ڪھاڻيون

سپنن جو پڌر

هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ستن ڪھاڻيڪارن پير عبيد راشدي، عين سحر، ياسمين چانڊيو، سرمد عباسي، مخدوم آسيہ قريشي، شھزاد سھتو ۽ آصف ڪالرو جون ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آھن. سڀني تخليقڪارن پنھنجي وت آهر ڪھاڻين سان خوب نڀايو آهي. ھي ڪتاب مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين سبب ھڪ گلدستو لڳي رھيو آھي جنھن ۾ مختلف انداز، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ سبب ڪھاڻين جو منفرد سواد ملي ٿو.

Title Cover of book سپنن جو پڌر

شادِي ھال

پياري دوست جو وھانءُ ھو. بس ٺيڪ صبح اٺين وڳي نيشنل ھائي وي تي لاٿو. سامھون ئي دوست جي ڳوٺَ ڏانھن ويندڙ لنڪ روڊ ھو. روڊ جي پاسي کان بيھي چانهه پيئڻ لاءِ پئي سوچيم جو ڪنن ۾ آواز پيم.
”ماستر! ھيڏانھن ھليو اچ.“
نھاريم ته سائين گلزار احمد تي نظر پئي. ھو منھنجي ان ئي دوست جو ڀاءُ ھيو، جنھن جي وھانءَ ۾ ويس پئي.کيس ڏسي خوشي ته ٿي پر ھن جي طبيعت جو سوچي ڳڻتي ورائي وئي. سائين گلزار احمد تعليم کاتي ۾ ٽِي اِي او ھيو ۽ منھنجي نوڪري به سندس، مون تي ڪيل ٿورو ھئي.ھونءَ ته ڀلوڙ انسان ھيو پر استادن تي ٽوڪَ ۽ چٿر ڪرڻ جي ڏاڍي عادت ھيس. جڏھن به دوستَ سندس ڀاءُ اياز سان ملڻ ويندو ھيم ۽ ھن جي ور چڙھندو ھيس ته ڏاڍي جُٺِ ڪندو ھو.کيس ڪيترو به مطمئن ڪرڻَ جي ڪوشش ڪندو ھيس پر ھو ڳالهه کي ويندو ھو وڪوڙيندو. وٺُ ئي نه ڏيندو ھو. مان روڊ ٽپي ھائي وي جي اولھندي پاسي کان سائينءَ جي اڇي ڪرولا وٽ پھتس.
”ماستر دلاور صاحب ڪاڏي تياري آھي؟“ سندس مُکَ تي مرڪَ ھئي.
مان کيس سلام ڪري، گاڏيءَ ۾ ويٺس.
”سائين توھان جي شھزادي جي وھانءَ ۾ “ مان به مرڪندي وراڻيو.
ھھههه ... سائينءَ ٽھڪ ڏنو ۽ گاڏي اڳتي وڌائي ڇڏيائين.
”ڪم ھيو ڪجهه ان ڪري سوير ڀرو نڪري آيو ھيس. موٽان پيو جو تو تي نظر پئي. ڏي خبر رات نه پھتين؟“
سائينءَ گاڏي لنڪ روڊ تي لاھيندي پڇيو.
ھونءَ ته سائينءَ کي ادا ئي ڪوٺيندو ھيم، پر ٻه ورهيه اڳ جڏھن نوڪري وٺي ڏني ھئائين تڏھن کان پاڻَ مرادو سائين چوڻ لڳو ھو مانس. واسطو پنھنجي جاءِ تي ھو پر ساڳي کاتي ۾ وڏي پوسٽ تي ھيو ، سو ادا چوڻ صحيح نه لڳندو هو. ھُن به ڪڏھن جھليو نه ھو. ان کان اڳ جو مان کيس وراڻي ڏيان ھا، ھن ڳالهه جو پاسو پنھنجي پسند جي موضوع ڏانھن موڙي ڇڏيو.
”موڪل ڪري آيو آھين ماستر يا اڃان ساڳيا پير اٿئي...؟“
