۽ هوءَ سرائيڪي ڏوهيڙي جھڙي ڇوڪري !
” تون شاعري ڇڏي ڏي“
ها، وڇوڙي کان پوءِ
تون شاعري ڇڏي ڏي !
شاعري ڇا چيائين
ڄڻ چيائين :
زندگي ڇڏي ڏي !
ڪنھن طبلي نواز استاد جا
ڄڻ هٿ ئي ڪٽيا ويا
ڄڻ ڪنھن سُريلي سُر واري کي چيو ويو:
تون گائيڪي ڇڏي ڏي !
۽ هوءَ بابا فريد جي
سرائيڪي ڏوهيڙي جھڙي ڇوڪري !
جنھن جا ٻئي نيڻ ڄڻ ڪبير جو دوهو هيا
وڇوڙي جي ويلي جملا بہ هُن جا
حُسين جو قسم آ، ڄڻ تہ نوحو هيا
۽ جديد غزل جي ننڍي بحر جهڙا
چپ چوري چيائين:
مون کي تون سنڌوءَ سان ڀيٽيندو نہ ڪر
ڇو تہ مان ايتري عظيم ڪونہ آهيان
تون منھنجي چُگهن تي
چڳن تي،چپن تي نہ لک
اي شاعر! عورت جي بدن تي نہ لک
مان ڪا مومل، ڪا نوري تہ ناهيان
۽ ڪا سسئي يا سھڻي بہ ناهيان
مان تہ مارئيءَ جي ڀيڻ آهيان!
۽ تون ايڏي ڀي عاجزي ڇڏي ڏي
بس ڏسڻ تون،آرسي ڇڏي ڏي
چيائين:
تون شاعري ڇڏي ڏي
وڇوڙي کان پوءِ ...
شاعري ڇڏي ڏي !