مراد
وليداد سرنديءَ وارو هو ۽ ان وقت عمر به اڃا گھڻي ڪونه ٿي هيس انڪري ٻي شادي لاءِ کيس گھڻو انتظار ڪرڻو ڪونه پيو. ٻي شادي کي به ٻه سال گذري ويا پر حال وري به ساڳيا هئا. گھر وارن جا نئين ڪنوار کي ساڳيائي طعنه ۽ پِٽ پاراتا. پر هن دفعي لوڪ جي لڄ کان طلاق ڏيڻ بدران هُن پيرن مرشدن ڏانهن رخ ڪيو، ڪِن کان ڌاڳا ڦيڻا ڪرايائين ته ڪن کان تعويذ لکرايائين ته وري ڪجھه مزارن تي باسون الڳ باسيائين. پر سڀ ڪوششون بيڪار ويون ڪو به اثر ڪونه ٿيو. ان ڪوششن ۾ ست سال کن ٻيا به گذري ويا. نيٺ بيزار ٿي هن ٽئين شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پهرئين کان ٽئين شادي تائين جي سفر دوران سندس عمر پنجاھ سالن جي لڳ ڀڳ اچي پهتي.
ٽئين شاديءَ لاءِ کيس ڪافي هٿ پير هڻڻا پيا، ڇوته سندس عمر وڏي هئي ۽ کيس ننڍي عمر واري ڪنوار گھربل هئي. ڪو به سياڻو ماڻهو ڏسي وائسي اهڙي رشتي کان انڪار ئي ڪري پئي سگھيو. انڪري هن پنهنجي شهر کان ٻاهر اهڙي ڪنهن غريب ۽ ضرورتمند خاندان جي تلاش ڪئي، جيڪو پئسن جي عيوض کيس پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏئي. پئسن عيوض سڱ ڏيڻ جي رسم گھڻي ڀاڱي ختم ٿي پر ان هوندي به ڪن ٻهراڙين ۾ هيءَ ڪڌي رسم اڃا به جاري آهي. وليداد کي به هڪ ٻن سالن جي ڳولا کانپوءِ ويھن سالن جي ڪنوار ملي وئي، جيڪا هُن ٽِن لکن ۾ خريد ڪئي هئي.
نئين ڪنوار عمر ۾ گل جي مکڙيءَ جيان بلڪل نئين، جواني جي چائونٺ تي قدم رکڻ واري، چنبليءَ جي گل جيان خوبصورت هئي، سندس جسم جو جوڀن گلابن جي خوشبوءِ سان واسيل هو، جنهن ڪري وليداد کيس وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳو. اهميت ڏيڻ جو خاص سبب اهيو به هيو ته هاڻي وليداد ۾ اهو جوش ۽ جذبو به نه رهيو هو، جو پنهنجي نئين ۽ ننڍي عمر واري ڪنوار جي ڦوھ جوانيءَ ۽ مست خواهشن کي پنهنجي لهندڙ سج جھڙن جذبن سان خوش رکي سگھي، نئين ڪنوار ۽ سندس عمر جي وچ ۾ عمر جي وٿي نه پر هڪ نسل جي وٿي هئي، جيڪڏهن کيس پهرئين گھرواريءَ مان اولاد ٿئي ها ته هُن جيتري سندس ڏوهٽي نه به ته ڌيءُ ته ضرور هجي ها. وڏي عمر وارا مرد پنهنجي ننڍي عمر واري گھرواريءَ کي جڏهن خوش ڪري نه سگھندا آهن ته پنهنجي گھر واريءَ لاءِ سندن پيار ويتر وڌي ويندو آهي، سندن خيال اڃا به وڌيڪ ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته جيئن گھڻي گھرڻ ڀائڻ سان سندن ڌيان ڪنهن ٻئي پاسي نه وڃي، ۽ متان ڪنهن ٻئي هنڌ ڪا اڻ وڻندڙ حرڪت نه ڪري ويھن، پر حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي. ڇوته بک، اڃ ۽ جسماني ضروت فطرتي آهن جن جو ضرورت جي وقت انسان هر طرح سان پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
وليداد جو نئين ڪنوار لاءِ لاڏ پيار کي سال کان مٿي عرصو گذري ويو هو، پر اولاد وري به نه ٿيو هو... ڌاڳن ڦيڻ، تعويذن ۽ مزارن جي باسن جو ساٿ هاڻي ڊاڪٽر جي دوائن به ڏيڻ شروع ڪيو، پر اهيو سڀ ڪجھه وليداد لاءِ نه پر نئين ڪنوار لاءِ هيو. سڪينه کي هڪ ڊاڪٽر مشورو ڏنو:
