سنڌ راڻي، تون اداس نہ ٿيندي ڪر!
او منھنجي سنڌ راڻي
بس تون اداس نہ ٿيندي ڪر
خاموش نہ ٿيندي ڪر
بيمار نہ ٿيندي ڪر
رسندي بہ نہ ڪر
اهو صحيح آهي تہ مون کي
تنھنجون شرارتون صفا نہ وڻنديون آهن
تنھنجون حرڪتون
مون کي سخت چڙ ڏيارينديون آهن
تنھنجو اڌ رات جو ننڊ مان اٿي روئڻ
مون کي زهر لڳندو آهي
تون منھنجا ڪتاب ڦاڙيندي آهين
۽ ڀتين تي ليڪا پائيندي آهين
تہ مون کي ڏاڍو غصو ايندو آهي
تنھنجو رانديڪا ڀڃڻ ۽
سڄي ڪمري جو ستہ ناس ڪرڻ به
مون کي برو لڳندو آهي
۽ تون جيڪو وڏي آواز ۾
گُڏين سان ڳالھائيندي آهين
۽ تون جيڪو رڙيون ڪري
پنھنجي ڀالوءَ سان ڳائيندي آهين
مون کي نہ وڻندو آهي
۽ تون جيڪو
اڱڻ ۾ رکيل گملن جا گل پٽيندي آهين
ٻين ٻارن جا وار پٽيندي آهين
ٿوري ٿوري ڳالھہ تي ضد ڪندي آهين
مون کي ڏاڍو خراب لڳندو آهي
پرهڪڙي ڳالھہ جي خبر اٿئي او راڻي،
تنھنجي خاموشي منھنجو اندر اڌ ڪري ٿي
تنھجي اداسي منھنجو هانءُ ڏاري وجهي ٿي
مان تہ صفا ويڳاڻو ٿي پوندو آهيان
۽ خبر اٿئي،
دنيا جون ساريون گڏيون بہ اداس ٿي وينديون آهن
سمورا ڀالو ويچارا ٿي پوندا آهن
دنيا جا سڀ رانديڪا ٽُٽي پوندا آهن
اڱڻ ۾ رکيل گملا تنھنجون پڇائون ڪندا آهن
ان جا گل تنھنجن پتڪڙن هٿڙن لاءِ ترسي ترسي
پوءِ مرجهائجي ويندا آهن
۽ ٻار جن سان وڙهندي آهين
تولاءِ دعائون گهرندا آهن
۽ دنيا جا سارا ڊيڊي اُٻاڻڪا ٿي پوندا آهن
ساريون اميون روئڻهارڪيون ٿي وينديون آهن
۽ تنھنجين ڪھاڻيين واريون پريون بہ
پريشان ٿي وينديون آهن
خبر اٿئي،
رات مون کي سون پريءَ چورائي موڪليو آهي
تہ سنڌ راڻي کي چئجوتہ سنڌ راڻي!
تون شرارتون ڪندي ئي سٺي لڳندي آهين
سنڌ راڻي
بس تون اداس نہ ٿيندي ڪر
خاموش نہ ٿيندي ڪر
بيمار نہ ٿيندي ڪر
رسندي بہ نہ ڪر