙھندو رھيس. پنھنجي ھٺُ کي دليل ڏئي سوڀارو ڪرڻَ لاءِ جکَ کائيندو رھيس پرَ نيٺ مان ھارائي ويس. منھنجي ھوڏ، امان جي سڏڪن آڏو سِرُ نِوائي ڇڏيو.آفيس کان موڪل وٺي نڪري پيس.ڪراچيءَ کان ڳوٺ پُڄندي پڄندي دير ٿي وئي.ڳوٺان خبر پئي ته تدفينَ ٿي چڪي آھي سو مان تڏي تي وڃڻَ بدران سڌو قبرستان ھليو آيو ھيس. ھاڻ پڦيءَ جي قبرَ منھنجي آڏو ھئي.
پڦي سموري حياتي،منھنجي پيءُ(پنھنجي ڀاءُ) سان ڪا نه ٺھي ھئي. مسئلو وڏن جي ڇڏيل ملڪيتَ تي ڪيو ھئائين. بابا کيس سندس حصو پوري ايمانداري سان ڏنو ھو پرَ پوءِ به گھرَ تان ڦَڏو رکيو پئي آئِي. سندن ۽ اسان جي گھرَ جي ڀتِ، ڀتِ سان گڏيلَ ھئي. پاڙيسري ھياسي.وڏن جي ڇڏيلَ ملڪيت مان سندس حصي آڌار، بابا کيس ٻَني ۽ چڱي ڀلي روڪَ رقمَ ڏني ھئي. منھنجو پڦڙ چاچو غلام حسين به ان ونڊَ سان سھمت ھو پرَ الائجي ڪنھن جي چوڻَ ۾ اچي پڦي بابا تي اچي ڪاوڙي ۽ بابا تي حصو کائڻَ جا الزامَ ھڻڻ شروع ڪيائين. سڀني مٽن مائٽن کيس گھڻو ئي سمجھايو ھيو پرَ پڦيءَ ڪنھن کي وٺُ ئي نه پئي ڏنو. بابا سمورا ڪاڳر پٽَ کڻي،ڪيترا ئي ڀيرا وٽس لنگھي ويو پَرَ پڦيءَ جي ساڳي ھوڏ ته اھو گھر به منھنجي حصي جو آھي سو خالي ڪر. بابا پھريان ته کيس پيارَ سان سمجھائيندو رھيو نيٺ ھڪ ڏينھن ڪاوڙجي کيس ست سريون ٻڌائي موٽي آيو. ان ڏينھن بابا ڏاڍو رُنو ھو. بابا کي بس اھا ھڪَ ڀيڻَ ئي ھئي. ٻيو ڪو ڀاءُ ڀيڻ نه ھو.
”سارنگَ جي ماءُ ڏينھن قيام جي تون شاھدي ڏجان ته مان پنھنجي ڀيڻ کي ان جي حصي کان به وڌيڪ ڏنو آھي. ھڪ روپيو به ڪو نه کاڌو اٿم.“
مان ۽ منھنجي ڀيڻ ثمرين تڏھن اڃان ننڍا ھئاسين. اسان کي ڀليءَ ريت خبر ھئي ته اسان جو پيءُ ھڪ سٺو انسان آھي ۽ ھُو پنھنجن جو ته ڇا پراون جو به حق ناھي کائيندو. پڦيءَ کي اھا ڳالهه ڪير سمجھائي.؟ اسان سڀ پاڻ ۾ گھڻو ته نه پر ڪنھن نه ڪنھن حدَ تائين واسطو رکندا آياسين پرَ پڦي بابا جي شڪل به ڏسڻ پسند ڪو نه ڪندي ھئي. حدَ ته انَ مھلَ ڪري ڇڏيائين جو ھڪ ڏينھن پنھنجو گھر ڪرائي تي ڏئي، ڪنھن ٻي پاڙي لڏي وئي ته ”مان اھڙي ڀاءُ جي پاڙي ۾ به نه رھندس، جنھن منھنجي حصي تي ڌاڙو ھنيو ھجي.“ بابا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھو.
”مان پنھنجي سموري ملڪيت ڏئي ڇڏيانس.پرَ مون کي به اولاد آھي. انھن جو به مون تي حق آھي.پنھنجي ڀيڻ جي ڪري مان پنھنجي اولاد کي دربدر نه ڪندس.“ بابا چيو ھو.
وقت گذرندو ويو. ادي ثمرين پرڻجي وئي ۽ مون کي به ڪراچيءَ ۾ سٺي نوڪري ملي وئي. اھي بارَ لاھي ھڪ رات بابا امان کي ملڪيت جا ڪاڳر ڏيکاريا. سڀ ڪجهه سمجھايائينس ۽ ٻِي صبحَ جو خبرَ پئي ته بابا ھاڻ ڪڏھن به نه جاڳندو. بابا گذاري ويو ھو. اسان جي گھرَ لاءِ اھي قيامتَ جون گھڙيون ھيون. اسان جا جيءَ جُھرِي پيا ھئا. پڦي ان موقعي تي به ڪو نه آئي. سندس ٻيا گھرَ ڀاتي آيا پر پاڻ بابا جو مُنھن ڏسڻَ به ڪو نه آئي. اسان جو ڏُک ٻِيڻو ٿي ويو ھو پرَ ڇا پئي ڪري سگھياسين. جنھن جِيئري قدر نه ڪيو انَ مان مُئي پڄاڻان اميد رکڻ اجائي ڳالهه ھئي.
مجاور سائين اختيار علي شاھ جي ٻيھر اچڻَ تي مون کي احساس ٿيو ته گھڻي دير ٿي چڪي ھئي. قبرستان، رات جي ڀاڪرَ ۾ ڀرجي ويو ھو. پکين جي لات،ماٺِ جي روپَ ۾ ننڊاکڙي ٿي رھي ھئي.
”ابا اڃان ويھندي؟“ مجاور پڇيو.
”نه سائين دعا گھرو ته ھلون ٿا“ مون اٿي بيھندي وراڻيو.
”ٻاھر موٽرسائيڪل واري کي بيھاريو اٿم. توکي ڳوٺ پھچائي ايندو.“
مجاور چيو.
مون ھاڪار ۾ ڪنڌُ لوڏيو ۽ دعا لاءِ ھٿَ کنيا. دعا گھري مون ٽارچ کڻي مجاور کي ڏني ۽ اسان ٻاھر طرف ھلڻ لڳاسين.
”مان قبرستانَ ۾ ٻارھين ھڪ تائين ويھندو آھيان. اڄُ ڪجهه وڌيڪ ويھندس تازي قبر آھي، متان ڪو جانور نه پَٽڻَ جي ڪري...“
مجاور ھلندي ھلندي چوڻ لڳو.
مان چپ رھيس. مجاور بيھي رھيو ۽ پنھنجي ٽارچ پڦيءَ جي قبر ڏانھن ڪيائين.
”وڻَ جي ھيٺان سٺي جاءِ نصيب ٿي آھي مرڻ واريءَ کي. مان به پيرسن ٿي ويو آھيان ابا، ٿورو ٻڌائجان اھا ڀِڪَ ۾ ڪنھن جي قبرَ اٿس. ذھنَ تان لھي ويو اٿم.“
مان مُڙي پڦيءَ جي قبرَ ڏانھن نھاريو ۽ منھنجي چپن تي مُرڪَ تَرِي آئي. سائين منھنجي پيءُ يعني پنھنجي ڀاءُ جي پاڙي ۾ جاءِ ملي اٿس.