ادب ۽ صحافت جو سنگم
طئه ٿيو ته ’لاڙڪاڻي جي ليبر هال‘ ۾ جتي پياري پرديسي ’رياض سمون‘ جي شاعريءَ جي ڪتاب ’سنڌو ناهي سانت ۾‘ جي مهورتي تقريب ۾ ملنداسون. وقت کان اڳ تيار ٿي سڌو ليبر هال پهتس ته جيئن ٻين آيل ناميارن اديبن، شاعرن ۽ ادب دوستن سان ملي سگھجي. ’بئنڪر‘ جي حيثيت ۽ مصروفيتن سبب اهو هڪ آچر جو ڏهاڙو ئي مهلت ۾ ملندو آهي ۽ اهڙا موقعا پڻ ڪڏهن ڪڏهن ملندا آهن. ليبر هال جي شخصيت ڀائو خالد چانڊيو جي آفيس ۾ پهتس ته اتي ڪافي نامور اديب پهتل هيا، ٿوري دير ۾ عنايت ميمڻ ۽ منظور ڪوهيار به اچي پهتا. عليڪ سليڪ کان واندو ٿي منظور ڪوهيار منهنجي ڀر ۾ اچي ويٺو ۽ سندس تازي تخليق صوفي ڪهاڻين جو ڪتاب ’فراق جي منزل‘ جو تحفو ڏئي ڪري چيل ’سرپرائيز‘ جو انت آندائين...!! سندس مُحبتون مڃيندي جڏهن کائنس ايندڙ ڪتابن جھڙوڪ ڪالمن، ڪهاڻين ۽ ناول بابت پڇا ڪيم ته هن سرگوشي ڪندي وراڻيو ته ’ڪالمن تي لکيل ڪتابي مواد تيار آهي ...!‘ پوءِ انهيءَ جو مهاڳ لکڻ لاءِ حڪم ڪيائين. حيرت ۾ کيس ڏسندي سوال ڪيومانس: ’ڇا ٿا چئو مهاڳ آءٌ لکندس؟‘ کلندي وراڻيائين ته، ’ها...‘
دراصل هُو چاهي ته مهاڳ ڪنهن وڏي اديب ۽ دانشور کان به لکرائي سگھي ٿو پر هن اهو خيال ڏيکاريو ته جيڪي هن کي پڙهن ٿا، چڱيءَ ريت سڃاڻن ٿا، سمجھن ٿا ۽ لکڻين جا قدردان آهن.... بهتر آهي ته مُهاڳ به اُهي لکن. سندس نڪور لکڻين جيان اهو خيال به نئون ۽ نڪور لڳو ....!! پوءِ سندس ان راءِ کي حڪم مڃيندي ها ڪيم.
منهنجي لاءِ منظور ڪوهيار جھڙي برک اديب جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ ڪنهن ’اعليٰ اعزاز‘ کان گھٽ ڪونهي. ڪتاب جو مواد هفتي کان پوءِ مليو. جنهن کي ايمانداريءَ سان پڙهي پورو ڪيم .... سندس لکڻين جو ته اڳ ۾ ئي قائل هيس، ويتر وڌيڪ متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگھيس. لکڻين ۾ بَـلا جي رواني، تشبيهون، اصطلاح ۽ اکرن جي جوڙ جڪ منڊيءَ جي ٽڪ جيان لڳي، جن جي پڙهڻ کان پوءِ ڪير به متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگھي.
