نِرلڄو، بي غيرت !
منهنجو اندر ته ڪڙهي ويو، پر زهر جو ڍڪ ڀري ويس گڏهه گاڏو هڪ پاسي تي ڪري جڏهن لوڻو هڻي ڏٺم ته وات پٽجي ويو.
”اڙي هي موٽرڪار وارو ته منھنجو يار اقبال آهي...“
منهنجي اکين ۾ ڄڻ پاڻي تري آيو جڏهن اقبال جي مون تي نظر پئي ته ان به تپرس ۾ ڏٺو ۽ سڃاڻڻ کان پوءِ گاڏي پاسي ڪري يڪدم لهي اچي ٻکُ وڌائين.
”يار معاف ڪجانءِ، مون کي اندازو ئي ڪونه هو ته تون يارڙو ضمير آهين!؟ پر هي ڇا؟ تون گڏھه گاڏو پيو هلائين، چاچي وارو ڪرياني جو دڪان ڪاڏي ويو؟“
”هي سامان دڪان لاءِ ئي کنيون ٿو وڃان، ڪِرياني جو دڪان آهي پر وڏن شاپنگ مالن نڪرڻ ڪري ڌندو اُهو ڪونھي، سو ڪمائي ايڏي ناهي جو هول سيل تان سامان گهرائڻ جا ڀاڙا ڀريان. سو پنھنجو گڏهه گاڏو آهي مھل تي ڪم ٿو اچي وڃي. پر تون هتي ڪيئن، سالن کان پوءِ توکي ڏٺو اٿم.
”هل گهر ته ڪچھري ڪريون ۽ ماني ٽِڪي به کائون.“
”نه يار هينرته نه، جو تڪڙو آهيان، اين جي او جي پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ آيو هوس، سو ضروري ميٽنگ آهي، اُتان واندو ٿي اچان ٿو. تون ڀلي هلي دڪان جو سامان لاھه. مان شام تائين اچان ٿو ، گهر ته ساڳيو اٿئي نه؟“
”هائو هائو ساڳيو آهي، پنھنجو اُهو پراڻو گهر.“
آءٌ دُڪان تي پھتس، سامان لاٿم ۽ اقبال جو سوچيندي ماضيءَ ۾ هليو ويس.
”جيڪر مان پڙھان ها ته اڄ اقبال جيان ٺٺ ۾ هُجان ها...! منھنجو ماضي جيڪو بنياد هو منھنجي زندگيءَ جو ، الائي ڪھڙن حالتن جي ڪري ڪمزور پئجي ويو.“ خيالن جي سيلاب ۾ وهندو ويس.
مان ۽ اقبال ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين اقبال مون کان هڪ درجو مٿي هو، پر اسانجي دوستي پڪي هئي. مان پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هئس، جھڙو هوشيار هئس تھڙو وري سُھڻو به هئس. سنهڙو، چهبڪ جهڙو جسم، ريس ۽ ڊُڪڻ ۾ اهڙو هوندو هئس جو ڪوئي مونکان گوءِ کٽي ئي نه سگهندو هو، استادن نالو ئي هرڻي رکيو هيو. پڙهائي ۾ به ڪو مقابلو ڪري نه سگهندو هئم. مان اسڪول به چاهه سان ويندو هيس پر هڪ دل ڏاريندڙ حادثي منهنجي زندگيءَ ۾ جهالت ۽ غربت جي اذيت لکي ڇڏي..
”ڇورا اُٿي اسڪول وڃ.... ڇڏ گِيھُه، ڏسان پيو ٻن ڏينهَن کان تون ڪروڌ سان ٿو اسڪول وڃين، پڙهائيءَ کان تپ ٿو چڙهئي. سڌو ٿي اسڪول وڃ نه ته رکانءِ نه لِتر... سُڌر سُڌر....! سگهو ٿي هل اسڪول.“
”اڄوڪو ڏينهن ڇڏيس هڏ ۾ بخار اٿس موڳو لڳو پيو آ، اڄ طبيب کي ڏيکاريس، سڀاڻي کان اسڪول ويندو.“ امڙ جي اِن جملي تي بابي کي تئين باهه وٺي وئي.
