شاعري

پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

زبير سومري جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. پاڻ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن-  بيت، وائي، سورٺو، گيت، غزل، ترائيل، هائيڪو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ۽ ڏيڍوڻوـ سميت سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي سنڌي بيت جي تخليق جي حوالي سان زبير سومرو، ھن وقت جي شاعرن ۾ اهم نالو آهي.

Title Cover of book پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

سنڌ جي راڻي

سنڌ جي راڻي ...
تون ڇا ڄاڻين !
وقت اسان جو ڪيئن ٿو گذري،
تون ڇا ڄاڻين...

هي گيت اسانجا گهايل باغي
جن کي قاتل ڳولن ٿا پيا
تو نہ سُڃاتا ڇا ٿي پيو
۽ تو نہ ڳاتا ڇا ٿي پيو
پر وستيءَ وستيءَ، نگريءَ نگريءَ
ڪونج جيان پيا گونج ڪندا !
درد اسانجا نانگا جوڳي
در در سينَ لڳائن ٿا
بَر ۾ بينَ وڄائن ٿا
هي مون کي، منھنجن گيتن کي
چاهن ٿا، اُتساهن ٿا
۽ مون مان ڪو ڳجهہ چاهن ٿا
ڳجهہ ڇا، گهڻو ڪجهہ چاهن ٿا
هاءِ، انھن سان عشق ڪري ٿي
منھنجي دل ويڳاڻي
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

پيار اسانجو پينُو ٻالڪ
تنھنجي آڏو بيک پني ٿو
۽ تون هن کي ڇِڙٻ ڏئين ٿي
۽ پوءِ هي معصوم بکاري
روئي ڏي ٿو
تون تہ ٺھيو پر
ڪو بہ نہ هِن کي پرچائي ٿو
ڪو بہ نہ هِن سان ڳالھائي ٿو
هِن جي پيڙا، درد ڪھاڻي
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

هيءَ تڙپ تنبوري جي تندُ جهڙي
ها هِن جھڙي
دنيا ۾ ڪا شيءِ ناهي
ڪا شيءِ ناهي، ڪا شيءِ ناهي
ڪنَ لنوَن ٿا، اک کڄي ٿي
درد لُڇي ٿو چنڊ پُڇي ٿو
ڇو آ تنھنجي اک ۾ پاڻي!
سنڌ جي راڻي!
تون ڇا ڄاڻين...

هي لڙڪ اسانجا سچا موتي
جن جي جوتي
جڳ نہ سهي، ڪو دڳ نہ سهي
چارا نہ سهي، ڪا چڳ نہ سهي
پر منھنجو اندر جرڪائن ٿا
منھنجي دنيا مهڪائن ٿا
او شل تون ڀي
نيڻئون ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙين
سنڌ جي راڻي!
تون ڇا ڄاڻين...

حسرت پنھنجي الھڙ ڇوري
جنھن کي ڪائي جهوري ناهي ـ
جذبن ۾ جولان ڀري ٿي
هينئين ۾ هيجان ڀري ٿي
هن کي ڪائي ڪل نہ آهي
ساڀيائن جي ۽ سپنن جي
هاءِ هي منڙو، هاءِ هي دلڙي
ان اُڌمن آ ويڳاڻي
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

خواب اسانجا اُڏندڙ پنڇي
نينھن جي نيري نيري اُڀ ۾
اُڏري اُڏري ٿڪجي پيا هن
ڪنھن مسجد جو مينار بہ ناهي
ڪنھن مندر جي ناهي تُلسي
ڪو پِپر، ڪو ٻٻر ناهي
ڪو صنوبر، سُنبل ناهي
ڪجهہ بہ تہ ناهي!
تون ئي منھنجن
ساڻن سپنن جي پکين کي
اکڙين جا آکيرا ڏي
او شل مون لئہ سپنا آڻين
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

عشق اسانجو سياسي قيدي
گهاري جنھن آ ساري حياتي
زنجيرن ۾، زندانن ۾
آزاديءَ جا اُجرا سپنا
جنھن ڏٺا ۽ ڏيکاريا هن
۽ هو سَن جو پوڙهو قيدي
سوچي، لوچي، ويٺو ڀوڳي
ساعت ساعت هن جي ساڻي

سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

مُرڪ اسان جي ڇوري نينگر
جنھن جي آڱر
ڪنھن بہ ڌڻيءَ جي هٿ ۾ ناهي
هوءَ بہ ڪنھن جي پنھنجي ناهي
لمحي لمحي هوءَ ويڳاڻي
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

منھنجي راڻي!
تون ڇا ڄاڻين ...