مان استاد آهيان
آچر جو ئي ڏينهن هو، فون ڪري صبح جو نَوَ بجي ملڻ جو وقت ورتومانس. هن سان ملڻ ضروري هو جو هڪ دوست جي ٻار لاءِ هن کان وقت کپندو هو. هو اڳ ۾ ئي منهنجي انتظار ۾ ويٺو هو، ڇوته هو وقت جو صفا پابند آهي. اوطاق واري ڪمري ۾ داخل ٿي، سلام ڪري چيومانس:
”ماستر ڪهڙا حال اٿئي؟“
سلام جو جواب ڏئي چيائين: ”يار! هاڻي تو به اسان کي ماستر ٿو چئين؟ ڀائو! مان استاد آهيان، ماستر نه.“
پڇيومانس: ”استاد ڇو؟ ماستر ڇو نه ۽ ٻنهي ڪو فرق؟“
چوڻ لڳو: ”ماستر ان ڪري نه جو مان پڙهائيندڙ استاد آهيان، ماستر ، يا ته اسڪول نه ويندا آهن يا پڙهائيندا نه آهن. ڪن کان ته ٻئي ڪم نه پڄندا آهن. پر مان اسڪول به ويندو آهيان ۽ پڙهائيندو به آهيان. ۽ اهم ڳالهه ته مون وٽ ٻين جي سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ جيترو وقت ئي ناهي. منهنجي دوست اشرف صاحب جو چوڻ آهي: ماستر اهو آهي جنهنکي پڙهائڻ کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه اچي. سو هاڻ تون پاڻ فيصلو ڪر ته مان استاد آهيان يا ماستر؟“
چيومانس: ”ڇڏ يار! جتي ڊيوٽي اٿئي اتي ته پڙهائين ڪونه ٿو.“
چوڻ لڳو: ”ها دوست! اهو سچ آهي ته مان جنهن سرڪاري اسڪول جو استاد آهيان، ان ۾ ٿورو وقت ڏيندو آهيان. گھڻو وقت ان ڪري نه ڏيندو آهيان جو اتي شاگرد ايندا ناهن ۽ جيڪي ٿورا گھڻا ايندا آهن، انهن کي پڙهڻ جو شوق ناهي هوندو، تنهنڪري اهڙن ڏُڏ شاگردن کي وقت ڏيڻ وقت جو ذيان سمجھان ٿو. ڀلا سندن والدين کي ئي پنهنجن ٻارن لاءِ وقت ناهي ته پوءِ مان ڇا لاءِ پنهنجو وقت ذيان ڪريان. ٻيو ته منهنجي حصي ۾ هڪ ڪلاڪ جا صرف ٻه پيرڊ اچن ٿا، باقي سڄو سارو وقت اسڪول جي ٻين استادن سان گڏ چانهه پي، اخباري سرخين تي تبصرو ڪرڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون اجايون ڳالھيون ڪرڻ پاڻ کي ڪونه اچي، ان ڪري وڌيڪ وقت وڃائڻ بدران پرائيويٽ اسڪولن کي اوليت ڏيندو آهيان“
چيومانس: ”توکي ايترو وقت ڪئين ٿو ملي وڃي جو پنهنجي اسڪول سان گڏ خانگي اسڪول کي به وقت ڏئين ٿو؟“
وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”هڪ اسڪول نه، ٽن خانگي اسڪولن کي وقت ڏيندو آهيان.“
”ٽي....!“
”ها ها ٽي... نه رڳو مان، پر سنڌ جي اڪثر خانگي اسڪولن ۾ اسان جھڙا استاد اٿئي، اسان جھڙن استادن جي وڏي گھر آهي. ٻيو ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ جو مزوئي الڳ آهي.“
”ڇا جو مزو....؟“
”ادا ....! اتي هوشيار شاگرد هوندا آهن، انهن کي پڙهائڻ ۾ مزو ايندو آهي. مزو صرف انڪري نه ايندو آهي ته هو هوشيار آهن. مزو انڪري به ايندو آهي جو پرائيويٽ اسڪولن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ سان معاوضو به ججهو ملندو آهي.“
احساس ڏياريندي پڇيومانس:
”يار! توکي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ سنڌي قوم جو احساس ڪونهي؟“
چوڻ لڳو: ”ڪهڙي سنڌي قوم؟ جنهن کي اها خبر ناهي ته سندن ٻار ڪهڙي اسڪول ۾ ۽ ڪهڙي جماعت ۾ ٿو پڙهي، اسڪول وڃي به ٿو يا اسڪول جي بهاني هوٽل ۾ وڃي ٿو فلمون ڏسي. ان کان علاوه سڄو ڏينهن گھر ۾ جھيڙو پيو پوندو اٿن، اهو به نه سوچيندا ته ٻار جي نفسيات تي ان ڳالهه جا ڪهڙا منفي اثر پوندا. اسڪول کانپوءِ ٻارن کان درزين جي دڪانن، گئراجن. هوٽلن تي مزدوري ڪرائيندا، شام جو کائن مال متاءَ جو ڪم الڳ ڪرائين پوءَ اهڙو ٿڪل ٽٽل ٻار ڇا پڙهندو؟“
