شاعري

پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

زبير سومري جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. پاڻ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن-  بيت، وائي، سورٺو، گيت، غزل، ترائيل، هائيڪو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ۽ ڏيڍوڻوـ سميت سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي سنڌي بيت جي تخليق جي حوالي سان زبير سومرو، ھن وقت جي شاعرن ۾ اهم نالو آهي.

Title Cover of book پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

بيت

تون جي ٻرين واءَ ۾، وَڙ کان نہ ويندين،
ھھڙ ي گهاٽي گهگهہ ۾، سَنمُک ٿيندين،
ڏيئا تون ڏيندين ؟ مون کي ٿوري روشني!

نسل مذهب کان جڏهن، مٿيرو ٿيندو،
اجرو ميري کي جڏهن، سيني لائيندو،
تڏهن پوءِ ايندو، ماڻھو تو ۾ ماڻھپو!

ڪاڻيارا ڪھڪاءُ، ڪر ڪو ڀورا ڀاءُ تي،
ٻنھي ساڳي ماءُ، ٻنھي ڏاڏو ساڳيو!

گرجا چرچ مان، نہ مسجد مندر مان،
پنھنجي اندر مان، پروڙ پئي پرينءَ جي!

مارُن مُٺن کي مليا، ڏيج ۾ ڄڻ ڏک،
سنڌڙي ۽ سک، ڪڏهن نہ گڏيا پاڻ ۾!

قُربُ ڪانوَن ۾ پَسي، پيار پکين ۾،
منھنجي اکين ۾، جُهڙ ٺھي ويو جَهٽ ۾!

عشق اسان ۾ اهڙي، جلائي آ جوت،
موت اسان کي فوت، ڪري سگهندو ڪينڪي!

درد اسان کي دوستو! ڏني اهڙي ڏات،
موت اسان کي مات، ڏئي سگهندو ڪينڪي!

ڪاري ڪوجهي رات کي، باک ڏيان ٿو،
مان ساک ڏيان، سڀاڻي جي سج جي !

ڏيئو منھنجي ڏات جو، چوي ٿو ساٿي،
آهيان مان ساکي، سڀاڻي جي سج جو!

ڪِن پِنڊيءَ ۾ پَلي، ڪِن پَلو پليٽ ۾،
۽ ڪِن جي پيٽ ۾، ڪڻو نہ آهي ڪڻڪ جو !

ڪِن جي پِنڊيءَ ۾ پلي، ۽ پلو ڪِن پليٽ،
ڪِن جا پُٺيءَ پيٽ، ۽ ڪي ڍاپيا ڍوَ ۾!

چئن ڏينھن کان چُلھہ، دُکِي نہ جنھن جي در،
اُنھيءَ جي پڌر، ڪھڙا کيڏن ٻارڙا!
جهول ۾ نہ جوئر لپَ، ٻُڪ ۾ نہ ٻاجهري،
سُتا ساجهري، مارو مٺا بُک تي!

چنڊ! بُک ۾ چنڊُ نہ، لولو لڳين ٿو،
۽ چولو لڳين ٿو، اوگهڙ ۾ اُگهاڙي کي!

وِلھہ سيءَ ۾ ويچارو، گارو ڪري ٿو،
جيئي مري ٿو، ڏھہ ڏھہ ڀيرا ڏينھن ۾!

سانجهيءَ پاڇي نينگري، گُڏَ ڪري ٿي،
ڀُنگ ڀري ٿي، جيئڻ سندي جرم جو!

جُهور هڪ مزور جي، مٿي تغاري،
عمر سڄي گهاري، ويچاري ڪنھن وَڇِ جئن!
ڇا ڇا سوچيو سانوري ! ڇا ڇا من رِٿي،
ڪيڏي وقت وِٿي، وِڌي پنھنجي وچ ۾!

گنَب جي ڀت تي لٿا، سانجهيءَ جا پاڇا،
ماڻھن جا ڪاڇا، ويندي ويندي سج ڪيا!

سانجهي ٿيندي کي مون کي، ننڊ نيندي آ،
۽ پوءِ ايندي آ، سپنن ۾ ڪا سانوري !

جھڙي ڪار آ ڪندي، آوي ٺِڪرَ سان،
منھنجي اندر سان، تو پڻ آهي تيئن ڪيو!

ڍاڪ تي ڍِلو گهاگهرو، مٿي تي گهڙو،
پگهر پُسي پولڪا، پير ڇُھي پڙو،
نڪ ۾ بُولو گهرگهلو، ويڻيءَ ۾ ڪڙو،
آءُ اڪيلڙو، بيٺو ڏسان ڀِٽ تي!

وارياسي ۾ وائڙي، ٻڪريون ٿي چاري،
ڍاٽڪي ۾ ڍول جا، گيت جهونگاري،
ڏندين چُنريءَ ڪنڊ ڏئي، مرڪي نھاري،
مون کي وئي ماري، واسرواءِ جي سومري!

جيئن وڃي آ پڇتايو، آويءَ منجهہ مٽيءَ،
تيئن مان تو گِهٽيءَ، اچي آهي ائين ڪيو!

امڙ مون لئہ اَسُر جو، بُسري پچائِي،
ساري خدائي، مون کي لڳي ماءُ ۾ !

امڙ تنھنجي آس جو، مان ڏيئڙو آهيان،
سوا تو آسيس جي، مان ڪجهہ بہ تہ ناهيان،
ڪيئن ڀلا لاهيان، ٿورا تنھنجي ٿڃ جا !

ڀينر گڏجي ڀاءُ کي، ميندي هڻن ٿيون،
ڪيڏيون وڻن ٿيون، ڀيڻپي جي سڱ کي!

