ڪھاڻيون

سپنن جو پڌر

هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ستن ڪھاڻيڪارن پير عبيد راشدي، عين سحر، ياسمين چانڊيو، سرمد عباسي، مخدوم آسيہ قريشي، شھزاد سھتو ۽ آصف ڪالرو جون ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آھن. سڀني تخليقڪارن پنھنجي وت آهر ڪھاڻين سان خوب نڀايو آهي. ھي ڪتاب مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين سبب ھڪ گلدستو لڳي رھيو آھي جنھن ۾ مختلف انداز، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ سبب ڪھاڻين جو منفرد سواد ملي ٿو.

Title Cover of book سپنن جو پڌر

بئڪ ٽُو پويلين !

’رک رمز دل ۾ راڻل ھلندو آءُ.... او رک رمز.....‘ سھري جو آواز، دھل جو ڌڌڪو، راحت جي دل کي عجيب احساس ڏياري رھيو ھو. خوف ۽ خوشيءَ گاڏڙ احساس، نئون نڪور احساس دل جي ڌڙڪڻ کي تيز ڪري رھيو ھيس. سندس ھٿن جي ميندي ۽ اُن جي خوشبوءِ ساھن ۾ سمائجي رھي ھيس، مينديءَ جو زور ڳاڙھو رنگ اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ پيدا ڪري رھيو ھيس ۽ مينديءَ جي خوشبو ساھن کي معطر ڪري رھي ھيس، بار بار ھٿ نڪ تي رکي سنگهيائين ٿي ۽ دعا جي صورت ھٿ جڏھن نڪ تائين ٿي آندائين ته دل مان دعا ٿي نڪتس، ’شڪر الحمد الله‘. ھونئنءَ ته کڻي اِمداد ڏٺل ھيس به، پر اڄ نئون ٿي لڳو. اُن ڪري به شايد جو ڪڏھن ويجهڙائي کان ڏٺو ئي ڪونه ھئائين. اڄ ان سان شادي ٿي رھي ھئس جيڪو سندس دِل وٽان هو. ، ھي پرڻو ڀل پيار جو نه ھو، پر راحت جي اندر ۾ سمنڊ جيڏو ڇوليون ھڻندڙ پيار اِمداد جي آجيان لاءِ منتظر ھو.
منتظر ھجي به ڇو نه!؟ راحت پيءُ ماءُ ۽ ڀاءُ کان سواءِ انھن جي پيار جي احساس ۾ تڙپي ھڪ ڀيڻ ۽ ڏاڏيءَ سان وقت گذاريو ھو. ڏاڏي جيڪا کيس شروع کان نه وڻندي هئي، رَت جو رشتو هجڻ ڪري هوءَ ڏاڏايءَ سان وقت ته گهاريندي رهي جو ماءُ پيءُ ۽ ڀاءُ جي مرڻ کانپوءِ ڏاڏيءَ ئي کين سنڀاليو ھو. راحت کي بدصورت ماڻهو نه وڻندا هئا، خاص ڪري ماتا وارا چھرا. سندس ڏاڏي جَنا جيڪا وصفن ۾ سُھڻي ۽ اخلاق جي من مُھڻي هئي سا پنھنجي چھري تي ماتا جا بدنما داغ کڻي زندھه ھئي ماتا جي وبا ۾ مرڻ کان بچي وئي هئي. راحت جا ٻيا گهر ڀاتي ٻھراڙي جي ماحول غريباڻي حال ۾ وقت کان اڳ بيمارين جو شِڪار ٿي موت جي مُنھن ۾ هليا ويا هئا کيس ۽ سندس ڀيڻ کي هِن دنيا جي دوزخ ۾ اڪيلو اُڇلائي ويا هئا. راحت لاءِ سڀ کان وڏو دوزخ جھڙوڪر پنھنجي ڏاڏيءَ جو چھرو هو جنھن کي ڏسي بس دهلجي ويندي هئي. ننڍپڻ ۾ جڏهن کيس ڏاڏي جھوليءَ ۾ کڻندي هئي ته راحت هانءَ ڦاڙ دانھون ڪري روئيندي هئي، ڏاڏيھنس جڏهن کيس چُميءَ لاءِ ويجهو ٿيندي هئي ته راحت پنھنجي پِتڪڙن هٿن سان سندس مُنھن پري ڪندي رانڀاٽ ڪندي هئي. راحت جڏهن سامائي به نه هئي ته سندس ڏاڏي سندس رُخ ۽ نمونو ڏسي سھي ڪري ويندي هئي ته راحت ساڻس نفرت ڪري ٿي پر ڪُڇي ڪونه سگهندي هئي، جو راحت سندس مرحيات پٽ جي نشاني جو هئي. سامائجڻ کان پوءِ به راحت جو ڏاڏيءَ سان ساڳيو روَيو رھيو، ايتري قدر جو ڏاڏيءَ جي ھٿ جي ڪا شيءَ نه وٺندي ھئي نه وري کائيندي ھئي، نه ساڻس ويھندي ھئي نه وري ساڻس ڳالھائيندي ھئي. جنھن تي ماڻھس کيس سمجھائيندي چوندي ھئي.
