ڪھاڻيون

سپنن جو پڌر

هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ستن ڪھاڻيڪارن پير عبيد راشدي، عين سحر، ياسمين چانڊيو، سرمد عباسي، مخدوم آسيہ قريشي، شھزاد سھتو ۽ آصف ڪالرو جون ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آھن. سڀني تخليقڪارن پنھنجي وت آهر ڪھاڻين سان خوب نڀايو آهي. ھي ڪتاب مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين سبب ھڪ گلدستو لڳي رھيو آھي جنھن ۾ مختلف انداز، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ سبب ڪھاڻين جو منفرد سواد ملي ٿو.

Title Cover of book سپنن جو پڌر

سبق پهريون

گهر ۾ ڪريم بخش لاءِ امن نه هو. جِهڪ جِهڪ صبح سوير هن جي اٿڻ سان ئي شروع ٿي وئي هئي. جوڻس ۽ ٻه پٽ، هن کي رٽائرمنٽ کان پوءِ مليل ڳري رقم ۾ اکيون کپايون ويٺا هئا. ان رقم جي طلب، رشتن کي پاسيرو ڪري، اکيون نرڙ تي رکڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هئن. نيٺ يڪي ويڙهاند کان پوءِ هن توائيءَ ۾ آخري جملا چيا ۽ گهران نڪري آيو.
”پئسا منهنجا آهن، ڪاڏي به ڪيان تنهن ۾ اوهان جو ڇا؟ جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو، مون کي پرواھ ڪانهي...”
سندس جملن سان لوڀ جي باھ جهڪي ٿيڻ بدران مچي، مچ ٿي وئي. پوءِ هو ترسيو ڪون گهران نڪري آيو. سندس رخ پرائمري اسڪول ڏانهن هو ٻه ٽي ڏينهن پهريان هن کي خبر پئي هئي ته اسڪول ۾ نئين ڀرتي ٿي آيل استاد جي پوسٽنگ ٿي آهي، سو ان کان حال احوال وٺڻ جو خيال ڪري اسڪول ڏانهن منهن ڪيائين. هونءَ به رٽائرمينٽ کان پوءِ هو ڪڏهن ڪڏهن استادن سان ڪچهري ڪرڻ ويندو هو. اسڪول پهچڻ تائين پٽن جا پاراتا پاڙي وارن سان گڏ هو پاڻ به ٻڌندو رهيو پر اسڪول وڃڻ جو ارادو رد نه ڪيائين. اسڪول جو گيٽ ٽپيو ته روز جيان استادن کي اڱڻ ۾ نم جي وڻ هيٺان ڪچهريءَ ۾ رڌل ڏٺائين. ان وقت صبح جا ڏھ کن ٿيا هئا. اڄ نئين استاد جو واڌارو هو. نئين استاد سوڌو ٽئي استاد ڪرسين تي ويٺا هئا. جڏهن ته شاگردن مان ڪي ٻار ڪلاسن ۾ ته ڪي وري اڱڻ ۾ ڌمچر مچايون ڪڏي رهيا هئا. استاد انهن کان ڪن لاٽار ڪيون ڪچهري ۾ مست هئا. نئون استاد چڱي گهراڻي جو پئي لڳو. ڪاٽن جو جوڙو، پالش ٿيل چمڪدار بوٽ ۽ سليقي سان ڦڻي ڏنل وار کيس وڻندڙ شخصيت ٻڌائي رهيا هئا. سندس هٿ ۾ اخبار هئي.توڙي جو اڃان رسيس جو وقت نه هو پر استاد ڪلاس کان ٻاهر خبرن تي تبصرا ڪري رهيا هئا. هو اڃان سندن ويجهو مس پهتو ته پويان هن جو پٽ حق نواز گڦ وهائيندو اچي پهتو.
”بابا اڄ ڪو فيصلو ڪندي يا نه؟“ حق نواز وڏي رڙ ڪندي پڇيو.
هن سان گڏ استادن کان به ڇرڪ نڪري ويو.نرڙ تي گهنج وڌي ويس.
”گهر هل نڀاڳا، اچان ٿو ته ڳالهايون ٿا. ٻه ٽي منٽ استادن سان ويهڻ ڏي.“
هن ڪوشش ڪئي ته نرميء کان ڪم وٺي پر ڳالهائڻ ۾ تئو وري به اچي ويس.
”چڱو ٿيو جو هتي آئين ، استاد اوهان ئي فيصلو ڪيو ته هن عمر ۾ رٽائرمنٽ جا پئسا ڪاڏي ڪندو. ڪهڙي آس اڌوري اٿس جا لکين رپين سان پوري ڪندو. توهان ئي سمجهايوس ته ان مان پتي اسان اولاد کي به ڏي ته پنهنجو ڪو بلو ڪريون.“
