شاعري

پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

زبير سومري جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. پاڻ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن-  بيت، وائي، سورٺو، گيت، غزل، ترائيل، هائيڪو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ۽ ڏيڍوڻوـ سميت سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي سنڌي بيت جي تخليق جي حوالي سان زبير سومرو، ھن وقت جي شاعرن ۾ اهم نالو آهي.

Title Cover of book پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

ٿڪجي چڳن ۾ چِلوليءَ جي چاندنيون سُتيون!

غزل مُسلسل

ٿڪجي چڳن ۾ چِلوليءَ جي چاندنيون سُتيون!
لِکي لِکي ٿڪي پيون پوءِ آڱريون سُتيون!

سپنا تہ موتئي جي سيج جا ڏٺا هُيا،
پر ٻاٻُري ڪنڊن تي پنھنجون محبتون سُتيون!

ڇِڙٻون ۽ دڙڪا، بيک، سڄو ڏينھن ذلتون،
پِني پِني فُٽ پاٿ تي ڪي نينگريون سُتيون!

هن وِلھہ ۾ ڪا وِڌوا جوانيءَ جو ڇا ڪري؟
پنھنجن وَرن سان سيج تي سُهاڳڻيون سُتيون!

هيءَ رات، درد، ياد، اڪيلائي، ڀوڳنا،
پاسا ورائينديون رهيون، نہ ڇوڪريون سُتيون!

ڀٽڪنديون ۽ رات سڄي جاڳنديون رهيون،
تنھنجي گهٽيءَ ۾ منھنجون آوارگيون سُتيون!

هُن کرَج ۾ جو سُور جي طويل تانَ هنئي،
سِتّار جي پوءِ تار ۾ ڪي راڳڻيون سُتيون!

ٿو ننڊ ڪري عشق تُهمتن جي هنج ۾،
الزام جي آغوش ۾ جوانيون سُتيون!

ٿي ٿڪُ جوانيءَ ڀڳو آرس ڀڃي ڀڃي،
۽ بخملي ڳلن تي ريشمي چُميون سُتيون!

پئي پوپٽن پھرا ڏنا پوءِ باغ باغ ۾،
رابيل جي پَتين تي جڏهن تِتليون سُتيون!

پيءُ ماءُ جي چوڻ تي هُن شادي ڪري ڇڏي،
پوءِ مصلحت جي بسترن تي زندگيون سُتيون!

جن کي نہ مليو ٿاڪُ ڪٿي ٿڪُ ڀڃڻ لئه،،
تنھنجن ڇَتن ۾ ئي ڇُپي سي راتڙيون سُتيون!

حالات جي راڻي کي ڏنا وقت وِسوسا،
اوسيئڙي جي مُوملن سان سُوملون سُتيون!

منھنجي اکين ۾ بارشن جي مون سُون ٿي،
تنھنجي رَئي جي موسمن ۾ سانوڻيون سُتيون!

ڌرتيءَ اُڃاري آس مان ويندڙ ڪڪر ڏٺا،
پر بادلن جي گود ۾ ئي بارشون سُتيون!

پوءِ حُسن تماشائي ٿي ڏسندو رهيو، جڏهن،
جو درد جي صليب تي هِن عاشقيون سُتيون!

ڪا دير گهوٽ ڪنوار ٻئي جاڳندا رهيا،
ڪمري ۾ ڪُنڊ ڪُنڊ ۾ ساريون بتيون سُتيون!

معصومُ گهرَ جي خرچ جي ٿو فڪر ۾ رهي،
۽ ٻار جي پورهئي ۾ سڀ شرارتون سُتيون!

ويا ٿڪَ ستم جا لھي هڪڙي ئي مُرڪ سان،
۽ پوءِ ٻنھي جي ڀاڪرن ۾ رنجشون سُتيون!

ڪو جُگنوئن جي راڄ کي پيغام پُڄائي،
صدين کان منھنجي ديس تي اونداهيون سُتيون!

ڀڳوان جي پيرن ۾ جيئن داسيون پوَن سُمھي،
ايئين اُداس شام ۾ هي خواهشون سُتيون!

بيروزگار پُٽ، سينڌ ڌيءَ جي اَڇي،
چِنتا جي چِتا ۾ جليون، نہ مائرون سُتيون!

ڪلھہ رات ملاقات ۾ خدشن بہ ننڊ ڪئي،
۽ پاڻ سان تہ زندگيءَ جون سڀ خوشيون سُتيون!

تو وصل جي پينگهي ۾ وڇوڙا سُمهاريا،
۽ منھنجي شاعري ۾ رُسوائيون سُتيون!

ڦُڙ ڦُڙ ٿي نِما شام ۾، جهڙ جهڙ ٿيون اکيون،
هانوَ ۾ پوءِ هِجر جون ئي موسمون سُتيون!

لفظن ڪيا اوجاڳا، تنھنجي سِٽَ سِٽَ ۾،
تنھنجي زبير شعر ۾ تنھائيون سُتيون!

تون ڀي زبير پئه سُمھي، چنڊ ڀي سُمھي پيو،
سڀ آرسيون اونداهيون ۽ روشنيون سُتيون!