”امڙ! هر صورت ۾ سبحان آهي، سو ڪڏهن به ڪنھن صورت کان نفرت نه ڪجي، نفرت جي بيماري ٻين هڙني مرضن کان وڏي بيماري آهي جيڪا دنيا وڃائي ڇڏيندي آهي. سو امڙ ڏاڏيءَ سان به اهڙو واهپو نه رکندي ڪر. الله کان پئي خير گُهر امڙ.“
راحت کي اُن وقت ماءُ جي ڳالھه ذرو به پلئه نه پئي هئي.
راحت ۽ ڀيڻس جو سنڱ ٿيو ته راحت سورنھن ورهين جي ۽ سندس ڀيڻ تيرنھن ورهين جي هئي. اُن وقت راحت کي وهم ورائي ويو هو ته سندس منڱينتر الائجي ته ڪھڙو هوندو. جو مذاق مذاق ۾ سندس ننڍي ڀڻس چيو هيس،
”ٻُڌو اٿم ته تنھنجو منڱيندو ماتا وارو آهي.“
راحت حال فلحال ته صفا ٻُڏي وئي هئي ۽ ڪي ئي ڏينھن روئيندي رهي هئي ۽ دل ۾ پڪو پھه ڪيو ھيائين تھ امداد سان پرڻو نھ ڪندي ۽ جيڪڏھن کيس امداد سان پرڻايو ويو ته ھوءَ زھر کائي پاڻ ماري ڇڏيندي. پوءِ کيس سھيلين سرتين ٻُڌايو هو ته سندس مڱيندو اِمداد ته شھزادو آهي صفا. تڏهن وڃي ڪو اندر ۾ ساھ پيو هيس. لانوَن جي وقت ساٽن جي ڳاڙھي وڳي ۾ راحت پاڻ کي ڪنھن راجڪماريءَ جيان محسوس ڪري رھي ھئي، اِمداد نڪاح کان پوءِ کيس پنھنجي ڪُل ڪائنات لڳو ھو، کيس وڏو سھارو محسوس ٿيو هو، ورُ به ته مجازي خُدا هوندو آهي سو اِمدادڄڻ کيس خدا جيان وڏو ڀرجهلو محسوس ٿيو ھو. پوءِ به سندس دل ۾ خوف ته الائي ڪيئن ھوندو! الائي مان اِمدادکي وڻنديس به الائي نه ؟آخري لانوَن کان پوءِ سڀ ڄاڃي ڪکين پنين ٿيا. اِمداد ۽ راحت اڪيلا ٿيا ته اِمداد پنھنجي ئي لکيل ۽ چيل شعرن سان سندس گهونگهٽ کنيو ته راحت جو پورو وجود واقعي راحت بڻجي ويو. راحت کي اِھا خبر ھئي ته اِمداد ماستر به آهي ته شاعر به، پر ھو ايڏو پيار ڪندڙ چاهيندر به آهي، اِھا راحت کي خبر ئي نه هئي، اُن احساس راحت کي پنھنجي ئي نظرن ۾ معتبر بڻائي ڇڏيو ھو. ھوءَ آسمان ۾ اُڏامڻ لڳي ھئي، ڄڻ وڇڙيل پريتم جي آغوش ۽ پناھ ۾ اچي وئي ھئي، جنھن جي صدين کان کيس ڳولھا هئي. راحت گُل جيان ٽِڙي پئي ھئي. راحت جون سڀ سھيليون راحت جي خوشيءَ ۽ مُرڪ کي ڏسي حيرت ۽ رشڪ ۾ پئجي ويون هيون، جيڪا اِمداد جي خيالن ۽ تصورن ۾ سندس چھري تي تري ٿي آئي. راحت، امداد سان پرڻجي ڏاڍو خوش ھئي، ھڪ خوشي ته اِھا ھيس جو کيس پيار ڪندڙ مُڙس مليو ھو، ٻيو شاديءَ جي چوٿين ڏينھن ڏاڏي جَنا به گُذاري وئي، جنھن ڪري راحت پنھنجي جيون ۽ اڱڻ ۾ بس خوبصورتيون ئي محسوس ڪندي ھئي.
