تعصب جو طوفان ۽ امن جون موم بتيون
تعصب کي ڦهلائڻ ۾ هزارن سالن کان وٺي، بنيادي ڪردار ’عصبيت‘ جو رهيو آهي. جنهن ۾ مختلف سماجي گروهن عصيبت کي پنهنجن مفادن خاطر استعمال ڪيو ۽ ٻين سماجي گروهن جو استحصال ڪيو. پر هن جديد دور ۾ اخبار، ريڊيو، ٽي وي وڏو خطرناڪ ڪردار ادا ڪري ٿي. ميڊيا جا اهي ادارا جيڪڏهن ’عصبيت‘جي بنياد تي ڪنهن به قسم جي پروپيگنڊا ڪن، ته اها هڻي هنڌ ڪري ٿي. اسان جي معاشري ۾ جتي انهن ادارن جو ڪردار گھڻو تڻو عصبيت تي ٻڌل آهي. جنهن جي نتيجي ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ تعصب ڪنهن بد مست هاٿيءَ جيان ڪاهي پيو آهي.
مگر مون جڏهن يورپ جي تهذيب يا فته ماڻهن کي مارچ 1991ع ۾، تعصب جي طوفان ۾ گم ٿيندي ڏٺو ته حيران و پريشان ٿي ويس. انهيءَ ڏس ۾ اخبارن ۽ صحافين جيڪو ڪردار ادا ڪيو . اهو غور طلب هو. ان جي، ڪجھه اکين ڏٺي ۽ ڪجھه ڪنن ٻڌي جھلڪ اوهان آڏو پيش ڪجي ٿي. مارچ جي پهرين هفتي ۾ اخبارون، رساله ۽ نيوز ليٽر پڙهندي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته، هر ڪو جنگ جو طبل وڄائي رهيو آهي. افواه ڦهلائيندڙ OUR MONGERS RUM صحافين جي اها حالت هئي جو هنن خوف ۽ دهشت ڦهلائيندڙ خبرن گھڙڻ خاطر عجيب ۽ غريب حرڪتون پئي ڪيون. اهڙن ٻن صحافين جيڪي DEKRANT OPZONDAG اخبارن جا هيا، تن هڪ ڇرڪائيندڙ خبر ڏيڻ خاطر هڪ ڪوڙو بم ’ايمسٽرڊم‘ شهر جي ڀرئي بازار ۾ رکي ڇڏيو . پبلڪ ٽيليفون بوٿ تان هڪ ئي وقت پوليس ۽ اخبار ۾ اطلاع ڏئي ڇڏيو، پوليس سڄي بازار بند ڪرائي سخت تلاشي ورتي نيٺ جاچ جوچ کان پوءِ ٻئي صحافي، سراغ رسان ادارن جي ڦندي ۾ اچي ويا، اتي صحافين کي هتان وانگر ڪٽڪو ته ناهي ڏنو ويندو، البت ڪورٽن جا ڏنڊ ايڏا ته ڀاري هوندا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت صحافين ۽ اخبار جي مالڪن کي ڀڃي رکندا آهن. مايا سان گڏ عزت ۽ وقار کي به وڏو ڌڪ رسندو اٿن.
اخبارن ۽ رسالن جي تبصرن مان ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ باقاعده صليبي جنگ جوآغاز ٿي ويو آهي. ان سان گڏوگڏ حڪومت جو ورتاءُ به ڏاڍو حيران ڪن هو. جيئن ته هالينڊ ۾ ٻـن وڏين پارٽين جي گڏيل حڪومت هئي. ان ۾ قدامت پسند ڪرسچن ڊيموڪريٽس وارا ته باقاعده جنون جي حدن کي ڇهڻ لڳا ها. پر ليبر پارٽي وارن جن جو اصولي موقف رهيو آهي، ته جنگ ۽ هٿيارن جي خلاف جدوجھد ڪئي وڃي. پندرنهن ڏيهاڙا اڳ سندن چوئيتاليهه ميمبرن عراق جي خلاف اقتصادي پابندين جي حمايت ۽ جنگ جي مخالفت ڪئي هئي. اهي به انهيءَ جنگي جنون جي وهڪري ۾ وهي ويا، انهن جي حالت اها وڃي بيٺي هئي، جو هاڻي صرف هڪ پارليامينٽ جي ميمبرن جنگ جي مخالفت پئي ڪئي، باقي ٻين حمايت ....