”سڄو ڏينهن تتي ۾ اِهي ڏيٽي ڏڪر، چِدا کيڏندو ۽ لغڙ اُڏائيندو ٿو وتي، تپ نه چڙهندس ته ڇا ٿيندس!؟ رن تو ئي مٿي تي چاڙهيو اٿس.“ بابو مون کي ڇڏي امان تي تپي ويو هو ۽ مان چپ چاپ مُنهن کي ڇنڊو هڻي ٿيلهو ڪنڌ ۾ وجهي اسڪول بدران واھه تي آيو هئس. جو اسڪول مقتل گاهه ٿي لڳو، ڇو ته ٽيون ڏينهن سائينءَ منظور منھنجي روح کي رتورت ڪري ڇڏيو هو.
سائين منظور گذريل سال کان منھنجي پويان پيل هو پر تڏهن ڪلاس ٽيچر نه هو، پنجين درجي ۾ ڪلاس ٽيچر ٿي ويو هو. ٽيون ڏينھن موڪل مھل مون کي ڪجهه دير ڪلاس ۾ ترسڻ لاءِ چيائين. مان ڊڄندي ڊڄندي ويھي ته رهيس پر ساھه مُٺ ۾ هئم. سائين اڪثر ڪري ڳلن تي ٿڦڪي هڻندو يا آڳوٺي ۽ اشهد آڱر سان چمٽي جيان زور ڏئي ڇڪيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پٺيان هلڪي ٿڦڪي هڻي ڇڏيندو. ٻين شاگردن کي دڙڪا ڏيندو مگر مون سان سدائين کِلي ڳالهائيندو . اڪثر ٻيا ٻار ڊيسڪ تي سبق پڙهندا هئا، پر سائين مون کي ڀرسان بيھاري ليسن ٻڌندو هو. شاباشي جي بھاني ڳِٽن تي ٿڦڪي هڻي سنهڙي چُھنڊي هڻندو هو. رسيس ۾ ڪا شيءِ گهرائڻ جي بھاني موڪليندو هو جيڪا جڏهن آڻي کيس ڏيندو هوس ته خالي ڪلاس ۾ چمي وٺي ڇڏيندو هو.
سائين جي ائين اڪيلي ڪلاس ۾ چُمي وٺڻ جو مون کي اڻڄاتل خوف هو، پر اِها خبر نه هئم ته سائين ايڏي وڏي ڪمينگيري ڪري مون کي خود کان نفرت ڏياري ڇڏيندو، ڪرڀ جھڙو عمل مون کي منھنجي معصوميت ۽ ٻاراڻي بي خودي مستيءَ کان بي نياز ڪري ڇڏيندو. ٽي ڏينهن اڳ سليم ۽ راجوءَ جو ليسن ڪچو هو انهن سان گڏ مون کي به ويھڻ لاءِ چيائين انهن کي ليسن پڪو ڪرايائين. مون کان بار بار ليسن ٻڌائين جيڪو روان پڪو هو. مون کي بک به زورن جي لڳي هئي پر سائين اڳيان ڪُڇي به نه ٿي سگهيس، سو چُپ ڪري ويٺو رهيس. پٽيوالو پڇڻ آيو.
”سائين آءٌ ويھان، ڪي وڃان؟“
”نه نه تون ڀلي وڃ، ٻيا ڪلاس، آفيس اسٽاف روم سڀ بند ڪر، هِن ڪلاس جو رڳو تالو کولي وڃ. مان هنن ٻارن کي سبق پڪو ڪرائي ڪلاس بند ڪري نڪران ٿو.“
پٽيوالي جي وڃڻ کان پوءِ ٿوري دير ۾ سائين سليم ۽ راجوءَ کي به موڪل ڏئي روانو ڪيو. منهنجو ساهه لُڪيءَ ۾ ڦاسي پيو هو. سليم ۽ راجو جي وڃڻ کانپوءِ سائين جڏهن ڪلاس جو در بند ڪيو ته ساهه بند ٿيڻ لڳُم، مغز بک ۽ خوف کان چڪرائجڻ ڦرڻ لڳو. مون ڊڪڻ جي ڪئي ته سائينءَ ڪلهي تي هٿ رکيو. مون کي بابا ۽ امان استاد جي عزت جو هميشه تاڪيد ڪندا هئا. مون کي آفيسر ٿيڻو هو، مون کي پڙهڻو هو، مان سائينءَ کي ڌڪو ڏيڻ جي همٿ نه پئي ڪري سگهيس.