امداد ۽ راحت جو پيار ايڏو ته گِھرو ٿيندو ويو جو ھڪ پل به جدائي سندن لاءِ تڪليف جو سبب ھئي، اِمداد اڪثر اڪيلائي جي لمحن ۾ شاعريءَ ڪندو رهندو هو ۽ شاعري ۾ راحت جي حُسن جي تعريف ڪندو هو. سندس شاعريءُ جي هر بند ۾ راحت جي حُسن ۽ حياءُ جا اولڙا پيا پسبا ها. ڪمري ۾ جڏهن اِمداد ويٺو ڏاڍيان پنھنجي شاعريءَ جا بند ورجائيندو هو ته اُهي راحت جي ڪنن تي به پوندا هئا، جيڪا گهر جي ڪم ۾ رُڌل هوندي هئي. راحت اِمداد جي آواز ۽ شاعريءَ کان علاوه پيار ڀرين ۽ مزاح وارين ڳالهين تي ساھرين گهر جي ڀاتين جي حياءَ کان وڏا ٽھڪ ته نه ڏئي سگهندي ھئي، پر پوءِ به چپن تي مُسڪراھٽ اچي ويندي هيس، جيڪا سڀئي گهر ڀاتي ڏِسي سھي ڪري وٺندا هئا ۽ سندسن محبت پيار تي ڄڻ رشڪ ڪندا هئا.
ڏينھن گذرندا ويا خيرن سان کين نياڻيءَ ۽ ھڪ پٽ به ڄائو، ٻارن جي ڄمڻ سان نه اِمداد جي محبت گهٽي نه وري راحت جي محبت ورهائي پر وڌ کان وڌ ۽ اڳ کان اڳري ٿيندي وئي. سياري جي رات ھئي، پنھنجي ڪمري ۾ رکيل ڏيئي جي روشنيءَ ۾ راحت پنھنجو ئي پاڇو ڏسندي پنھنجي شاعر مڙس جي شاعري دِل ئي دِل ۾ ورجائي رھي ھئي. ٻارن کي ننڊ وٺي وئي ھئي. شاديءَ جي پھرين ڏينھن کان اڄ ڏينھن تائين، معمول مطابق سومھڻيءَ جي نماز تي ويندڙ اِمداد کي ھوءَ ايترو ته تصرف ۾ رکندي ھئي جو خيال ۽ تصور ۾ سوچيندي هئي ته، اِمداد هاڻي نماز پڙهي مسجد مان نڪتو هوندو، گِهٽين مان هلندو اچي هاڻي چوواٽي تي رسيو هوندو ۽ هاڻي گهر واري سِڌي گِهٽي ورتي هوندائين، او اِجهو! اِهو در کوليائين. هوءِ دِل ۾ اڃا ايترو چوندي مس هئي ته، اِمداد دروازي کان اندر داخل ٿيندو هو. راحت پنھنجي پيار ۽ چاھت ۾ اِمداد جي اچڻ جو وقت ۽ ڪانٽو اهڙو ته سيٽ ڪري ڇڏيو هو جو رَتيءَ جو به فرق نه پوندو هو. پھريون دفعو راحت جڏهن ائين ڪيو هو ۽ اِمداد کي ٻُڌايو هيائين ته اِمداد صفا حيران ٿي ويو ھو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀري ھڪ ڊگهو ساھه کنيو ھئائين. اِھو ٿڌو ساھه ٻين لفظن ۾ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ ھو. خوشيءَ ۽ اطمينان جو اظھار ھو.