”اوهان ٻئي زال مڙس چيڪ اپ ڪرايو ته جيئن خبر پئي سگھي ته نقص ڪنهن ۾ آهي؟“
سڪينه ڊاڪٽر کي چيو: ”ميڊم! منهنجي مڙس کي يقين آهي ته خرابي مون ۾ آهي، ان ڪري هو چيڪ اپ ڪونه ڪرائيندو، اوهان منهنجو چيڪ اپ ڪريو.“
ڊاڪٽر صاحبه کيس ضروري ٽيسٽون لکي ڏيندي چيو:
”ٽيسٽن جو رزلٽ کڻي اچڻ وقت پنهنجي مڙس کي لازمي وٺي اچجو.“
ڊاڪٽر جي مشوري مطابق نئين ڪنوار ڪجھه ضروري ٽيسٽون ڪرائي ورتيون، هن وليداد تي زور ڀريو ته هو کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي هلي نه ته هوءَ نه ويندي، وليداد جيڪو کيس خوش رکڻ لاءِ سندس تقريبن هر ڳالھه مڃيندو هو، کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي ڪلئنڪ جي آفيس ۾ وڏي ڪرسيءَ تي ويٺي هئي، سندس سامهون ڪشادي ٽئبل جي اڳيان پيل ڪرسين تي وليدا ۽ سندس نئين ڪنوار سڪينه جيڪا هاڻي نئين نه رهي هئي، اچي ويٺا. سڪينه ٽيسٽن وارو فائيل ڊاڪٽر صاحبه کي هٿ ۾ ڏيندي وليداد ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
”ميڊم هي منهنجو مڙس وليداد آهي.“
ڊاڪٽر صاحبه وليداد تي هڪ نّظر وجھي پنهنجي نظر وارو چشمو اکين تي چاڙهيندي ٽيسٽن جو مشاهدو ڪرڻ لڳي. ٽيسٽون ڏسي ڊاڪٽر صاحبه وليداد کي مخاطب ٿيندي چيو:
”سڪينه، مطلب توهان جي گھر واري هنن ٽيسٽن مطابق بلڪل نارمل آهي، اولاد ڄڻڻ جي به ڀرپور سگھه رکي ٿي، پر توهان کي ڪجھه ٽيسٽون لکي ٿي ڏيان، جيڪي جلد ڪرائي وٺو ته جئين اوهان جو علاج ٿي سگھي. ان ۾ ڪا لڄ يا شرم جي ڳالهه ناهي، هي هڪ عام مسئلو آهي.ان ڪري اوهان کي به شرم جهڙي فضول ڳالهه تي توجه ڏيڻ جي ضرورت ناهي.“
ان وقت ڊاڪٽر صاحبه جي اڳيان هو ڪجھه ڪين ڪڇي سگھيو، پر گھر اچي ڏمرجي پيو، چوڻ لڳو:
”ڄٽ ڊاڪٽر، ڀلا مرد کي به علاج جي ضرورت هوندي آهي ڇا؟ مرد ۾ هميشه سگھه هوندي آهي ته ٻار ڄڻڻ ۾ عورت جي مدد ڪري، باقي ٻار ڄڻڻ جي سگھه عورت ۾ گھٽ هوندي آهي.“
سڪينه چيس: ”ٿي سگھي ٿو ڊاڪٽر صحيح هجي، ڀلا ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟“
وراڻيائينس: ”لڳي ٿو ته مونکي چوٿين شادي ڪرڻي پوندي، هوئين به مذهب اسان مردن کي چار شادين جي اجازت ڏئي ٿو... هل ته سڀاڻي مرشد کان تعويذ وٺي اچون ۽ سائين جي درگاھ تان به ٿي اچون، ڏسان ته ڪيئن نه ٿو اولاد ٿئي.“
سڪينه وراڻيس: ”ڏس وليداد! مونکي تنهنجي هڪ دفعو وري شادي ڪرڻ يا مرشد ڏانهن ڌاڳي ڦيڻي لاءِ هلڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونهي، پر تون اڳ ۾ به شاديون ڪيون آهن پر انهن مان به ڪو نتيجو ڪونه نڪتو آهي، اسان ٻين بيمارين جو به ته علاج ڪرائيندا آهيون، ته پوءِ هن مسئلي لاءِ دوا ڇونه ٿا وٺي سگھون؟“
وليداد جنهن کي پنهنجي جوان مردي تي ناز هو ۽ اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هو ته مرد سان به ڪو اهڙو مسئلو ٿي سگھي ٿو. سڪينه کي حڪم ڪيائين ته:
”مان ڪجھه نه ٿو ٻڌان بس تون سڀاڻي مرشد ڏانهن هلڻ لاءِ تيارٿي.“
اڳئين ڏينهن وليداد سڪينه کي ساڻ ڪري پنهنجي مرشد وٽ وٺي ويو، جتان تعويذ وٺي سائين وڏي جي درگاھ جي حاضري ڀري واپس گھر موٽي آيا.