پٽهنس استادن ڏانهن منهن ڪندي ڄڻ فرياد ڪيو. استاد ڪرسين تان اٿي، هنن ڏانهن نهارڻ لڳا. ماحول کان اڻ واقف نئون استاد وائڙو ٿي ويو.
”تون ميلائي ڪهڙو بلو ڪندي پنهنجو. ٺڳ تون وڃي لٽائيندي ميلن ۾ ناچڻين ۽ نشي پتي تي ٻيو ڇا ڪندي؟“
هن گرم ٿيندي وراڻيس.
”تون وري ڪهڙو سڄي زندگي سجدا ڪندي گذاري آ؟ تنهنجا شوق ڏسيان ڇا استادن کي؟“ پٽهنس بي حيائيءَ سان چيو.
هن کي لڳو ته ڄڻ اڀ مٿس اچي ڪريو هجي، ڏسڻ ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويو پر اندر ۾ آنڌمانڌ مچي ويس. لڳس ته اجهو ٿو ڪران. نئين استاد اچي سنڀاريس. پٽهنس حق نواز ڄڻ ته اڄ پيءَ تي هٿ به کڻي ها پر ٻيا استاد کيس سمجهائيندا اسڪول کان ٻاهر گهلي ويا.هو سخت صدمي ۾ وٺجي ويو. کيس پٽ مان اها اميد نه هئي ته ڪو ايئن سامهون ٿيندو. نئين استاد کيس ڪرسيءَ تي ويهاريو.سندن وچ ۾ ماٺ هئي. هو ڪنڌ هيٺ ڪيون ويٺو رهيو. جڏهن ته نئون استاد ڪجهه گهڙيون ڏانهنس منتظر نظرن سان ڏسندو رهيو پوءِ وري اخبار سنڀاري ورتائين.هن ڪنڌ کڻي چوڦير نهاريو. ٻارن جي پاڻ ۾ وٺ وٺان لڳي پئي هئي. ڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا ته ڪي راند کيڏڻ ۾ لڳا پيا هئا. بينچون ۽ ٻيو سامان ڌوڙ لڳو پيو هو.ٻارن جا ڪتاب ڪاپيون هيٺ مٿي وکريا پيا هئا. اسڪول ڄڻ ته ڀوت بنگلو لڳو پيو هو. هن جون نظرون ڦري اچي نئين استاد ۾ کتيون.
”استاد...!“ هن جهيڻي آواز ۾ پڇيو.
نئون استاد اخبار مان منهن ڪڍي ڏانهنس نهارڻ لڳو.
”مان به استاد هيس. سال کن ٿيندو جو رٽائرڊ ٿيو آهيان.“ هن. چيو.
”اڇا... !!!“ نئين استاد سخت اچرج مان وراڻيو.
”ٻٽيهه ورهيه سروس ڪيم پر چڱيء طرح ياد آهي ته انهن ٻٽيهه ورھين ۾ شايد سال کن مس پڙهايو هوندم. ڊيوٽي چور هيس ،سڄو وقت گهمندي ڦرندي، اخبارون پڙهندي ۽ ڪچهريون ڪندي گذاريو اٿم.“
هن ڪجه گهڙيون ساھ پٽيو ۽ وري چوڻ شروع ڪيو.
” ٻين جي ٻارڙن جو احساس نه ڪيم، سو نتيجو سامهون آيو اٿم ته منهنجا پنهنجا ٻار سڌرڻ کان رهجي ويا. هڪ ميلائي ٿي ويو ته ٻيو وري جواري ۽ ڦڏائي. انهن جون چٽيون ڀريندي ڀريندي سڪون سان جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪو پل چين جو اطمينان جو ناهي گذريو.“
هن جي اکين ۾لڙڪ تري آيا.
نئون استاد الف جيان سڌو ٿي ويهي رهيو.
”ضمير سان جنگ ۾ نقصان هميشه اسان جو ئي ٿيندو آهي پر خبر ڏاڍي دير سان پوندي آهي .مون جيڪو پوکيو هو سوئي لڻيو اٿم.“ هن انتهائي افسوس سان چيو ۽ وڃڻ لاءِ اٿيو.
”سائين ڪجهه چانهن پاڻي؟“ استاد کيس رسمي صلاح ڪئي.
”مان هلان ٿو. هونءَ به رسيس ۾اڃان اڌ ڪلاڪ پيو آهي.“
هن نئين استاد کي ڪجهه اهڙي نموني چيو ڄڻ ڪي سال پهرين ڪنهن شاگرد کي سبق سمجهايو هجائين.
هو ڪجهه دير نئين استاد ڏانهن نهاريندو رهيو پوءِ جهيڻيون وکون کڻندو اسڪول جي گيٽ ڏانهن وڌي ويو. گيٽ وٽ پهچي هن ڪنڌ ورائي نم واري پاسي ڏانهن نهاريو. ڪرسيءَ تي اخبار رهجي وئي هئي. استاد شاگردن سوڌو ڪلاس ۾ وڃي چڪو هو. نئين استاد، پراڻي استاد جو ڏنل ”سبق پهريون“ ياد ڪري ڇڏيو هو.