ھوءَ پھرين دفعي واري اُن حيرت انگيز واقعي جي ياد ڪندي اِمداد جي شاعري ورجائي رهي هئي. اُن لمحي هڪڙي عجيب روشن مُرڪ سندس مُنھن تي تري آئي، ڏيئي جي مٺي روشنيءَ وانگر تجلا سندس مُنھن تي به بَکي رهيا هئا. ھو، مٺن خيالن ۾ ھلي وئي. اُن رات اِمداد جڏهن اڱڻ ۾ راحت کي بيٺل ڏٺو هو ته حيران ٿي ويو هو ۽ راحت به اِمداد کي ڏسي پنھنجي ئي تصور تي حيران ٿي وئي هئي. اِمداد کيس ڀاڪر ۾ ڀري زور ڏنو ھو ۽ ان پل ٻنھي کان ٿڌو ساھه نڪري ويو ھو.
”تون ھتي ڇو بيٺي آن؟“ اِمداد حيرت ۽ خوشيءَ گاڏڙ احساس سان پڇيو تڏھن راحت کان ھلڪو ڇرڪ نڪري ويو ھوء خيالن مان نڪري آئي ۽ شرمائيندي چيائين:
”تنھنجي انتظار ۾ سائين.“ راحت معصوميت سان وراڻيو.
”الا ڪيڏي چري آھين مان ڪو ٻاھرين شھر ويو ھيس پنھنجي ئي شھر ۾ ھيس.“
”پر توکي خبر آ ته تون جڏهن به گهر کان ٻاهر ويندو آهين ته مان تصور ۾ توکي ڏسندي آهيان. هر پل توسان گڏ هوندي آھيان، توسان گڏ گڏ هلندي گُهمندي آھيان. هاڻي به مون شھر کان تنھنجو تصور ڪيو توسان گڏ گڏ، بلڪل ھم قدم تنھنجي پيرن سان پير ملائيندي هلندي آيس ۽ سوچ ۾ توکي آڻي در تي بيھاريم ۽ تون واقعي در تي ھئين، سچي سائين!“
ٻنھي ھڪ ٻئي کي ائينءَ ڀاڪر پاتو جھڙوڪر ٻنھي مان ڪو هڪ ڄڻو ڪوئي کسي ڇني رھيو ھجي يا وري سندن آخري ملاقات ھجي. ننڍڙو ٽن سالن جو ٿيو ته راحت وري اميد سان ٿي ھئي. سو ڪجهه ڏينھن کان اِمداد سومھڻي جي نماز کان پوءِ جلدي ئي گهر موٽندو ھو، ڏيئي جي روشنيءَ ۾ لکندو به ھو ته راحت سان روح رھاڻ به ڪندو رھندو ھو. اميد واري هُجڻ ڪري اِمداد کيس وڌيڪ ٽائيم ڏيندو هو . هو ٻئي ڄڻا نئين ايندڙ ٻار متعلق ڳالهائيندا هئا. راحت چوندي هئي پُٽ ڄمندو ۽ اِمداد چوندو هو مونکي تو جھڙي ڌيءَ گُهرجي . خير سان راحت جا ڳورهاري ھجڻ وارا ڏينھن پورا ٿيا ۽ کيس ڌيءَ ڄائي، اِمدادکي ٻئي نياڻي ڄائي ته خوشي ۾ صفا ماپيو ئي نه پئي. ڌيءَ جي ڄمڻ سان سندن گهر ڄڻ اڃا به جنت بڻجي ويو. راحت ۽ امداد ٻچڙن سان ڏاڍو خوش خوش ھئا.
