اَنا جي شھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!
صنم جي سحر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!
چپن جون چاهتون ڀي هِن، ٻکن جون راحتون بہ هِن،
اکين جي قھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!
فنا جا فلسفا سوچون، خدا سان رابطا لوچون،
بِرھہ جي بحر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!
ڳچيءَ جي ڳانڙي بہ ڇُهون، بدن جي ڀيروي ڇيڙيون،
ڳلن جي ڳھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!
عقل جا آسمان اُڏرون، سمندر جي گَفا گذرون،
جوانيءَ لھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!
ڪڏهن توسان کُلي مِلجي، ڪو وڙهجي، روئجي، کِلجي،
حجابي پھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!
ڪڏهن سيلاب ۽ طوفان، ڪڏهين زلزلا، لاوا،
خدا جي قھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!
اڙي موکي! هي تنھنجو مڌُ، اسان پيئون جيئون ليڪن،
وڻندڙ زهر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!