ڳالهه ته سندس برابر هئي، ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو:
”مونکي پنهنجي قوم جو ڪافي فڪر آهي، جنهن جي ڀَلي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي اٿم، ان ڪري ئي ته ڪافي اسڪولن ۾ وڃي پڙهايان ٿو.“
چيومانس: ”سنڌي قوم صرف خانگي اسڪولن ۾ ناهي هوندي منهنجا دوست!“
چيائين: ”تون منهنجي قوم مان غلط مطلب ورتو آهي، منهنجو مطلب سنڌي قوم بلڪل به نه آهي، مان جنهن قوم جي ڳالھه ڪري رهيو آهيان، ان ۾ صرف پنج فرد شامل آهن يعني منهنجا چار ٻار ۽ هڪ عدد گھرواري، جن جي آئيندي جو ڪافي الڪو اٿم. اهو ئي سبب آهي، جو هنن لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي اٿم، مان آچر کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڏينهن تي پنهنجي ٻارن کي راند ڪندي نه ڏسي سگھندو آهيان، انڪري جو جنهن وقت گھر ۾ داخل ٿيندو آهيان يا گھر مان نڪرندو آهيان ته انهن کي ستل ئي ڏسندو آهيان.“
مذاق ڪندي چيومانس: ”پوءِ ته تو وارا ٻار ته توکي سڃاڻندا به نه هوندا؟“
کلندي مذاق ۾ ئي جواب ڏنائين: ”هاهاهاها ...... هر آچر تي منهنجي گھرواري ٻارن کي منهنجو تعارف ڪرائندي ياد ڏياريندي آهي ته مان سندن پيءُ آهيان.............!!! يار! ڪم ايترو آهي جو وقت ئي نه ٿو ملي، اوهان جھڙن ٻن ٽن دوستن کانسواءِ ڪنهن کي به وقت ڏئي نه سگھندو آهيان، ۽ انهن وٽ به ايترو وقت ڪونهي، ڇاڪاڻ ته انهن جا ڪم به مون جھڙا آهن. مائٽن سان ته سال ۾ هڪ دفعو سو به جيڪڏهن عيد نه هجي ته ملاقات جو ڪوبه سوال پيدا نه ٿو ٿي سگھي.“
سمجھائيندي چيومانس: ”هڪ انسان جي لاءِ سماجي زندگي بسر ڪرڻ ضروري هوندو آهي. مطلب دوستن، مٽن مائٽن کي وقت ڏيڻ سيرو تفريح ڪرڻ وغيره. اضافي روزي ڪمائڻ لاءِ ٻيو ڪو ڌندو ڪر جنهن سان ڪمائي ۾ به اضافو ٿئي ته دوستن، مائٽن ۽ پنهنجي ٻارن کي به وقت ڏئي سگھين.“
وراڻيائين: ”ٻڌو اٿم ته ماستر پارٽ ٽائيم جاب ڪندا آهن. ڪي مال جو واپار ڪن ٿا، ڪي دڪانداري ڪن ٿا، ڪي ٽيڪسي هلائين ٿا. اهڙا ڌندا اهي ڪندا هوندا آهن، جن کي پڙهائڻ نه ايندو هوندو. ان ڪري ئي ته شايد ماستر ٿا سڏجن. اسان به پارٽ ٽائيم جاب ڪندا آهيون. پر اها نوڪري به پڙهائي سان لاڳاپيل آهي. مانجھاندو ڪري ٻه ڪلاڪ جون ٻه هوم ٽيوشنس، ان کان پوءِ ٽيوشن سينٽر، وري ٻه ٻيون هوم ٽيوشنس، ماستر کڻي ٽي پارٽ ٽائيم جاب به ڪن پوءِ به اسان جيترو نه ڪمائي سگھندا.“
رازداريءَ مان چيائين: ”خبر اٿئي ته رڳو انٽري ٽيسٽ جي تياري جي ڪلاسن جي ٽن مهينن جي عرصي ۾ ڪيتري مال ٺهندو آهي؟“
اندازو لڳائيندي وراڻيم: ”شايد لک سوا لک.“
مسڪرائيندي ٻڌايائين: ”گھٽ ۾ گھٽ به ڏھ ملي ويندا آهن. باقي هوم ٽيوشنس، ۽ ٽيوشن ڪلاسز ته سڄو سال پيا هلندا آهن. ان کان علاوه مان ڪجهه هينڊ بوڪ به لکيا آهن، جيڪي سال ۾ هڪ دفعو بوڪ اسٽالن ۽ امتحاني مرڪزن تي شاگردن جي هٿن ۾ نظر اچي سگھبا آهن.“
پڇيومانس: ”معياري به هوندا آهن يا..........!؟“
ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين: ”هاهاهاهاها.......هاڻي اهي معياري هجن يا نه ان سان ڪهڙو فرق ٿو پئي. هڪ شاگرد هينڊ بوڪ وٺي ئي امتحان واري ڏينهن ته ان کي معيار سان ڪهڙو واسطو.“
ڳالهه جاري رکندي ٻڌايائين: ”امتحان سان ڳالهه ياد آئي امتحانن جي وقت ۾ ته اصل مزا هوندا اٿئي، وڏي عزت ٿيندي آهي. هرڪو پيو چاهيندو آهي ته مان ان جي ٻار جو پيپر حل ڪريان. پر مان صرف ڏهن امير ماڻهن جي ٻارن جا پيپر ڪنهن هڪ جي اوطاق ۾ ويهي ڪلاڪ ۾ حل ڪري وٺندو آهيان. ان هڪ ڏينهن ۾ هڪ مهيني جيترو ڌندو ٿيندو آهي. امتحانن کان پوءِ وري پيپر چيڪ ڪرڻ جو وقت ايندو آهي. بورڊ ۾ ڄاڻ سڃاڻ آهي، انڪري ايڪسٽرنل ٿيڻ ۽ پيپر چيڪ ڪرڻ، جي ڊيوٽي به حاصل ڪري وٺندو آهيان. پيپر چڪاسڻ جو معاوضو في ڪاپيءَ جي حساب سان جو ملندو آهي، ان ڪري ٻار پيپر ۾ ڇا لکيو آهي ان سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي، بس پنن تي ليڪا پائيندو ويندو آهيان ۽ جوابي ڪاپين جا ڍير لڳائيندو ويندو آهيان، ساڻ پئسن جو حساب لڳائيندو ويندو آهيان. جوابي ڪاپين ۾ ڪڏهن ڪجهه منفرد سٽن تي نظر پئجي ويندي آهي، جن ۾ پيپر چيڪ ڪرڻ واري کي پاس ڪرڻ جا قَسم ڏنل هوندا آهن، اهي قَسم اڪثر سرڪاري اسڪولن جي سينٽرن تان آيل ڪاپين تي لکيل هوندا آهن. ڪنهن جي فيل يا پاس ٿيڻ سان اسان جو ڪو تعلق ناهي، اسان جو واسطو آهي ته ڪمائيءَ سان، امتحانن جي حوالي سان ٻيا به ڪمائي جا ذريعا آهي.....پر ڇڏ انهن کي، هاڻي ڏي احوال، پڄندو ماسترن جو ڪو ڪاروبار اسان استادن کي؟“
سوچڻ لڳس ماستر هجي يا استاد ڪمائي ته هن پيشي ۾ آهي. هڪ ئي وقت ٻه ٽي ڌندا ڪري سگھجن ٿا. ياد آيو جنهن ڪم سان آيو هئس اهو ته وسري ويو. چيومانس:
”يار عابد! هڪ ٻار آهي ان کي ٽيوشن ڏيڻي اٿئي، سندس والد کي خبر پئي ته تون منهنجو دوست آهين، ان ڪري مون وٽ آيو هو، غريب اٿئي ثواب ملندئي.“
چيائين: ”ٽيوشن لاءِ مونکان وقت صرف اهي ئي وٺي سگھندا آهن، جيڪي سرنديءَ وارا هوندا آهن، باقي غريبن لاءِ مون وٽ وقت ناهي. ڀائو! ثواب سان پيٽ نه ڀربو آهي. پيٽ کي مانيءَ جي ضرورت هوندي آهي. هڪ سنڌي شاعر ته ڄڻ مون جھڙن لاءِ ئي هي شعر چيو هجي:
”هر وقت آهي ساھ کي ڳڀي جي ڳولا،
ڍَوَ بــنا ڍولا ناهي ساڃاھ سونهن جي.“
ان شعر منهنجو ڪم آسان ڪري ڇڏيو آهي. بس هر وقت ڳڀي جي تلاش جاري آ. باقي جيڪي مفت ۾ پڙهائي ثواب حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن، انهن کي هڪ ئي جواب هوندو آهي ته سرڪاري اسڪول ۾ باقي ڇا لاءِ ٿو پڙهايان اتي جو غريبن جا ٻار ايندا آهن.“
چيومانس ته: ”مطلب جواب سمجھان...!؟“
چيائين: ”موڪلينس، رعايت ڪندوسانِ.“
وراڻيم: ”پئسا وري به وٺيندين، سڌرندين ڪونه...“
کلي چوڻ لڳو: ”جيستائين اسان جي سنڌ جي تعليم ۽ تعلمي پاليسيون ٺيڪ نه ٿيديون مون جهڙا استاد ۽ ٻي ڌر وارا ماسترن جا ٺٺ هوندئي.“
چانهه پي معذرت سان گڏ موڪلائڻ جي ڪيائين، چوڻ لڳو:
”يار! آچر جي به ٽيوشن ملي آهي، جيڪا صرف آچر واري ڏينهن پڙهائڻي هوندي. انڪري ڪنهن ٻئي دفعي ملنداسين.“
مون به دل ۾ ڪونه ڪيم. سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو ۽ دوست ماڻهو آهي، انڪري پنهنجو ڪم پڪو ڪري هليو آيس.