ڪتا ڪانفرنس
”سائين! مان اوهان جي حڪم موجب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هر گھر جي هر ان ڪتي سان سان مليم جيڪو زنجير سان ٻڌل هو ۽ ان سان به مليم جيڪو زنجير سان ٻڌل نه هو، پر اهو هئو وري به غلام ڪتو. کين گھڻو ئي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين منهنجي ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي آئي ته هو ڪو غلاميءَ واري زندگي گذاري رهيا آهن، سچ چيو آهي ڪنهن ته دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم ڪنهن غلام کي اهيو يقين ڏيارڻ آهي ته هو ڪو سچ ۾ به غلام آهي. ان ڪري اهڙي گروھ کي سمجھائڻ جو ڪم منهنجي وس کان ٻاهر ٿو نظر اچي.“
سردار ڪتو سوچ ۾ پئجي ويو، پڇڻ لڳو: ”پوءِ تو ڇا ڪيو ؟“
وراڻيائين: ”سائين مان ڇا ڪريان؟ هو پنهنجي آقا جي خلاف هڪ لفظ به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، بلڪل انڌا ٻوڙا ۽ گونگا لڳا پيا آهن، هنن کي ته بس پيٽ ڀريل هجڻ جي پرواھ آهي، باقي مالڪ جي نفرت، گارگند، ڌتڪار جو انهن مٿان ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي، هو ته ٻن وقتن جي مانيءَ عيوض پنهنجو سڀ ڪجھه مالڪن مٿان واريون ويٺا آهن، اسان جھڙن ٻين ڪتن جي رسائي پنهنجي مالڪن وٽ بلڪل بند ڪرايون ويٺا آهن. جڏهن مان انهن کي اهيو احساس ڏياريو ته هو غلام آهن ۽ غلامي، چاپلوسي ۽ چمچاگيريءَ واري زندگي ڇڏي اسان جو ساٿ ڏين، آزاد فضا ۾ ساھ کڻن، ڀلي جي اها آزاد فضا گھڙي پلڪ جي ڇو نه هجي، ورهين جي غلاميءَ کان اتم ۽ اعليٰ آهي.“
سردار ڪتي پڇيس: ”ته پوءِ هنن تي تنهنجي ڳالھه جو ڪو اثر پيو ؟“
وراڻيائين: ”اثر وري ڪهڙو سائين! ابتو هنن اها ڌمڪي ڏني ته هو اسان جي شڪايت وحشي ڪتن تائين پهچائي اسان کي نقصان رسائيندا ۽ جي ضرورت پئي ته مارائي به سگھن ٿا.“
گروھ جو سردار ڪتو سنجيده ٿي هڪ دفعو ٻيهر سوچ ۾ پئجي ويو. ٿوري دير ترسي هن ٻئي ڪتي کان پڇيو:
”تون ڪر خبر تنهنجي ڇا رپورٽ آهي؟“
ٻئي ڪتي وراڻيو: ”سائين مان اوهان جي نشاندهي ڪرائڻ تي، پهرئين ڪتي وانگر انهن سڀني ڪتن سان مليس جيڪو گھرن ۾ رسن سان ٻڌل ته نه هئا پر عام رستن تي رلي رهيا هئا، جڏهن ته سندن ڪو به ٺڪاڻو ناهي هوندو، انڪري انهن سان ملڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي، هنن جو به حال غلام ڪتن وارو آهي، بس فرق اهيو آهي ته هو رسن سان ٻڌل ناهن هوندا. انهن کي به احساس محرومي بلڪل ناهي، ٿوري گھڻي ملڻ، ذلت ۽ خواري ۾ خوش آهن، ڇا مليو ڇا کسيو ويو کين ان ڳالھه جي نه سُڌ آهي نه ئي ڪا پرواح آهي، وس وارن ڪتن جي حڪم تي هڪ کان ٻئي هنڌ تڙبا رهن ٿا. سو مان به پهرئين ڪتي وانگر انهن مان مايوس آهيان.“
سردار ڪتي پڇيس: ”ڀلا ڪنهن اسان جي ساٿ ڏڻ جي حامي ڀري؟“
وراڻيائين: ”ها سائين! هڪ ٻن ها ڪئي آهي، پر لڳي نه ٿو ته هو ساٿ ڏئي سگھندا.“
سردار ڪتي پچيس: ”ڇو..... ۽ تو کي ائين ڇو ٿو لڳي؟“
وراڻيائين: ”ڇو جو انهن کي وحشي ڪتن جو ڊڄ آهي، ۽ جان هر ڪنهن کي پيار ٿيندي آهي.“
سردارڪتي سندن ڳالھيون ٻڌي باقي ٻن ڪتن ڏانهن نهاريو، پر اهي ڪنڌ نوائي ويهي رهيا، سردار ڪتو سندن خاموشي ڏسي سمجھي ويو ته هنن وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، تنهنڪري ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ کين مخاتب ٿيو:
”دوستو !جئين ته مان اوهان کي هر دفعي جي ملاقات ۾ ان ڳالھه تي زور ڏيندو آهيان ته پنهنجو ڪم نهايت چالاڪيءَ سان ڪندا ڪريو، اهڙو ڪوبه رد عمل نه ڏيکاريندا ڪريو جنهن مان پتو پئجي سگھي ته اسان جو مشن ڪهڙو آهي؟ جئين ته اوهان کي خبر آهي ته ڪجھه جاسوس ڪتا جيڪي لومڙ جي نسل مان ٿين ٿا، انڪري وڌيڪ چالاڪ هوندا آهن، جيڪي اسان جي گروھ ۾ ملي ڪري اسان جي هر ڳالھه وحشي ڪتن تائين پهچائين ٿا. وحشي ڪتا خود بگھڙ جي نسل مان ٿيندا آهن ۽ تمام گھڻا خونخوار ٿيندا آهن. هو سڄي نسل مٿان پنهنجو تسلط رکڻ چاهين ٿا ۽ هو هرگز به نه ٿا چاهين ته اسان آزادي سان هڪ منظم معاشري ۾ رهون، جتي هر هڪ کي پنهنجو حق حاصل هجي. ياد رکو ته هو اوهان کي پنهنجي گروھ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هر قسم جو وس هلائي سگھن ٿا. پر اسان کي پاڻ ۾ اتحاد ۽ ايڪو پيدا ڪرڻو آهي. محنت ڪري پنهنجي گروھ کي وسيع ڪرڻو آهي، جيڪو پوري نسل جي بقاءَ لاءِ بهتر آهي.... هاڻي پاڻ موڪلايون ٿا...ڪن ٻين هنڌ به اهڙيون ملاقاتون رکيل آهن.“
جيئن ئي سندن ميٽنگ پڄاڻي تي پهتي ته سندن مٿان وحشي ڪتن جي هڪ وڏي گروھ حملو ڪري ڏنو. ٽن ڪتن کي چيري ڦاڙي ڇڏيائون باقي ٻن کي ساڻ ڪري ائين وٺي ويا ڄڻ ته هو سندن ئي ساٿي هجن جيڪي جاسوسي خاطر ان گروھ ۾ شامل ٿيا هئا.