وڌيڪ ٿي مٺڙي لڳي، ڀيڻ کان ڀاڻيجي،
آهي قدرتي، رُمي رشتي رَت کي !

سوجهري ريءَ سج جيئن، چانڊوڪي ريءَ چنڊُ،
تو بن جيئڻ ڏنڊ، ڀريان ويٺو ڀينگ ۾!


تو بن ڏينھن ڏنڀَ، ۽ چانڊوڪين جا چَڪَ،
هاءِ جوانيءَ ٿَڪ، تو بن لهڻا ڪينڪي!

آءُ چانڊوڪيون چَڪ هڻن، راتيون رانڀُوٽا،
جوڀن جا جهُوٽا، گذري ويندا جهٽ ۾!

سُوسيءَ، کُنهبي، رليءَ ۽ اجرڪ جھڙي آن،
مون لاءِ اهڙي آن، جيئن ثقافت سنڌ جي!

ها هن ڪائنات ۾، مان ڌرتي تون چنڊ،
تو بن جيون جَنڊُ، جنھن ۾ پِيسيان پاڻ کي!

پوئين پوئين پھر جا، پھريان پھريان ٻَکَ،
جوڀن جذبا رکَ، چاهتن جي چُلھہ ۾!
خط ۽ تحفا ميز تي، رکي وئي آهي،
سَکي وَئي آهي، مون کي روئاري رات جو!

مڃيم تہ توکي روشني، مڃيم تہ ناهين ٻُگهہ،
پر چنڊَ توکي چُگهہ، پرينءَ جيان پئي نہ ٿو!

شاديءَ رات جي ڪنوار، سڀ کي وڻي جيئن،
ها تون مون کي تيئن، وڻندي آهين شاعري!

اکر اکر اُکريءَ ۾، ڪَٽيان ڪُٽيان مان،
مگر مُھريءَ سان، نٿي ڪٽجي شاعري!

جهوني بڙ جيئن ڏات کي، ڪڏهن نہ ڀانيم ڪانھن،
ٻولي منھنجي ٻانھن، ننگُ ۽ ناموس آ!
منھنجي ڏات تات تي، چانڊوڪيون چريون،
ڪيئي حُور پريون، ڪيئي ڇِتيون ڇوڪريون!

اکر اکر جي اندر ۾، ٻيگهي متي آ،
حصو پتي آ، تو ۾ منھنجي شاعري!

ها مون شاعريءَ سان، لڌيون مون لائون،
هاڻي ڪيئن آئون، ڏيان ڏهاڳُ ڏات کي!

وِلھہ ۾ جاڳيو رات وري، نھسُسڙو هي پيار،
جوڀن لڳو بار، رات ڄڻ راڪاس هو!

اڄ بہ اَ بُل واھہ تي، سرمد ڳائي ٿو،
۽ جُهمر پائي ٿو، سنڌوءَ پاڻي ڇُلڪندي!
الائي ڇو اندر ۾، ٻاٻُرڪُٽو آهي،
منَ مُٽو آهي، ارهي سرهي سوچ جو!

جڏهن ڏات ۽ تات جي، تندُ تپي ٿي،
پو ڪُھي ڪَپي ٿي، وڍي ڪُٽي شاعري!

پھريون دير اچڻ تي، ڪِٽي ڪئي مانس،
۽ پوءِ ورتي مانس، مِٺي هڪڙي ڏنڊ ۾!

مُرڪ پاڇو لڙڪ جو، ٽھڪ نسورو سُور،
پاتوسين هي پُور، وِسوِسن جي رُڃ ۾ !

وڃي ٿورو ويجھڙو، جڏهن سوچيوسين،
جاچي ڏٺوسين، تہ مُرڪ پاڇو لُڙڪ جو !
هيسيتائين پيار ۾، ڏُڌُ وِلوڙيوسين،
پوءِ پروڙيوسين، تہ ٽھڪ پڙاڏا درد جا !

ٽلون اٽڪلون، ڪري، ٿڪجي پيو آهين
کيڏي ويو آهين، سارا پتا تاس جا !

هاريل جوئاري اُٿي، بوڇڻ ڇنڊي جيئن،
توکان پوءِ تيئن، اسان گهاريون زندگي!

آڱرين سان ڏئي ڦڻي، هنج ۾ ليٽائي،
پيئي سمجهائي، مون کي ضدي ٻار جان !

سائي ڇٻر تي ڪيڏيون، ڳالھين جون ڳوڻيون،
ڇا تہ ساروڻيون، هاءِ هاسٽل مارئي!

جيڪو دل ۾ هئس کُلي، اڄ ٻڌايائين،
پوءِ موڪلايائين، پُٺي چُمي هٿ جي !

ننڍپڻ واري مڱ سان، بابا پرڻائي،
مون کي سمجهائي، پاڻ رُني پوءِ ڪيترو!

پھريون دير اچڻ تي ڪِٽي ڪئي ڪيائين،
ڀاڪي پاتائين، پاڻ ئي پوءِ پرچندي !

ڪرسيءَ خاطر سنڌ وڪي تو، ٿُڪ هجئي ٿوڪا
ڪتن جا ڀونڪا، سدا تنھجي وات تي


انا کي مات ڏئي توڏي، موٽي ٿو اچان،
توکان پري مان، رهي رهندس ڪيترو!

پيُس توڙي پير ۾، پکيءَ کي ڌاڳو،
پوءِ بہ پر ساڳو، اٿس عزم اُڏار جو !

آهـن عمـر دراز جـون، دل سـان دعــائون،
توکي واڌايــون، هُـجن جنم ڏينھن جون !