ڪھاڻيون

سپنن جو پڌر

هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ستن ڪھاڻيڪارن پير عبيد راشدي، عين سحر، ياسمين چانڊيو، سرمد عباسي، مخدوم آسيہ قريشي، شھزاد سھتو ۽ آصف ڪالرو جون ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آھن. سڀني تخليقڪارن پنھنجي وت آهر ڪھاڻين سان خوب نڀايو آهي. ھي ڪتاب مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين سبب ھڪ گلدستو لڳي رھيو آھي جنھن ۾ مختلف انداز، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ سبب ڪھاڻين جو منفرد سواد ملي ٿو.

Title Cover of book سپنن جو پڌر

روزو

نياڻيءَ جي وھي ڇهه ست ورهيه کن ھئي. ھٿن ۾ ميرانجھڙي ڪپڙي سان ڍڪيل ٿانوَ ۾ روزيدارن لاءِ آندل ماني کڻي، ھيسيلَ نِھارَ سان مولوي محمد حسن جي آڏو بيٺلَ ھئي. ھن جا ڪپڙا ميرا ۽ گھنجَ پيل ھئا.پوتيءَ کان آجي مٿي تي اڻڀا وارَ ڪيترن ڏينھن کان تيلَ ڦُليلَ لاءِ سِڪندي محسوس ٿيا.ڌوڙ ھاڻا پيرَ،جُتيءَ جي اَڻ ھُوند جو اعلان ڪري رھيا ھئا.
”سائين ماني...!“ ھِنَ مُنجھيل آوازَ ۾ مولوي محمد حسن کي چيو.
روزي کُلڻَ( افطاريءَ) ۾ اڃان اَڌُ ڪلاڪ ھيو. مسجد ۾ روزيدارن لاءِ دسترخوان وِڇائجي چڪو ھو. مسجد جي ويڪري اڱڻَ جي ھڪَ ڪنڊَ ۾ لڳل نلڪي تي پاڙي جا ننڍڙا وڏا ٻارَ ڪولرَ ۾ پاڻي ڀري،خيرَ ۾ آيل برفَ سان ٿڌو ڪري رھيا ھئا. مولوي محمد حسن پاڻَ ورانڊي جي ٺُلَ وٽ مٿي کي آلي وڏي رومالَ سان ويڙھي، پاڙي مان آيل ماني جدا جدا ٿانونِ ۾ ونڊي رھيو ھو. ٻي ٽي ڏينھن ٿيندا جو ھُو ڪنھن ڄاڻَ سُڃاڻَ واري جي معرفت الله جي ھن گھرَ ۾ پيش امام ٿي آيو ھو.
اڄُ ته گرميءَ ڪانوَ جي اکِ پئي ڪڍي. تائِي ۽ ٻوسٽَ ڪارڻ ساھُ پئي ويو. نِڙيون ٿر ٿي چڪيون ھيون.
”اَمان تون ڪنھن جي ڌِيءُ آھين...؟ “ مولوي محمد حسن نياڻيءَ کان پڇيو.
”رَشوءَ جي سائين...“ ھن جواب ڏنو.
”ڪنھن جي....؟؟؟“ مولوي محمد حسن جي سمجهه ۾ ھن جو جواب نه ماپيو.
”سائين ھيءَ رشيد جي ڌيءُ آھي، ڪنول...! پَرِين گھٽيءَ ۾ ڪنڊَ تي لوڙھي وارو گھر ھنن جو ئي آھي.“
مولوي محمد حسن لاءِ ماني کڻي پُھتل جَماعِتي اظھارَ وچَ ۾ ڳالھائيندي چيو.
”اڇا!!!“ مولوي محمد حسن وراڻيو.
”ھي توھان جي لاءِ آھي سائين.“
اظھار ساڻُ آندل ھڪُ ڊيشُ ورانڊي ۾ ٺُلَ جي پاسي ۾ رکندي چيو ۽ ٻي ھٿَ ۾ جھليل ٿانو مولوي محمد حسن ڏي وڌايائين.
”گرمي ڪيئن آهي ادا؟“ مولوي محمد حسن،اظھارَ کان ٿانو وٺندي چيو.
”توبهه زاري آھي سائين! پارو لڳي ٿو پنجاھَ کي وڃي رَسيو آھي. اھڙي باھِ سِجَ ۾ روزو رکڻُ به جھاد سمجھو“
اظھارَ، اشھدُ آڱر نَڪَ تي گسائيندي وراڻيو.
”جيتري سَرسُ تڪليفَ، اوترو سرس اَجر... روزو ته نانءُ ئي سَھپَ ۽ شُڪرَ جو آھي. “
مولوي محمد حسن جي سُڪلَ زمينَ جھڙن چپنِ تي به مُرڪَ ڦُٽي آئي.
”بيشڪ سائين...سُبحانَ الله...“ اظھارَ عقيدتَ وِچان چيو.