وليداد جو ننڍو ڀاءُ طاهر تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪندو هو، ڪجھه ڏينهن لاءِ ڪم سانگي پنهنجي ڀاءُ جي گھر ۾ ترسيل هو. هو قداور ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ وڏو عياش پرست نوجوان هو ۽ ان سبب ڪري ئي هن اڃا تائين شادي ڪانه ڪئي هئي، پيسي جي زور تي ڪنهن به ڇوڪريءَ کي پنهنجو ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندو. گھر ۾ طاهر جي ماني ٽڪي ڏيڻ وٺڻ جو جو ڪم سڪينه ڪندي هئي. جيڪا طاهر جي چالاڪيءَ واري خوش اخلاقي جي سبب ساڻس جلدئي گَھِري ٿي وئي هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ سائين وڏي جي درگاھ تي ميلو لڳل هو، سنڌ جي پيرن فقرن جي درگاهن تي جيڪي ميلا لڳندا آهن انهن ۾ شام جو ملاکڙن ٿيندا آهن ته رات جو اهي ميلا راڳ جي محفل سان سَجيل هوندا آهن، پراڻي دؤر انهن ۾ ميلن ۾ ديسي فنڪار راڳ ڳائيندا هئا ۽ پنجاب جون ناچڻيون پنهنجي فن جو مظاهرو ڪنديون هيون، راڳين کي ورلي ڪو داد ملندو هو ۽ مشڪل سان پنهنجو خرچ پکو ڪڍي سگهندا هئا، پر ناچڻين وٽ وڏيرا، زميندار ۽ ڪجھه ٻيا سرنديءَ وارا پنهنجو الھه تلھه ڦرايو ويندا هئا ۽ گادي نشين مفت ۾ پيا مزا ماڻيندا هئا، پر هاڻ منافع بخش ڪاروبار ڏسي پرديسي پکيئڙن جي جاءِ گھڻي ڀاڱي ديسي ڪونجن ولاري ورتي آهي. وليداد به ٻين چڱن مڙسن وانگر سڄي رات ميلي ۾ ناچڻين جي رقص مان پيو محو ٿيندو رهيو.