”سائين مونکي ڇڏيو ته مان گهر وڃان، بُک لڳي اٿم ڏاڍي..“ سائين مُرڪندي مونکي چُمي ڏيندي کڻي ڀاڪر ڀريو. سندس ساهن مان ايندڙ ڌپ تي هنيانءَ ڪچو ٿيڻ لڳو، ويتر خوف ۽ بک ۾ مان روئڻ لڳُس. مون کي پڙهڻو هو، پر اُن جي اِها قيمت، نه نه هرگز نه... ڳٽن تي ڌپ گاڏڙ ٿُڪن جي احساس ۾ ساهه منجهڻ لڳو.
”نه سائين نه، مونکي ڇڏيو.“ مون روئڻھارڪي انداز ۾ ڀڻڪيو.
”ٻارڙا ضد نه ڪر، ڏس پنجن منٽن جو ڪم آ، پو هليا ٿا هلون، هروڀرو وقت نه وڃاءِ...“ سائين جا جملا مونتي ڇِت جي ڪِرڻ جيان هئا.
”نه سائين نه، مان اهڙو ناهيان.“
”اڙي توکي اهڙو ڪير ٿو چئي، تون سُٺو ۽ ڏاهو آهين.“ ائين چئي سائين چمين مٿان چميون ڏيڻ لڳو. سندس مُڇن ۽ ڏاڙهي جا وار سوئن جيان ڳٽن ۾ چڀڻ لڳا، مان زاروقطار روئڻ لڳس.
”اڙي روءِ نه، ٿورو دل وندرايون ٿا گڏجي. جوان ته ڪيڏو آن.“ ائينءَ چئي سائين ڪائنچ ۾ هٿ وڌو. منهنجي جسم تي ڪِوِليون ڦرڻ لڳيون ڳلن مان رت نڪرڻ واري سُرسُر ٿيڻ لڳي، سائين ڀاڪر ۾ ڀِڪوڙي هيٺ ڪيرائڻ جي ڪئي ته، مون ڏٺو سائين صفا نه مُڙندو، سو اوچتو خيال اچي ويم، مون نماڻو ٿي کيس چيو.
”سائين ڀلي جيئنءَ وڻيوَ تيئن ڪريو، پر ٻه ڪري اچان، صفا بيهي ئي نٿو.“ سائين اڃان هٿ ڍرا ئي مس ڪيا ته مون در ڏانھن لُوءَ ڪئي، ڊڪندي ڪنڊي کولي ته سائين گار ڏئي مون ڏانھن ڀڳو پر مان ڪنڊي کولي وٺي ڀڳُس ۽ ڊڪندي ڊڪندي گهر پھچي ساھه کنيم. ڪتاب به ڪلاس ۾ رهجي ويا. گهر پھتس ته بخار نڪري پيو ٻه ڏينهن اسڪول ڪونه ويس.
سائين جي اُن وحشي پڻي جو سوچيندي ئي ڪِرڀ ٿي آئي. سائينءَ انسانيت جي مُنھن تي ڄڻ تيزاب هاريو هو، اُستاد جو اُهو دل ڏاڙيندڙ عمل، ڄڻ فطرت جي خلاف وڏو بد سنوَڻ هو. پيغمبري پيشي تي اُڇلايل ڪو ميزائل هو. مون آدم کي آدميت مان نڪرندي ڏٺو هو، جانور ٿيندي ڏٺو هو. هڪ اُستاد جو وحشياڻو عمل قابل نفرت هو. مون کي ڄڻ خود کان نفرت ٿيڻ لڳي هئي.