اظھارَ جا ٿانوَ واندا ڪري مولوي محمد حسن ڪنول ڏانھن نھاريو.
ڪنول انھيءَ مھل ڄڻُ ته کانئن اڻ ڄاڻ، ٿانونِ ۾ ونڊيلَ کاڌي ڏانھن نھاري رھي ھئي. سندس نھارَ ۾ جيءُ جھوريندڙ حسرتَ ھئي.
”امان ڏي ته توکي به ٿانوَ واندا ڪري ڏيان. يڪو بيٺي آھين.“
مولوي محمد حسن کانئس ٿانوَ وٺندي چيو.
ڪنول نماڻائيءَ سان کيس ٿانوَ ڏنا ۽ سندس ڌيان ٻيھر روزيدارن لاءِ آيل کاڌي ڏانھن ٿي ويو. مولوي محمد حسن ھن جي ڏنل ٿانونِ تان ڪپڙو لاٿو ۽ ٻي گھڙي ھنَ پاڻَ کي پنڊُپھڻُ ٿيندي ڀانئيو.کيس پنھنجي اَکين تي يقين نه ٿي آيو. پِنڊيءَ ۾ ٻه اَڻُ مَکيَلَ مانيون ۽ پلاسٽڪ جِي پليٽ ۾ ذري گھٽ ڪارو ٿي ويل رَحو(رسُ/ شوربو) ھيو. اُنَ ۾ نه ٻوٽي ھئي، نه ئي وري ڪو پٽاٽو. رڳو ٻِجَ نموني جي ڪا شئي منجھس تَري رھي ھئي. شايد اھو ڪنھن سادي مِرچن ۾ ڪَڙھيلُ پاڻيءَ جو رَحو ھو. مولوي محمد حسن جي نِھارَ ڄڻُ ته ايلفيءَ سان اُنَ کاڌي تي چَھٽي وئي ھجي. ھنَ جي اندرَ ۾ دردَ جي ھڪَ لھرَ اُٿي.
”يا الله سائين...!!!“ ھنَ جي واتَ مان پاڻَ مُرادو نڪتو.
ھنَ سامھون نھاريو. ٿانونِ ۾ گوشت، سايون ڀاڄيون ۽ ميوا پيلَ ھئا. جيڪي پاڙي وارن موڪليا ھيا ۽ اُنَ ساڳئي پاڙي جي ھيءَ نياڻي ڪنول... جنھن جي گھرَ ۾ ھيءَ حالتَ ھئي. مولوي محمد حسن جي اکين ۾ نيرَ ڀَرِجي آيا. ھن مسجد جي اَڱڻَ ڏانھن نھاريو.اکين ۾ آيل نيرنِ جي اوٽَ مان به ھِنَ چڱيءَ ريت سڃاتو ته دسترخوان آڏو ٺَھي سنبري ويٺلن مان ڪيترائي اُھي ھئا جن جي گھرن مان روزيدارن لاءِ کاڌو آيو ھو ۽ ٻيا گھڻا اھڙا به ھئا جيڪي مَڇي مانيءَ وارا ھُئا.پرَ پوءِ به روزو کولڻَ لاءِ مسجد ۾ آيا ھئا. مولوي محمد حسن ڪنول ڏانھن نھاريو. ھن جي اَکين ۾ لاڳيتو حسرتَ ھئي.جنھن جو نه مُنڍُ ھو نه ئي شايد ڪو اَنتُ. مولوي محمد حسن، ٺُلَ جي پاسي ۾ رکيل، پنھنجي لاءِ آيل ڊيشُ کنيو ۽ انَ تان ڪپڙو کنيائين. ڪُڪڙ جو ٻوڙُ، چار مانيون، چانورَ، تريلَ پٽاٽا ۽ ٻه انبَ ھيا. مولوي محمد حسنَ کي قلبَ ۾ قرارُ لھندي محسوس ٿيو. ڪنول جا آندل ٿانوَ واندا ڪري ھَنَ ڊيشُ به کنيو.
”امان ڪنول... ھي تنھنجا ٿانوَ بابلا... ٻيو مسجد جي طرفان خيرَ جو گِرھ به اَٿئي... اھي ٿانوَ پراوا آھن سو سُتتِ واندا ڪري ڏئي وڃجان ۽ صبح جو قرآن پاڪَ جو سبقُ وٺڻَ به ايندي ڪر.“
مولوي محمد حسن ڏاڍي ٻاپوهه منجھان چيو.
ڪنول اچرجَ مان مولوي محمد حسن ڏانھن نھاريو، ڪي گھڙيون گذري ويون نيٺِ سندس ڦڪيون ٿي ويلَ اَکين ۾ ڪا لاٽَ ٻري پئي. ھِنَ ڪنبدڙ ھٿن سان سڀُ ٿانوَ ورتا ۽ ھوريان ھوريان وکون کڻندي مسجد جي مُک درَ ڏانھن وڌي وئي.
مولوي محمد حسن،ڪنول جو آندل کاڌو سوري پنھنجي آڏو ڪيو. اُنَ سان گڏُ ئي مسجد جي مؤذن ”الله اڪبر“ جِي صدا بُلند ڪئي. مولوي محمد حسن اکيون ٻُوٽي مُنھن آسمان ڏانھن ڪري ڇڏيو. ايترو سڪونَ وارو روزو ھيڏي ساري حياتيءَ ۾ پھريون ڀيرو نصيب ٿيو ھيس.