’منظور ڪوهيار‘ ڪالمن جي شروعات لطيف لاکيڻي جي فڪر انگيز سِٽ ’فڪر ڦرهي هٿ ۾ ...‘ سان ڪئي آهي، جنهن ۾ علم وديا، ڏاهپ ۽ ماڻهپي سان ڌرم جي ڌوتن کي نه صرف عوام آڏو ننگو ڪيو آهي پرذات پات، قبيلائي رسمن رواجن، جنسي استحصال وغيره تي قلم کي سخت جُنبش ڏني اٿس! جنهن سان خود غرض دماغن، ابن الوقت، ڀـڙون ۽ ڀوپن کي وقت جي ٽياس تي ٽنگيو اٿس ـــــــــ اڳتي هلي ساڳئي ڪالم جي عنوان تحت ’پٽ کان پاسو، دُعا ۾ اڌواڌ....‘۾ ناني، ڏاڏي، ڀيڻ، پيءُ ۽ ماءُ جي دعائن، سالڪن ۽ عالمن جي دعائن، اميرن ۽ غريبن جي دُعائن جا نمونا پڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو لڳي ته منظور ڪوهيار ڪو وڏي جُڳ جو جھُور پوڙهو يا ’صفا ٺُپ مُلان‘ محسوس ٿئي ٿو، اها سندس لکڻين ۾ ڏات ۽ ڏانوَ جو اعليٰ مثال آهي.
’وقت جي تقاضا ‘ ڪالم ۾ سندس هي جملو يا سٽون ڪيڏيون نه شاندار ۽ ڪوٽ ڪرڻ جھڙيون لڳن ٿيون.... ’ڪڏهن ڪڏهن هڪ اکر يا هڪ سٽ سڄي تخليق جو روح به ٿي سگھين ٿيون.‘ هن ڪالم ۾ سنڌ يونيورسٽي جھڙي مادر علم ڀومي اندر ٿيندڙ علم دشمن روين جي اُپٽار ڪيل اٿس. انهيءَ ساڳي دؤر ۾ آءٌ خود سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد رهيو آهيان ۽ اهو ’ٻوٽيءَ تي جھيڙو ‘ پڻ منهنجي سامهون جي ڳالهه آهي. جيڪو، ديشين ۽ کڙتالي گروپن ۾ بلاڪن واري ميس ۾ ٿيو هيو. جنهن کي قلم بند ڪري انهن ڏينهن جا حالات بهترين نموني لکيا اٿس. ايترن سالن پڄاڻا اڄ به سنڌ يونيورسٽيءَ کي اڪثر ’بند يونيورسٽي‘ ڪوٺيو وڃي ٿو، اڄ به اتي بائيڪاٽ ڪري ڪلاسن مان تعليم کي نيڪالي ڏيڻ وارا ’پيارا‘ موجود آهن ... جيڪي جلوسن ۾ تاڙين بجاءِ گولين جي گونج سان داد ڏئي رهيا آهن ــــ ائين ٿو لڳي ته سندس هر لکـڻي هر دؤر جي پڙهندڙ کي پنهنجي دؤر جي ڪهاڻي ٿي محسوس ٿئي ۽ اهو ئي ليکڪ جو معراج آهي.
سندس ڪالم ... ’نالن ۾ ڇا رکيو آهي؟‘پڻ ڏاڍي دلچسپ نموني لکيل آهي، واقعي ڪڏهن ڪڏهن حسين ۽ انساني تاريخ جي ارڏن نالن رکڻ سان رُڃ جو دولاب ڀاسندا آهن.
’شوق جي بها ئي ڪونهي...‘ ڪالم ۾ پڻ ڏاڍو ڏاهپ سان، پهاڪن جو استعمال ڪري سنڌ جي اندر ٿيندڙ سياست جي مڪروهيت تان پردو کڻي ٿو .... چاهي اها قومپرست سياست هجي ... جنهن ۾ ’چنيسر‘ ٿيڻ جا کوڙ شوقين آهن يا قومي سياست هجي، جيڪي قوم کي ڪوڙا دلاسا ۽ ڏَٽـا ڏيون، اسيمبلين ۾ اوٻاسين ۽ بائيڪاٽن کانسواءِ ڪجھه به نه ٿا ڪري سگھن!