ڪجهه وقت ئي نه گذريو ته مُلڪ ۾ اوچتو ماتا جي وبا پکڙجي وئي، شھر ڳوٺ اُن وبائي بيماري جي لپيٽ ۾ اچي ويا. سندن ڇھن مھينن جي نياڻي بختاور کي به ماتا ٿي وئي. راحت ۽ اِمداد جو ته ڄڻ ساهه نِڪري ويو. ڏاڍا پريشان ٿيا پر ڇا ڪن بي وس هئا. ننڍڙي اُبھم سان جيڪو آزار هو سو ته بس راحت ئي پئي محسوس ڪيو، ڪچڙي لڱن تي ماتا جو مرض پوري جسم ئي داڻا داڻا ٿي رھيو ھو. معصوم نينگر جو سمورو جسم تتل لوھه وانگر ٿي ٻريو، راحت جون ھيٺيون ھيٺ مٿيون مٿي رھجي ويون. اُن حالت ۾ راحت ننڍڙيء کي سيني سان لڳائي ائين ڪڙهندي هئي ڄڻ ته کيس ماتا ٿي وئي هُجي. راحت بي وسيءَ وچان ڌيء کي ڏسندي رھندي ھئي. ھر گهڙي قيامت جهڙي ھئي. ماتا لاءِ ڪا خاص دوا ته ڪونه ھئي جي ھجي ھا ته راحت ھر قيمت تي خريد ڪري ھا، سو رڳو الله جو آسرو ھئن، دعائن جو سھارو ھئن. هاڻي راحت جي اکين اڳيان اوندھه ھئي، گهر ۾ ماتم جھڙو ماحول ھو، سڄي ڳوٺ ۾ آهستي آهستي ماتا جو ديو ڪاھي پيو ھو جيڪو هڪ نه ٻي فرد کي پنھنجي قبضي ۾ آڻيندو ويو. حالت وڃي اِها بيٺي جو ھر ٻئي گهٽيءَ ۾ ڪو نه ڪو اِن وبا جو شڪار هو، ته هر ٽئين گھِٽي مان جنازو ٿي نڪتو. راحت خوف ۾ حواس باخته ھئي، درود ۽ صلواتون پڙھندي رهندي هئي، جڏهن ڪا ڳالھه سمجهه ۾ نه ايندي هيس ته غشي طاري ٿي ويندي هيس، راحت اڻڄاڻي خوف ۾ ڳري ڪنڊا ٿي وئي ھئي، کيس گرھه به اندر نه ٿي ھليو، پاڻي به جھڙوڪر وِھُه ٿي پئي لڳس. ھوءَ بيوس جهُڄندي پئي وتي.
اوچتو اِمداد به کٽ تي بيوس بي حال ٿي ڪِري پيو، ننڍڙي بختاور جي ناچاقائي سوچ ۽ وهم ۾ صفا بخار ۾ ٻري پيو. اِها خبر ته وڃي چوٿين ڏينھن پئي ته اِمداد کي وري مليريا جڪڙي ورتو آهي جو اُن زماني ۾ مليريا به موت مار بيماري ھئي. پوءِ ته ويتر راحت جي جنت دوزخ جھڙي بڻجي پئي، صفا ساھه ئي نِڪري ويس. بختاور جي بيماري کانپوءِ کيس لڳو هو ته ڄڻ کيس اُها وبا وڪوڙي وئي آهي پر امداد جي حالت ڏسڻ کانپوءِ سندس اکيون تاريڪ بڻجي پيون ڄڻ ته کيس ڪو وڏو مرض ٿي پيو آھي. اوڙي پاڙي ۾ اڪثر ماڻھن کي ماتا جي مرض ۾ وڪوڙيل ٻُڌي کيس ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ ماتا جا داڻا راحت جي اکين ۾ لھي آيا آهن. اُنڪري هوءَ هر هر نلڪي تي وڃي پاڻي جا ڇنڊا پنھنجي اکين تي هڻندي هئي پر جيڪو خوف ۽ عذاب سندس دل ۽ روح ۾ گهر ڪري ويو هو سو پاڻيءَ جي ڇنڊن سان لھڻ جو ڪٿي هو. ھُن کي بس خيالن توڙي تصور ۾ رڳو ماتا پئي نظر آئي جنھن صفا ساھه ئي سُڪائي ڇڏيو ھيس.
