يادن جي رُڃ ۾ بي وفائيءَ جي بوُءِ
ھن کي اھو ڏينهن ڪڏهن ناهي وسرندو جڏهن ڌرتيءَ جيان ھن جي وجود کي به ڪنهن بادل زبردستي آلو ڪيو ھو. اھو ڪير ٻيو نه پر ان جو پنهنجو مڙس ھيو. اُھا رات به اڄ جي رات جيان ڪاري خوفناڪ گجگوڙن واري رات ھئي. جنهن رات مڙسئيس چيو ھيس ته:
”پنھنجي شاديءَ کي ھفتو گذري چڪو آهي، اڃان تائين تون مونکي، ويجھو اچڻ نٿي ڏين، تون منهنجي زال آهين، منهنجي نڪاح ۾ آھين، امان ۽ سڀ مائٽ ٽوڪون ٿا ڪن ته شايد مان نامرد آھيان“
۽ بيڊ تي وڇيل اڇي چادر ڏانهن اِشارو ڪندي چيو ھئائين ته:
” روز امان پڇي ٿي ته الائجي ڇوڪري پھرين کان ئي ڪنهن سان کريل ته ڪانه ھئي جو چادر تي ڪو داغ ئي ناهي لڳو.“
تڏهن ڪيڏو نه ھيسجي وئي هئي بلڪل ڌرتيءَ جيان ٻڏڻ جي خوفَ کان. جڏهن مڙسئيس ھِنَ جي وجود کي اُگھاڙو ڪري، ھِنَ جي وات تي رَئو ٻڌيو ھو، متان ڪير منهنجي رڙ نه ٻڌي، تڏهن بي رحم بادلن خوشيءَ وچان گجگوڙن ڪرڻ شروع ڪري وڏَ ڦڙا وسايا ھئا. ھو پنھنجي فتح تي ڪاميابي جا گيت جھونگاريندي کنوڻين سان کيچل ڪري مٽيءَ جي مھڪ تي جھومي پيا، جيڪا ھنن جي جياپي جي جوُتِ ھُئي. تنهن ڏينهن کان ھِنَ کي بادلن کان نفرت ٿي وئي هئي. جڏهن بارش پوندي هئي، تڏهن ڌرتيءَ سان گڏ ھن کي پنھنجو وجود به آلو ٿيندي محسوس ٿيندو هو. صبح جو سوير جڏهن ھِنَ جي سس ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ پھرين نظر وڇايل چادر تي پيس جنهن تي رات ھن جي وجود کي قتل ڪيل داغن جا چٽا نشان ھئا. ھِنَ جي قتل ڪيل وجود کي سس سوريندي چادر کسڪائيندي پُٽ کي خوشيء وچان چيو هو:
” مبارڪون هجن پُٽ توکي....“
۽ ان وقت سندس مڙس جي منھن تي فاتحانه مرُڪ تري آئي ھئي. ٿوري دير کان پوءِ ھن جي ڪنن تي سندس سَسُ جو آواز پيو جيڪا سڀني گهر ڀاتين کي چئي رهي هئي:
”مبارڪون هجن ڇوڪري صحيح آهي، ھي ڏِسُو چادر تي داغُ...“
اھي جملا ھِنَ جي قتل ٿيل وجود کي ڪوري ماس الڳ ڪري رھيا ھئا. ھِنَ کي ايئن لڳي رهيو هو ڄَڻُ ھِنَ جي اُگھاڙي جسم کي ڳجھون نوچي رهيو ھيون. تنھن ڏينهن ھيءَ بستر تان ڪون اُٿي ھئي ۽ ان ڏينهن ھيءَ مري چُڪي ھئي. ھِنَ جي وجود سان گڏ ھِنَ جي روح جو به قتل ٿي چُڪو ھو.
اوچتو وري ھن جي ڪنن تي بادلن جون گجگوڙن ھن جي وجود کي ھلائي ڇڏيو ۽ لڙڪن جي برسات ھن ڳلن تان ٿيندي ھِنَ جي وجود کي آلو ڪري رھي ھئي.