”سائين موڪل لکي ڏئي آيو آھيان. اڳي به ٻڌائي پوءِ موڪل تي ويندو ھيم.“ دل تي پٿر رکي مرڪندي چيم.
”چئبو ته بايو ميٽرڪ سڌاري ڇڏيئي.“ ٽھڪُ ڏئي چيائين.
مان مرڪڻ جي ئي حدن ۾ رھيس.
”گھڻا ئي سُڌري ويا.اڳي ھوٽلن تي ويٺا ھوندا ھيا، بايو ميٽرڪ اسڪولن ۾ پھچائي ڇڏين. وڏو فرق آيو آھي.ھيلَ به ..“
ٽھڪُ ڏئي چيائين.
دل ۾ آيو ته چئي ڏيانس ته ”جي سڌارو آيو آهي ته پوءِ رڙيون ڇو ٿا ڪيو ته سنڌُ جي تعليم وڃي ٿي تباهه ٿيندي.“ پر چوڻ جي ھمت ساري نه سگھيس.
”سائين مان بايو ميٽرڪ نظام کان پھريان به ڊيوٽي ڪندو ھيس، ھاڻ به ڪيان پيو. بايو ميٽرڪ جي ڪري مون کي ڪا پريشاني ناھي. باقي گسائيندڙن جي توھان کي خبر.“ مان چيو.
ھن پھرين کان به وڏو ٽھڪُ ڏنو. جنھن ۾ ٽوڪَ چِٽي محسوس ٿي.
پرَ مان وڌيڪَ ڪجهه نه ڳالھايو. سائين به شايد وھانءَ جي ڳڻتيءَ ۾ ھو، سو وڌيڪَ ڪجهه نه ڳالھايائين. مان به دل ۾ شڪر ادا ڪيا. سائين جي ڳالھين کان وڌيڪ، ڳالھائڻ جو نمونو پيڙا ڏيندو ھو. ھائي وي کان ڳوٺ گھڻو پري نه ھو.ستت ئي مورِي ٽپي گاڏي کاٻي پاسي مڙي ته شاخَ جي ڪپَ تي ھنن جي اوطاق نظر اچڻَ لڳي. جمعي جو ڏينھن ھو. اڄ شام نڪاح ھو .ڇنڇر تي برادري ۽ آچر تي ٻاھرين ماڻھن جي دعوتَ ھئي. نڪاح به ڳوٺَ ۾ ئي ھو.
گاڏي جڏھن رستي کان ھيٺ گھرن ڏانھن رُخُ رکيو ته مون چيو:
”مونکي ھتي ئي لاھيو ھا. اوطاقَ تي ڪمُ ڪار ھوندو.“
”اوطاقَ تي مھمانن جي رھڻ جو بندوبست آھي. نڪاح لاءِ ھيڏي بندوبست ڪرڻو آھي.تون آيو آھين ته ھاڻ اھو بندوبست تنھنجو ذمو.“
سائينءَ جي ڳالهه ٻڌي مون ھائوڪار ۾ ڪنڌُ لوڏيو. گاڏي ڪجهه ئي اڳيان گھرن جي سامھون ھڪ ھنڌ بيھي رھي. مان اچرج ۾ وٺجي ويس.
”تون اندر ھلي ڪم ڪار سنڀال، سيٽنگ ڪراءِ، مان اياز کي موڪليان ٿو“.
”نڪاح ھتي ٿيندو سائين؟“ مان سائينءَ ڏي چتائي نھاريندي پڇيو.
سائينءَ ھڪ پل لاءِ مون ڏانھن نھاريو ۽ ٻي گھڙي، تڪڙ ۾ اکيون ٻي پاسي ڪري ڇڏيائين.
”ٻيو باقي...؟ ٻڌايو جو مانءِ ته اوطاق واندي ناھي. ھاڻي لڳ ڪم ڪار سان، ايازَ کي به چوان ٿو...“
سائينءَ جي وراڻي ٻُڌي، گاڏيءَ مان لٿس ۽ گھرن جي سامھون ان عمارتَ جي اڱڻ ۾ ھليو آيس، جنھن ڏانھن سائينءَ اشارو ڪيو ھو. ڳوٺَ جا ڪيترائي ماڻھو ڪم ڪارَ ۾ لڳا پيا هئا. ڳوٺَ جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عرف شادي ھال ۾ تعليمي عمل معطل ۽ ٽي اِي او صاحب جي ڀاءُ جي وھانءَ جي دعوتَ جا انتظام اوجَ تي ھئا.