ٽن ڏينھن کان اوجاڳي، انتظار صوم صلوات ۽ ذڪر جو لک ڪڍرائڻ کان پوءِ به سڀ ڪجهه ساڳيو ھو، ڪجهه نه بدليو ھو، راحت اوجاڳن ۽ بکن کان بي نياز ورد وظيفا ڪري ڪري ھر وقت الله الله ڪندي ٿي رهي. سندس چپ خشڪ سڪل، منھن ڪاراٽيل، اُجريل وار ۽ وچڙندڙ لفظ ثابت ڪري رھيا ھئا ته ھوءَ ڪيتري تڪليف ۽ پيڙا جو شڪار هئي جو سندس دنيا بدلجي وئي ھئي ۽ وھمن جي ڪُن ۾ ڦاسي پئي ھئي. اُن ڪُن جي ڦيرن ۾ ۽ اندر جي دٻايل ريھن ۾ عجيب ڪيفيت ۾ ھر پل آسمان ڏانھن نھاري دعائون گُهري رھي ھئي، راحت جي اکين جا بند ضبط سان روڪيل ھئا، سراپيل وجود سان ٿڙندي ٿاٻڙندي سيني سان لڳل ڌيءُ کي کڻي اِمداد جي کٽ ڀرسان اچي ويٺي، اِمداد کيس ڏٺو ۽ ڳوڙھن کي روڪيندي زھر جھڙي ڳيت ڏنائين، ڄڻ بي جان اکين سان بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ سان کيس گهوري رھيو ھجي، سندس گهُور راحت کي ڪوري ڪپي رھي ھئي. اکين ۾ ايندڙ ڳوڙھن کي روڪڻ مشڪل ھيس، سو اِمداد جي مٿان واري چادر سولي ڪري ٻاھر نڪري آئي.
اڱڻ ۾ چنڊ ساڳيو ئي بيٺو ھو، نه بدليو ھو، اڱڻ ساڳيو ٻير جو وڻ ساڳيو ۽ ساڳي زمين آسمان ھو، پر ھن جو آسمان ٽُٽي ٽنگ ٽنگ ٿي ڇڄي رھيو ھو، ننڍڙي کي سيني سان لڳائي بيوس ضبط جا بند ٽوڙي وڌائين ۽ ورانڊي ۾ موڙيءَ تي ويھي رھي. الائي ته ڪھڙا ڪھڙا خيال ۽ وسوسا کيس کائي رھيا ھئا. ايتري ۾ امداد کيس رڙ ڪري سڏيو، ھوءَ بختاور کي اُتي کٽ تي ليٽائي وٺي ڪمري ڏانھن ڀڳي. چادر پري ڪيائين ته اِمداد جون اڌ کُليل اکيون راحت جي وجود کي ڪُن جي تَري ۾ اُڇلائي ويون جِن کي سندس ڏيرياڻيءَ اچي ھٿ رکي بند ڪيو ۽ مُنھن تي ڪپڙو ورائي ڇڏيائين. راحت ڳالھه سمجهي وئي ته قصو ختم ٿي ويو. راحت بي وسيءَ وچان دانھون ڪيون پنھنجون چوڙيون ڀڳائين ۽ رانڀاٽ ڪندي ڪمري کان ٻاھر ڀڳي، ٻاھر اچڻ سان کَٽَ تي پيل پنھنجي بختاور کي ڏٺائين، جيڪا پُرسڪون حالت ۾ مُرڪي رھي ھئي، سندس مُنھن تي ماتا جا داڻا پڪل شِڪل ۾ اُڀري پنھنجا نشان ڇڏڻ لاءِ مِڙي رھيا ھئا. راحت غور سان ڏٺو ته بختاور جي مُنھن ۾ کيس ڏاڏي جَنا نظر آئي، ھوءَ پار ڪڍي روئڻ بدران ڄڻ سڪتي ۾ وٺجي وئي، جو بختاور ڏاڏي جنا جي روپ ۾ زندھه رھڻي ھئي.