گرمين جا ڏانهن هئا، منجھند جو وقت هو، گھر جو هر هڪ ڀاتي پنهنجي ڪمري ۾ آرامي هو. هر طرف آڌيءَ رات جيان خاموشي لڳي پئي هئي. ميلي ۾ سڄي رات جي گذارڻ، اوجاڳي ۽ وري صبح جو ضروري ڪم ڪار مان واندو ٿي وليداد به پنهنجي ڪمري ۾ گھري ننڊ ستل هو. طاهر شهر ۾ پنهنجي دوستن سان ملاقات ڪري واپس آيو هو. سڪينه سندس انتظار ۾ هئي ته هو اچي ته کيس ماني ڏئي هوءَ به ڪجھه گھڙيون آرامي ٿئي. طاهر پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي ويٺو ئي مس ته سڪينه ماني کڻي سندس ڪمري ۾ صوفي جي ڀرسان پيل ٽئبل تي اچي رکندي چيائينس:
”ايتري دير نه ڪبي آهي، سڀ پيا آرام ڪن ۽ مان ويٺي تنهنجو انتظار ڪريان.“
طاهر منهن تي مرڪ آڻي وراڻيس:
”واقعي ايتري دير ناهي ڪبي، ڪنهن کي ايترو انتظار ناهي ڪرائبو.“
”اهو ته مان چوان ٿي“
”ها ها، مان به ته اهو توکي سمجھائي رهيو آهيان.“
طاهر، سڪينه کي پنهنجين ٻانهن ۾ قابو ڪندي چيو. سڪينه جو جسم جيڪو ٿر جي ريگستان ٿي چڪو هو جتي ورلي ڪي مينهن ڪڻيون پونديون هيون ۽ جنهن کي شديد برسات جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ سندس جسم جي وراياسي پٽ تي ڪافي عرصي کان ڪو وسڪارو نه ٿيو هو ۽ نه وري ترت ڪنهن اُٺي جي اميد هئي. طاهر جي سيني سان لڳي کيس مينهن جي پهرين ڪڻين جي وسڻ ڪري مٽيءَ مان نڪرندڙ هٻڪار محسوس ٿي. ڊڄ ۽ گھٻراهٽ جي احساس مان کيس چيائين:
”ڇا مطلب....!“
”مطلب سڀ ننڊ پيا آهن، موقعو سٺو آهي. دل ڪري پئي سانوڻ جي مينهن وانگر تنهنجي سرزمين تي وسي پوان.“
”پوءِ ڪنهن روڪيو اٿئي، وسي پئو....“
پوءِ ڪافي دير تائين ريگستان تي تيز بارش ٿي ۽ وارياسو پٽ جرٿر ٿي ويو جنهن جي آلاڻ سڪينه جي رڳ رڳ ۾ رَلجي وئي. ٻئي ڏينهن ئي طاهر هوا جي ڪلهن تي سوار ڪڪرن جيان ڪراچي روانو ٿي ويو. پر سندس وسڪاري سبب سڪينه جي سڪل ٺوٽ جسم مان ساوا گونچ ڦٽڻ لڳا، هوءَ جيڪا پهريان ان خوف ۾ ورتل هوندي هئي ته وليداد چوٿين شادي نه ڪري، هاڻي سندس جسم جي زرخيزيءَ کيس اهڙي خوف واري ڪيفيت مان آجو ڪري ڇڏيو هو. ٿوري ئي وقت ۾ سندس جسم جو ورياسي پٽ مان سرسبز ۽ شاداب ٿي ويو جيڪو ڪنهن گلستان کان گھٽ ڪين پئي نظر آيو.
سانوڻ جو مينهن بهار جي موسم ۾ پنهنجو آخري جوهر ڏيکاريو، سڪينه جي جسم مان گلاب جو گل ڦٽي نڪتو هو، جنهن پوري گھر کي واسي ڇڏيو هو. هر طرف خوشيون هيون. گھر ۾ نئين آيل مهمان کي ڏسڻ لاءِ ڪافي ساريون عورتون آيل هيون، حاجرا پئي چيو:
”پيءُ جھڙو آهي.... پر وات ۽ نڪ پنهنجي چاچي طاهر جهڙو اٿس....“
ساران چيو: ”نه ادي! صفا چاچي جھڙو آهي.“
ڪراڙي ماسي هدايت چيو: ”طاهر جھڙو آهي به ته ڇا ٿي پيو، هو به ته سندس چاچو آهي، آخر پنهنجي خاندن تي ئي ويندو.“
وليداد سڪينه کي چيو: ”نڀاڳي ڊاڪٽرياڻي، چئي پئي ته تون علاج ڪراءِ، چيو نه هيومانءَ اولاد ٿيندو، آخر مرشد سائين جي دعائن ۽ سائين وڏي جي ڪرامتن جي اڳيان انگريزي دوائن جي ڪا ڀيٽ آهي ڇا؟“
وليداد جي ٻئي گھر واري ڀاڳل چيو: ”توهان کڻي ڇا به چئو پر وليداد جي مراد مرشد جي دعا ۽ سائين وڏي جي ڪرامت جي ڪري ٿي آهي.“