گهر اچي وهنتو هئس ۽ ڳٽن (ڳلن) کي مِھٽي مِھٽي ڌوتو هئم، پوءِ به ڌپ جو احساس ٿي رهيو هو. اُستاد جي اُن روپ جي ڪري اُستادن ۽ اسڪول کان شديد نفرت ٿي وئي هئي. اُن رات روئيندي ڪنن کان ٺونٺ تائين ٻانهن آلي ٿي وئي هئي. ٻن ڏينهِن کان پوءِ ڀر واري واهه تي ويھي ويھي وقت گذاري منجهند مھل گهر موٽيو هيس. پر اسڪول نه وڃڻ جو پڪو پھه ڪري ڇڏيو هئم. عزت کان وڌيڪ اسڪول نه آهي. ٻيو ته جيڪڏهن بابي سان ڳالهه ڪريان ها ته اُبتو موچڙا لڳن ها ته نيڪ نمازي اُستاد تي ٿو بُھتان هڻين. منجهند جو اونڌي ڪنڌ سمھيو هئس.
”ڇوري کي ماني ڏيس“ بابي امان کي چيو هو، ايترو ٻڌو هئم. شام جو اک کُلي ته تپ ۾ ورتو پيو هئس. رات جو سوير ٻه گرهه کائي سمھي رهيس، جيئن ڪو سوال نه ڪري، ڪتاب منھنجو دوست شاهد کڻي ٻئي ڏينهن تي ڏئي ويو هو، پر حرام جو دل ڪتابن کي هٿ لڳائڻ لاءِ چيو هو، پڙهڻ کان دل ٽھي وئي هئي. بابا زوريءَ صبح جو دڪان تي وڃڻ کان اڳ اٿاريو.
”ڇورا رات سنجهي کان سمھيو آهين، اڃان سستيءَ مان جان نٿي ڇٽه!؟ اُٿي گڏهه وانگر پيو آهين، سج چڙهي آيو آ، اسڪول وڃ...“
مان تيار ٿي اسڪول لاءِ ته نڪتس پر ڀيٽوءَ واريون ڦيريون. رستي تي ڪجهه ڇوڪرن سان چِدن راند کيڏڻ بيھي رهيس. خبر ئي نه پئي اسڪول جي موڪل ٿي وئي هئي. موڪل مھل سائين به اُن ئي رستي تان اچي گذريو. منھنجي سندس مُنھن تي نظر پئي تي وٺي ڀڳُس، ته ڄڻ ڪو بگهڙ هجي ڪو خوني جانور هُجي اُستاد، جنھن جي وات مان ڄڻ گِڦ وهندي هجي، خون سان ڀريل هجيس ڄڻ وات. سائين مونکي ڊوڙندي ڏٺو ته هڪل ڪري بجو ڏيندي چيائين.
”ٿڪ ٿئي ڇورا! رُل رُل، تو جهڙا ڪڃر ڄٽ ئي ٿيندا آهن، پڙهندا ٿورئي آهن.“ مان ڪنڌ هيٺ ڪري گهر آيس، ٻئي ڏينھن تي بابي ڏاڍو ماريو..
”اڙي پڙهه پڙهي ڪو آفيسر ٿيءُ نه ته تون مون وانگر ٻن سودن وارو هٽڙو هلائيندين؟ آفيسر ٿيندين ته ڪرسي ملندئي.“ منھنجو خواب هو ته پڙهان، بابو مري ويو پنج درجا به پورا نه ڪيم. هئه ڙي قسمت.. وري دل ۾ سوچيم، قسمت ته اُستاد ٺاهيندو آ، منهنجي به قسمت هڪ اُستاد ٺاهي. مسيحا موت ڏي ته ڇا ڪجي، اُستاد علم بدران جَھل ۽ بڇڙائي ڏي ته ڇا ڪجي؟ هو اُستاد نه قاتل هو. منهنجي آئندي جو، منھنجي خواب جو، بابي جي خواب جو. مان اِهو ڪنھن کي ٻُڌائي نٿي سگهيس شايد غيرت عزت جي احساس جي ڪري. بابي به نيٺ مون مان هٿ ڪڍي ڇڏيو، آخر مارون به ڪيتريون ڏي ها. مان پڙهائي کان صفا پِڙ ڪڍي بيھي رهيس، سو نه وڃي نه ويس اسڪول.