ليبر پارٽي، جيڪا اڻ سڌيءَ طرح ’پي ايل او‘ کي اخلاقي مدد فراهم ڪندي هئي، تنهن به ’پي ايل او‘ جي اها مدد بند ڪري ڇڏي. پارٽي چيئرمين محترمه ’ميرين سنٽ‘ جو بيان هو ته، ياسر عرفات، صدام حسين جي حمايت ڪري پنهنجو پاڻ کي حقيقت پسنديءَ کان پري ڪري رهيو آهي .....‘ ان کان پوءِ حڪومتي سطح تي ’پي ايل او‘ کي ڪنهن به اخلاقي ۽ مالي مدد ڪرڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. ڇو ته ’ڪرسچن‘ ڊيموڪريٽ پارٽي وارن ته اڳي ئي ’پي ايل او‘ وارن جون سڙيون ٻٽيون پئي کاڌيون.
جنگ جي مخالفت ۾ هالينڊ، ۾ رهندڙ فلسطيني مزدور ايسوسيئشن ’روٽرڊم‘ ۾، سينٽرل ريلوي اسٽيشن اڳيان پر امن مظاهرو ڪيو ويو. اهو مظاهرو مون پاڻ ڪجھه ڏينهن اڳ، اکئين ڏٺو هو، جنهن ۾ پنجاهه ماڻهو مس ها. جڏهن جنگ جي حمايت ۾ ’ايمسٽرڊم‘ شهر ۾ ٽن هزار يهودين جلوس ڪڍيو هو. فلسطيني مزدور ايسوسيئشن جي چيئرمين ’ايوب‘ جيڪو بيان ڏنو هو، سو ڏاڍو وزنائتو هو.
’اسان ڪويت تي عراقي حملي سان، گڏ آمريڪا جي عراقي سرحدن تي موجودگي جي مذمت ڪيون ٿا.‘، هن هالينڊ ۽ برطانيه جي نشرياتي ادارن تي الزام هڻندي چيو،
اهي اڄ ڪلهه حقيقت پسنديءَ جي بجاءِ ’سي اين اين‘ جي پوئواري ڪندي آمريڪا جي آڱرين تي نچي رهيا آهن.‘
پر سندن اهو بيان، نقار خاني ۾ طوطي جو آواز ثابت ٿيو، ڇو ته ’ايمسٽرڊم‘ ۾ جنگ جي حمايت ۾ جلوس، جنهن کي هوم منسٽر ’آئن ڊيلس‘ خطاب ڪيو هو، تنهن کي نشر و اشاعت جي ادارن جي پٺ ڀرائي ۾ وڏي پذيرائي ملي هئي. تنهن يهودين ۽ اسرائيل سان يڪجھتيءَ جو کُـلم کلا اعلان ڪيو هو. نه صرف ايترو پر ثقافتي وزير ’اڊوان‘ جوشيلي تقرير ڪندي فرمايو هو: ’جيئن 1954ع ۾ يهودين، جرمن نازين جي زهريلي گئسن جي منهن ۾ هليا ويا، اڄ به آهن. پر اڄ اهي اڪيلا نه آهن. انهن سان سڄو يورپ ساڻ، آ، آمريڪا ساڻ آ، ۽ الله ساڻ آ ...‘
اهڙن واچوڙي نما عصبيتي بيانن کان پوءِ ڊچ وزير خارجه ’وان ڊان بروڪ‘ جو بيان ڄڻ باقاعده تعصبي جھولو هو، جنهن امن ۽ محبت جي چمن ۾ جھوليندڙ گلن کي لوساٽي ڇڏيو، سندس بيان هو:
’اسرائيل جي مدد ڪرڻ ۾ اسان ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. ڇو ته ٻي جنگ عظيم ۾، هالينڊ ۾ يهودين جي (جرمن نازين جي هٿان) ٿيل ڪوس کي نه وساري سگھيا آهيون ۽ عراق کي اها اجازت هرگز نه ڏينداسين ته هو ڪنهن يهودي تي آڱر اڀي ڪري سگھي.‘
هڪ طرف ته جنون جو اهو انڌ انڌوڪار هو. پر ان سان گڏوگڏ اهي خبرون به اخبارن ۾ هيون ته امن جا پيامبر انهيءَ طوفان ۾ پنهنجون موم بتيون ٻاريون پئي آيا. امن جي ڏهه هزار پانڌيئڙن ’ايمسٽرڊم‘ ۾ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو . جيتوڻيڪ 1983ع ۾ ٽن کان چئن لکن ماڻهن جي نڪتل جلوس جي مقابلي ۾ اهو تمام ننڍو هو، جن ۾ ماڻهن ايٽمي هٿيارن ۽ جنگ جي خلاف نعرا هنيا هيا. پر هن ننڍڙي جلوس ۾ ماڻهن’جارج بش‘ ۽ ’صدام‘ جي خلاف ڳالهايو ۽ جنگي هٿيارن وارين صنعتن جي خلاف ڳالهايو. نه صرف ايترو پر ڪيترن ڊچ امن تنظيمن صحيحن وارو هڪ وڏو خط منسٽر پريزڊنٽ محترم ’رڊ لوبر‘ کي اماڻيو ته ’ ’گلف‘ ۾، جنگ بنديءَ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش وٺي. انهيءَ خط ۾، ان تي زور ڏنو ويو هو ته آمريڪا ۽ برطانيه، عراق جي مٿان ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪن ۽ اتحادين کي سمجھائي ته اهي عراق جي عام ماڻهن مٿان بمباري بند ڪن.
روايتي تنقيد جي واهڙ ۾، صدر صدام حسين کي هڪ وحشي ۽ ظالم ڪري پيش ڪيو پئي ويو. پر ڪي تنقيد نگار، ڪالمسٽ ۽ ڪارٽونسٽ اهڙا به هيا، جن جوش ۽ جذبي کان وڌيڪ هوش کان ڪم پئي ورتو. مون کي هڪ اهڙو ڪارٽونسٽ FRITS MULEER نالي، ڏاڍو وڻندو هو. ان جو هڪ ڪارٽون، جنهن جو عنوان هو
MULTI NATIONAL EFFORTS
ڏاڍو متاثر ڪيائين. هن ڪارٽون ۾ هڪ سنجيده طنز هئي ته صدام حسين کي هٿيار ڏيڻ ۽ مضبوط بنائڻ ۾ انهن ئي ملڪن جو هٿ هو، جيڪي اڄ کيس ڊاهڻ جي ڪڍ آهن. ان ڪارٽون ۾ صدر صدام حسين جو ڏنگو ڦڏو پورٽريٽ ٺهيل هو. سندس نرڙ تي ميڊ اِن جرمني ، نڪ تي ميڊ اِن اٽلي، ڪنن تي ميڊ اِن يو ايس ايس آر، ڳٽن تي ميڊ اِن يو ڪي، کاڏيءَ تي ميڊ اِن فرانس، ڳچيءَ تي ميڊ اِن يو ايس اي ۽ ڪنڌ تي ميڊ اِن هالينڊ جون پٽيون لڳل هيون.