’جمهوريت ‘ تي ڪالم لکي اخلاق جي علمبردار، سياست جي ٺيڪيدارن جي سازشن ۽ چالاڪين کي عوام آڏو اُجاگر ڪيو آهي. اڄ به جمهوريت جو چولو پائڻ وارا جيڪا مڪروهه سياست ڪن ٿا، رهبر جڏهن عملن رهزن جو روپ وٺن ٿا ته پوءِ شيطان به شرمائي ٿو. هي هر دؤر جي ڪٿا ۽ ڪهاڻي آهي.
تمام وڏي مهارت سان ’سماجي معاهدو‘ لکيو اٿس، ذات جي اظهار ۽ نسل جي تحفظ لاءِ جيڪي رسمون، قائدا، قانون ۽ اصول گھڙيا ويا آهن اهي واقعي روز روز جا قصا آهن.
’پنهنجا شهر...‘ ڪالم ۾ سنڌ جي شهرن جو درد ۽ ٻاهرين جي يلغار سبب جيڪو آباديءَ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، اُن تي اڄ جي وقت جو نوحو لکيل ٿو لڳي. سنڌ ۽ سنڌ جا شهر ’مَسائلستان‘ ٿيندا پيا وڃن ۽ دردن جو ڀنڊار .... جنهن کي ڏاڍي سهڻي نموني سان منظور ڪوهيار پنهنجي قلم سان چٽيو آهي، جنهن تي پڙهندڙ کيس داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگھندو.
چوندا آهن ته: ’’ڪنهن به قوم لاءِ ’تعليم‘ ان قوم جي ’شناختي ڪارڊ‘ جو درجو رکي ٿي!‘‘ ــــ تعليم جي تباهيءَ کي اکين اڳيان ڏسندي ڀلا هڪ سڄاڻ اديب ڪئين پُٺتي رهجي سگھي ٿو ....؟ ’تعليم جي تباهي‘ ـــ عنوان هيٺ ڪالم لکي پنهنجي قومي فرض پوري ڪرڻ، عوام کي تعليمي ماحول کان اُجاگر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿس. ايتري قدر جو ’استاد‘ جي وجود جي جنگ کي پڻ فوڪس ڪيو اٿس. سنڌ جي خيرخواهن کي نينڍ ۽ نياپو ڏيندي دعوت ٿو ڏئي ته اچو ... گڏجي ڪري سنڌ مان ’جھالت‘ کي ڌڪي ڪڍون ۽ ’اهليت‘ کي آڻيون ته جيئن هر ڌرتي واسي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مرتبو ماڻي سگھي ـــ
منظور ڪوهيار، سنڌ جي هر ڏکندڙ رڳ تي مرهم جي ڪوشش ڪندي هر انهيءَ موضوع تي قلم کنيو آهي جنهن تي سنڌ جي سڄڻ، غيرتمند ۽ سڄاڻ شخص جو هانءُ مُٺ ۾ آهي. ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن تي جيڪي روز بروز ڪلور ۽ ظلم وڌندا پيا وڃن، انهن کي قلم بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. ايتريقدر جو مختلف ’سوادن‘ جو ذڪر پڻ پيرائتي نموني ڪيو اٿس. يقين نه اچي ته پوءِ پڙهي ڏسو. اهي سڀئي ڪالمَ توهان کي چوڌاري گھمندي، ڦرندي، جيئرا ۽ جاڳندا محسوس ٿيندا.