شام ڌاري اقبال به وعدي موجب ميٽنگ مان واندو ٿي اچي گهر نڪتو. سو ماضي جا احوال نِڪتا. اُن به اِهو ئي چيو ته:
”يار، تون ڪيڏو هوشيار هئين، نڀاڳو نه ٿئين ها ته اڄ مون وانگي ٺٺن ۾ هُجين ها.“ اُن جي جواب ۾ مون کان به رهيو نه ٿيو، مون به کڻي اقبال کي سڄي حقيقت ٻڌائي ڇڏي. اقبال کي ڪو خاص اچرج نه ٿيو، نه ئي وري ڪو ڇِرڪيو ، الٽو ٽھڪ ڏئي کِلڻ لڳو ۽ چيائين؛
”اِها به ڪا ڳالھه آهي، اسان سان سائين منظور الائي ڪيتراڀيرا ائين ڪيو، اسان ته اسڪول نه ڇڏيو.“ منھنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. اقبال اِن ڳالهه کي معمولي سمجهي رهيو هو.
”توکي خراب نٿي لڳو اُهو عمل، ڪٿي هئي تنھنجي غيرت؟“
”يار غيرت جي اُن عمر ڪھڙي خبر هئي اسان کي، جڏهن غيرت جي خبر پئي ته اِن ڳالھه تي صفا هِري ويس؟“ اقبال وري ٽھڪ ڏئي کِلڻ لڳو.
” اسڪول ۾ سائين منظور سدائين ائين ڪندو رهيو وري مٿان هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر به ڪيترن سالن تائين ائين ڪندو رهيو. پڙهڻو هو ابا سو سَھَڻو پيو. وقت گذري ويو پڙهي پياسين، اڄ آفيسر آهيون، ٺٺ آهن.“
مون کي اقبال کان ڪرڀ اچڻ لڳي، پر پوءِ مون به وڌيڪ بحث نه ڪيو، هر ڪنهن جي پنھنجي زندگي آ سوچ آ، اِهو سوچي اقبال جي ڳالھه جو وڌيڪ اثر نه ورتم.
سائين منظور جي تپائڻ ڪري، مون اسڪول ڇڏي بابا جي هٽ تي ويھڻ شروع ڪيو. جڏهن ته اقبال مئٽرڪ ڪئي ته، اقبال جي پيءُ جي ٻي شهر بدلي ٿي وئي. پوءِ ٻه چار دفعا اقبال اسانجي شھر پنھنجي پيءُ سان ڪنھن شاديءَ وهانءُ تي آيو جنھن کان پوءِ ورهيه گذري ويا ته نه مليو. ورهين کانپوءِ اڄ راھه ويندي مليو هو. اسين گهر سان گڏ واري اوطاق تي ڪچھري ڪري رهيا هئاسين ته، منھنجو پُٽ آفتاب چانھه کڻي آيو، جيڪا مون گهر چئي هئي. آفتاب چانهه رکي اقبال سان هٿ ملايو ته اقبال کيس ڳِل تي ٿڦڪي هنئي ۽ خرچي ۾ پنجن سون جو نوٽ ڪڍي ڌنائينس.
