شاعري

پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

زبير سومري جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. پاڻ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن-  بيت، وائي، سورٺو، گيت، غزل، ترائيل، هائيڪو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ۽ ڏيڍوڻوـ سميت سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي سنڌي بيت جي تخليق جي حوالي سان زبير سومرو، ھن وقت جي شاعرن ۾ اهم نالو آهي.

Title Cover of book پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

هائيڪا

ڀاڳ يا اَڀاڳ !
اوڏڻ جي کاريءَ ۾،
سُرمو ۽ مُساڳ !

ٻار وهنجن ٿا !
شاخ لڳ ديويءَ تي،
ڪپڙا سُڪن ٿا !

ائين تنھنجي سار !
سوڪھڙي جي مند ۾،
جيئن ڌرتيءَ ۾ ڏار !

ائين تنھنجي سار !
جيئن اَڏيءَ تي تکي،
ڪاتيءَ سندي ڌار !

ائين تنھنجي سار !
رانديڪي جي ڳالھہ تان،
ڄڻ ڪو رٺل ٻار !

ائين تنھنجي سار !
جيئن شھيد جي تڌي
تي امڙ جا پار !

گُل نِکريا هِن !
مينھن سان ٿي ريج ويو،
کِرا ڀريا هِن !

کارو ڇنڊي ٿو !
مهاڻو وڪڻي مڇيون،
پيسا ڳڻي ٿو !

اندر ۾ آڙنگ !
مينھن وسندو، ٻوڙيندو،
خواهشن جو جهنگ !

روڊ ڄڻ درياھہ !
سارو حسن مينھن جو،
ٿي ويو تباھہ !

آيو جيءَ جهٻو !
منھنجي گاڏيءَ کي لڳي،
ڪبوتر مُئو !

بڻجي لانگهائو !
ڏٺم ٻار تُڙڳندا،
تارِ مِٺڙائو !

ڪاليجي هڪ نار !
بيھي بس اسٽاپ تي،
ڪري انتظار!

گوريون گُرگليون !
چانديءَ جي ويڻيءَ ۾،
ڪچ جون چُوڙيون !

ڪُلف ڪُنڊيءَ ۾ !
تون مڙهي ڇڏجانءِ،
مون کي مُنڊيءَ ۾ !

ائين نہ ڇوري ڀيل!
لپ ماپ اُرھہ ۽،
ڏيڍ گراٺ چيلھہ !

سج ڪَني ڪڍي !
مينھن ويو، ڀاڄيءَ واري،
ريڙهي آ ڪڍي !

يڪو مينھوڳي !
ڪڪر ڪڪر ٿي ويو،
جيئڙو جوڳي !

وري شڪارپور!
موٽي آيس ماڳ تي،
هانوَ ۾ هُرکُر!

رابيل، عليزا !
ڀيڻ! تنھنجي گهر ۾،
ٻہ مهڪندڙ گلڙا !

چتائي ڏسي:
”ڇا ٿا لکو جان جان؟“
ڀاڻيجي پڇي!

تنھنجا ڳاڙها ڳل !
ڏٺا چِٽي ڏينھن ۾،
وسريا ڦڳُڻ ڦُل !

پيرن کي ٿس ميندي !
وڃي ٿو ويھي رهانس،
هاڻي ڪاڏي ويندي !

ڇو رُٺين ڪِنا ؟
پرچائڻ کان پوءِ چيئين ؛
”ڪجانءِ نہ اڳنا !“

کِڙيو سانجهيئڙو!
دل جي جاري ۾ اُداس،
ٻريو ڏيئڙو!

ريل دري ــ منظر!
”ٽاٽا“ ڪندڙ ٻارڙا،
ٺري پيو اندر!

ٻنيون هي سايُون!
نٽھڻ اُس ۾، ڦٽيون،
چُونڊين ٿيون مايُون!