’ڪالم نويسي‘ آخر ادبي کيتر ۾ ڪهڙي جاءِ والاري ٿي؟ اهو ’ادب‘ جو حصو آهي يا وري ’صحافت ‘؟
اهڙين لکڻين کي ’ادب‘ ۽ ’صحافت‘ جو سنگم چئي سگھجي ٿو، جيڪا نهايت ڏکي تخليق پڻ آهي. ڏکي ان خيال سان ته زماني وارن جي درد کي ڏسندي، محسوس ڪندي، حساس ليکڪ ٻه دفعا درد محسوس ڪري ٿو... هڪ ڏسڻ ڀيري ۽ ٻيو وري ان وارتائن کي ڪاڳرتي قلم سان اتارڻ وقت ــــ انهيءَ گھڙي ’قلم جي نوڪ‘ سندس دل کي وري وري جھير ڏئي ٿي. ڇو ته سنڌ جي دادلي ليکڪ ’امر جليل‘ چواڻي ته، ’تخليقي ادب .... انساني جذبن ... اڌمن ... اميدن .... خواهشن .... ۽ تمنائن جو تحريري دستاويز هوندو آهي‘ ۽ انهيءَ فارمولا تي منظور ڪوهيار بلڪل پورو لٿو آهي. سندس هي ڪالم عام رواجي ڪونهن پر اهي مستقل نوعيت جا تاريخي دستاويز آهن. انهن ڪالمن ۾ ڪي اهڙا به پهلو ليکڪ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن موضوعن ۽ معنائن کان اسين بلڪل وانجھيل هياسون. سندس ’خيال‘ همه گير ۽ ڌرتي جي ماڻهن لاءِ يقيناََ فائديمند ٿي سگھن ٿا، جيڪي ڪنهن مريض لاءِ بلڪل ’ڊاڪٽري نخسي‘ جي حيثيت رکن ٿا.
ليکڪ جي اهڙي ڪوشش کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگھجي.
’ڪالم نويسيءَ‘ ۾ کوڙ ساترا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا، جن جي تحريرن عوام ۾ انقلابي جاڳرتا پيدا ڪئي ...... انهن مان منهنجي پسند جا ليکڪ جھڙوڪ انگريزيءَ ۾ ’ڪائوسجي‘ ۽ امرجليل، اردوءَ ۾ ’جاويد چوڌري‘ ۽ ’ارشاد حقاني‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’امرجليل‘ ۽ ’منظور ڪوهيار‘آهن. جن جي لکڻين ۾ مشاهدات ۽ منظرڪشي موهيو ڇڏي ٿي. تحريرون پڙهندڙ کي ڪجھه سوچڻ تي مجبور ڪريو ڇڏين ڇو ته منظور ڪوهيار ... پڻ انهن لکڻين جو مواد معاشري مان وٺي ٿو. جنهن ڪري هر پڙهندڙ کي پنهنجي قلم جي گرفت ۾ آڻي ٿو ڇڏي. منظور جي لکڻين ۾ پوءِ چاهي اها ڪهاڻي هجي يا ڪالم ....! بيشڪ ڌڻي کيس ڏات به ڏني ته لکڻ جو ڏانءُ به اٿس .... ائين ٿو ڀاسي ته هن جي قلم کي ڄڻ الله اکيون به ڏنيون آهن ته دماغ به ...! جنهن جي تخليق تي خود سنڌي زبان قربان ٿيو پوي ٿي، ڄڻ اکر، لفظ، تشبيهون ۽ اصطلاح سندس قلم آڏو سر جھڪايون ..... جي حضوريءَ ۾ حاضر بيٺا آهن. دعا آهي ته شل سندس ڏات ۽ ڏانوَ ۾ مزيد نکار پيدا ٿئي ۽ هو ائين ئي سنڌي ادبي کيتر جي اڱڻ ۾ مزيد گل ۽ ٻوٽا پوکيندو رهي. شل سندس قلم جي سگھه اڃان وڌيڪ سگھاري بڻجي.
سندس ’ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
آخر ۾ پنهنجي پسنديده ليکڪ ’امرجليل‘ جون هي سٽون لکندي موڪلائيندس : ’هر لکيل لفظ کي پڙهڻ ۽ پرکڻ واري اک ملي ويندي آهي.‘
۽ ممڪن آهي ته اها پڙهڻ ۽ پرکڻ واري اک اوهان جي به هجي.
منظور مشوري
لاڙڪاڻو
Mob; 0300 3411822