ڪجهه عرصي کان پوءِ اقبال وري مون سان مِلڻ آيو. وڏي اُڪير سان مليو. مون لاءِ سوکڙون پاکڙيون ۽ ٻارن لاءِ فروٽ به وٺي آيو. حالي احوالي ٿيندي پُڇيائين:
”ڏي خبر دڪان ڪيئنءَ ٿو هلئي..؟“
”بس ڪهڙو آ دڪان، ننڍڙو دڪان آ سو مڙئي ٿو هلي. اڄ سڀڪو پئسي وارو ٿي پيو آ، نوڪرين وارا وڃي شاپنگ مالن مان ٿا سودو سڙهو وٺن... بيماري بڙي ٻار خير سان پنج، زال کي به گلي جي بيماري رهي ٿي. گلي ۾ غدود ڀرجي ويو اٿس. ٽي ٻارڙا اسڪول ٿا وڃن، پورت صفا ڪونهي، پر هلون پيا. ٿورو گهڻو دڪان هلي ٿو، يا وري ڪو گڏھه جو ڪرايو لڳيو وڃي، نه ته بس خير آهي. سو پيو ٿو گهر جو گاڏو هلي الله جي آسري. تعليم نه رُلي ها ته ڪا اآڀري سَڀري، جهڙي تهڙي، نوڪري پڇاڙيءَ پٽيوالي ئي ملي ها، اڄ ته پٽيوالو به مئٽرڪ پاس ٿو گهرجي.“
”بس يار تنھنجو حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿو ٿيم، آخر ته ننڍپڻ جو دوست آهين. يار مان ڏيانءِ ٿو ڪجهه ڏوڪڙ دڪان ۾ سيڌو وجهه. ڪمائين ته پوءِ موٽائجان، ٻيو ته آفتاب جي پڙهائيءَ جو خرچ مان ڏيانءِ ٿو پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيس. پڙهي پوندو ته سور لھي پوندءِ....“
”نه... نه... اقبال اهو بار نه رکندس، باقي اُڌارا دڪان لاءِ ڏين ٿو ڪافي آ.“
”چڱو ڪجهه ڏينهن هتي آهيان وري ايندس.“ اُٿندي هزار جو نوٽ ڪڍي آفتاب کي ڏنائين ٻار خوش ٿي ويو، مون کي به گهڻو خراب نه لڳو. ڀلا پئسي وارو ماڻهو آ، ٻار کي خرچي ڏنائين ته ڇا ٿيو. ائينءَ مھيني کان اقبال ٻئي ٽئين ڏينهن پيو ايندو هو، گهڙي ساهي ويھي ڪچھري ڪري چانهه پي هليو ويندو هو.
هڪ ڏينھن اوچتو اقبال اويلي ٽائيم تي رات جو آيو، مون کيس اوطاق واري ڪمري ۾ ئي ترسڻ لاءِ چيو. هو به راضي ٿي رهي پيو. ماني ته کائي آيو هو، مون چانهه پڇي، آفتاب کي چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو. تيستائين اقبال کيسي ۾ هٿ هڻندي چيو؛
”يار منھنجا سگريٽ ختم ٿي ويا آهن، هتان ملي ويندا؟“
”ها ها ڇو نه، مان اِجهو ٿو پنھنجي دڪان تان کڻي اچان.“ مان دڪان کي بند ڪري آيو هوس، سو گهران دُڪان جون چاٻيون کڻي دڪان تي آيس دڪان کوليم ته ٻه چار گراهڪ ٻيا به اچي ويا، تن سودو سڙهو ڏيڻ ۾ ويهه منٽ لڳي ويا.
دُڪان بند ڪري اوطاق ۾ داخل ٿيس ته منھنجي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي، اقبال سائين منظور وانگر آفتاب کي ڀاڪر ۾ ڀري چُميون ڏئي رهيو هو ۽ آفتاب ڪِرڀ وچان روئيندي چئي رهيو هو.
”ڇڏ چاچا مونکي، ڇڏ چاچا مونکي.“ ۽ اقبال کيس چئي رهيو هو،
”ٻارڙا ضد نه ڪر، ڏس پنجن منٽن جو ڪم آ، ڇڏيانءِ ٿو، خرچي به کوڙ ٿو ڏيانءِ ٿو.“ منھنجو مٿو ڦرڻ لڳو، ڌرتي ڄڻ ڌڏڻ لڳي، هوش حواس ختم ٿي ويا، اقبال جي حرڪت ۽ لفظن تي منھنجو وجود ڪنھن ڌماڪي سان ڄڻ پرزا پرزا ٿي اُڏڻ لڳو......!!!