حقيقت به اها هئي ته اٽلي، عراق کي پنهنجين ٽينڪن ۽ هوائي جهازن جي ٽيڪنالاجي فروخت ڪئي هئي. جرمني کيس زهريلي گئس جا فارمولا، برطانيه زير زمين بنڪر، فرانس ايئر ڪرافٽ ٽيڪنالاجي، آمريڪا ننڍا هٿيار ۽ هالينڊ رات جو ڪم ڪندڙ انفرا ريز جنگي مشينون وغيره فراهم ڪيون، ايران ۽ عراق جنگ ۾ روس سميت انهن هڙني ملڪن خوب ناڻو ڪمايو هو. پر اڄ اهوئي عراق سندن ٽارگيٽ هو. دنيا جي داداگيرن کي ڪير سچ چوي ..!؟
خبرن پڙهڻ کان پوءِ اهو به اندازو ٿيو ته، هن جنگ ۾ هالينڊ وڏو پارٽنر هو. هالينڊ پنهنجا پئٽرائٽ ميزائل، ترڪي ۽ اسرائيل موڪليا ها. گئس ماسڪ سعودي عرب ۽ مصر کي ڏنا ها. هاڪ ايئر ڊفينس ميزائيل گلف ڏانهن اماڻيا ها. دوائون ۽ اسپتال جو عملو سعودي عرب ۽ ترڪيءَ ڏانهن روانو ڪيو هو. شام کي ٽي سوَ چاليهه ملين گلڊر (هالينڊ جو سڪو) جي امداد ڏئي سندس وات بند ڪيو هو.
مون کي خبرن پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته يورپ جون حڪومتون يا ته تعصب ڪري انڌيون ٿي چڪيون هيون يا وري کين هڪ وڏي جنگي مشق ڪرڻي هئي. جنهن ۾ پنهنجي هٿيارن جي نمائش ڪري اسلحو کپائڻو هو ۽ پئسو ڪمائڻو هو، نه ته سندن اڳيان عراق جي حيثيت جھرڪيءَ جيتري به نه هئي.
يورپ ۾ ٿيل ان خاص قسم جي پروپيگنڊاجي ڪري اتان جو عام ماڻهو به هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو هو. مون هڪ خبر مسلمانن ۽ عربن بابت، هالينڊ جي پرڏيهي مرڪز جي حوالي سان پڙهي، جنهن ۾ شڪايت ٿيل هئي ته هتان جا ٽي لک ويهه هزار مسلمان، هالينڊ جي اصلي رهاڪن جي گار گند جو شڪار ٿي رهيا آهن. خاص ڪري مسلمان ٻار جن کي اسڪول ۾ صدام حسين! صدام حسين! چئي چيڙايو پيو وڃي. ان ڪري ڪيترن مائٽن پنهنجن ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان جھلي ڇڏيو. يورپ جي سماج جو مزاج جيڪو شخصي آزاديءَ جو سختيءَ سان قائل آهي. اهو ايڏو ته جانبدار ٿي ويو جو مسلمانن اها شڪايت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته اهي جنهن به ڪارخاني، دڪان يا اداري ۾ ڪم ڪن ٿا، اتي کانئن طرح طرح جا سوال پڇيا وڃن ٿا. مثلن، اهي صدام حسين جي خلاف آهن يا حمايت ڪن ٿا...؟ مسلمانن ۽ عيسائن جي جنگ لڳي ته اهي ڪنهنجو ساٿ ڏيندا؟ وغيره ... حڪومت سندن تڪليف کي محسوس ڪندي هڪ خاص ٽيليفون نمبر 030-342999 ڏنو هو ته جڏهن به ساڻن ڪو انهيءَ حوالي سان زيادتي ڪري ته هڪدم ڏنل نمبر تي اطلاع ڪن ته سندن داد رسي ٿيندي. خبر ناهي ڇو، مون به اهو نمبر پنهنجي ڊائري تي نوٽ ڪري ڇڏيو هو.